سومر, 20 مئي 2019 - Mon 05 20 2019

منو

سورت واقعه

ٽوٽل آيتون: 96

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. جڏهن قيامت قائم ٿيندي،

  2. (۽) جنهن جي ٿيڻ ۾ ڪو به ڪوڙ نه آهي (تڏهن ماڻهن ۾ فرق ظاهر ٿيندو).

  3. (ها ڪن کي) هيٺ ڪرڻ واري (۽ ڪن کي) مٿي ڪرڻ واري هوندي.

  4. جڏهن زمين تمام زور سان ڌٻائي ويندي.

  5. ۽ جبل (ٽڪرائي) ذرا ذرا ڪيا ويندا.

  6. پوءِ (اهي) سنهين پکڙيل دز جهڙا ٿي (اڏندا پيا)

  7. ۽ اوهين ٽي قسم ٿي پوندو.

  8. پوءِ سڄي هٿ ۾ (اعمال نامه وٺڻ) وارا (واھ!) سڄي هٿ وارا (ڪهڙا نه آرام وارا نه آهن)

  9. ۽ کٻي هٿ (۾ نامه اعمال وٺڻ وارا) افسوس! کٻي هٿ وارا ڪهڙي نه (مصيبت ۾) آهن.

  10. ۽ جيڪي اڳي وڌي وڃڻ وارا (ته نيٺ) اڳي وڌڻ وارا آهن،

  11. اهي ئي (خدا جا) مقرب آهن.

  12. نعمتن وارن باغن ۾ هوندا.

  13. (اهي) ڪيترائي ته پهرين مان هوندا.

  14. پر پوين مان ٿورا هوندا.

  15. (سون جي تارن سان) واڻيل کٽن تي

  16. ٽيڪ لڳائي هڪ ٻي جي سامهون (ويٺا هوندا).

  17. هميشه (ننڍا) رهڻ وارا نينگر وٽن چڪر پيا لڳائيندا.

  18. پيالن ۽ ڪوزن ۽ شفاف شراب جي پيالن سان.

  19. جنهن سان مٿي ۾ سور پوندن ۽ نه نشو ٿيندن.

  20. ۽ ميوا جيڪي پسند ڪندا.

  21. ۽ پکين جو گوشت جيڪو خواهش ڪندا (موجود هوندن)

  22. ۽ وڏين وڏين اکين واريون حورون

  23. ڄڻ احتياط سان رکيل موتي آهن.

  24. اهو بدلو آهي سندن (نيڪ) عملن جو.

  25. اتي نه بڪ ٻڌندا ۽ نه (گناھ) جي ڳالھ.

  26. سندن ڪلام رڳو سلام ئي هوندو.

  27. ۽ سڄي هٿ وارا ڪهڙا (نه چڱا آهن) سڄي هٿ وارا.

  28. بنا ڪنڊن وارين ٻيرين،

  29. ۽ ڦرسان ڀريل ڪيلي جي وڻن،

  30. ۽ ڊگهي ڊگهي ڇانو،

  31. ۽ وهندڙ پاڻي،

  32. ۽ گهڻن ميون ۾ هوندا.

  33. جي نه کٽندا ۽ نه (انهن کان) روڪيا ويندا.

  34. ۽ اوچن (نرم) وڇاڻن ۾ (مزا ڪندا) هوندا.

  35. (کين اهي حورون ملنديون جن کي) اسان نت نئون پيدا ڪيو آهي،

  36. جو انهن کي اسان ڪنواريون،

  37. پياريون پياريون هڪ جيڏيون ڪيو آهي،

  38. (اهو سمورو بندوبست) سڄي هٿ (جي اعمال نامي) لاءِ آهي.

  39. (انهن ۾) گهڻا ته پهرين مان.

  40. ۽ ڪيترائي ته پوين مان آهن.

  41. ۽ کٻي هٿ ۾ (اعمال نامه وٺڻ) وارا (افسوس) کٻي هٿ وارا ڪهڙي نه مصيبت ۾ آهن.

  42. (اهي دوزخ جي) لڪ ۾ گرم پاڻي،

  43. ۽ ڪاري دونهين جي ڇانو ۾ هوندا.

  44. جا نه ٿڌي ٿيندي ۽ نه وڻندڙ هوندي.

  45. بيشڪ اهي هن کان اڳ (دنيا ۾) ڏاڍا عيش ماڻي چڪا آهن.

  46. ۽ تمام وڏي گناھ (شرڪ) تي هميشه رهندا هئا.

  47. ۽ چوندا هئا ته ڇا جڏهن اسين مرنداسون ۽ مٽي ۾ هڏا ٿينداسون تڏهن (وري) اسين اٿاريا وينداسون ڇا؟

  48. يا اسان جا پهريان ابا ڏاڏا به (اٿاريا ويندا) ڇا؟

  49. (اي رسول کين) چئو ته بيشڪ پهريان ۽ پويان (به)

  50. سڀئي هڪ مقرر ڏينهن جي وقت تي ضرور ڪٺا ويندا.

  51. پوءِ اوهان کي اي گمراهو. ڪوڙو ڪندڙو!

  52. بيشڪ (دوزخ ۾) ٿوهر جي وڻ مان ضرور کائڻو پوندو.

