ڇنڇر, 21 سيپٽمبر 2019 - Sat 09 21 2019

منو

سورت قمر

ٽوٽل آيتون: 55

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. قيامت ويجهي اچي ويئي جو چنڊ ٻه ٽڪر ٿي پيو.

  2. ۽ جيڪڏهن اهي ڪافر (ڪو) معجزو ڏسن (به) ٿا تڏهن (به) منهن ڦيرين ٿا ۽ چون ٿا هيءُ تمام زبردست جادو آهي.

  3. ۽ انهن (ان کي) ڪوڙو ڄاتو ۽ پنهنجي نفساني خواهش تي هليا پر سڀ ڪنهن ڪم (ڳالھ) جو وقت مقرر آهي.

  4. پڻ انهن وٽ ته اهي حالتون (اڳين قومن جون) پهچي چڪيون آهن جن ۾ وڏي تنبيه هئي.

  5. ۽ انتها درجي جي دانائي پر (کين) ڊيڄارڻ مان ڪجھ به نه ٿو وري.

  6. ته (اي رسول) تون انهن کان پاسيرو رھ! جنهن ڏينهن سڏيندڙ (اسرافيل) اڻ وڻندڙ شي ڏي سڏيندو.

  7. ته قيامت ۾ اکيون هيٺ ڪيل قبرن مان پکڙيل مڪڙن وانگر ٿي نڪرندا.

  8. سڏيندڙ ڏي گردن وڌائي ڀڄندا ويندا. ڪافر چوندا (ويندا) هي ته وڏو سخت ڏينهن آهي.

  9. ان کان اڳ نوح جي قوم به ڪوڙو ڪيو هو، جو اسان جي (خاص) بندي (نوح) کي ڪوڙو ڪيائون ۽ چيائون ته چريو آهي ۽ کيس ڌمڪايائون.

  10. پوءِ ان پنهنجي پالڻهار کي سڏيو ته: آءُ (انهن جي مقابلي ۾) ڪمزور ٿي پيو آهيان پوءِ تون (انهن کان) وير وٺ.

  11. پوءِ اسان وسندڙ پاڻيءَ سان آسمان جا دروازا کولي ڇڏيا.

  12. ۽ زمين جا چشما وهائي ڇڏياسون. ته اهو هڪ ان ڪم جي لاءِ جيڪو مقدر ٿي چڪو هو. (۽ ٻئي) پاڻي ملي (ڪري هڪ) ٿي پيا.

  13. ۽ اسان ان کي تختن ۽ ميخن سان تيار ڪيل (ٻيڙيءَ) تي چاڙهيو.

  14. جا اسان جي نظرداريءَ ۾ هلي رهي هئي ان شخص (نوح) جي بدلي وٺڻ لاءِ جنهن کي ماڻهن نٿي مڃيو.

  15. ۽ اسان ان (ٻوڏ) کي هڪ عبرت جي نشاني ڪري ڇڏيو آهي ڇا پوءِ ڪو آهي جو عبرت حاصل ڪري.

  16. پوءِ منهنجي سزا ۽ منهنجو ڊيڄارڻ ڪيئن آهي؟

  17. ۽ بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪري ڇڏيو آهي (ته) ڪو آهي جو نصيحت حاصل ڪري؟

  18. عاد جي قوم (به پنهنجي پيغمبر کي) ڪوڙو ڪيو پوءِ منهنجي سزا ۽ منهنجو ڊيڄارڻ ڪيئن هو؟

  19. بيشڪ اسان مٿن منحوس ڏينهن تمام سخت تيز هوا کي موڪليو.

  20. جنهن ماڻهن کي پاڙ کان پٽيو ٿي ڄڻ ته اهي پاڙ کان پٽيل کجيءَ جا ٿڙ آهن.

  21. پوءِ منهنجي سزا ۽ منهنجو ڊيڄارڻ ڪئي هو؟

  22. ۽ بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪري ڇڏيو آهي ڇا پوءِ ڪو آهي جو نصيحت حاصل ڪري؟

  23. ثمود جي قوم ڊيڄاريندڙن (پيغمبرن) کي ڪوڙو ڪيو.

  24. جو چوڻ لڳا اسين پاڻ مان هڪڙي ماڻهو جي تابعداري ڪريون ڇا؟ جيڪڏهن اسين ائين ڪريون ته گمراهي ۽ چريائي ۾ هونداسون.

  25. ڇا اسان سڀني مان رڳو ان تي ئي وحي نازل ٿيو آهي (نه! نه!) پر اهو ڪوڙو ٻڌائيندڙ آهي.

  26. عنقريب سڀاڻي کين معلوم ٿي ويندو ته ڪير وڏو ڪوڙو (۽) پاڻ پڏائيندڙ آهي.

  27. (اي صالح) اسين سندن امتحان لاءِ ڏاچيءَ کي موڪليو ته پوءِ تون انهن کي ڏسندو رھ ۽ (ڪجھ) صبر ڪر!

