آچر, 19 مئي 2019 - Sun 05 19 2019

منو

سورت تحريم

ٽوٽل آيتون: 12

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. اي رسول! جنهن شي کي خدا تنهنجي لاءِ حلال ڪيو آهي تنهن کان تون پنهنجي زالن جي رضامنديءَ لاءِ ڇو ڪنارو ڪرين ٿو ۽ خدا ته وڏو بخشڻهار مهربان آهي.

  2. خدا اوهان ماڻهن لاءِ قسمن کي ڀڃڻ جو ڪفارو مقرر ڪري ڇڏيو آهي ۽ الله ئي اوهان جو ڪارساز آهي. ۽ اهو ئي واقف ڪار حڪمت وارو آهي.

  3. ۽ جڏهن پيغمبر پنهنجي زالن سان (حفصه) کي ڪا ڳجهيءَ ڳالھ چئي پوءِ جڏهن ان (منع ڪرڻ هوندي به) ان ڳالھ جي (عائشه سان) خبر ڪئي ۽ خدا ان ڳالھ کي رسول تي ظاهر ڪيو ته رسول (عائشه) کي ڪجھ ڳالھ (ماريه جي) ٻڌائي ۽ ڪجھ ڳالھ (ماکيءَ جي) ٽاري ڇڏي. مطلب ته جڏهن رسول ان واقعي (حفصه جي ڳالھ کولڻ) جي ان (عائشه) کي خبر ڏني ته (عجب ۾ پئجي) چوڻ لڳي: اوهان کي ان ڳالھ (راز کولڻ) جي ڪنهن خبر ڪئي؟ رسول چيو مون کي سڀ ڄاڻڻ واري سڀ خبر رکڻ واري (خدا) ٻڌائي آهي.

  4. (ته اي حفصه ۽ عائشه) جيڪڏهن اوهين ٻئي (اهڙي حرڪت کان) توبه ڪريو ته (خير) ڇو ته اوهان جون دليون ڏنگيون ٿي ويون آهن ۽ جيڪڏهن اوهين ٻئي پيغمبر جي برخلاف هڪ ٻئي جي مدد ڪنديون ته (ڪجھ پرواھ نه آهي ڇو ته) خدا، جبرئيل ۽ سڀني ايماندارن مان نيڪ شخص ان جا مددگار آهن ۽ انهن کان سواءِ سڀ فرشتا (سندس) مددگار آهن.

  5. جيڪڏهن رسول اوهان کي طلاق ڏئي ڇڏي ته جلدي ئي سندس پروردگار اوهان جي بدلي کيس اوهان کان چڱيون زالون عطا ڪندو جيڪي فرمانبردار، ايماندار، (خدا ۽ رسول جون) تابعدار (گناهن کان) توبه ڪرڻ واريون عبادت گزار، روزي رکڻ واريون رنڙ ۽ ڪنواريون هوندوين.

  6. اي ايمان وارو! پاڻ کي ۽ پنهنجن گهر جي ڀاتين کي اهڙيءَ باھ کان بچايو جنهن جو ٻارڻ ماڻهو ۽ پهڻ آهن ان تي سخت طبيعت (۽) سخت مزاج ملائڪه (مقرر) آهن جنهن ڳالھ جو خدا کين حڪم ڪيو آهي تنهن ۾ سندس نافرماني نه ٿا ڪن ۽ جو حڪم کين ڪيو وڃي ٿو سو ڪن ٿا.

  7. (جڏهن ڪافر دوزخ جي سامهون ايندا ته کين چيو ويندو) اي ڪافرو! اڄ بهانا پيش نه ڪريو! جيڪي اوهين (ڪرتوت) ڪندا هئا رڳو تنهن جو اوهان کي بدلو ڏنو ويندو.

  8. اي ايمان وارو! اوهين خدا وٽ سچي توبه ڪريو! اميد آهي ته اوهان جو پالڻهار اوهان جون مدايون ميٽي ڇڏيندو ۽ اوهان کي ان (ڏينهن) اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واھ پيا وهن. ان ڏينهن جڏهن خدا، رسول کي ۽ انهن کي جن ساڻس ايمان آندو آهي خوار نه ڪندو (بلڪ) انهن جو نور سندن اڳيان ۽ انهن جي سڄي پاسي (روشني ڪندو) پيو ڊوڙندو هلندو ۽ اهي ماڻهو هيءَ پيا دعا گهرندا ته خداوندا! اسان کي معاف ڪر. بيشڪ تون سڀ ڪجھ ڪري سگهين ٿو.

  9. اي رسول! ڪافرن ۽ منافقن سان جهاد ڪر ۽ انهن تي سختي ڪر. ۽ سندن جاءِ دوزخ آهي ۽ اها موٽي وڃڻ واري جاءِ بڇڙي آهي.

  10. خدا ڪافرن لاءِ نوح جي زال (واعله) ۽ لوط جي زال (واهله) جو مثال بيان ڪيو آهي. اهي ٻئي اسان جي عبدن مان ٻن چڱن عبدن جي گهر ۾ هيون پوءِ انهن ٻنهي زالن سندن خيانت ڪئي ته اهي ٻئي (پيغمبر) خدا جي مقابلي ۾ انهن ٻنهي زالن کي ڪجھ به ڪم نه آيا ۽ (کين) چيو ويندو ته اوهين ٻئي زالون (دوزخ جي) باھ ۾ داخل ٿيڻ وارن سان گڏ داخل ٿيو.

  11. ۽ خدا ايمان وارن لاءِ فرعون جي زال (آسيه) جو مثال بيان ڪيو آهي ته جڏهن ان دعا گهري: پروردگار! منهنجي لاءِ پاڻ وٽ بهشت ۾ هڪ گهر بنائي! ۽ مون کي فرعون ۽ سندن ڪرتوتن کان پناھ ڏي ۽ مون کي ظالم ماڻهن (جي هٿن) کان ڇوٽڪارو عطا فرمائي.

  12. ۽ (ٻيو مثال هي ته) عمران جي ڌيءَ مريم جنهن پنهنجي شرمگاھ کي (مردن کان) بچايو، پوءِ اسان ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيو ۽ ان پنهنجي پالڻهار جي ڳالهين ۽ سندس ڪتابن کي سچو ڪري مڃيو ۽ پاڻ تابعدارن مان هئي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found