آچر, 19 مئي 2019 - Sun 05 19 2019

منو

سورت حاقه

ٽوٽل آيتون: 52

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. سچ پچ هئڻ واري (قيامت).

  2. اها سچ پچ هئڻ واري ڪهڙي شي آهي.

  3. ۽ تو کي ڪهڙي خبر ته اها سچ پچ هئڻ واري ڪهڙي شي آهي.

  4. (اها ئي) وڏي مصيبت واري جنهن کي عاد ۽ ثمود (جي قوم) ڪوڙو ڪيو.

  5. پوءِ ثمود (جي قوم) کي سخت چيخ سان هلاڪ ڪيو ويو.

  6. ۽ عاد (جي قوم) کي تيز هوائن سان هلاڪ ڪيو ويو.

  7. جنهن کي خدا مٿن ست راتيون ۽ اٺ ڏينهن لڳو لڳ هلايو ته تون ماڻهن کي اهڙي طرح ڊٺل (۽ مئل) ڏسين ها ڄڻ ته اهي پورين کجين جا ٿڙ آهن.

  8. پوءِ ڇا تون انهن مان ڪو بچيل ڏسين ٿو؟

  9. ۽ فرعون ۽ جي ماڻهون انهن کان اڳ هئا ۽ اهي ماڻهو (قوم لوط) جي اڇلايل ڳوٺن وارن (کي جي) سڀئي گنهگارن هئا.

  10. پوءِ انهن ماڻهن پنهنجي پروردگار جي رسول جي نافرماني ڪئي ته خدا به مٿن سخت پڪڙ (نازل) ڪئي.

  11. جڏهن پاڻي حد کان مٿي ويو تڏهن اوهان کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪيوسون.

  12. هن لاءِ ته اسين ان کي اوهان جي لاءِ يادگار بڻايون ۽ ان کي ياد رکڻ وارا ڪن لائي (ٻڌي) ياد رکن.

  13. پوءِ جڏهن صور ۾ هڪ ڦوڪ ڦوڪي ويندي.

  14. ۽ زمين ۽ جبل مٿي کنيا ويندا پوءِ ٻنهي کي هڪ ڀيري ريزه ريزه ڪيو ويندو.

  15. ته ان ڏينهن قيامت اچي ئي ويندي.

  16. ۽ آسمان ڦاٽي پوندو پوءِ اهو ان ڏينهن بروبر ٿي پيو هوندو.

  17. ۽ فرشتا ان جي ڪنارن تي هوندا. ۽ تنهنجي پروردگار جي عرش کي ان ڏينهن اٺ فرشتا کڻندا.

  18. ان ڏينهن اوهان سڀني کي (خدا جي سامهون) پيش ڪيو ويندو ۽ اوهان جي ڪا به ڳالھ لڪي نه رهندي.

  19. پوءِ جنهن کي سندس اعمال نامو ان جي سڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو سو (خوشيءَ کان ماڻهن کي) چوندو ته وٺو منهنجو اعمال نامو پڙهو.

  20. مون کي پڪ هئي ته مون کي ضرور منهنجو حساب (ڪتاب) ملندو (سو مليو).

  21. پوءِ اهو دل پسند عيش ۾ هوندو.

  22. وڏي عاليشان باغ ۾.

  23. جنهن جا ميوا ويجها هوندا.

  24. (اتي جيئن ئي) جي ڪم اوهان گذريل ڏينهن ۾ ڪري اڳي موڪليا هئا تنهن جي صله ۾ مزي سان کائو ۽ پيو.

  25. ۽ جنهن کي سندس اعمال نامو ان جي کٻي هٿ ۾ ڏنو ويندو سو چوندو ته افسوس! جيڪر مون کي منهنجو عملنامو نه ڏنو وڃي ها.

  26. ۽ نڪي مون کي خبر پوي ها ته منهنجو حساب ڇا آهي؟

  27. هاءُ! ڪنهن طرح اهو (موت) منهنجو خاتمو ڪري ها.

  28. افوسوس! مون کي منهنجو مال ڪجھ ڪم نه آيو.

  29. هاءِ! هاءِ! منهنجي حڪومت چٽ ٿي ويئي.

  30. (پوءِ حڪم ٿيندو) هن کي گرفتار ڪريو ۽ طوق پهرايو.

  31. وري دوزخ ۾ وجهوس،

  32. وري اهڙي زنجير ۾ جڪڙيوس! جنهن جي ڊيگھ ستر هٿ هجي.

  33. ڇو ته اهو بزرگ خدا تي ايمان نه آڻيندو هو.

  34. ۽ نه مسڪين جي کاڌي جو (ماڻهن کي) شوق ڏياريندو هو.

  35. سو اڄ ان جو نڪو دوست آهي.

  36. ۽ نه (ان لاءِ) ڦٽن جي روڳ کان سواءِ پيو ڪو کاڌو آهي.

  37. جنهن کي ڏوهارين کان سواءِ ٻيو ڪو به نه کائيندو.

  38. پوءِ مون کي انهن شين جو قسم آهي جن کي اوهين ڏسو ٿا.

  39. ۽ جن کي نه ٿا ڏسو.

  40. ته بيشڪ هي (قرآن) هڪ عزت واري فرشتي جو آندل پيغام آهي.

  41. ۽ اهو ڪنهن شاعر جو ڪلام نه آهي. اوهين بلڪل ٿورو ايمان آڻيو ٿا.

  42. ۽ نه ڪنهن اڳ ڪٿي ڪرڻ واري (ڪاهن) جو ڪلام آهي، اوهين تمام ٿورو ڌيان ڏيو ٿا.

  43. ساري جهان جي پروردگار جو نازل ڪيل (ڪلام) آهي.

  44. ۽ (رسول) جيڪڏهن ڪي ڳالهيون پاڻ ٺاهي اسان تي هڻي.

  45. ته اسين سڄو هٿ ان جو جهليون.

  46. ۽ سندس دل جي رڳ وڍي ڇڏيون.

  47. ۽ اوهان مان ڪو به (اسان کي) ان کان روڪڻ وارو نه آهي.

  48. ۽ بيشڪ اهو (قرآن) پرهيزگارن لاءِ نصيحت آهي.

  49. ۽ بيشڪ اسان ڄاڻون ٿا ته اوهان مان ڪي (ان کي) ڪوڙو ڪندڙ آهن.

  50. ۽ بيشڪ اهو (قرآن) ڪافرن لاءِ پشيماني (جو سبب) آهي.

  51. ۽ بيشڪ اهو (قرآن) يقنا برحق آهي.

  52. پوءِ (اي پيغمبر) تون پنهنجي بزرگ پالڻهار جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر!

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found