سومر, 20 مئي 2019 - Mon 05 20 2019

منو

سورت حديد

ٽوٽل آيتون: 29

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. اهي سڀ شيون جيڪي (به) آسمان ۽ زمين ۾ آهن (سي سڀ) خدا جي تسبيح ڪن ٿيون ۽ اهو ئي غالب حڪمت وارو آهي.

  2. آسمانن ۽ زمين جي حڪومت سندس ئي آهي. (اهو) جياري ۽ ماري ٿو، ۽ اهو سڀ ڪنهن شي تي قدرت رکندڙ آهي.

  3. اهو ئي (سڀني کان) پهريون ۽ (سڀني کان) پويون ۽ (پنهنجي قدرتن سان) سڀ تي ظاهر ۽ (نگاهن کان) ڳجهو آهي. ۽ اهو سڀ ڪنهن شي کي ڄاڻندڙ آهي.

  4. هو اهو آهي جنهن آسمان ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو. وري عرش (جي بنائڻ) تي آماده ٿيو. جو ڪجھ زمين ۾ وڃي ٿو ۽ جو ڪجھ ان مان نڪري ٿو ۽ جيڪي آسمان مان نازل ٿئي ٿو ۽ جيڪي ان ڏي چڙهي ٿو سو سڀ اهو ڄاڻي ٿو. ۽ اهو اوهان سان گڏ آهي جتي به هجو. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي خدا ڏسندڙ آهي.

  5. آسمانن ۽ زمين جي حڪومت سندس ئي آهي. ۽ خدا ڏي ئي سڀ ڪم موٽايا وڃن ٿا.

  6. هو رات کي (گهٽائي) ڏينهن ۾ داخل ڪري ٿو (ته ڏينهن وڏو ٿئي ٿو) ۽ ڏينهن کي (گهٽائي رات ۾ داخل ڪري ٿو (ته رات وڏي ٿئي ٿي) ۽ اهو دلين جي راز کي (به) ڄاڻندڙ آهي.

  7. اوهين خدا ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو ۽ ان (مال) مان (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪريو جنهن ۾ اوهان کي پنهنجو نائب ڪيو اٿس پوءِ اوهان مان جن ايمان آندو ۽ خرچ ڪيو تن لاءِ وڏو اجر آهي.

  8. ۽ اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو خدا تي ايمان نه ٿا آڻيو هوڏانهن رسول اوهان کي سڏي رهيو آهي ته اوهين پنهنجي پالڻهار تي ايمان آڻيو ۽ اوهان کان (خدا) پڪو وعدو وٺي (به) چڪو آهي جيڪڏهن اوهين باور ڪريو.

  9. هو اهو آهي جو پنهنجي عبد تي پڌريون آيتون نازل ڪري ٿو ته (جيئن) اوهان کي (ڪفر جي) اونداهين مان ڪڍي (نور جي ايمان) سوجهري ڏي آڻي. ۽ بيشڪ خدا اوهان تي شفقت ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.

  10. ۽ اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو (پنهنجو مال) خدا جي راھ ۾ خرچ نه ٿا ڪريو هوڏانهن آسمانن ۽ زمين جو مالڪ ۽ وارث الله ئي آهي. اوهان مان جن (مڪي جي) فتح کان اڳي خرچ ڪيو ۽ جهاد ڪيو (۽ جن پوءِ خرچ ڪيو) برابر نه ٿا ٿي سگهن. اهي درجي ۾ انهن کان گهڻو وڌيڪ آهن جن (فتح کان) پوءِ خرچ ڪيو ۽ جهاد ڪيو. ۽ (هونئن ته) خدا نيڪي ۽ ثواب جو وعدو سڀني سان ڪيو آهي ۽ جو ڪجھ اوهين ڪريو ٿا خدا تنهن کان چڱي طرح واقف آهي.

  11. اهڙو ڪير آهي جو خدا کي خالص نيت سان قرض الحسنه ڏئي ته خدا تنهن لاءِ (اجر کي) ڪيئي دفعا وڌائي ۽ ان لاءِ تمام عزت جو بدلو (جنت) ته آهي ئي.

  12. جنهن ڏينهن تون (انهن) ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين عورتن کي ڏسندين ته سندن نور انهن جي اڳيان ۽ انهن جي سڄي پاسي کان پيو ڊوڙندو هلندو (۽ کين چيو ويندو ته) اوهان کي خوش خبري هجي جو اڄ (اوهان لاءِ) اهڙا باغ آهن جن جي هيٺان واھ پيا وهن انهن ۾ سدائي رهندو ۽ اوهان جي وڏي ڪاميابي آهي.

