آچر, 20 آڪٽوبر 2019 - Sun 10 20 2019

منو

سورت رحمان

ٽوٽل آيتون: 78

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. وڏي مهربان (خدا)

  2. ان ئي قرآن جي تعليم ڏني.

  3. ان ئي انسان کي پيدا ڪيو.

  4. ان ئي ان کي (پنهنجو مطلب) بيان ڪرڻ سيکاريو.

  5. سج ۽ چنڊ هڪ مقرر (ڪيل) حساب سان (هلي) رهيا آهن.

  6. وليون ۽ وڻ ٻئي هن کي سجدو ڪندا رهن ٿا.

  7. ۽ آسمان کي بلند ڪيو اٿس ۽ (انصاف) جي ترازي قائم ڪئي اٿس.

  8. هن لاءِ ته اوهين (به) ترازي (تورڻ) ۾ حد کان لنگهي نه وڃو.

  9. ۽ انصاف سان تور برابر ڪريو ۽ تور ۾ کوٽ نه ڪريو.

  10. ۽ ماڻهن (جي فائدي) لاءِ زمين کي پکيڙيو اٿس.

  11. ان ۾ ميوا ۽ چپڙڀن واريون کجيون.

  12. ۽ تهن وارو ان ۽ خوشبودار ٻوٽا آهن.

  13. ته پوءِ (اي جنو ۽ انسانو) اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا؟

  14. ان ئي انسان کي ٺڪريءَ جهڙيءَ چيڪي مٽيءَ مان بنايو.

  15. ۽ ان جنن کي باھ جي ڄڀيءَ مان بنايو.

  16. پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا.

  17. اهو ئي (سردي گرميءَ جي) ٻنهي مشرقن جو مالڪ آهي ۽ ٻنهي مغربن جو (به) مالڪ آهي.

  18. ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا.

  19. ان ئي ٻئي سمنڊ جاري ڪيا جي پاڻ ۾ گڏجن ٿا.

  20. انهن ٻنهي جي وچ ۾ هڪ پردو آهي جو هڪ ٻئي تي زيادتي نه ٿا ڪن.

  21. ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا.

  22. انهن ٻنهين مان موتي ۽ مرجان نڪرن ٿا.

  23. ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا.

  24. ۽ ان جا ئي سمنڊ ۾ سڙھ کنيل جبلن جهڙا اوچا جهاز آهن.

  25. ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا.

  26. جيڪو به زمين تي آهي سو فنا ٿيڻ وارو آهي.

  27. ۽ تنهنجي پالڻهار جي ذات جا عظمت ۽ ڪرامت واري آهي باقي رهندي.

  28. ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا.

  29. جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهن (سڀ) ان کان گهرن ٿا. سڀ ڪنهن ڏينهن (هر وقت) مخلوق جي هڪ نه هڪ ڪم ۾ آهي.

  30. ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا.

  31. اي ٻئي وڏيون قومون اسين جلد ئي اوهان ڏانهن رخ رکنداسون.

  32. ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا.

  33. اي جنن ۽ انسانن جون جماعتون جيڪڏهن اوهان کي طاقت آهي ته آسمانن ۽ زمين جي ڪنارن مان (ٿيندا ڪنهن پاسي) نڪري (موت يا عذاب کان بچي سگهو ته نڪري وڃو (پر) اوهين ته سواءِ طاقت ۽ غلبي جي نڪري نٿا سگهو (ڇا ڪاڻ ته توهان ۾ نه قوت آهي نه غلبو)

  34. ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا.

  35. (گنهگار جنو ۽ انسانو! دوزخ ۾) اوهان ٻنهي تي باھ جي سائي (رنگ) جي ڄڀي ۽ ڪارو دونهو موڪليو ويندو ته اوهين ٻئي (ڪنهن طرح روڪي سگهندو.

  36. ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا.

  37. پوءِ جڏهن آسمان ڦاٽي (قيامت ۾ تتل) تيل وانگر ڳاڙهو ٿي پوندو.

  38. ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا.

  39. پوءِ ان ڏينهن نه ته ڪنهين انسان کان سندس گناھ بابت پڇيو ويندو ۽ نه ڪنهن جن کان.

  40. ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا.

  41. ڏوهاري پنهنجي شڪلين مان سڃاتا ويندا. پوءِ پيشانين ۽ پيرن کان پڪڙي کين دوزخ ۾ ڌوڪيو ويندو.

  42. ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.

  43. (پوءِ کين چيو ويندو ته) هي اهو دوزخ آهي جنهن کي ڏوهارين ڪوڙو ٿي ڄاتو.

  44. ان (باھ) جي وچ ۾ ٽهڪندڙ پاڻيءَ جي وچ ۾ (بيقراري ۾ ڊوڙندا) پيا چڪر ڪاٽيندا).

  45. ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.

  46. ۽ جو شخص پنهنجي پروردگار جي اڳيان بيهڻ کان ڊڄندو رهيو تنهن لاءِ ٻه باغ آهن.

  47. ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.

  48. اهي ٻئي باغ گهاٽا (ميوي دار) آهن.

  49. ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.

  50. انهن ٻنهي ۾ ٻه چشما به آهن جي پيا وهندا.

  51. ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.

  52. انهن ٻنهي باغن ۾ سڀ ڪنهن ميوي جا ٻه ٻه قسم هوندا.

  53. ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.

  54. اهڙن (طول) وهاڻن تي ٽيڪ لڳائي ويٺا هوندا جن جا استر (ڇوون) ٿلهي اطلس (ريشم) جا هوندا ۽ ٻنهي باغن جا ميوا (ايترو ته) ويجها هوندا (جو جيڪڏهن چاهين ته لڳل ئي کائن).

  55. ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.

  56. انهن ۾ (پاڪدامن) ڌاري ڏي اک کڻي نه ڏسڻ واريون زالون هونديون جن کي هن کان اڳي نه ڪنهن انسان هٿ لاتو هوندو ۽ نه ڪنهن جن.

  57. ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.

  58. (اهڙيون سهڻيون جو) ڄڻ ته اهي (مجسم) ياقوت يا مرجان آهن.

  59. ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.

  60. ڀلا نيڪي جو بدلو نيڪيءَ کان سواءِ ڪجھ ٻيو به آهي ڇا؟

  61. ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.

  62. ۽ انهن ٻن باغن کان سواءِ ٻه باغ ٻيا (به) آهن.

  63. ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.

  64. اهي (ٻئي) ڏاڍا گهاٽا سرسبز آهن.

  65. ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.

  66. انهن ٻنهي ۾ ڦوهارا هڻندڙ چشما آهن.

  67. ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.

  68. انهن ٻنهين ۾ ميوا ۽ خرما ۽ ڏاڙهيون آهن.

  69. ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.

  70. انهن باغن ۾ خوش خلق ۽ سهڻيون زالون هونديون.

  71. ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.

  72. اهي ڪارين اکين واريون حورون تنبن ۾ لڪل ويٺيون هونديون.

  73. ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندو؟

  74. تن کي انهن کان اڳي نه ڪنهن انسان هٿ لاتو هوندو ۽ نه ڪنهن جن.

  75. ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.

  76. اهي ساون غاليچن ۽ نفيس مسندن تي ٽيڪ لڳائي (ويٺا) هوندا.

  77. ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.

  78. (اي رسول) تنهنجو پروردگار جو جلال ۽ ڪرامت وارو آهي تنهن جو نالو وڏي برڪت وارو آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found