جمع, 19 جولاءِ 2019 - Fri 07 19 2019

منو

سورت نجم

ٽوٽل آيتون: 62

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. تاري جو قسم جڏهن ٽٽو،

  2. ته اوهان جو ساٿي (محمد) نه گمراھ ٿيو ۽ نه ڀٽڪيو.

  3. ۽ اهو ته پنهنجي نفساني خواهش سان ڪجھ به نٿو ڳالهائي.

  4. اهو ته رڳو وحي آهي جو موڪليو وڃي ٿو.

  5. کيس تمام طاقت واري (فرشتي جبرئيل) تعليم ڏني آهي جو تمام زبردست آهي.

  6. ته اهو (پنهنجي صورت ۾) سڌو ٿي بيٺو.

  7. ۽ جڏهن اهو (آسمان جي) مٿاهين (مشرقي) ڪناري تي هو.

  8. وري ويجهو ٿيو ۽ اڳتي وڌيو.

  9. (پوءِ جبرئيل ۽ محمد ۾) ٻن ڪمانن جو فاصلو رهجي ويو بلڪ تنهن کان به ويجهو.

  10. خدا پنهنجي عبد ڏي جو وحي ڪيو سو ڪيو!

  11. ته جيڪي ان ڏٺو سندس ڪوڙ نه سمجهيو.

  12. ته ڇا اهو (رسول) جيڪي ڏسي ٿو اوهين ماڻهو تنهن ۾ ان سان جهڳڙو ڪريو ٿا؟

  13. ۽ ان ته هن (جبرئيل) کي هڪ ڀيرو (معراج جي رات) وري ڏٺو.

  14. سدرة المنتهى جي ڀرسان.

  15. ان وٽ ته رهڻ جو بهشت آهي.

  16. جڏهن ڇانئجي رهيو هو سدرة تي جو ڇانئجي رهيو هو.

  17. (تنهن وقت به) سندس اک نه ٿڙي، ۽ نه حد کان لنگهي ويئي.

  18. بيشڪ ان پنهنجي پروردگار (جي قدرت) جون ڪي وڏيون نشانيون ڏٺيون.

  19. ڇا پوءِ اوهان لات ۽ عزى کي ڏٺو آهي.

  20. ۽ پوئين ٽئين منات کي (ڏٺو آهي) (ڀلا اهي خدا ٿي سگهن ٿا؟)

  21. ڇا اوهان لاءِ ته پٽ آهن ۽ ان (خدا) لاءِ ڌيئرون آهن؟

  22. اها ته وڏي بي ڍنگي ورهائپ آهي.

  23. هي رڳا نالا ئي نالا آهن جي اوهان ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن گهڙيا آهن، خدا ته ان (جي ثابتيءَ) لاءِ ڪا به سند نازل نه ڪئي آهي. اهي ماڻهو ته رڳو اٽڪل (بازي) ۽ پنهنجي نفساني خواهش جي پويان هلي رهيا آهن. هوڏانهن وٽن سندن پالڻهار جي طرفان هدايت به اچي چڪي.

  24. ڀلا انسان جنهن شي جي خواهش ڪندو سا کيس (ضرور) ملندي ڇا؟

  25. آخرت ۽ دنيا ته خاص خدا جي اختيار ۾ آهي.

  26. پڻ آسمان ۾ ڪيئي فرشتا آهن جن جي سفارش به ڪجھ ڪم نه ٿي اچي پر خدا جنهن لاءِ گهري (ته) اجازت ڏي ۽ پسند ڪري ته پوءِ (اهي سفارش ڪري سگهن ٿا)

  27. جيڪي آخرت تي ايمان نه ٿا رکن سي فرشتن جا نالا زالن جي نالن تي ٿا رکن.

  28. هوڏانهن کين ڪا به خبر نه آهي. اهي ماڻهو ته رڳو گمان تي هلن ٿا. ۽ بيشڪ گمان سچيءَ (جي سمجهڻ) ۾ ڪجھ به ڪم نه ٿو اچي.

  29. ته پوءِ (اي رسول) تون ان کان منهن موڙ جنهن اسان جي ياد ڪرڻ کان منهن موڙيو ۽ دنيا جي حياتيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجھ نه گهريو.

  30. اها سندن سمجھ جي انتها آهي. بيشڪ تنهنجو رب ئي (ان ڳالھ) کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو جو سندس (سڌي) راھ کان پري وڃي پيو، پڻ اهو ئي ان کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو جيڪو (سڌي) راھ تي هلي ٿو.

