ڇنڇر, 21 سيپٽمبر 2019 - Sat 09 21 2019

منو

سورت دهر (انسان)

ٽوٽل آيتون: 31

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. بيشڪ انسان تي زماني ۾ اهڙو وقت (به) گذريو آهي جنهن ۾ هو ڪا به اهڙي شي نه هو، جنهن جي ڳالھ ڪئي وڃي.

  2. اسان انسان کي گڏيل منيءَ مان پيدا ڪيو ته ان کي آزمايون ۽ ان کي ٻڌندڙ ڏسندڙ ڪيوسون.

  3. اسان کيس سڌي راھ به ڏيکاري (هاڻي اهو) شڪر گذار ٿئي يا بي شڪرو بڻجي.

  4. بيشڪ اسان ڪافرن لاءِ زنجير ۽ طوق ۽ ٻرندڙ باھ تيار رکي آهي.

  5. بيشڪ نيڪ بخت انسان شراب جا اهي ساغر پيئندا جنهن ۾ ملاوٽ ڪافور جي هوندي.

  6. اهو هڪ چشمو آهي جنهن مان خدا جا (خاص) بندا پيئندا (جتي وڻندن اتي) ان کي وهائي ويندا.

  7. هي اهي آهن جيڪي نذر پوري ڪن ٿا ۽ اهڙي ڏينهن کان ڊڄن ٿا جنهن جي سختي هر طرف پکڙيل هوندي.

  8. ۽ سندس محبت ۾ مسڪين ۽ يتيم ۽ قيديءَ کي کاڌو کارائن ٿا.

  9. (۽ چون ٿا ته) اسين اوهان کي رڳو خدا جي رضامندي لاءِ کاڌو کارايون ٿا اوهان کان نه بدلو ۽ نه ڪا شڪرگذاري چاهيون ٿا.

  10. بيشڪ اسين پنهنجي پالڻهار جي طرفان هڪ ڏکي (۽) تمام سخت ڏينهن کان ڊڄون ٿا. (جنهن ۾ منهن جي رنگت بدلجي ويندي)

  11. پوءِ خدا انهن کي ان ڏينهن جي بڇڙائي کان بچائيندو، ۽ کين تازگي ۽ خوشي عطا فرمائيندو.

  12. ۽ سندن صبر ڪرڻ جي ڪري (بهشت جا) باغ ۽ ريشم (جي پوشاڪ) عطا فرمائي.

  13. ان (باغ) ۾ پلنگن تي ٽيڪ لڳائي وهندا. نه ان ۾ (سج جي) اس ۽ نه سخت سردي ڏسندا.

  14. ۽ انهن باغن جون گهاٽيون ڇانيون مٿن ويجهيون هونديون ۽ ميون جا ڇڳا تمام ويجها هر طرح انهن جي اختيار ۾ هوندا.

  15. ۽ انهن جي اڳيان چاندي جا ساغر ۽ شيشي جا تمام صاف گلاس جا دور هلي رهيا هوندا.

  16. پڻ شيشا به (ڪانچ جا نه پر) چاندي جا جيڪي بلڪل اندازي سان بڻايل آهن.

  17. ۽ ان ۾ کين اهڙو شراب پياريو ويندو جنهن ۾ ملاوٽ سنڍ جي هوندي.

  18. اهو بهشت ۾ هڪ چشمو آهي جنهن جو نالو سلسبيل آهي.

  19. پڻ انهن جي اڳيان سدائين هڪ حالت تي رهڻ وارا گڀرو ڇوڪرا وٽن (خدمت لاءِ) پيا ايندا ۽ ويندا. جو جڏهن انهن کي ڏسو ته سمجهو ته (ڄڻ) پکڙيل موتي آهن.

  20. ۽ جڏهن تون اتي نگاھ ڪندين ته هر طرح جي نعمت ۽ (تمام) وڏي بادشاهي ڏسندين.

  21. مٿن سنهين ريشم جا ساوا ڪپڙا ۽ اطلس جي پوشاڪ (پهريل) هوندي ۽ کين چانديءَ جا ڪنڱڻ پارايا ويندا ۽ کين سندن رب تمام پاڪ شراب پياريندو.

  22. بيشڪ اهو اوهان (جي عملن) جو بدلو آهي ۽ اوهان جي ڪوشش شڪرگذاري جي لائق آهي.

  23. (اي رسول!) بيشڪ اسان تو تي قرآن ٿورو ٿورو ڪري نازل ڪيو آهي.

  24. ته تون پنهنجي پروردگار جي حڪم جي انتظار ۾ صبر ڪندو رھ! ۽ انهن ماڻهن مان گنهگار ۽ ناشڪري جي پيروي نه ڪج!

  25. ۽ صبح شام پنهنجي پروردگار جو نالو ڳنهندو رھ!

  26. ۽ ڪجھ رات وڃڻ کان پوءِ ان کي سجدو ڪر! ۽ گهڻي رات سندس تسبيح ڪندو رھ!

  27. بيشڪ اهي ماڻهو دنيا کي پسند ڪن ٿا ۽ ڳري ڏينهن (قيامت) کي پنهنجي پٺيان ڦٽو ڪن ٿا.

  28. اسان انهن کي پيدا ڪيو آهي ۽ سندن عضوا مضبوط ڪيا آهن ۽ جڏهن گهرنداسون ته انهن جهڙا ٻيا ماڻهو بدلي ۾ آڻينداسون.

  29. بيشڪ هي قرآن هڪ نصيحت آهي. پوءِ جيڪو گهري ته پنهنجي پروردگار جي راھ وٺي.

  30. ۽ اوهين ڪجھ چاهيو ئي نه ٿا پر اهو ئي جيڪي الله چاهي ٿو. بيشڪ خدا (سڀ ڪجھ) ڄاڻيندڙ حڪمت وارو آهي.

  31. جنهن کي وڻيس تنهن کي پنهنجيءَ رحمت ۾ داخل ڪري ۽ ظالمن لاءِ ته ان دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found