اڱارو, 20 آگسٽ 2019 - Tue 08 20 2019

منو

سورت نبا

ٽوٽل آيتون: 40

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. اهي ماڻهو پاڻ ۾ ڪهڙي شيءَ جو حال پڇن ٿا.

  2. هڪ وڏي خبر جو حال

  3. جنهن (جي باري) ۾ اهي ماڻهو اختلاف ڪري رهيا آهن.

  4. خبردار کين جلد ئي خبر پوندي.

  5. وري خبردار ٿين اجهو اهي ضرور ڄاڻي وٺندا.

  6. ڇا اسين زمين کي وڇاڻو نه ڪيو آهي؟

  7. ۽ جبلن کي (زمين جون) ميخون نه ڪيون آهن؟

  8. ۽ اسان اوهان کي جوڙا (نر ۽ مادي) ڪري پيدا ڪيو آهي.

  9. ۽ اوهان جي ننڊ کي آرام (جو سبب) مقرر ڪيو آهي،

  10. ۽ رات کي ڍڪ ڪيو آهي.

  11. ۽ ڏينهن کي گذران (جو وقت) ڪيو آهي،

  12. ۽ اوهان جي مٿان ست مضبوط (آسمان) بنايا،

  13. ۽ اسان ئي (سج کي) روشن چراغ بنايو

  14. ۽ اسان ئي ڪڪرن مان گهڻو وهندڙ پاڻي وسايو آهي،

  15. ته ان سان داڻا ۽ گاھ پيدا ڪريون،

  16. ۽ گهاٽا گهاٽا باغ.

  17. بيشڪ فيصلي جو ڏينهن مقرر (ٿيل) آهي،

  18. جنهن ڏينهن صور ڦوڪيو ويندو پوءِ اوهين ٽوليون ٽوليون ٿي حاضر ٿيندو،

  19. ۽ آسمان کوليو ويندو، جنهن ۾ دروازا ٿي پوندا.

  20. ۽ جبل هلائبا پوءِ اهي رڃ جهڙا ٿي پوندا،

  21. بيشڪ دوزخ هڪڙو (چوڪي) گهاٽ آهي.

  22. سرڪش جي رهڻ جي جاءِ آهي،

  23. جي ان ۾ ڊگهي عرصي تائين عذاب ۾ رهندا.

  24. ته ان ۾ ڪا ٿڌائي ۽ نه ڪا پيئڻ جي شي چکندا.

  25. سواءِ گرم پاڻي ۽ پون جي،

  26. اهو پورو پورو بدلو ڏنو ويندن،

  27. دراصل اهي ماڻهو (آخرت جي) حساب جي اميد ئي نه رکندا هئا.

  28. ۽ انهن اسان جي آيتن کي بلڪل ڪوڙو ڪري ڇڏيو هو.

  29. ۽ سڀ ڪنهن شي کي اسان ته لکي ڳڻي ڇڏيو آهي.

  30. سو (عذاب جي وقت چئبن ته) چکو! جو اسين اوهان تي عذاب کان سواءِ ڪجھ به نه وڌائينداسون.

  31. بيشڪ پرهيزگارن لاءِ وڏي ڪاميابي آهي،

  32. (يعني بهشت جا) باغ ۽ ڊاکون،

  33. ۽ هڪ جيڏيون ڪنواريون زالون،

  34. ۽ (شراب جا) ڀريل ساغر آهن.

  35. ان ۾ ڪا اجائي بڪ نه ٻڌندا ۽ نه ڪوڙ.

  36. (اهو) اوهان جي پالڻهار جي طرفان ڪافي انعام ۽ عوض آهي.

  37. جو آسمانن ۽ زمين ۽ جو ڪجھ انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي تنهن جو پالڻهار آهي جو وڏو مهربان آهي. اهي ان سان ڳالهائي نه سگهندا.

  38. جنهن ڏينهن جبرئيل ۽ ملائڪ صفون ٻڌي بيهندا تنهن ڏينهن ان سان ڪو به نه ڳالهائيندو سواءِ ان شخص جي جنهن کي خدا اجازت ڏئي ۽ اهو چوي به مناسب ڳالھ.

  39. اهو ڏينهن ضرور ٿيڻ وارو آهي. پوءِ جنهن کي وڻي سو پنهنجي پروردگار جي بارگاھ ۾ (پنهنجي) رهڻ جي جاءِ بڻائي.

  40. بيشڪ اسان ته اوهان کي ويجهي عذاب (اچڻ واري) کان خبردار ڪيو آهي جنهن ڏينهن سڀ ڪو ماڻهو پنهنجي هٿين اڳ ئي موڪليل (اعمالن) کي ڏسندو ۽ ڪافر چوندو ته جيڪر آءُ مٽي هجان ها!

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found