اڱارو, 25 جون 2019 - Tue 06 25 2019

منو

سورت نوح

ٽوٽل آيتون: 28

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏي موڪليو ته تون پنهنجي قوم کي مٿن دردناڪ عذاب اچڻ کان اڳ وڃي ڊيڄار!

  2. ان (کين) چيو ته اي منهنجي قوم! بيشڪ آءُ اوهان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ (رسول) آهيان.

  3. ته خدا جي عبادت ڪريو ۽ ان (جي غضب) کان ڊڄو ۽ منهنجو چيو مڃو.

  4. ته اوهان جا گناھ معاف ڪري ۽ اوهان کي مقرر ڪيل وقت تائين مهلت ڏئي ڇو ته خدا جو مقرر ڪيل وقت جڏهن ايندو ته ان کي پٺتي نه ڪيو ويندو، جيڪڏهن ڄاڻو ٿا.

  5. (جڏهن ماڻهن نه مڃيو ته) عرض ڪيائين خداوندا! آءُ پنهنجي قوم کي (ايمان ڏي) رات ڏينهن سڏيندو رهيس.

  6. پر منهنجي سڏڻ تي هيڪاري وڌيڪ ڀڄڻ لڳا.

  7. ۽ مون جڏهن به کين سڏيو ته تون انهن کي معاف ڪرين ته انهن پنهنجيون آڱريون پنهنجن ڪنن ۾ وڌيون ۽ (مون کان لڪڻ لاءِ) پنهنجا ڪپڙا پاڻ تي ويڙهي ڇڏيائون ۽ (ڪفر تي) قائم رهيا ۽ تمام گهڻو هٿ ڪيائون.

  8. پوءِ (به) مون کين ڏاڍيان سڏيو.

  9. وري مون کين ظاهر ظهور چيو ۽ تمام گهجھيءَ طرح (به) کين چيو.

  10. پوءِ مون انهن کي چيو ته پنهنجي پالڻهار کان معافي گهرو بيشڪ اهو وڏو بخشڻهار آهي.

  11. ته اوهان تي آسمان مان گهڻو مينهن وسائي.

  12. ۽ اوهان کي مال ۽ اولاد گهڻو ڏئي ۽ اوهان لاءِ باغ (بستان) بڻائي ۽ اوهان لاءِ نهرون جاري ڪري.

  13. اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو خدا جي عظمت جو ذرو به ويساھ نه ٿا رکو.

  14. هوڏانهن اوهان کي طرح طرح سان بڻايو اٿس.

  15. ڇا اوهين نه ٿا ڏسو ته خدا ڪيئن ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو.

  16. ۽ انهن ۾ چنڊ کي نور ڪيو ۽ سج کي روشن چراغ ڪيو اٿس.

  17. ۽ خدا ئي اوهان کي زمين مان پيدا ڪيو.

  18. وري اوهان کي ان ۾ ٻيو ڀيرو نيندو ۽ (قيامت ۾ ان مان ئي) ڪڍي ٻاهر ڪندو.

  19. ۽ خدا ئي زمين کي اوهان جي لاءِ وڇاڻو ڪيو.

  20. ته ان جي ڪشادن رستن ۾ گهمو ڦرو.

  21. (نيٺ) نوح چيو ته اي منهنجا پالڻهار! هنن منهنجو بلڪل چيو نه مڃيو ۽ انهن جي پٺيان لڳا جن جي مال ۽ اولاد انهن لاءِ نقصان کان سواءِ ٻيو ڪجھ به نه وڌايو.

  22. ۽ انهن تمام وڏو مڪر پکيڙيو.

  23. ۽ (پاڻ ۾) چيائون ته پنهنجن بتن کي ڪڏهن به نه ڇڏيو، ۽ نڪي ”ود“ ۽ نڪي ”سواع“ ۽ نڪي ”يغوث“ ۽ ”يعوق“ ۽ ”نسر“ کي ڪڏهن به نه ڇڏيو.

  24. ۽ انهن گهڻن کي گمراھ ڪيو آهي. ۽ (اي خدا انهن) ظالمن لاءِ گمراهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجھ به نه وڌائي.

  25. (نيٺ) انهن کي سندن سرڪشي ڪري ٻوڙيو ويو (۽) پوءِ کين دوزخ ۾ وڌو ويو. پوءِ خدا کان سواءِ پاڻ لاءِ (ٻيا) ڪي به مددگار نه لڌائون.

  26. ۽ نوح عرض ڪيو ته اي منهنجا پروردگار! ڪافرن مان ڪو به زمين تي رهندڙ نه ڇڏ.

  27. ڇو ته جيڪڏهن کين ڇڏيندين ته اهي تنهنجن ٻانهن کي گمراھ ڪندا ۽ رڳو بدڪار (۽) ڪافر اولاد ڄڻيندا.

  28. اي منهنجا پالڻهار! مون کي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ کي ۽ ان کي جيڪو ايمان آڻي منهنجي گهر ۾ (پناھ وٺڻ لاءِ) داخل ٿئي ۽ ايمان وارن مردن کي ۽ ايمان وارن عورتن کي معاف ڪر! ۽ ظالمن لاءِ بربادي کان سواءِ ٻيو ڪجھ بن نه وڌائي!

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found