آچر, 18 آگسٽ 2019 - Sun 08 18 2019

منو

سورت قلم

ٽوٽل آيتون: 52

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. ن ۽ قلم جو ۽ ان شي جو جيڪو لکي ٿو. (تنهن جو) قسم آهي.

  2. ته تون پنهنجي پروردگار جي فضل ۽ ڪرم سان چريو نه آهين.

  3. پڻ تنهنجي لاءِ پڪ اهو اجر آهي جيڪو ڪڏهين به نه کٽندو.

  4. ۽ بيشڪ تنهنجا اخلاق (تمام وڏي درجي جا) آهن.

  5. ته جلد ئي تون به ڏسندين ۽ اهي ڪافر به ڏسندا.

  6. ته اوهان ۾ چريو ڪير آهي.

  7. بيشڪ تنهنجو پالڻهار انهن کان چڱيءَ طرح واقف آهي جي سندس راھ کان ٿڙيل آهن ۽ هدايت وارن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو.

  8. ته تون ڪوڙ ڪندڙن جو چيو نه مڃج!

  9. اهي هي چاهين ٿا ته جيڪڏهن تون نرمي اختيار ڪرين ته اهي به ڍرا ٿي وڃن.

  10. ۽ تون (ڪڏهن) اهڙي جي چوڻ ۾ نه اچج جيڪو گهڻو قسم کڻي.

  11. ذليل (خوار) طعنا هڻندڙ وڏو چغل خور

  12. مال ۾ وڏو بخيل، حد کان لنگهندڙ، گنهگار،

  13. بڇڙي طبيعت وارو ۽ ان کان سواءِ بد اصل (حرامي) هجي.

  14. هن ڪري جو اهو گهڻي مال ۽ اولاد وارو آهي.

  15. جڏهن کيس اسان جون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته چوي ٿو ته هي اڳين جون آکاڻيون آهن.

  16. سگهو ئي کيس نڪ تي داغ ڏينداسون.

  17. جهڙي طرح اسان هڪ باغ وارن جو امتحان ورتو هو اهڙيءَ طرح انهيءَ جو امتحان ورتو سو جڏهن انهن قسم کڻي چيو هو ته صبح ٿيندي ئي اسين ان جو ميوو ضرور پٽي اينداسون.

  18. ۽ انشاءَ الله نه چيو هئائون.

  19. پوءِ ان (باغ) تي تنهنجي پالڻهار جي طرفان هڪ ڦرڻ واري (آفت) گهمي وئي ۽ اهي ستائي رهيا (پيا هئا).

  20. ته اهو (سڄو باغ ٻري) اهڙو ٿي ويو جهڙي تمام ڪاري رات.

  21. پوءِ صبح ٿيندي ئي هڪ ٻئي کي سڏيائون.

  22. ته پنهنجي پوک تي جلدي هلو. جيڪڏهن اوهان کي ميوو پٽڻو آهي.

  23. پوءِ پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي هوريان چوندا هليا.

  24. ته اڄ ان (باغ) ۾ اوهان وٽ ڪو به مسڪين نه اچي.

  25. ۽ اهي سويري پهتا ۽ (مسڪينن) روڪڻ جي کين سگھ هئي.

  26. پوءِ جڏهن ان (باغ) کي ڏٺائون ته چيائون ته اسين (شايد) رستو ڀليل آهيون.

  27. (نه! نه!) پر اسين بي نصيب آهيون.

  28. انهن ۾ جيڪو انصاف پسند هو تنهن چيو ته مون اوهان کي نه چيو هو ته خدا جي پاڪائي ڇو نه ٿا بيان ڪريو.

  29. انهن چيو ته اسان جو پالڻهار پاڪ آهي. بيشڪ اسين ته ظالم هئاسون.

  30. ۽ هڪ ٻئي کي سامهون ٿي ملامت ڪرڻ لڳا.

  31. چوڻ لڳا ته هاءِ! اسان جي خرابي! بيشڪ اسين حد کان لنگهندڙ هئاسون.