  13. ان ڏينهن منافق مرد ۽ منافق عورتون ايمان وارن کي چوندا ته اسان ڏي (شفقت جي نظر سان) ڏسو ته اسين به اوهان جي نور مان ڪجھ روشني حاصل ڪريون (کين) چيو ويندو ته اوهين (دنيا ۾) پٺ تي موٽي وڃو ۽ (اتي وڃي) ڪنهن ٻئي جي نور تلاش ڪريو. پوءِ انهن (مومنن ۽ منافقن) جي وچ ۾ هڪ ڀت بيهاري ويندي ۽ ان ۾ دروازو هوندو. ان جي اندرين پاسي ته رحمت هوندي ۽ ٻاهرين پاسي کان عذاب هوندو.

  14. ته منافق، مومنن کي وڏي سڏ چوندا ته ڇا اسين اوهان سان (دنيا ۾) گڏ نه هئاسون؟ (اهي ايمان وارا) چوندا ته هاءُ برابر پر اوهان پاڻهي پاڻ کي مصيبت ۾ وڌو ۽ (اسان جي حق ۾ گردش جا) منتظر رهيا ۽ (دين ۾) شڪ ڪندا رهيو ۽ اوهان کي خواهش ڌوڪو ڏنو ايتري تائين جو الله جو حڪم اچي پهتو ۽ اوهان کي ڌوڪي باز (شيطان) خدا جي باري ۾ ڌوڪو ڏنو.

  15. سو اڄ نه اوهان کان بدلو ورتو ويندو ۽ نه ڪافرن کان اوهان جو ٺڪاڻو (دوزخ جي) باھ آهي اها ئي ته اوهان لاءِ سزاوار آهي. ۽ (ڪهڙي نه) بڇڙي جڳھ آهي.

  16. اڃا ايمان وارن لاءِ اهو وقت نه آيو آهي ڇا! جو خدا جي ياد ۽ قرآن جي لاءِ جو (خدا جي طرفان) نازل ٿيو آهي انهن جون دليون نرم ٿين ۽ انهن جهڙا نه ٿين جن کي انهن کان اڳي (توريت ۽ انجيل) ڪتاب ڏنو ويو هو، ته (جڏهن) مٿن ڊگهو زمانو گذريو ته سندن دليون سخت ٿي پيون ۽ گهڻا انهن مان بدڪار آهن.

  17. اوهين ڌيان ڌريو ته الله ئي زمين کي ان جي مرڻ (غير آباد ٿيڻ) کان پوءِ جيئرو (آباد) ڪري ٿو. بيشڪ اسان اوهان لاءِ پنهنجي (قدرت جون) ڳالهيون کولي کولي بيان ڪيون آهن ته من اوهين عقل کان ڪم وٺو.

  18. بيشڪ خيرات ڏيندڙ مرد ۽ خيرات ڏيندڙ عورتون ۽ (جي ماڻهو) خدا کي نيڪ نيتي سان قرض ڏين ٿا تن کي ڪيئن نفعا (ثواب) ڏنو ويندو. ۽ انهن لاءِ تمام عزت ڀريو صلو (جنت) ته آهي ئي.

  19. ۽ جن خدا ۽ سندس رسولن تي ايمان آندو سي ئي پنهنجي پالڻهار وٽ صادقن ۽ شهيدن جي درجي ۾ هوندا تن لاءِ انهن ئي (صديقن ۽ شهيدن) جو اجر ۽ انهن جو نور هوندو. ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو آهي دوزخي آهن.

  20. ياد رکو ته دنيا جي حياتي رڳو راند ۽ تماشو۽ سينگارڻ ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي تي فخر ڪرڻ ۽ مال ۽ اولاد ۾ هڪ ٻئي کان وڌڻ جي خواهش آهي، (دنيا جي زندگي جو مثال ته) بارش وانگر آهي جنهن جي (ٽلندڙ) ساوڪ ڪڙمين کي خوش ڪري ٿي، وري سڪڻ لڳي ٿي پوءِ تون ان کي زرد ٿيل ڏسندين وري اها ڀوسو ٿي پوي ٿي. ۽ آخرت ۾ (ڪافرن لاءِ) سخت عذاب آهي، ۽ (مومنن لاءِ) خدا جي طرفان معافي ۽ رضامندي آهي. ۽ دنيا جي حياتي رڳو ڌوڪي جو سامان آهي.

