ڇنڇر, 21 سيپٽمبر 2019 - Sat 09 21 2019

منو

سورت حشر

ٽوٽل آيتون: 24

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. جي شي آسمانن ۾ آهي ۽ جو ڪجھ زمين ۾ آهي (سڀ) خدا جي تسبيح ڪري ٿي ۽ اهو ئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.

  2. هو اهو آهي جنهن اهل ڪتاب ڪافرن (بني نضير) کي پهرئين حشر (جلا وطن) ۾ کين گهرن کان ڪڍي ٻاهر ڪيو. (مسلمانو!) اوهان کي ته اهو وهم به نه هو ته اهي ڪي نڪرندا. ۽ اهي (ڪافر) هي خيال ڪندا هئا ته سندن قلعا کين خدا (جي عذاب) کان بچائيندا. پوءِ خدا (جو عذاب) مٿن اتان پهتو جتان کين گمان به نه هو ۽ سندن دلين ۾ (مسلمانن جي اهڙي ته) دهشت وڌائين جو پنهنجن هٿن سان ۽ ايمان وارن جي هٿن سان پنهنجا گهر اجاڙڻ لڳا. تنهن ڪري اي اکين وارو! اوهين عبرت حاصل ڪريو.

  3. ۽ جيڪڏهن مٿن ديس نيڪالي نه لکيل هجي ها ته دنيا ۾ انهن کي (ٻيءَ طرح) سزا ملي ها ۽ آخرت ۾ ته انهن لاءِ دوزخ جو عذاب آهي ئي.

  4. اهو (عذاب) هن ڪري جو انهن خدا ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪئي ۽ جيڪو خدا جي مخالفت ڪندو ته (ياد رکو!) بيشڪ الله تمام سخت عذاب ڏيڻ وارو آهي.

  5. (مومنو) اوهان جيڪو کجيءَ جو وڻ وڍيو يا ان کي پنهنجن پاڙن تي (ائين ئي) رهڻ ڏيو سو خدا جي حڪم سان (ئي) آهي ۽ مطلب هي هو ته اهو نافرمانن کي خوار ڪري.

  6. (ته پوءِ) جيڪو مال خدا پنهنجي رسول کي انهن ماڻهن سان سواءِ وڙهڻ جي ڏياريو (تنهن مال ۾ اوهان جو حق نه آهي ڇو ته) اوهان ان لاءِ ته ڪا ڪوشش نه ڪئي هئي (۽) نه اوهان گهوڙا ڊوڙايا هئا ۽ نه اٺ. پر خدا پنهنجن پيغمبرن کي جنهن تي وڻيس تنهن تي عالب ڪري ٿو. ۽ خدا هر شي تي قادر آهي.

  7. ته جو مال خدا پنهنجي رسول کي ڳوٺن وارن مان (جنگ کان سواءِ) ڏياريو سو خاص خدا ۽ رسول ۽ (رسول جي) قرابت وارن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافن لاءِ آهي، ته اهو گمهي ڦري اوهان جي مالدارن ۾ نه رهي. ۽ (اي مسلمانو) جو ڪجھ اوهان کي رسول ڏئي ته ان کي وٺو ۽ جنهن کان اوهان کي روڪي ته ان کان رڪجي وڃو. ۽ خدا کان ڊڄندا رهو. بيشڪ خدا سخت عذاب ڏيڻ وارو آهي.

  8. (ان مال مان) انهن غريب مهاجرن جو (حصو) به آهي جيڪي پنهنجن گهرن ۽ پنهنجن مالن مان (زبردستي) لڏايا ويا آهن (۽) اهي خدا جو فضل ۽ رضا مندي چاهين ٿا ۽ خدا ۽ سندس رسول جي مدد ڪن ٿا. اهي ئي سچا (ايمان دار) آهن.

  9. پڻ (انهن جو به حصو آهي) جي مهاجرن کان اڳ ۾ ئي (هجرت جي) جاءِ (مديني) ۾ رهيل آهن ۽ ايمان ۾ (پختا) رهيا ۽ جي ماڻهو هجرت ڪري وٽن آيا تن سان محبت ڪن ٿا ۽ جيڪي انهن (پرديسين) کي مليو تنهن جي ڪري پنهنجي دلين ۾ غرض نه ٿا ڏسن ۽ (سڀ ڪنهن ڳالھ ۾) پنهنجي جان کان به انهن کي اڳي رکن ٿا توڙي کين تنگدستي هجي. ۽ جيڪي پنهنجي نفس جي بخل کان بچايا ويا سي ئي ڪامياب آهن.

  10. ۽ (انهن لاءِ به حصو آهي) جي انهن (مهاجرن) کان پوءِ آيا (۽) دعا ڪن ٿا ته اي اسان جا پالڻهار! اسان کي ۽ اسان جي ڀائرن کي بخش جيڪي ايمان آڻڻ ۾ اسان کان اڳي ٿيا آهن. ۽ اسان جي دلين ۾ ايمان وارن جي باري ۾ کوٽ نه وجھ. اي اسان جا پروردگار بيشڪ تون بيحد شفقت ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.

