سومر, 14 آڪٽوبر 2019 - Mon 10 14 2019

منو

سورت ملڪ

ٽوٽل آيتون: 30

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. جنهن (خدا) جي قبضي ۾ (سموري جهان جي) بادشاهت آهي سو وڏي برڪت وارو آهي ۽ هر شي تي قادر آهي.

  2. جنهن موت ۽ حيات کي پيدا ڪيو هن لاءِ ته اوهان کي آزمائي ته اوهان مان ڪم ۾ سڀ کان چڱو ڪير آهي ۽ اهو غالب (۽) وڏو بخشڻهار آهي.

  3. جنهن ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو. ڀلا تو کي خدا جي بنائڻ ۾ ڪا ڪسر نظر اچي ٿي، ته پوءِ (آسمان ڏي) اک کڻي ڏس ته ڇا تون (ڪٿي) ڪو چير ڏسين ٿو.

  4. وري تون نظرن کي بار بار موٽائي ته تو ڏي نظر ناڪام ٿي موٽندي. ۽ اها ٿڪل هوندي.

  5. ۽ اسان هيٺئين (پهرين) آسمان کي (تارن جي) چراغن سان سينگاريو آهي ۽ اسان انهن کي شيطان جي چٽڻ لاءِ هٿيار بڻايو آهي ۽ اسان انهن لاءِ ڀڙڪندڙ باھ جو عذاب تيار ڪيو آهي.

  6. ۽ جن پنهنجي پالڻهار جو انڪار ڪيو تن لاءِ دوزخ جي سزا آهي ۽ اها موٽڻ جي جاءِ بڇڙي آهي.

  7. جڏهن ان ۾ کين اڇلايو ويندو ته ان جي وڏي چيخ ٻڌندا ۽ اهو (دوزخ) پيو ٽهڪندو.

  8. ڄڻ ته ڪاوڙ کان اجهو ٿو ڦاٽي. جڏهن به ان ۾ ڪنهن ٽولي کي اڇلايو ويندو ته ان جا داروغا انهن کان پڇندا ته اوهان وٽ ڪو ڊيڄارڻ وارو (پيغمبر) نه آيو ڇا؟

  9. اهي چوندا ته ڇو نه، بيشڪ اسان وٽ ڊيڄارڻ وارو آيو هو. پر اسان (ان کي) ڪوڙو ڪيو ۽ چيوسون ته خدا ڪا به ڳالھ نازل نه ڪئي آهي. اوهين ته وڏي گمراهيءَ ۾ پيا آهيو.

  10. ۽ چوندا ته (افسوس) جيڪڏهن اسين سندن (ڳالهيون) ٻڌون ها يا سمجهون ها ته (اڄ) دوزخين مان نه ٿيون ها.

  11. مطلب ته اهي پنهنجي گناهن جو اقرار ڪندا ته دوزخين کي خدا جي رحمت کان محرومي آهي.

  12. بيشڪ جي ماڻهو پنهنجي پروردگار کان بي ڏٺي ڊڄن ٿا تن لاءِ معافي ۽ تمام وڏو اجر آهي.

  13. ۽ اوهين ماڻهو پنهنجي ڳالھ ڳجھ ۾ ڪريو يا ڏاڍيان اهو ته سينن جون به ڳالهيون ڄاڻندڙ آهي.

  14. ڀلا جنهن پيدا ڪيو سو نه ڄاڻندو ڇا؟ اهو ته باريڪ بين پوري (پوري) خبر رکندڙ آهي.

  15. هو اهو آهي جنهن اوهان لاءِ زمين کي نرم، ۽ (سڌو) ڪري ڇڏيو ته جيئن ان جي هر طرف ۾ گهمو ڦرو ۽ ان جي (ڏنل) روزي کائو ۽ وري ان ڏي قبر مان اٿي وڃڻو آهي.

  16. ڇا جيڪو (خدا) آسمان ۾ (حڪومت ڪندڙ) آهي تنهن کان اوهان کي ڊپ ڪونهي ته متان اوهان کي زمين ڳهائي ڇڏي ته پوءِ اها ڌڏڻ لڳي.

