ڇنڇر, 21 سيپٽمبر 2019 - Sat 09 21 2019

منو

سورت تغابن

ٽوٽل آيتون: 18

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي (سي سڀ) خدا جي ئي تسبيح ڪن ٿا. ان جي حڪومت آهي ۽ حمد (به) ان لاءِ ئي لائق آهي ۽ اهو ئي هر شي تي قادر آهي.

  2. انهيءَ ته اوهان کي پيدا ڪيو پوءِ ڪو اوهان مان ڪافر آهي ته ڪو مومن ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا خدا تنهن کي ڏسي رهيو آهي.

  3. ان ئي آسمانن ۽ زمين کي حڪمت ۽ مصلحت سان پيدا ڪيو ۽ ان ئي اوهان جو شڪليون ٺاهيون ته سڀ کان سٺيون صورتون جوڙيائين ۽ ان ڏي (ئي) موٽي هلڻو آهي.

  4. جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي اهو (سڀ ڪجھ) ڄاڻي ٿو جو ڪجھ اوهين لڪي ڇپي ۽ ظاهر بظاهر ڪريو ٿا تنهن کان (به) واقف آهي ۽ خدا ته دلين جي ڳجھ جو به واقف آهي.

  5. ڇا اوهان کي انهن جي خبر نه پهتي آهي جن (اوهان کان) اڳ ڪفر ڪيو ته انهن پنهنجن ڪرتوتن جي سزا (دنيا ۾ ئي) ڀوڳي ۽ (آخرت ۾ ته) انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي ئي.

  6. اهو هن ڪري جو انهن ڏي سندن پيغمبر پڌرا معجزا وٺي آيا ته چوڻ لڳا ڇا ماڻهو اسان جو هادي بڻبو؟ مطلب ته اهي ڪافر ٿي ويٺا ۽ منهن ڦيري ويٺا ۽ خدا به (انهن جي) پرواھ نه ڪئي ۽ خدا ته بيپرواھ لائق حمد آهي ئي.

  7. ڪافرن جو هي خيال آهي ته اهي ٻيو ڀيرو نه اٿاريا ويندا. (اي رسول) چئو ته هاءُ! پنهنجي پروردگار جو قسم اوهين ضرور اٿاريا ويندو. پوءِ جيڪي ڪم اوهين ڪندا رهيا تنهن جي باري ۾ ضرور اوهان کي ٻڌايو ويندو ۽ اهو ڪم ته خدا تي آسان آهي.

  8. تنهن ڪري الله ۽ سندس رسول تي ۽ ان نور تي ايمان آڻيو جنهن کي اسان نازل ڪيو آهي ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان خدا خبردار آهي.

  9. جڏهن اهو قيامت جي ڏينهن اوهان سڀني کي گڏ ڪندو. اهو ئي کٽڻ هارائڻ جو ڏينهن آهي. ۽ جيڪي الله تي ايمان آڻيندا ۽ چڱو عمل ڪندا ته انهن کان سندن مدايون ميٽي ڇڏيندو ۽ انهن کي (بهشت جي) باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واھ وهن ٿا. جن ۾ هميشه رهندا اها ئي وڏي ڪاميابي آهي.

  10. ۽ جن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو سي ئي دوزخي آهن ان ۾ پيا رهندا ۽ اها موٽڻ جي جاءِ (ڏاڍي) بڇڙي آهي.

  11. جڏهن ڪا مصيبت اچي ٿي ته خدا جي اذن سان ۽ جو شخص خدا تي ايمان آڻي ٿو ته خدا ان جي دل جي هدايت ڪري ٿو ۽ خدا هر شي کان چڱي طرح آگاھ آهي.

  12. ۽ خدا جي تابعداري ڪري پوءِ جيڪڏهن اوهان (ان ڳالھ) کان منهن ڦيريو ته (ياد رکو! ته) اسان جي رسول تي رڳو (اوهان تائين) پيغام پهچائڻ فرض آهي.

  13. الله (اهو آهي) جنهن کان سواءِ ڪو به معبود نه آهي ۽ مومنن کي الله تي ئي ڀروسو ڪرڻ گهرجي.

  14. اي ايمان وارو! ڪي اوهان جون زالون ۽ اولاد اوهان جا دشمن آهن ته اوهين انهن (جي فريب) کان بچندا رهو. ۽ جيڪڏهن اوهان معاف ڪيو ۽ درگزر ڪيو ۽ بخشي ڇڏيو ته خدا وڏو بخشڻهار نهايت رحم وارو آهي.

  15. اوهان جا مال ۽ اوهان جا اولاد رڳو آزمائش آهن. ۽ خدا وٽ ته وڏو اجر (موجود) آهي.

  16. ته جيترو ڪي اوهان کان ٿي سگهي خدا کان ڊڄندا ۽ (سندس حڪم) ٻڌو ۽ مڃيو۽ پنهنجي بهتريءَ لاءِ (سندس راھ ۾) خرچ ڪريو. ۽ جو شخص پنهنجي نفس جي حرص کان بچايو ويو ته اهڙا ئي ماڻهو مرادون پائڻ وارا آهن.

  17. جيڪڏهن اوهين خدا کي قرض حسنه ڏيندو ته اهو ان کي اوهان جي لاءِ ڪيترو ئي وڌائي ۽ اوهان کي عطا ڪندو. ۽ خدا ته وڏو قدردان بردبار آهي.

  18. ڳجھ ۽ ظاهر کي ڄاڻڻ وارو زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found