اڱارو, 16 جولاءِ 2019 - Tue 07 16 2019

منو

سورت جن

ٽوٽل آيتون: 28

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. (اي رسول ماڻهن کي) ٻڌائي ته مون وٽ وحي آيو آهي ته جنن جي هڪ جماعت (قرآن کي) ڪن ڏئي ٻڌو ته چوڻ لڳا: اسان هڪ عجيب قرآن ٻڌو آهي.

  2. جيڪو ڀلائي جي راھ ڏيکاري ٿو ۽ اسان ان تي ايمان آندو ۽ هاڻي ته اسين ڪنهن کي پنهنجي پالڻهار جو شريڪ نه بڻائينداسون.

  3. ۽ هي ته اسان جي پالڻهار جو تمام وڏو شان آهي. ان نه ته ڪنهن کي زال بڻايو ۽ نه پٽ (يا ڌيءُ).

  4. ۽هي ته اسان مان بيوقوف، خدا جي باري ۾ حد کان وڌيڪ بيهوديون ڳالهيون بڪيندا هئا.

  5. ۽ هي ته اسان جو خيال هو ته آدمي يا جن خدا جي باري ۾ ڪوڙي ڳالھ ڪري ئي نٿا سگهن.

  6. پڻ هي ته آدمين مان ڪجھ ماڻهو جنن مان ڪن (جنن) جي پناھ وٺندا آهن ته ان کان سندن سرڪشي اڃان به وڌي وئي.

  7. ۽ هي ته جيئن اوهان (جنن) جو گمان آهي تئين (ماڻهن جو به) هو ته خدا ڪنهن کي به ٻيهر نه جياريندو.

  8. ۽ اسان آسمان کي جاچيو ۽ ان کي ڏٺوسون ته سخت چوڪيدارن ۽ شعلن سان ڀريو پيو آهي.

  9. ۽ (اڳي) اسين آسمان جي (گهڻن ئي) رستن تي (غيب) ٻڌڻ لاءِ وهندا هئاسون پر هاڻي جيڪو ٻڌڻ گهري ٿو سو پاڻ لاءِ تيار ٿيل شعلو ڏسي ٿو.

  10. ۽ هي ته اسين نه ٿا سمجهون ته زمين وارن سان برائيءَ جو ارادو ڪيو ويو آهي يا سندن پالڻهار انهن کي رستي تي آڻڻ جو ارادو ڪيو آهي.

  11. ۽ هي ته اسان مان ڪي چڱا (جن) آهن ته ڪي اسان مان ٻيءَ طرح جا آهن ڇو ته اسين (به) جدا جدا طريقن تي آهيون.

  12. ۽ اسان هي خيال ڪيو آهي ته اسين الله کي زمين ۾ ڪڏهن به ٿڪائي نه سگهنداسون ۽ نڪي ڀڄي ڪڏهن ان کي عاجز ڪري سگهنداسون.

  13. ۽ اسان جڏهن سڌي راھ تي هلڻ جي ڳالھ ٻڌي تڏهن ان تي ايمان آندوسون. پوءِ جيڪو پنهنجي پالڻهار تي ايمان آڻيندو سو نه ڪنهن نقصان کان ۽ نه ڪنهن ظلم کان ڊڄندو.

  14. ۽ هي ته اسان مان ڪجھ فرمانبردار آهن ۽ ڪي اسان مان نافرمان آهن. پوءِ جيڪي فرمانبردار ٿيا تن سڌو رستو ڳولي ورتو.

  15. ۽ نافرمان دوزخ جون ڪاٺيون ٿيندا.

  16. ۽ (اي رسول! چوين) ته جيڪڏهن اهي ماڻهو سڌي راھ تي هلن ها ته اسين ضرور کين گهڻي پاڻيءَ سان سيراب ڪريون ها.

  17. ته جيئن ان سان سندن آزمائش ڪريون ۽ جو شخص پنهنجي پروردگار جي ياد کان منهن موڙيندو ته کيس سخت عذاب ۾ ڌڪي ڇڏيندو.

  18. ۽ هي ته مسجدون خاص خدا جون ئي آهن پوءِ اوهين خدا سان ڪنهن ٻئي جي عبادت نه ڪجو.

  19. ۽ هي ته جڏهن خدا جو عبد (محمد) سندس عبادت لاءِ بيهي ٿو ته اهي (ڪافر) مٿس ميڙ ڪري ڪرن ٿا.

  20. (اي رسول! کين) چئو ته آءُ ته پنهنجي پروردگار جي عبادت ڪريان ٿو ۽ ان جو ڪنهين کي شريڪ نه ٿو ڪريان.

  21. (هي به) چوين ته آءُ ته اوهان جي باري ۾ نه برائي جو اختيار رکان ٿو ۽ نه ڀلائيءَ جو.

  22. (هي به) چوين ته مون کي خدا (جي عذاب) کان ڪو به پناھ ڏئي نه ٿو سگهي ۽ نه آءُ ان کان سواءِ ڪٿي به پناھ جي جاءِ ڏسان ٿو.

  23. خدا جي طرفان (حڪمن جو) پهچائڻ ۽ سندس پيغامن کي ادا ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھ ڪري نه ٿو سگهان ۽ جنهن خدا ۽ سندس رسول جي نافرماني ڪئي ته ان لاءِ يقينا دوزخ جي باھ آهي جنهن ۾ اهو سدائين پيو رهندو.

  24. نيٺ جڏهن ان کي ڏسندا جنهن جو انهن کي وعدو ڏنو وڃي ٿو تڏهن سگهو ئي ڄاڻندا ته مددگار جي حيثيت سان ڪير ڪمزور آهن ۽ ڪنهن جو ڳاڻيٽو بلڪل ٿورو آهي.

  25. (اي رسول! کين) چئو ته آءُ نه ٿو ڄاڻان ته جنهن ڏينهن جو اوهان کي وعدو ڏنو وڃي ٿو سو (الائي) ويجهو آهي يا منهنجو پروردگار ان جي مدت وڌائي ڇڏي آهي.

  26. (اهو) ڳجھ جو ڄاڻندڙ آهي جو پنهنجي ڳجھ کان ڪنهن هڪڙي کي (به) واقف نه ٿو ڪري.

  27. پر جنهن رسول کي پسند ڪيائين ته ان جي اڳيان ۽ ان جي پٺيان (به) چوڪيدار (فرشتا) مقرر فرمائي ڇڏي ٿو.

  28. (هن لاءِ) ته ڄاڻي ته انهن پنهنجي پروردگار جا پيغام پهچايا آهن ۽ هونئن ته جيڪي وٽن آهن تنهن جي ان کي پوري خبر آهي ۽ سڀ ڪنهن شي جو ڳاڻيٽو ڳڻي ڇڏيو اٿس.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found