جمع, 19 جولاءِ 2019 - Fri 07 19 2019

منو

سورت مرسلات

ٽوٽل آيتون: 50

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. هڪ ٻئي جي پٺيان موڪليل (نرم) هوائن جو قسم آهي.

  2. پوءِ زور سان لڳڻ وارين (هوائن) جو،

  3. پوءِ (ڪڪرن کي) پکيڙڻ وارين هوائن جو،

  4. پوءِ (انهن کي) جدا ڪرڻ وارين (هوائن) جو.

  5. وري فرشتن جو قسم جي وحي آڻن ٿا.

  6. هنن لاءِ ته حجت تمام ٿئي ۽ ڊيڄاريو وڃي.

  7. ته جنهن ڳالھ (قيامت) جو اوهان سان وعدو ڪيو وڃي ٿو سا ضرور پوري ٿيندي.

  8. پوءِ جڏهن تارا ميٽيا ويندا.

  9. ۽ جڏهن آسمان ڦاٽي پوندو.

  10. ۽ جڏهن جبل (پڄيل ڪپھ وانگر) اڏندا وتندا.

  11. ۽ جڏهن پيغمبر هڪ مقرر وقت تي گڏ ڪيا ويندا.

  12. (پوءِ) ڀلا انهن (ڳالهين) ۾ ڪنهن ڏينهن لاءِ دير ڪئي وئي آهي؟

  13. فيصلي جي ڏينهن لاءِ.

  14. ۽ تو کي ڪهڙي خبر ته فيصلي جو ڪهڙو ڏينهن آهي؟

  15. ان ڏينهن ڪوڙو ڪندڙن جي مٽي خراب آهي.

  16. ڇا اسان اڳين (قومن) کي برباد نه ڪيو؟

  17. وري (ان کان پوءِ) پوين کي به انهن جي پٺيان هلندو ڪنداسون.

  18. اسين گنهگارن سان ائين ئي ڪندا آهيون.

  19. ان ڏينهن ڪوڙو ڪندڙن جي مٽي خراب آهي.

  20. ڇا اسان هن کي هڪ خسيس پاڻي مان نه پيدا ڪيو،

  21. پوءِ اسان هن کي هڪ محفوظ مقام (رحم) ۾ رکيو.

  22. هڪ مقرر ڪيل وقت تائين. هڪ حفاظت واري هنڌ ٻچيداڻي (رحم) ۾ رکيو.

  23. پوءِ اسان هن جو هڪ اندازو مقرر ڪيو اسين ڪهڙو نه چڱو اندازو مقرر ڪرڻ وارا آهيون. وري (ان جو) هڪ اندازو مقرر ڪرڻ وارا آهيون.

  24. ان ڏينهن ڪوڙ ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي.

  25. ڇا اسان زمين کي سميٽڻ وارو نه ڪيو آهي؟

  26. جيئرن ۽ مئلن کي،

  27. ۽ ان ۾ اسان وڏا (وڏا) جبل رکيا آهن ۽ اسان اوهان کي مٺو پاڻي پياريو.

  28. ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن جي وڏي خرابي آهي.

  29. جنهن شي کي اوهين ڪوڙو ڪندا هئا تنهن ڏي هلو.

  30. (دونهين) جي پاڇي ڏي هلو! جنهن جا ٽي حصا آهن.

  31. جنهن ۾ نه ڇانو آهي ۽ نه باھ جي ڄڀي کان بچائيندي،

  32. بيشڪ اها ماڙي جهڙا آلا اڇلائي ٿي،

  33. ڄڻ ته اهي هيڊا اٺ آهن.

  34. ان ڏينهن ڪوڙ ڪندڙن جي لاءِ وڏي خرابي آهي.

  35. هي اهو ڏينهن آهي جنهن ۾ چپ چري نه سگهندا،

  36. ۽ نه کين اجازت ملندي ته عذر پيش ڪن.

  37. ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي.

  38. هي فيصلي جو ڏينهن آهي (جنهن ۾) اسان اوهان کي ۽ اڳين کي گڏ ڪيو آهي.

  39. پوءِ جيڪڏهن اوهان کي ڪو دائو هلائڻ اچي ٿو ته هلائي ڇڏيو.

  40. ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي.

  41. بيشڪ پرهيزگار ڇانون ۽ چشمن،

  42. ۽ جن ميون جي خواهش ڪندا تن ۾ هوندا.

  43. (چئبن ته دنيا ۾) جي عمل ڪندا هئا تن جي عيوض مزي سان کائو ۽ پيو

  44. بيشڪ اسين اهڙي طرح ئي نيڪي ڪندڙن کي بدلو ڏيون ٿا.

  45. ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي.

  46. (ڪوڙو ڪندڙو!) ٻه ٽي ڏينهن کائي وٺو ۽ مزا ڪري وٺو بيشڪ اوهين ڏوهاري آهيو.

  47. ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن جي وڏي خرابي آهي.

  48. ۽ جڏهن انهن کي چئجي ٿو ته رڪوع ڪريو ته رڪوع نه ٿا ڪن.

  49. ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي.

  50. ته هن کان پوءِ اهي ڪهڙي ڳالھ تي ايمان آڻيندا.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found