آچر, 19 مئي 2019 - Sun 05 19 2019

منو

سورت طلاق

ٽوٽل آيتون: 12

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. اي رسول (مسلمانن کي چئو ته) جڏهن اوهين پنهنجين زالن کي طلاق ڏيو ته انهن جي عدت (پاڪائي) جي وقت طلاق ڏيو ۽ عدت جو ڳاڻاٽو رکو ۽ پنهنجي پروردگار خدا کان ڊڄو ۽ (عدت اندر) انهن جي گهرن مان کين نه ڪڍو ۽ اهي پاڻ به گهر کان باهر نه نڪرن پر جڏهن پڌري بيحيائيءَ جو ڪم ڪري وهن (ته پوءِ ڪڍڻ ۾ مذائقه نه آهي) ۽ اهي خدا جون مقرر ڪيل حدون آهن. ۽ جو خدا جي حدن کان لنگهي ويندو ته ان پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو. تون نه ٿو ڄاڻين شايد خدا ان کان پوءِ ڪا ڳالھ پيدا ڪري (جنهن کان مڙس پڇتائي ۽ وري ملي وڃن).

  2. پوءِ جڏهن اهي پنهنجي عدت پوري ڪرڻ جي ويجهو پهچن ته يا ته کين سٺي نموني وهاري ڇڏيو يا چڱي نموني ۾ کين رخصت ڪري ڇڏيو ۽ (طلاق ڏيڻ وقت) پنهنجن ماڻهن مان ٻه عادل شاهد رکو ۽ (شاهدو!) اوهين خدا جي واسطي پوري پوري شاهدي ڏجو. انهن ڳالهين سان ان شخص کي نصيحت ڪئي ٿي وڃي جو خدا ۽ ڏينهن قيامت تي ايمان ٿو رکي ۽ جيڪو خدا کان ڊڄندو ته خدا (به) ان جي لاءِ ڇوٽڪاري جي (ڪا نه ڪا) صورت ڪڍندو.

  3. ۽ ان کي اهڙيءَ جاءِ تان رزق ڏيندو جتان کيس گمان به نه هوندو ۽ جنهن خدا تي ڀروسو ڪيو ته اهو ان لاءِ ڪافي آهي. بيشڪ خدا پنهنجي ڪم کي پورو ڪندو آهي. خدا هر ڳالھ جو هڪ اندازو مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

  4. ۽ جي زالون حيض کان نا اميد ٿي چڪيون جيڪڏهن تو کي (انهن جي باري ۾) شڪ هجي ته انهن جي عدت ٽي مهينا آهي ۽ (اهڙي طرح) اهي زالون جن کي حيض ٿيو ئي نه آهي. ۽ پيٽ وارين عورتن جي عدت آهي ٻار ڄڻڻ تائين. ۽ جيڪو خدا کان ڊڄندو رهي ٿو خدا ان جي ڪم ۾ سهولت پيدا ڪندو.

  5. اهو خدا جو حڪم آهي جيڪو ان اوهان تي نازل ڪيو آهي ۽ جو خدا کان ڊڄندو رهندو ته ان جا گناھ ان کان پري ڪندو ۽ کيس وڏو درجو ڏنو ويندو.

  6. طلاق ڏنل زالن کي (عدت پوري ٿيڻ تائين) پنهنجي حال مطابق اتي ئي رکو جتي اوهين پاڻ رهو ٿا ۽ انهن کي تنگ ڪرڻ تڪليف نه پهچايو ۽ جي پيٽ سان آهن ته ويم تائين کين خرچ (پکو) ڏيندا رهو. ۽ (ويم کان پوءِ) جيڪڏهن اهي ٻار کي اوهان جي خاطر ٿڃ پيارين ته کين انهن جي (مناسب) اجرت ڏئي ڇڏيو ۽ پاڻ ۾ دستور وانگر ڳالهايو ٻولهايو جيڪڏهن اوهين صفا بيزار آهيو ته ٻار کي سندس (پيءُ) جي خاطر ڪا ٻي عورت ان کي ٿڃ ڏيندي.

  7. ڪشادگيءَ وارو پنهنجي ڪشادگيءَ آهر خرچ ڪري. ۽ جنهن جي آمدني ٿوري هجي ته اهو ان مان خرچ ڪري جو خدا کيس ڏنو آهي. خدا ڪنهن شخص کي تڪليف نه ٿو ڏئي پر ان مطابق جيڪي ان کي ڏنو اٿس. خدا تنگيءَ کان پوءِ جلد آساني ڪري ڏيندو.

  8. ۽ گهڻن ئي ڳوٺن (وارن) پنهنجي پروردگار ۽ سندس رسول جي حڪم جي نافرماني ڪئي ته اسان (به) انهن جو وڏي سختيءَ سان حساب ورتو ۽ انهن کي بڇڙي عذاب جي سزا ڏني.

  9. ته انهن پنهنجن ڪرتوتن جي سزا جو مزو چکيو، ۽ انهن جي ڪردار جي پڇاڙي نقصان (ئي نقصان) هو.

  10. خدا انهن لاءِ (آخرت ۾) سخت عذاب تيار ڪري رکيو آهي. ته اي عقل وارو! جي ايمان آڻي چڪا آهيو خدا کان ڊڄندا رهو خدا (ته) اوهان ڏي (پنهنجي) ياد قرآن موڪلي ڇڏيو آهي.

  11. (۽) پنهنجو رسول (به) جيڪو اوهان جي اڳيان پڌريون آيتون پڙهي ٿو هن لاءِ ته جن ايمان آندو آهي ۽ چڱا ڪم ڪندا رهيا تن کي (ڪفر جي) اونداهين مان ڪڍي (ايمان جي) روشنيءَ ڏي آڻي ۽ جن خدا تي ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ته خدا تنهن کي (بهشت جي) انهن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي (وڻن) هيٺان نهريون جاري آهن ۽ اهي ان ۾ هميشه هميشه رهندا خدا انهن کي چڱي خاصي روزي ڏني آهي.

  12. خدا اهو آهي جنهن ست آسمان بنايا آهن ۽ انهن جي برابر زمين به انهن ۾ خدا جو حڪم نازل ٿيندو رهندو آهي جيئن اوهين ڄاڻو ته خدا هر شي تي قادر آهي، ۽ بيشڪ خدا پنهنجي علم سان هر شي تي حاوي آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found