جمع, 19 جولاءِ 2019 - Fri 07 19 2019

منو

سورت معارج

ٽوٽل آيتون: 44

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. هڪ سوال ڪندڙ ، ڪافرن تي پوندڙ عذاب جو سوال ڪيو.

  2. جنهن کي ڪو به هٽائڻ وارو نه آهي.

  3. جو وڏن مرتب واري خدا جي طرفان (هئڻ وارو) هو.

  4. ملائڪ ۽ روح (القدس) ان ڏي چڙن ٿا (۽ اهي) هڪ ڏينهن ۾ (ايترو پنڌ ڪن ٿا) جنهن جو اندازو پنجاھ هزار سال جو هوندو.

  5. ته تون چڱي طرح (انهن تڪليفن کي) سهندو رھ!

  6. اها (قيامت) سندن نگاهن ۾ گهڻي پري آهي.

  7. ۽ اسان جي نگاھ ۾ ويجهي آهي.

  8. جنهن ڏينهن آسمان پگهريل ٽامي جهڙو ٿيندو.

  9. ۽ جبل رنگا رنگي پڃيل ان جهڙا ٿيندا.

  10. ڪو به دوست ڪنهن به دوست کي پڇندو به نه.

  11. (توڙي جو) اهي انهن کي ڏسڻ ۾ ايندا ڏوهاري خواهش ڪندو ته جيڪر ان ڏينهن عذاب جي بدران پنهنجا پٽ

  12. ۽ پنهنجي زال، ۽ پنهنجو ڀاءُ ۽ پنهنجو گهراڻو

  13. جو هن کي پاڻ سان ملائي ٿو

  14. ۽ جيڪي زمين ۾ سڀ آهن سي (عذاب جي) بدلي ۾ ڏئي ته ان کي ڇڏائي

  15. (پر) ائين ڪڏهن به نه ٿيندو بيشڪ ڀڙڪندڙ باھ آهي.

  16. جا کلن کي زور سان ڇڪي لاهيندڙ آهي.

  17. ان کي (پاڻ ڏي) سڏيندا جنهن پٺ ڦيري ۽ منهن موڙيو

  18. ۽ (مال) گڏ ڪيو ۽ سنڀالي رکيو

  19. بيشڪ انسان وڏو لالچي پيدا ڪيل آهي.

  20. جڏهن ان کي تڪليف پهچي ٿي ته بي صبر ٿيو پوي

  21. ۽ جڏهن ڀلائي پهچيس ٿي ته ڪنجوس ٿيو پوي.

  22. پر نمازي نه!

  23. جيڪي پنهنجي نمازن تي هميشه پورا آهن

  24. ۽ جن جي مالن ۾ هڪ مقرر ڪيل حق آهي

  25. سوالي ۽ بي سوالي (محتاجن) لاءِ

  26. ۽ جيڪي حساب جي ڏينهن کي سچو چون ٿا.

  27. ۽ جيڪي پنهنجي پروردگار جي عذاب کان ڊڄندڙ آهن

  28. ڇو ته سندن پروردگار جو عذاب بي ڊپي ٿيڻ جي ڳالھ نه آهي.

  29. ۽ جيڪي پنهنجين اگهاڙن جا محافظ

  30. مگر پنهنجين زالن ۽ پنهنجين ٻانهين کان سواءِ (ٻين کان) بچائيندڙ آهن ته هرگز ملامت نه ڪيا ويندا.

  31. پوءِ جيڪي ان کان سواءِ (ٻيو ڪجھ ڪڌو ڪم ڪرڻ) گهرندا سي ئي حد کان لهندڙ آهن

  32. ۽ جيڪي پنهنجين امانتن ۽ پنهنجي انجام (اقرار) جو خيال رکندڙ آهن

  33. ۽ جيڪي پنهنجين شاهدين تي پورا بيٺا آهن

  34. ۽ جيڪي پنهنجي نماز جي (هميشه) پابندي رکن ٿا

  35. اهي ئي بهشت جي باغن ۾ عزت سان رهندا.

  36. پوءِ (اي پيغمبر! انهن) ڪافرن کي ڇا ٿيو آهي جو تو ڏي ڊوڙيندا اچن ٿا

  37. سڄي پاسي کان ۽ کٻي پاسي کان ٽوليون ٿي

  38. ڇا انهن مان سڀ ڪو ماڻهو هي لالچ رکي ٿو ته ان کي نعمت جي باغ ۾ داخل ڪيو وڃي.

  39. ڪڏهن نه اسان کين جنهن (گنديءَ) شي مان پيدا ڪيو آهي تنهن کي ڄاڻن ٿا.

  40. ته آءُ اڀرندن ۽ اولهندين جي پروردگار جو (پنهنجو پاڻ) قسم کڻان ٿو ته اسين بيشڪ اها قدرت رکون ٿا

  41. جو انهن جي بدران انهن کان بهتر ماڻهو آڻي (وسايون) ۽ اسين عاجز نه آهيون.

  42. ۽ تون انهن کي ڇڏي ڏي ته بيهودن ڪمن ۾ پيا کيڏندا رهن ايتري تائين جو اهي پنهنجي ان ڏينهن کي ڏسن جنهن جو انهن سان واعدو ڪيل آهي

  43. جنهن ڏينهن قبرن مان ڊوڙيندا نڪرندا ڄڻ ته اهي ڪنهن کتل نشان ڏي ڊوڙندا وڃن ٿا

  44. (تنهن وقت) سندن اکيون (شرم کان) هيٺ هوندين کين خواري وڪوڙيل هوندي . اهو ئي ڏينهن آهي جنهن جو کين وعدو ڏنو پيو وڃي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found