اربع, 20 نومبر 2019 - Wed 11 20 2019

منو

سورت مزمل

ٽوٽل آيتون: 20

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. اي (منهنجا) چادر پائڻ وارا (رسول)

  2. رات جو (نماز لاءِ) اٿي کڙو ٿي پر (ساري رات نه) ٿوري رات

  3. اڌ ٿئي يا ان کان به ڪجھ گهٽ ڪري ڇڏ!

  4. يا ان کان ڪجھ وڌائي! پڻ قرآن کي باقاعدي جهلي جهلي پڙهندو رھ!

  5. اسين جلد ئي تو تي هڪ ڳرو حڪم نازل ڪنداسون.

  6. بيشڪ رات جو اٿڻ (نفس کي) نرم ڪرڻ ۾ تمام سخت آهي ۽ تمام دلجاءِ سان ذڪر (عبادت) جو وقت آهي.

  7. بيشڪ تو کي ڏينهن ۾ گهڻو ڪم ڪار آهي.

  8. ته پوءِ پنهنجي پالڻهار جو نالو ياد ڪر ۽ سڀني کان جدا ٿي ان جو ٿيءُ.

  9. (اهو ئي) اوڀر ۽ اولھ جو مالڪ (مختار) آهي ان کان سواءِ ڪو به معبود نه آهي پوءِ تون ان کي پنهنجو ڪارساز بنائي.

  10. ۽ (ڪافر) جيڪي پيا چون تنهن تي صبر ڪر! ۽ کين چڱي نموني ڇڏي ڏي.

  11. ۽ مون کي، انهن ڪوڙي ڪندڙن سان جي آسودا آهن سمجهڻ ڏي ۽ کين ٿوري مهلت ڏي.

  12. بيشڪ اسان وٽ هٿڪڙيون ۽ ڀڙڪندڙ باھ آهي.

  13. ۽ نڙي ۾ اٽڪڻ وارو کاڌو ۽ دردناڪ عذاب (به)

  14. جنهن ڏينهن زمين ۽ جبل ڌڏندا ۽ جبل هاريل واري جي دڙي جهڙا ٿي پوندا.

  15. (اي مڪي وارو!) اسان اوهان ڏي (اهڙي طرح) هڪ رسول (محمد) کي موڪليو آهي جيڪو اوهان جي معاملي بابت شاهدي ڏئي. جيئن فرعون ڏي هڪ رسول (موسى کي) موڪليو هو.

  16. پوءِ فرعون ان رسول جي نافرماني ڪئي ته اسان (ان جي) سزا ۾ کيس سخت پڪڙ ڪئي.

  17. پوءِ جيڪڏهن اوهين به نه مڃيندو ته ان ڏينهن (جي عذاب) کان ڪيئن بچي سگهندو، جيڪو ڇوڪرن کي پوڙهو ڪري ڇڏيندو.

  18. آسمان ان ڏينهن ڦاٽندو. (اهو) سندس وعدو پورو ٿيڻ وارو آهي.

  19. بيشڪ هي هڪ نصيحت آهي. پوءِ جيڪو گهري سو پنهنجي پالڻهار جي راھ اختيار ڪري.

  20. (اي رسول!) بيشڪ تنهنجو پروردگار ڄاڻي ٿو ته تون ۽ تنهنجا ڪي تو سان گڏ رهڻ وارا ماڻهو (ڪڏهن) رات جي ٻن ٽهاين جي ويجهو ۽ (ڪڏهن) رات جو اڌ ۽ (ڪڏهن) رات جي ٽئين پتي (پوئين پهر نماز ۾) بيهو ٿا ۽ خدا ئي رات ۽ ڏينهن جو چڱي طرح اندازو ڪري سگهي ٿو. ان کي خبر آهي ته اوهين ماڻهون ان تي چڱي طرح حاوي ٿي نه ٿا سگهو ته ان اوهان تي مهرباني ڪئي پوءِ جيترو سولو ٿي سگهيو اوترو (نماز ۾) قرآن پڙهندا رهندا ڪريو، اهو (خدا) ڄاڻي ٿو ته جلد ئي اوهان مان ڪي بيمار ٿي پوندا ۽ ڪي خدا جي فضل (روزگار) جي تلاش ۾ روءِ زمين تي سفر اختيار ڪندا ۽ ڪجھ ماڻهو خدا جي راھ ۾ جهاد ڪندا ته جيترو اوهان کي سولو لڳي اوترو پڙهندا رهو، پڻ نماز پابندي سان پڙهو ۽ زڪوات ڏيندا رهو ۽ خدا کي قرض حنسه ڏيو ۽ جيڪو نيڪ عمل پنهنجي لاءِ (خدا جي اڳيان) پيش ڪندو تنهن کي خدا وٽ بهتر ۽ اجر ۾ تمام وڏو لهندو. ۽ خدا کان معافيءَ جي دعا گهرو بيشڪ خدا گهڻو معاف ڪندڙ (۽) نهايت رحم وارو آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found