سومر, 20 مئي 2019 - Mon 05 20 2019

منو

سورت ذاريات

ٽوٽل آيتون: 60

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. انهن (هوائن جو) قسم جي (ڪڪرن کي) هيڏي هوڏي ڪن ٿيون.

  2. وري (پاڻي جو) بار کڻن ٿيون.

  3. وري آهستي آهستي هلن ٿيون.

  4. وري هڪ ضروري شي (مينهن) کي ورهائن ٿيون.

  5. ته اوهان سان جيڪو انجام ڪيو وڃي ٿو ضرور بلڪل سچو آهي.

  6. ۽ (عملن جي) جزا (۽ سزا) ضرور ٿيندي.

  7. ۽ آسمان جو قسم جنهن ۾ رستا آهن.

  8. ته (اي مڪي وارو!) اوهين بيشڪ اهڙي اختلافي ڳالھ ۾ (پيل) آهيو.

  9. جو ان کان اهو ڦيريو ويندو (گمراھ ٿيندو) جو خدا جي علم ۾ ڦيرايو ويو آهي.

  10. ڪوڙين ڳالهين بنائڻ واري تي مار پوي.

  11. جي غفلت ۾ ڀليا پيا آهن.

  12. پڇن ٿا ته جزا جو ڏينهن ڪڏهن ٿيندو.

  13. جنهن ڏينهن هو باھ ۾ ساڙيا ويندا.

  14. (۽ ان وقت چئبن ته) پنهنجي عذاب جو مزو چکيو. هي اهو آهي جنهن جي جلد اچڻ جي گهر ڪندا هئو.

  15. بيشڪ پرهيزگار (بهشت جي) باغستان ۽ چشمن ۾ (مزا وٺندا) هوندا،

  16. جيڪي سندن پروردگار کين عطا ڪري ٿو. اهي (خوش ٿي) وٺي رهيا آهن. اهي ماڻهو هن کان اڳ (دنيا ۾) نيڪ هئا.

  17. (عبادت جي ڪري) رات جو تمام ٿورو سمهندا هئا.

  18. ۽ پوئين پهر پنهنجي (گناهن کان) معافيءَ جي دعا گهرندا هئا.

  19. ۽ سندن مالن ۾ سوالي ۽ غير سواليءَ (ٻنهي جو) حصو آهي.

  20. ۽ يقين ڪرڻ وارن لاءِ زمين ۾ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن.

  21. ۽ خود اوهان ۾ به آهن ته ڇا اوهين ڏسو نه ٿا.

  22. ۽ اوهان جي روزي ۽ جنهن ڳالھ جو توهان سان انجام ٿو ڪيو وڃي سي به آسمان ۾ ئي آهن.

  23. ته آسمان ۽ زمين جي مالڪ جو قسم! هي (قرآن) بلڪل حق سچ آهي جيئن اوهين ڳالهايو ٿا.

  24. ڇا تو وٽ ابراهيم جي عزت وارن مهمانن (فرشتن) جي به خبر پهتي آهي؟

  25. ته جڏهن اهي وٽس آيا ته چيائون سلام (عيلڪم) ته ابراهيم به (عيلڪم) سلام چيو، (دل ۾ چيائين ته) هي ته اڻ سڃاتل آهن.

  26. پوءِ پنهنجي گهر وڃي جهٽ پٽ سڻڀو گابو (ڀڃي) آندائين.

  27. پوءِ اهو انهن جي اڳيان رکيائين (وري کين) چيائين ته ڇو نه ٿا کائو؟

  28. (تڏهن به انهن نه کاڌو) ابراهيم دل ۾ انهن کان ڊنو. انهن چيس ته نه ڊڄ! ۽ کيس داشنمند پٽ (ٿيڻ) جي خوش خبري ڏنائون.

  29. ته ابراهيم جي زال (ساره) دانهن ڪري سامهون آئي ۽ (حيرت مان) پنهنجي منهن تي هٿ هنيائين ۽ چوڻ لڳي ته (واھ! واھ!) هڪ ته (آءُ) ٻڍڙي (۽ وري) سنڍ آهيان (ته پوءِ پٽ ڪيئن ٿيندو؟)

  30. فرشتن چيس ته تنهنجي پروردگار اهڙي طرح ئي فرمايو آهي. بيشڪ اهو حڪمت وارو ڄاڻندڙ آهي.

  31. (تڏهن ابراهيم) چيو ته: اي (خدا جا) موڪليل فرشتو! آخر اوهان جو ڇا مطلب آهي؟

  32. انهن چيس اسين هڪ ڏوهاري (لوط جي) قوم ڏي موڪليا ويا آهيون.

  33. مٿن مٽيءَ جا (کرنڊن وارا) پٿر وسايون.