  32. اميد آهي ته اسان جو پالڻهار هن کان به ڀلو (باغ) اسان کي ڏئي. بيشڪ اسين پنهنجي پالڻهار ۾ ئي اميد رکندڙ آهيون.

  33. (ڏسو) ائين عذاب ٿيندو آهي ۽ آخرت جو عذاب ته ان کان گهڻو وڌيڪ آهي جيڪڏهن اهي ڄاڻن.

  34. بيشڪ پرهيزگار شخص پنهنجي پروردگار وٽ عيش ۽ آرام جي باغن ۾ هوندا.

  35. ته ڇا اسين فرمانبردارن کي نافرمانن جي برابر ڪنداسون (ڪڏهن نه)

  36. اوهان کي ڇا ٿيو آهي؟ ڪيئن فيصلو ڪريو ٿا؟

  37. يا اوهان وٽ ڪو (ايماني) ڪتاب آهي جنهن ۾ اوهين پڙهي وٺو ٿا،

  38. جو جيڪا شي اوهان کي وڻندي سا اتي اوهان کي ضرور ملندي.

  39. يا اوهان اسان کان قسم کڻايا آهن جيڪي ڏينهن قيامت تائين هلندا رهندا ته جو ڪجھ اوهين حڪم ڪندو سو ئي اوهان لاءِ ضرور حاضر ڪيو ويندو.

  40. انهن کان پڇو ته انهن ۾ ان جو ڪير ذمه دار آهي؟

  41. يا (هن باري ۾) انهن جا ٻيا ماڻهو به شريڪ آهن پوءِ جيڪڏهن اهي ماڻهو سچا آهن ته پنهنجن شريڪن کي سامهون (ته) آڻين.

  42. جنهن ڏينهن پني کولي ويندي ۽ (ڪافر) سجدي لاءِ سڏيا ويندا ته سجدو نه ڪري سگهندا.

  43. سندن اکيون هيٺ هونديون، انهن کي خواري ويڙهي ويئي هوندي هوڏانهن (ان ڏينهن کان اڳ) کين سجدي ڏي سڏيو ويندو هو ۽ اهي (تنهن وقت ڏنڊا ڏوٽا) چڱا ڀلا هئا.

  44. ته مون کي هن ڪلام جي ڪوڙي ڪرڻ واري سان نبرڻ ڏي اسين ان کي هوريان هوريان اهڙي پڪڙ پڪڙنداسون جو انهن کي خبر به نه پوندي.

  45. ۽ انهن کي آءُ ڍر ڏيان ٿو، بيشڪ منهنجي رٿ تمام پڪي آهي.

  46. (اي رسول) ڀلا تون ڪو انهن کان ڪا تبليغ رسالت جي اجرت ٿو گهرين جو چٽيءَ جي ڪري مٿن ڳرو بار پئجي ويو آهي؟

  47. يا ته انهن وٽ غيب جو علم آهي ڇا جو لکن ٿا.

  48. پوءِ (اي رسول) تون پنهنجي پالڻهار جي حڪم (اچڻ) جو انتظار ڪر ۽ مڇيءَ (جو گرھ بنجڻ) واري (يونس) جهڙو نه ٿيءُ. جنهن وقت (ان پنهنجي پالڻهار کي) پڪاريو ۽ اهو ڪاوڙ ڀريل هو.

  49. جيڪڏهن ان کي سندس پالڻهار جي طرفان رحمت نه پهچي ها ته کيس رڻ پٽ ۾ اڇلايو وڃي ها ۽ سندس برو حال ٿئي ها.

  50. پوءِ سندس پالڻهار ان کي نوازيو ۽ نيڪن مان ڪيائينس.

  51. ۽ (اي رسول) ڪافر ته هن ڳالھ تي اچي بيٺا آهن جو جڏهن تو کان قرآن ٻڌن ٿا تڏهن تو کي پنهنجين (تکين) اکين سان ٿيڙي ڇڏين ۽ چون ٿا ته هي چريو آهي.

  52. هوڏانهن اهو (قرآن) ته سڀني جهانن لاءِ نصيحت آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found