  11. ڇا تون انهن منافقن جي حالت تي نظر نه ڪئي جيڪي پنهنجي ڪافر ڀائرن اهل ڪتاب کي چون ٿا ته جيڪڏهن اوهين (گهرن مان) لڏايا ويا ته پڪ ڄاڻو ته اسين به اوهان سان گڏ نڪري پونداسون ۽ اوهان جي باري ۾ ڪڏهين به ڪنهن جي تابعداري نه ڪنداسون. پر جيڪڏهن اوهان سان جنگ ٿي ته ضرور اوهان جي مدد ڪنداسون پر خدا شاهدي ڏئي ٿو ته اهي ڪوڙا آهن.

  12. جيڪڏهن اهي (ڪافر) ڪڍايا به ويا ته اهي (منافق) انهن سان گڏ نه نڪرندا ۽ جي انهن سان جنگ ٿي ته مدد به نه ڪندا. پر جيڪڏهن انهن جي مدد ڪندا به ته پٺ ڦيري ڀڄندا. وري کين ڪٿان به مدد نه ملندي.

  13. (مومنو!) اوهان جي دهشت سندن دلين ۾ خدا کان به وڌيڪ آهي. اهو هن ڪري جو اهي ماڻهو سمجھ نه ٿا رکن.

  14. اهي سڀ گڏجي اوهان سان ڪڏهن به جنگ ڪري نه سگهندا مگر محفوظ ڳوٺن ۾ يا ڀتين جي پٺيان ٿي. پاڻ ۾ ته انهن جي ڏاڍي ڌاڪ آهي جو تون خيال ڪندين ته سڀئي هڪ (جان) آهن. پر در اصل سندن دليون هڪ ٻئي کان الڳ آهن. اهو هن ڪري جو اهي ماڻهو بي عقل آهن.

  15. سندن حال انهن وانگر آهي جي انهن کان ڪجھ اڳي پنهنجن ڪمن جي سزا جو مزو چکي چڪا آهن ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.

  16. (منافقن جو) مثال شيطان وانگر آهي جيڪو ماڻهوءَ کي چوندو رهيو ته ڪافر ٿيءُ! پوءِ جڏهن ڪافر ٿيو ته چوڻ لڳس ته آءُ تو کان بيزار آهيان. آءُ سموري جهان جي پالڻهار کان ڊڄان ٿو.

  17. ته ٻنهي جو نتيجو هي ٿيو جو هي ٻئي دوزخ ۾ (وڌا) ويندا ۽ ان ۾ سدائين رهندا ۽ اها ئي سڀني ظالمن جي سزا آهي.

  18. اي ايمان وارو! خدا (جي غضب) کان ڊڄو پڻ هر شخص کي غور ڪرڻ گهرجي ته سڀاڻي (قيامت) جي واسطي ان اڳ ۾ ئي ڇا موڪليو آهي ۽ خدا کان ڊڄندا رهو. بيشڪ جو ڪجھ اوهين ڪندا رهو ٿا خدا تنهن کان باخبر آهي.

  19. ۽ انهن جهڙا نه ٿيو جن خدا کي وساري ڇڏيو ته خدا به اهو ڪيو جو پنهنجو پاڻ کي ڀلي ويا، اهي ئي ته بدڪار آهن.

  20. دوزخي ۽ بهشت وارا ڪنهن طرح برابر ٿي نه ٿا سگهن بهشت وارا ئي ته ڪاميابي حاصل ڪرڻ وارا آهن.

  21. جيڪڏهن اسين هن قرآن کي ڪنهن جبل تي نازل ڪريون ها ته تون ان کي خدا جي ڊپ کان عاجزي ڪندڙ ۽ ڦاٽي پوندڙ ڏسين ها. اهي مثال اسين ماڻهن لاءِ بيان ڪريون ٿا ته من اهي ڌيان ڌرين.

  22. اهو ئي الله آهي جنهن کان سواءِ ڪو به معبود نه آهي. ڳجھ ۽ ظاهر جي ڄاڻڻ وارو، اهو ئي وڏو مهربان ۽ نهايت رحم وارو آهي.

  23. هو اهو ئي الله آهي جنهن کان سواءِ ڪو به لائق عبادت جي نه آهي. (حقيقي) بادشاھ، پاڪ ذات، (سڀني عيبن کان سلامت) امن ڏيڻ وارو، نگهبان، زبردست، خود مختار، وڏائيءَ جو سائين آهي. جن کي ان (الله) جو شريڪ ٺهرائين ٿا ان کان پاڪ آهي.

  24. اهو الله ئي پيدا ڪرڻ وارو، نئون بنائڻ وارو، صورت ٺاهڻ وارو آهي. ان جا سڀ چڱا نالا آهن جو ڪجھ آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو سندس تسبيح ڪري ٿو ۽ اهو ئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found