  53. پوءِ ان مان پيٽ ڀريندو.

  54. پوءِ مٿانس گرم پاڻي ڀريندو.

  55. پوءِ (اهو به) اڃ جي بيماري (آليءَ) ۾ ورتلن اٺن وانگر پيئندو.

  56. اها قيامت جي ڏينهن سندن مهماني هوندي.

  57. اسان ئي اوهان کي پيدا ڪيو آهي پوءِ (ٻئي ڀيري جو) ڇو ويساھ نه ٿا ڪريو.

  58. ڀلا ٻڌايو ته جو نطفو اوهين (زالن جي) رحم ۾ ڪيرايو ٿا تنهن کي اوهان ڏنو آهي؟

  59. هن کي اوهين پيدا ڪيو آهي ڇا؟ يا اسين ئي پيدا ڪندڙ آهيون.

  60. اسان اوهان ۾ موت کي مقرر ڪيو آهي ۽ اسين ان کان عاجز نه آهيون.

  61. جو اوهان جي بدلي پيا آڻيون ۽ اوهان کي اهڙي (صورت) ۾ پيدا ڪريون جنهن کي اوهين مطلق نه ٿا ڄاڻو.

  62. بيشڪ اوهان پهرينءَ پيدائش کي ڄاتو (ته اسان ڪئي) پوءِ جو غور نه ٿا ڪريو.

  63. ڀلا ٻڌايو ته جيڪي اوهين پوکيو ٿا،

  64. ڇا اوهين ان کي پيدا ڪريو ٿا يا اسين اپائيندڙ آهيون.

  65. جيڪڏهن اسين چاهيون ته ان کي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيون ته پوءِ اوهين حيرت ۾ رهجي وڃو.

  66. (۽ چوندو ته) اسان تي چٽي بڻجي ويئي آهي.

  67. پر (اصلي) اسين بدنصيب آهيون.

  68. ڪڏهن ڌيان ڌريو ته جو پاڻي اوهين (رات ڏينهن) پيو ٿا.

  69. ان کي ڪڪرن مان اوهان لاٿو آهي يا اسين وسايون ٿا.

  70. جيڪڏهن گهرون ته ان کي کارو ڪري ڇڏيون پوءِ ڇو نه ٿا احسان مڃيو.

  71. ڀلا باھ تي به (ڪڏهن) غور ڪيو اٿو! جا اوهين ٻاريو ٿا.

  72. اوهان ان جو وڻ پيدا ڪيو آهي يا اسين پيدا ڪرڻ وارا آهيون؟

  73. اسان ان باھ کي (دوزخ جي) ياد ڏيارڻ لاءِ ۽ مسافرن وغيره جي فائدي لاءِ پيدا ڪيو آهي.

  74. پوءِ (اي رسول) تون پنهنجي بزرگ پالڻهار جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر!

  75. پوءِ آءُ تارن جي منزلن جو قسم کڻان ٿو.

  76. ۽ بيشڪ اهو وڏو قسم آهي جيڪڏهن اوهين ڄاڻو.

  77. بيشڪ هي (ڪتاب وڏي) مرتبي وارو قرآن آهي،

  78. جيڪو ڪتاب (لوح) محفوظ ۾ (لکيل) آهي.

  79. ان کي رڳو پاڪ ماڻهو ئي ڇهن ٿا.

  80. سموري جهانن جي پالڻهار جي طرفان (محمد تي) نازل ڪيل آهي.

  81. ڇا پوءِ اوهين هن ڪلام جو انڪار ڪريو ٿا.

  82. ۽ (ان مان) پنهنجو هي حصو (روزي حاصل) ڪريو ٿا جو اوهين ان کي ڪوڙو ڪريو ٿا.

  83. پوءِ جنهن مهل (ڪنهن جو ساھ) نڙگهٽ تائين پهچي،

  84. ۽ اوهين ان وقت (جي حالت) پيا ڏسو.

  85. ۽ اسين ان (سڪرات واري) کي اوهان کان گهڻو ويجها آهيون پر اوهين نٿا ڏسو،

  86. ته جيڪڏهن اوهين ڪنهن جي ڌٻاءُ ۾ نه آهيو.

  87. تڏهن ڇو ان (جي ساھ) کي نه ٿا موٽايو جيڪڏهن اوهين (ان ڳالھ ۾) سچا آهيو.

  88. پوءِ جيڪڏهن اهو (مرڻ وارو خدا جي) ويجهن (ٻانهن) مان آهي.

  89. ته (ان لاءِ) راحت ۽ خوشبودار گل ۽ نعمت جا باغ آهن.

  90. ۽ جيڪڏهن اهو سڄي هٿ وارن مان آهي.

  91. ته (ان کي چيو ويندو ته) تو تي سڄي هٿ وارن جي طرفان سلام هجي.

  92. پر جيڪڏهن ڪوڙي ڪندڙن گمراهن مان آهي.

  93. ته ان لاءِ گرم پاڻيءَ جي مهماني آهي.

  94. ۽ (ان کي) باھ ۾ داخل ڪرڻو آهي.

  95. بيشڪ هيءَ (خبر) يقينا سچي آهي.

  96. ته (اي رسول) تون پنهنجي بزرگ پروردگار جي تسبيح ڪر!

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found