جمع, 19 جولاءِ 2019 - Fri 07 19 2019

منو

سورت صف

ٽوٽل آيتون: 14

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. جي شيون آسمانن ۾ آهن ۽ جي شيون زمين ۾ آهن (سي سڀ) خدا جي تسبيح ڪن ٿيون ۽ اهو غالب حڪمت وارو آهي.

  2. اي ايمان وارو! اوهين اهڙيون ڳالهيون ڇو ڪندا آهيو جي نه ٿا ڪريو.

  3. جيڪي اوهين نه ٿا ڪريو سا ڳالھ چوڻ خدا وٽ وڏي ڪاوڙ جي ڳالھ آهي.

  4. خدا ته انهن سان الفت رکي ٿو جيڪي سندس راھ ۾ صفون ٻڌي اهڙي طرح وڙهن ٿا جو ڄڻ ته اهي شيهي پلٽيل ڀت آهن.

  5. ۽ (اهو وقت ياد ڪر!) جڏهن موسى پنهنجيءَ قوم کي چيو هو ته اي منهنجي قوم! ڇو مون کي ڏکايو ٿا اوهين ته ڄاڻو ٿا ته بيشڪ آءُ اوهان جي طرف خدا جو موڪليل (پيغمبر) آهيان. پوءِ جڏهن ڏنگا ٿيا ته خدا به سندن دلين کي ڏنگو ڪيو. ۽ خدا بدڪار ماڻهن کي منزل مقصود تائين نه ٿو پهچائي.

  6. ۽ (ياد ڪريو) جڏهن مريم جي پٽ عيسى چيو هو ته: اي بني اسرائيلو! آءُ اوهان ڏي خدا جو موڪليل (رسول) آهيان ۽ جو ڪتاب توريت منهنجي اڳيان آهي ان کي سچو ٿو چوان ۽ هڪ پيغمبر جنهن جو نالو احمد هوندو (۽ اهو) مون کان پوءِ اچڻ وارو آهي تنهن جي خوش خبري ٻڌايان ٿو. ته جڏهن اهو (پيغمبر احمد) وٽن پڌرا معجزا وٺي آيو ته چوڻ لڳا، هي ته کليل جادو آهي.

  7. ۽ جنهن کي اسلام ڏي سڏيو وڃي (۽) اهو (مڃڻ جي بدلي) خدا تي ڪوڙ (بدوڙ) جوڙي تنهن کان وڌيڪ ڪير ظالم هوندو ۽ خدا ظالمن کي منزل مقصود تائين نه ٿو پهچائي.

  8. اهي ماڻهو پنهنجي واتن سان (ڦوڪ ڏئي) خدا جي نور کي وسائڻ گهرن ٿا. هوڏانهن خدا پنهنجي نور کي پورو ڪرڻ وارو آهي توڙي جو ڪافرن کي اها ڳالھ بڇڙي لڳي.

  9. هو اهو آهي جنهن پنهنجي رسول کي هدايت ۽ سچو دين ڏيئي موڪليو ته ان کي سڀني دينن تي غالب ڪري توڙي جو مشرڪن کي بڇڙو لڳي.

  10. اي ايمان وارو! ڇا آءُ اوهان کي اهڙي سوداگري جي خبر ڏيان جا اوهان کي (قيامت جي) دردناڪ عذاب کان بچائي؟

  11. (ته) خدا ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو ۽ خدا جي راھ ۾ پنهنجن مالن ۽ جانن سان جهاد ڪريو، اهو اوهان لاءِ تمام چڱو آهي جيڪڏهن اوهين ڄاڻو.

  12. (ائين ڪندو ته خدا) اوهان کي اوهان جا گناھ معاف ڪندو ۽ اوهان کي اهڙن باغن ۾ رهائيندو جن جي (وڻن) هيٺان واھ وهن ٿا ۽ (تمام) سٺين جاين ۾ به جي هميشه رهڻ وارن باغن ۾ هونديون. اها تمام وڏي ڪاميابي آهي.

  13. ۽ هڪڙي ٻي به ڳالھ (اوهان کي ڏيندو) جنهن کي اوهين پسند ڪريو ٿا (۽ اها) خدا جي طرفان مدد ۽ ويجهي فتح آهي ۽ (اي رسول) ايمان وارن کي (اها) خوش خبري ٻڌاءِ.

  14. اي ايمان وارو! خدا جا مددگار ٿيو جيئن مريم جي پٽ عيسى (پنهنجن) حوارين کي چيو هو ته (ڀلا) خدا ڏي (سڏڻ ۾) منهنجا مددگار ڪير آهن؟ ته حواري چوڻ لڳا ته اسين خدا جا انصار آهيون، پوءِ بني اسرائيلن مان هڪ جماعت (مٿس) ايمان آندو ۽ هڪ ٽولو ڪافر رهيو. پوءِ جن ايمان آندو اسان تن کي سندن دشمنن جي مقابلي ۾ مدد ڪئي ته (نيٺ) اهي ئي غالب رهيا.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found