  21. اوهين پنهنجي پالڻهار جي معافي ۽ بهست ڏي جهپٽو جنهن (بهشت) جي ويڪرائي آسمان ۽ زمين جي ويڪرائي جهڙي آهي، جن خدا ۽ سندس پيغمبرن تي ايمان آندو تن لاءِ تيار ڪيل آهي. اها الله جي مهرباني آهي جنهن کي وڻيس تنهن کي ڏئي ٿو. ۽ الله وڏي فضل ۽ ڪرم وارو آهي.

  22. جيتريون مصيبتون سموري زمين تي ۽ خود ماڻهن تي نازل ٿين ٿيون (سي سڀ) اسان جي پيدا ڪرڻ کان اڳي ئي ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ (لکيل) آهن بيشڪ اها (ڳالھ) خدا تي آسان آهي.

  23. (اها خبر اوهان کي هن ڪري ڏني اٿئون) ته جيڪي اوهان کان وڃائجي ويو آهي تنهن تي افسوس نه ڪريو ۽ جيڪا نعمت اوهان کي عطا ڪري تنهن تي وڏائي نه ڪريو. ۽ خدا ڪنهن به هٺيلي ۽ پاڻ پڏائيندڙ کي دوست نه ٿو رکي.

  24. جي پاڻ به ڪنجوس آهن ۽ ٻين ماڻهن کي به ڪنجوسي ڪرڻ لاءِ چون ٿا. ۽ جيڪو (انهن ڳالهين کان) منهن موڙيندو ته خدا به بي پرواھ لائق حمد ۽ ثنا آهي.

  25. بيشڪ اسان پنهنجي پيغمبرن کي پڌرا معجزا عطا ڪري موڪليو ۽ اسان انهن سان ڪتاب ۽ (انصاف جي) ترازي نازل ڪئي هن لاءِ ته ماڻهو انصاف تي قائم رهن. ۽ اسان ئي لوھ کي نازل ڪيو، ان ۾ (جنگ لاءِ) سخت طاقت آهي ۽ ماڻهن لاءِ (بيشمار) فائدا آهن. هن لاءِ ته خدا ڏسي ته بنا ڏٺي الله ۽ سندس پيغمبرن جي مدد ڪير ٿو ڪري. بيشڪ خدا زور آور زبردست غالب آهي.

  26. ۽ بيشڪ اسان ئي نوح ۽ ابراهيم کي (پيغمبر بنائي) موڪليو ۽ انهن ٻنهي جي اولاد ۾ نبوت ۽ ڪتاب مقرر ڪيو، پوءِ انهن مان ڪي هدايت وارا آهن ۽ گهڻا انهن مان بدڪار آهن.

  27. پوءِ انهن جي پٺيان پنهنجا سندن ئي قدم پنهنجا رسول موڪليا ۽ مريم جي وٽ عيسى کي انهن پيغمبرن جي پٺيان موڪليوسون ۽ ان کي انجيل عطا ڪيوسون ۽ جن سندن تابعداري ڪئي تن جي دلين ۾ نرمي ۽ مهرباني رکي ۽ گوشه نشيني (دنيوي لذتن کان پاسو ڪرڻ) پاڻ ٺاهي هئائون، اها اسان مٿن فرض نه ڪئي هئي پر خدا جي رضامندي گهرڻ لاءِ (انهن پاڻ ٺاهي هئي) پوءِ ان کي به جهڙو نڀائڻ گهرجي نه نڀايائون پوءِ جن انهن مان ايمان آندو تن کي اسان سندن اجر ڏنو ۽ گهڻا (ته) انهن مان نافرمان آهن ئي.

  28. اي ايمان وارو! خدا کان ڊڄو ۽ سندس رسول (محمد) تي ايمان آڻيو ته خدا اوهان کي پنهنجي رحمت جا ٻه حصا عطا فرمائيندو ۽ اوهان کي اهڙو نور عطا ڪندو جنهن (جي روشني) ۾ اوهين هلندو ۽ اوهان کي معاف به ڪندو. ۽ خدا ته نهايت بخشڻهار تمام رحم وارو آهي.

  29. (اهو ان لاءِ چيو وڃي ٿو) ته جيئن اهل ڪتاب هئين نه سمجهن ته اهي مومن خدا جي فضل (۽ ڪرم) تي ڪجھ به قدرت نه ٿا رکن پڻ هي ته يقيني ڳالھ آهي ته مهرباني خدا جي قبضي ۽ (قدرت) ۾ آهي اهو جنهن کي گهري عطا فرمائي ۽ خدا ته وڏي فضل (۽ ڪرم) جو مالڪ آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found