  34. جيڪي حد کان لنگهندڙن لاءِ تنهنجي پروردگار وٽ نشان ڪيل آهن.

  35. پوءِ جيڪي ايمان وارن مان اتي هئا تنهن کي اسان ٻاهر ڪڍيو.

  36. ۽ اتي ته اسان هڪ گهر کان سواءِ مسلمانن جو ڪو به گهر نه ڏٺو.

  37. ۽ جيڪي دردناڪ عذاب کان ڊڄن ٿا تن لاءِ اتي (عبرت جي) نشاني ڇڏي.

  38. پڻ موسى جي (حال ۾) ۾ به (نشاني آهي (جڏهن ان کي اسان فرعون ڏي ظاهر معجزو عطا ڪري موڪليو.

  39. پر ان پنهنجي لشڪر جي ڪري منهن موڙي ۽ چوڻ لڳو ته (هي ته تمام سٺو) جادوگر يا سودائي آهي.

  40. پوءِ ته اسان به کيس ۽ سندس لشڪر کي پڪڙيو ۽ سمنڊ ۾ ڦٽو ڪيوسون ۽ اهو ته ملامت جهڙو ڪم ڪندو ئي هو.

  41. ۽ عاد جي قوم (جي حال ۾ به نشاني) آهي جڏهن اسان مٿن بي برڪت انڌاري موڪلي.

  42. جا جنهن شي تي به لڳي ٿي ته ان کي ڳريل هڏيءَ وانگر ڪري ڇڏيائين ٿي.

  43. ۽ ثمود جي حال ۾ به (قدرت جي نشاني) آهي جڏهن انهن کي چيو ويو ته هڪ خاص وقت تائين مزا ماڻي وٺو.

  44. پوءِ پنهنجي پالڻهار جي حڪم مڃڻ کان هٺ ڪيائون ته مٿس بجليءَ جو ڪڙڪاٽ پئجي ويو ۽ اهي ڏسندا رهجي ويا.

  45. پوءِ نه اهي اٿي سگهيا ۽ نه بدلو وٺي سگهيا.

  46. ۽ ان کان اڳ اسان نوح جي قوم کي (برباد ڪري ڇڏيو هو) بيشڪ اهي بدڪار ماڻهو هئا.

  47. ۽ اسان آسمان کي پنهنجي طاقت سان بنايو آهي ۽ بيشڪ اسان ۾ سڀ قدرت آهي.

  48. ۽ زمين کي اسان پڪڙيو آهي پوءِ اسين ڪهڙو نه چڱا پڪڙيندڙ آهيون.

  49. ۽ سڀ ڪنهن شي مان اسان ٻه ٻه قسم پيدا ڪيا آهن ته من اوهين نصيحت حاصل ڪريو.

  50. ته خدا ڏي ئي ڊوڙيو. آءُ اوهان کي پڪ ان جي طرفان ظاهر ظهور ڊيڄارڻ وارو آهيان.

  51. ۽ خدا سان ٻئي کي معبود نه بنايو. آءُ يقينا ان جي طرفان ظاهر ظهور ڊيڄارڻ وارو آهيان.

  52. اهڙيءَ طرح جيڪي هنن کان اڳ هئا تن ڏي جو به پيغمبر آيو ته انهن ان کي جادوگر سڏيو يا چريو چيائون.

  53. ڇا ان ڳالھ جي هڪڙا ٻين کي وصيت ڪندا رهيا؟ (نه) پر اهي ماڻهو آهن ئي سرڪش.

  54. ته (اي رسول) تون انهن کان منهن موڙ ڇو ته (انهن جي ڪفر جي) تو تي ميار نه آهي.

  55. ۽ نصيحت ڪندو رھ! هن لاءِ ته نصيحت ايمان وارن کي فائدو ڏئي ٿي.

  56. ۽ مون جنن ۽ انسانن کي رڳو هن لاءِ پيدا ڪيو آهي ته منهنجي عبادت ڪن.

  57. آءُ انهن کان ڪا روزي (ته) نه ٿو گهران ۽ نه انهن کان گهران ٿو ته مون کي کارائين.

  58. بيشڪ خدا روزي ڏيڻ وارو زورآور (۽) زبردست آهي.

  59. ته (انهن) ظالمن لاءِ به عذاب جو ڪجھ حصو آهي جهڙي طرح سندن ساٿين جي لاءِ به حصو هو ته کين اسان سان جلدي نه ڪرڻ گهرجي.

  60. هن ڪري ته ڪافرن لاءِ سندن ان ڏينهن ۾ (ڏاڍي) خرابي آهي جنهن جو انهن سان انجام ڪيو وڃي ٿو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found