  17. يا اوهين هن ڳالھ کان بي خوف آهيو ته جيڪو آسمان ۾ (سلطنت ڪندڙ) آهي اوهان تي متان پٿرن ڀريل انڌاري موڪلي ته اوهان کي جلد ئي خبر پئجي وڃي ته منهنجو ڊيڄارڻ ڪيئن آهي.

  18. ۽ بيشڪ جيڪي انهن کان اڳ هئا تن (به) ڪوڙو ڪيو ته ڏسو ته منهنجي ڪاوڙ ڪيئن هئي.

  19. ڇا پنهنجي مٿان پرن کي پکيڙيندڙن ۽ بند ڪندڙن پکين ڏي انهن نه ڏٺو آهي، خدا کان سواءِ انهن کي ڪو به روڪي رکي نه ٿو سگهي بيشڪ اهو هر شي کي ڏسي رهيو آهي.

  20. ڀلا خدا کان سواءِ اهڙو ڪير آهي جو اوهان جي فوج بڻجي اوهان جي مدد ڪري، ڪافر ماڻهو ته ڌوڪي (ئي ڌوڪي) ۾ آهن.

  21. ڀلا خدا جيڪڏهن پنهنجي (ڏنل) روزي روڪي ڇڏي ته ڪير اهڙو آهي جو اوهان کي رزق ڏئي پر اهي ڪافر ته وڏائي ۽ نفرت (جي ڪن) ۾ ڦاٿل آهي.

  22. ڀلا جو شخص اونڌو ٿي منهن ڀر ڪرندو هلي ٿو سو وڌيڪ سڌي رستي وارو آهي يا اهو جو سڌي راھ تي سنئون سڌو ٿي هلي ٿو؟

  23. (اي رسول) تون چوين خدا ته اهو آهي جنهن اوهان کي نت نئون پيدا ڪيو ۽ اوهان جا ڪن، اکيون ۽ دليون بڻايون (پر) اوهين تمام گهٽ شڪر ادا ڪندا آهيو.

  24. چوين ته اهو ئي ته (خدا) آهي جنهن اوهان کي زمين ۾ پکيڙي ڇڏيو آهي ۽ انهيءَ جي اڳيان ڪٺا ڪيا ويندو.

  25. ۽ ڪافر چون ٿا ته جيڪڏهن تون سچو آهين ته (نيٺ) اهو انجام ڪڏهن (پورو) ٿيندو.

  26. (اي رسول) تون چوين ته (ان جو) علم ته رڳو خدا کي ئي آهي ۽ آءُ ته بلڪل صاف (عذاب کان) ڊيڄارڻ وارو آهيان.

  27. پوءِ جڏهن ان (عذاب کي) ويجهو ڏسندا ته (ڊپ کان) ڪافرن جا منهن ڦري ويندا ۽ کين چيو ويندو، هي اهو ئي (عذاب) آهي جنهن جي اوهين گهر ڪندا هئا.

  28. (اي رسول) کين چوين ته ڀلا ڏسو ته جيڪڏهن خدا مون کي ۽ منهنجن مائيٽن کي هلاڪ ڪري يا اسان تي رحم فرمائي ته ڪافرن کي دردناڪ عذاب کان ڪير بچائيندو؟

  29. تون چوين ته اهو ئي (خدا) وڏو مهربان آهي جنهن تي اسان ايمان آندو آهي ۽ اسان ته ان (ذات) تي ڀروسو رکيو آهي. ته جلد ئي اوهان کي معلوم ٿي ويندو ته ڪير پڌري گمراهيءَ ۾ (پيل) آهي.

  30. (اي رسول) تون چوين ته ڀلا ٻڌايو ته جيڪڏهن اوهان جو پاڻي زمين ۾ اندر هليو وڃي ته ڪير اهڙو آهي جيڪو اوهان لاءِ پاڻيءَ جو وهندڙ (چشمو) آڻي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found