  31. ۽ جيڪي زمين ۾ آهي ۽ جو آسمان ۾ آهي سو (سڀ) خدا جو ئي آهي، ته (پوءِ) جن بڇڙائي ڪئي آهي تن کي سندن ڪرتوتن جي سزا ڏئي ۽ جن ڀلائي ڪئي آهي تن کي تمام چڱيءَ شي سان عوض ڏئي.

  32. جي ننڍن گناهن کان سواءِ وڏن گناهن کان ۽ بي حيائيءَ جي ڪمن کان بچندا رهن ٿا. ڇو ته (اي پيغمبر) تنهنجو پالڻهار ڪشادي بخشڻ وارو آهي. (۽) اهو اوهان کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو جڏهن ان اوهان کي مٽيءِ مان پيدا ڪيو ۽ جڏهن اوهين پنهنجين مائن جي پيٽ ۾ ڪچا ٻار هئا. ته پوءِ (وڏائي کان) اوهين پنهنجي پاڪائي بيان نه ڪندا ڪريو جيڪو پرهيزگار آهي تنهن کي اهو چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو.

  33. ڀلا (اي رسول) تو ان کي به ڏٺو، جنهن منهن ڦيريو.

  34. ۽ ٿورڙو (خدا جي راھ ۾) ڏنو ۽ پوءِ ڪنجوسي ڪئي.

  35. ڇا ان وٽ غيب جو علم آهي جو اهو ڏسي رهيو آهي؟

  36. ڀلا جيڪي موسى جي صحيفن ۾ آهي تنهن جي ان کي خبر نه ڏني ويئي آهي ڇا؟

  37. پڻ ابراهيم جي (صحيفن ۾) جنهن (پنهنجو حق) پورو (پورو) ادا ڪيو.

  38. (انهن صحيفن ۾ هي آهي) ته ڪوئي شخص ٻئي (جي گناھ) جو بار نه کڻندو.

  39. پڻ هي ته انسان کي اهو ئي (ڪجھ) ملندو آهي جنهن جي اهو ڪوششش ڪندو آهي.

  40. ۽ ان جي ڪوشش ضرور (قيامت ۾) ڏٺي ويندي.

  41. وري کيس ان جو پورو بدلو ڏنو ويندو.

  42. ۽ هي ته (سڀني کي نيٺ) تنهنجي پروردگار ڏي ئي پهچڻو آهي.

  43. ۽ هي ته اهو ئي کلائي ۽ رئاري ٿو.

  44. ۽ هي ته اهو ئي ماري ۽ جياري ٿو.

  45. ۽ هي ته اهو ئي نر ۽ مادي ٻن قسمن جا (حيوان) پيدا ڪري ٿو.

  46. نطفي مان جڏهن (رحم ۾) وڌو وڃي ٿو.

  47. ۽ هي ته ان تي ئي (قيامت ۾) ٻيو ڀيرو اٿارڻ لازم آهي.

  48. ۽ هي ته اهو ئي مالدار ڪري ۽ دولت عطا ڪري ٿو.

  49. ۽ اهو ئي شعراي (تاري) جو مالڪ (مختار) آهي.

  50. ۽ هي ته ان ئي پهرئين (قوم عاد) کي برباد ڪيو.

  51. پڻ (قوم) ثمود کي به مطلب ته (ڪنهن کي به) باقي نه ڇڏيائين.

  52. ۽ انهن کان اڳ نوح جي قوم کي به ڇو ته اهي وڏا ظالم ۽ تمام سرڪش هئا.

  53. ۽ ان ئي (لوطي قوم جي) اونڌي ٿيل ڳوٺن کي هيٺ اڇلايو.

  54. ۽ وري انهن کي ان مصيبت اچي ويڙهيو جا (کين) ويڙهي وئي. (پوءِ مٿن جو ڇانيو سو ڇانيو).

  55. پوءِ (اي انسان آخر) تون پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن ۾ شڪ ڪرين ٿو.

  56. هي (محمد) به اڳين ڊيڄاريندڙن مان هڪ ڊيڄارڻ وارو پيغمبر آهي.

  57. قيامت ويجهي اچي وئي.

  58. خدا کان سواءِ ان کي ڪو به ٽاري نه ٿو سگهي.

  59. ته ڇا اوهين ماڻهو ان ڳالھ تي عجب ڪريو ٿا؟

  60. ۽ کلو ٿا ۽ رئو نه ٿا!

  61. ۽ اوهين غفلت ۾ آهيو.

  62. ته پوءِ خدا کي سجدو ڪريو ۽ (ان جي) عبادت ڪريو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found