آچر, 19 مئي 2019 - Sun 05 19 2019

منو

سورت منافقون

ٽوٽل آيتون: 11

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. (اي رسول) جڏهن تو وٽ منافق اچن ٿا ته چون ٿا اسين شاهدي ڏيون ٿا ته بيشڪ تون الله جو رسول آهين ۽ الله ڄاڻي ٿو ته بيشڪ تون ان جو رسول آهين ۽ بيشڪ الله شاهدي ڏئي ٿو ته بيشڪ منافق ڪوڙا آهن (دل سان نه ٿا چون).

  2. انهن پنهنجن قسمن کي ڍال ڪري ورتو آهي پوءِ اهي الله جي رستي کان پيا روڪين. بيشڪ اهي جو ڪجھ پيا ڪن سو بڇڙو آهي.

  3. اهو هن ڪري جو انهن ايمان آندو وري انڪار ڪيائون پوءِ انهن جي دلين تي (ڄڻ ته) ٺپو هنيو ويو آهي جو هاڻي اهي ڄاڻن ئي نه ٿا.

  4. ۽ جڏهن تون انهن (منافقن کي ڏسندين ته ٺيڪ ۽ مناسب عضون جي ڪري) سندن قد بت ڏاڍو چڱو لڳندو ۽ جيڪڏهن ڳالهيون ڪندا ته اهڙيون جيڪر خيال سان ٻڌن (پر صحيح عقل کان خالص) ڄڻ ته اهي ٽيڪ ڏياري بيهاريل بند آهن. هر هڪ دانهن کي پنهنجي لاءِ (مصيبت) سمجهن ٿا. (اي رسول) اهي ئي تنهنجا دشمن آهن سو انهن کان بچندو رھ! خدا جي مٿن مار پوي ڪيئن ابتا وڃن ٿا.

  5. ۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته اچو ته خدا جو رسول اوهان لاءِ معافي گهري ته پنهنجا مٿا موڙين ٿا. ۽ (اي رسول) تون (ان وقت) کين ڏسندين ته وڏائي ڪري منهن موڙين ٿا.

  6. انهن جي لاءِ برابر آهي ته تون انهن لاءِ معافي گهرين يا انهن لاءِ معافي نه گهرين خدا کين ڪڏهن به معاف نه ڪندو. خدا ته ڪڏهين به بدڪارن کي منززل مقصود تائين نٿو پهچائي.

  7. هي اهي ماڻهو ته آهن (جي انصارن کي) چون ٿا ته جي (مهاجر) خدا جي رسول وٽ رهن ٿا تن تي خرچ نه ڪريو تان جو اهي پاڻ هيڏي هوڏي ٿي وڃن. هوڏانهن آسمانن ۽ زمين جا خزانا ته خدا وٽ آهن پر منافق نه ٿا ڄاڻن.

  8. اهي ماڻهو چون ٿا ته جيڪڏهن اسين موٽي مديني پهچون ته عزت وارا ماڻهو (پاڻ) وڏي بي عزت (رسول) کي اتان ڪڍي ڇڏيندا. هوڏانهن عزت ته خاص خدا ۽ سندس رسول ۽ مومنن لاءِ آهي پر منافق نه ٿا ڄاڻن.

  9. اي ايمان وارو! نه ڪي اوهان کي پنهنجا مال ۽ نه پنهنجا اولاد خدا جي ياد کان غافل ڪن. ۽ جيڪي ائين ڪندا سي ئي نقصان پاڻ وارا آهن.

  10. ۽ جو رزق اسان اوهان کي عطا ڪيو آهي تنهن مان هن کي اڳي (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪريو جو اوهان مان ڪنهن وٽ موت اچي وڃي (۽) پوءِ چوي ته اي منهنجا پالڻهار! جيڪر مون کي ٿوري مدت تائين مهلت ڏين ها ته خيرات ڪريان ها ۽ چڱن ماڻهن مان ٿيان ها.

  11. ۽ جڏهن ڪنهن جو موت اچي ٿو ته خدا ان کي هرگز مهلت نه ٿو ڏئي ۽ جو ڪجھ اوهين ڪريو ٿا خدا ان کان خبردار آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found