آچر, 19 مئي 2019 - Sun 05 19 2019

منو

سورت ق

ٽوٽل آيتون: 45

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. ق. وڏي شان واري قرآن جو قسم (ته محمد پيغمبر آهي).

  2. پر انهن (ڪافرن) کي حيرت آهي ته منهنجن هڪ عذاب کان ڊيڄارڻ وارو (پيغمبر) وٽن آيو. ته ڪافر چوڻ لڳا: هيءَ ته هڪ عجيب ڳالھ آهي.

  3. ڀلا جڏهن اسين مرنداسون ۽ مٽي ٿينداسون (ته وري اهو ٻيو ڀيرو جيئرو ٿيڻ عقل کان ته) ٻاهر (ڳالھ) آهي.

  4. انهن جي جسمن مان زمين جنهن شيءَ کي (کائي کائي) گهٽائي ٿي سو اسين ڄاڻون ٿا ۽ اسان وٽ ته لکيل ياد داشت ڪتاب (لوح) محفوظ (موجود) آهي.

  5. پر جڏهن انهن وٽ سچو (دين) آيو ته انهن ان کي ڪوڙو چيو ۽ اهي ماڻهو ڳالھ ۾ (منجهيل) آهن جنهن جو ڪو ٺڪاڻو نه آهي.

  6. ڇا پوءِ انهن پنهنجي مٿان آسمان ڏي نه ڏٺو اٿن ته ڪيئن اسان ان کي جوڙيو آهي ۽ ان کي سينگاريو آهي جو ڪجھ به ان ۾ چيو نه آهي.

  7. ۽ زمين کي اسان پکيڙيو آهي ۽ ان ۾ اسان جبل رکيا آهن ۽ ان ۾ اسان هر طرح جون وڻندڙ شيون پيدا ڪيون!

  8. هن لاءِ ته سڀ (خدا ڏي) رجوع ڪرڻ وارا (بندا) هدايت ۽ عبرت حاصل ڪن.

  9. ۽ اسان آسمان مان برڪت وارو پاڻي وسايو ۽ اسان ان سان باغ ۾ لڻڻ واري (پوک) جا داڻا اپاريا آهن.

  10. ۽ ڊگها کجيءَ جا وڻ (به) جن جا گوشا تھ ٿيل آهن.

  11. (اهي سڀئي) ٻانهن کي روزي ڏيڻ لاءِ (پيدا ڪيا) پاڻيءَ سان ئي اسان ويران شهر کي آباد ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح (قيامت ۾ مردن جو) ڪڍڻ ٿيندو.

  12. انهن کان اڳي نوح جي قوم ۽ خندق وارن ۽ ثمود جي قوم ڪوڙو ڪيو.

  13. ۽ عاد ۽ فرعون ۽ لوط جي قوم.

  14. ۽ ٻيلي وارن ۽ تبع جي قوم (به) سڀني (پنهنجن پنهنجن) نبين کي ڪوڙو ڪيو ته اسان جي (طرفان عذاب جو) انجام به پورو ٿيو.

  15. ته ڇا اسان پهريون ڀيرو پيدا ڪري ٿڪجي پياسون (هرگز نه) پر اهي ماڻهو نئين سر (ٻيو ڀيرو) پيدا ڪرڻ بابت شڪ ۾ (پيل) آهن.

  16. ۽ بيشڪ اسان انسان کي پيدا ڪيو ۽ جيڪي سندس نفس وسوسا وجهي ٿو سي ڄاڻون ٿا ۽ اسين ساھ جي رڳ کان به ان کي گهڻو ويجها آهيون.

  17. جڏهن (اهو ڪو ڪم ڪري ٿو) ته ٻه لکڻ وارا (ڪراما ڪاتبين) لکي ڇڏين ٿا، جي سڄي پاسي کان ۽ کٻي پاسي کان ساڻس ويٺا آهن.

  18. ڪا ڳالھ نه ٿو ڪڍي جو وٽس هڪ نگهبان تيار نه هجي.

  19. ۽ يقينا موت جي بيهوشي اچي ويندي (کيس چيو ويندو ته) هيءَ (حالت) اها آهي جنهن کان تون ڀڄندو هئين.

  20. ۽ صور ڦوڪيو ويندو. اهو ئي (عذاب جي) وعدي جو ڏينهن آهي.

  21. ۽ هر شخص اسان جي اڳيان حاضر ٿيندو جو ان سان هڪ (فرشتو) هڪليندڙ هوندو ۽ هڪ (سندس ڪرتوتن جو) شاهد.

  22. (کيس چئبو) ته تون هن (ڏينهن) کان غافل هئين ته هاڻي اسان تنهنجي اڳيان پردي کي هٽايو ته اڄ تنهنجي نگاھ تکي آهي.

