اڱارو, 16 جولاءِ 2019 - Tue 07 16 2019

منو

سورت جمعه

ٽوٽل آيتون: 11

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. جو ڪجھ آسمانن ۾ ۽ جو ڪجھ زمين ۾ آهي سو الله جي پاڪائي بيان ڪري ٿو، جو بادشاھ پاڪ ذات زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.

  2. هو اهو آهي جنهن مڪي وارن ۾ انهن مان هڪ رسول موڪليو جو کين سندس آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو ۽ کين پاڪ ڪري ٿو ۽ کين ڪتاب ۽ عقلمندي سيکاري ٿو. ۽ بيشڪ اهي ته هن کان اڳ پڌري گمراهي ۾ هئا.

  3. ۽ انهن مان ٻين لاءِ به (کيس موڪليو اٿس) جيڪي اڃان تائين انهن سان نه مليا آهن ۽ اهو زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.

  4. اهو خدا جو فضل (۽ ڪرم) آهي جنهن کي وڻيس تنهن کي ڏئي. ۽ الله ئي ته وڏو صاحب فضل آهي.

  5. جن ماڻهن (جي مٿن) تي تورات لڏايو ويو پوءِ انهن ان (جي بار) کي نه کنيو انهن جو مثال گڏھ وانگر آهي جنهن تي (وڏا) ڪتاب لڏايل هجن. جن ماڻهن خدا جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو تن جي حالت ڪهڙي نه بڇڙي آهي. ۽ خدا ظالم ماڻهن کي منزل مقصود تائين نه ٿو رسائي.

  6. (اي رسول! تون) چوين: اي يهوديو! جيڪڏهن اوهين هي دعوى ڪريو ٿا ته سڀني ماڻهن کان سواءِ رڳو اوهين ئي خدا جا دوست آهيو ته (پوءِ ڀلا) موت جي خواهش ڪريو جيڪڏهن (ان دعوى ۾) سچا آهيو.

  7. هوڏانهن اهي ڪڏهن به اها خواهش نه ڪندا انهن ڪرتوتن جي ڪري جن کي اڳي ئي ڪري چڪا آهن ۽ خدا ظالمن کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي.

  8. (اي رسول! کين) چئو ته جنهن موت کان اوهين ڀڄو ٿا سو ته ضرور اوهان وٽ پهچڻ واري آهي. پوءِ ڳجھ ۽ ظاهر کي ڄاڻڻ واري ڏي اوهان کي موٽايو ويندو، پوءِ جيڪي اوهين پيا ڪريو تنهن جي اوهان کي خبر ڏيندو.

  9. اي ايمان وارو! جڏهن جمعي جي ڏينهن نماز (جمعه) لاءِ بانگ ڏني وڃي ته خدا جي ياد ڪرڻ لاءِ جلدي ڪريو ۽ سودي واپار کي ڇڏي ڏيو. اهو اوهان لاءِ گهڻو چڱو آهي جيڪڏهن اوهين ڄاڻو.

  10. پوءِ جڏهن نماز ٿي وڃي ته (ڀلي) زمين ۾ پکڙجي وڃو، ۽ خدا جي فضل سان (پنهنجي روزيءَ) جي تلاش ڪريو ۽ خدا کي گهڻو ياد ڪندا رهو من اوهين ڪامياب ٿيو.

  11. (اي رسول) اهي جڏهن ڪو واپار يا ڪو تماشو ڏسن ٿا ته ان ڏي ٿڙي پکڙجي وڃن ٿا ۽ تو کي بيٺل ڇڏي ٿا وڃن (اي رسول کين) چئو ته جو خدا وٽ آهي سو تماشي ۽ واپار کان گهڻو چڱو آهي ۽ خدا سڀني کان چڱو روزي ڏيندڙ آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found