  28. ۽ کين خبر ڏي ته سندن وچ ۾ پاڻيءَ جو (وارو) ورهايل آهي سڀ ڪو پنهنجي واري تي حاضر ٿئي.

  29. پوءِ انهن پنهنجي سنگتيءَ (قدار) کي سڏيو جنهن (زور سان) وار ڪري (ڏاچيءَ جا) پير وڍي وڌا.

  30. پوءِ منهنجي سزا ۽ منهنجو ڊيڄارڻ ڪيئن هو.؟

  31. بيشڪ اسان مٿن هڪ (هيبت ڀريو) آواز موڪليو پوءِ لوڙهي ڏيڻ واريءَ جي لوڙهي جو ڀور وانگر (ڍڳ) ٿي پيا.

  32. ۽ بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪري ڇڏيو آهي ڇا پوءِ آهي ڪو جو نصيحت حاصل ڪري؟

  33. لوط جي قوم به ڊيڄارڻ وارن (پيغمبرن) کي ڪوڙو ڪيو.

  34. ان ڪري اسان مٿن پٿرين وسائڻ واري جهڪ موڪلي سواءِ لوط جي گهر وارن جي جو کين اسر جي مهل (اتان) ڪڍي بچايوسون.

  35. پنهنجي طرفان مهرباني ڪري. اهڙيءَ طرح جيڪو شڪر ڪندو آهي تنهن کي اهڙو بدلو ڏيندا آهيون.

  36. ۽ لوط انهن کي اسان جي پڪڙ کان ڊيڄاريو به هو پر انهن ڊيڄارڻ ۾ ئي شڪ ڪيو.

  37. ۽ ان کان سندن مهمان (فرشتن) سان ناجائز مطلب جي خواهش ڪئي پوءِ اسان سندن اکين کي انڌو ڪيو ۽ (چيوسون ته) منهنجي سزا منهنجي ڊيڄارڻ جو مزو چکيو.

  38. ۽ صبح سويري مٿن (سدائين) رهڻ وارو عذاب آيو. جو ڪنهن طرح ٽري نه سگهيو.

  39. پوءِ (چيوسون ته) منهنجي عذاب ۽ ڊيڄارڻ جو مزو چکيو.

  40. ۽ بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪري ڇڏيو آهي. ڇا پوءِ ڪو آهي جو نصيحت حاصل ڪري.

  41. ۽ فرعون جي قوم ڏي به ڊيڄارڻ وارا (پيغمبر) آيا.

  42. ته انهن اسان جي سڀني نشاني (معجزن) کي ڪوڙو ڪيو ته اسان کين اهڙيءَ طرح پڪڙ ڪئي جيئن هڪ زبردست قدرت جو مالڪ پڪڙيندو آهي.

  43. (اي مڪي وارو!) ڇا انهن ماڻهن کان به اوهان جا ڪافر وڌيڪ آهن؟ يا اوهان لاءِ (اڳين) ڪتابن ۾ معافي (لکيل) آهي.

  44. ڇا! اهي چون ٿا ته اسين سڀئي طاقت ور جماعت آهيون.

  45. سگهو ئي (سندن) جماعت کي شڪست ڏني ويندي ۽ اهي پٺ ڦيري ڀڄندا.

  46. ڳالھ هيءَ آهي ته انهن سان وعدي جو وقت قيامت آهي ۽ قيامت وڏي سخت ۽ ڪڙي (شي) آهي.

  47. بيشڪ گنهگار ماڻهو گمراهيءَ ۽ چريائپ ۾ مبتلا (آهن).

  48. ان ڏينهن باھ ۾ پنهنجي منهن ڀرگهليا ويندا (۽ جيئن) ته هاڻي دوزخ جي باھ جو مزو چکيو.

  49. بيشڪ اسان سڀ ڪنهن شي کي مقرر ڪيل اندازي سان ڪيدا ڪيو آهي.

  50. ۽ اسان جو حڪم ته رڳو اک ڇنب وانگر هڪ سخن آهي.

  51. ۽ (اي مڪي وارو!) بيشڪ اسان اوهان جي طريقي وارن کي برباد ڪيو ڇا پوءِ ڪو آهي جو نصيحت حاصل ڪري؟

  52. ۽ سڀ ڪو ڪم جو اهي ڪري چڪا آهن (سندن) اعمال نامن ۾ (لکيل) آهي.

  53. ۽ هر ڪو ننڍو ۽ وڏو ڪم لکي ڇڏيل آهي.

  54. بيشڪ پرهيزگار (بهشت جي) باغن ۽ واهن ۾.

  55. (يعني) وڻندڙ جاءِ ۾ هر طرح جي قدرت رکندڙ بادشاھ جي بارگاھ ۾ (مقرب) هوندا.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found