  23. ۽ سندس ساٿي (فرشتو) چوندو: هي (سندس عمل) جو مون وٽ حاضر آهي.

  24. (تڏهن حڪم ٿيندو ته) اوهين ٻئي سڀ ڪنهن هٺيلي ناشڪري کي دوزخ ۾ وجهو.

  25. جيڪو (واجب حقن کان) مال ۾ بخل ڪرڻ وارو حد کان وڌڻ وارو (دين ۾) شڪ ڪرڻ وارو.

  26. جنهن خدا سان ٻيا شريڪ بنايا هئا ته هاڻي اوهان ٻئي هن کي سخت عذاب ۾ وجهو.

  27. تنهن وقت سندس ساٿي (شيطان) چوندو ته يا رب! اسان کيس گمراھ ڪين ڪيو هو پر اهو پاڻ سخت گمراهيءَ ۾ مبتلا هو.

  28. (تنهن تي) خدا فرمائيندو اسان جي سامهون جهڳڙو نه ڪريو آءُ اوهان کي اڳي ئي (عذاب کان) ڊيڄاري چڪو آهيان.

  29. مون وٽ ڳالھ بدلائي نه ٿي وڃي ۽ نه آءُ ٻانهن تي (ذري جيترو به) ظلم ڪرڻ وارو آهيان.

  30. ان ڏينهن اسين دوزخ کان پڇنداسون ته ڇا تون ڀريو آهين؟ ۽ هو چوندو ته ڇا اڃان به ڪجھ وڌيڪ آهي؟

  31. ۽ بهشت پرهيزگارن جي بلڪل ويجهو ڪيو ويندو.

  32. (۽ چونداسون ته) هي اهو بهشت جنهن جو اوهان سان وعدو ڪيو ويو آهي سڀ ڪنهن الله ڏي ورڻ واري (حدن) جي حفاظت ڪرڻ واري لاءِ.

  33. جو اڻ ڏٺي کان ڊنو ۽ رجوع ڪندڙ دل وٺي آيو.

  34. (تنهن کي حڪم ٿيندو) ته هن ۾ صحيح ۽ سلامت داخل ٿي اهو ئي ته هميشه رهڻ وارو ڏينهن آهي.

  35. ان ۾ اهي جو چاهيندا سو هوندو ۽ اسان وٽ ته ان کان به وڌيڪ آهي.

  36. ۽ اسان انهن کان اڳ ۾ ڪيئي امتون برباد ڪري ڇڏيون جيڪي انهن کان قوت ۾ گهڻو وڌيڪ هيون ته انهن ماڻهن (موت جي خوف کان) تمام شهرن ۾ گهڻي ڳولا ڪيائون ته ڪا بچڻ جي جاءِ آهي.

  37. بيشڪ ان (ڳالھ) ۾ ان شخص لاءِ نصيحت آهي جنهن جي اندر ۾ قلب آهن يا ڌيان ڏيئي لائي ڪن ڏئي ٿو.

  38. ۽ بيشڪ اسان آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي تنهن کي جنهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو آهي ۽ ذرو به نه ٿڪاسون.

  39. ته (اي رسول) جيڪي اهي (ڪافر ماڻهو) بڪ ڪن ٿا تنهن تي تون صبر ڪر ۽ سج اڀرڻ کان اڳ ۽ لهڻ کان اڳ پنهنجي پروردگار جي حمد سان تسبيح ڪندو رھ!.

  40. ۽ ڪجھ رات ۾ (به) ۽ نماز کان پوءِ به سندس تسبيح بيان ڪر.

  41. ۽ ڪن لڳائي ٻڌ ته جنهن ڏينهن، ويجهي جاءِ کان سڏيندڙ (اسرافيل) سڏيندو (ته اٿو)

  42. جنهن ڏينهن سچ پچ سخت هڪل ٻڌندا. اهو قبرن مان نڪرڻ جو ڏينهن آهي.

  43. بيشڪ اسين جياريون ٿا ۽ ماريون ٿا ۽ اسان ڏي ئي (سڀ کي) موٽايو ويندو.

  44. جنهن ڏينهن زمين (انهن جي مٿان) ڦاٽي پوندي ۽ (سڀئي) جهٽ پٽ نڪري بيهندا. اهو آهي (اٿارڻ ۽) گڏ ڪرڻ جيڪو اسان تي بلڪل آسان آهي.

  45. (اي رسول) اهي ماڻهو جيڪي چون ٿا اسين تنهن کي چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا ۽ تون انهن تي زور ته ڪرين ڪين ٿو ته جيڪو اسان جي (عذاب جي) وعدي کان ڊڄي تنهن کي تون قرآن جي وسيلي نصيحت ڪندو رھ!

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found