سومر, 20 مئي 2019 - Mon 05 20 2019

منو

سورت حجرات

ٽوٽل آيتون: 18

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. اي ايمان وارو! خدا ۽ سندس رسول کان (ڪنهن ڳالھ ۾ به) اڳي نه ٿيو، ۽ خدا کان ڊڄو ڇو ته خدا ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.

  2. اي ايمان وارو! پنهنجا آواز رسول جي آواز کان مٿي نه ڪريو جيئن پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان وڏي سڏ ڳالهايو ٿا ساڻس وڏي سڏ نه ڳالهايو جو متان اوهان جا اعمال برباد ٿين ۽ اوهان کي خبر به نه پوي.

  3. بيشڪ جيڪي پنهنجا آواز خدا جي رسول کان جهڪا ڪن ٿا، سي اهي آهن جن جي دلين کي خدا پرهيزگاري (جي پڌري ڪرڻ) لاءِ آزمايو آهي انهن لاءِ معافي ۽ وڏو اجر آهي.

  4. (اي رسول) بيشڪ جيڪي تو کي گهرن جي ٻاهران (بيهي) سڏين ٿا تن مان گهڻا بي عقل آهن.

  5. پر جيڪڏهن اهي صبر ڪن ها جيستائين تون (پاڻهين) انهن ڏي نڪرين ته انهن لاءِ چڱو ٿئي ها. ۽ خدا (ته) معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو مهربان آهي.

  6. اي ايمان وارو! جيڪڏهن ڪو بدڪردار (ماڻهو) اوهان وٽ ڪا خبر آڻي ته جاچ ڪريو جو متان ناداني سان ڪنهن قوم کي نقصان رسايو پوءِ پنهنجي ڪيل ڪم تي پشيمان ٿيو.

  7. ۽ ڄاڻو ته اوهان ۾ خدا جو رسول (موجود) آهي. ڪيئي ڳالهيون اهڙيون آهن جو جيڪڏهن (انهن مان ڪا) اوهان جي ڳالھ مڃي اوهين ڏکيا ٿيو پر خدا ته ايمان کي اوهان جي دلين ۾ سينگاريو آهي ۽ ڪفر ۽ بدڪاري ۽ نافرمانيءَ کان اوهان کي بيزار ڪيو اٿس. اهي ماڻهو هدايت جي راھ تي آهن.

  8. خدا جي فضل ۽ ڪرم سان ۽ خدا ته وڏو واقف ڪار ۽ حڪمت وارو آهي.

  9. ۽ جيڪڏهن مومنن مان ٻه جماعتون پاڻ ۾ وڙهن ته انهن ۾ صلح ڪرايو. پوءِ جيڪڏهن انهن ٻنهي مان هڪڙي (ڌر) ٻيءَ تي زيادتي ڪري ته جيڪا ڌر زيادتي ڪري ٿي تنهن سان اوهين (به) وڙهو جيستائين (اها ڌر) خدا جي حڪم ڏي موٽي اچي. پوءِ جڏهن موٽي اچي ته انهن ۾ برابري سان صلح ڪرايو ۽ انصاف کان ڪم وٺو. بيشڪ خدا انصاف ڪرڻ وارن کي دوست رکي ٿو.

  10. مومن ته پاڻ ۾ ڀائر ئي آهن ته پنهنجن ٻن ڀائرن ۾ صلح ڪرايو ۽ خدا کان ڊڄندا رهو ته جيئن اوهان تي رحم ڪيو وڃي.

  11. اي ايمان وارو! (اوهان مان ڪنهن قوم جو) ڪو به مرد (ٻي قوم جي) مردن تي ٺٺولي نه ڪري جو متان اهي هن کان (خدا وٽ) چڱا هجن ۽ نه عورتون عورتن سان (ٺٺولي ڪن) جو متان اهي هنن کان چڱيون هجن. ۽ نه پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي طعنا لڳايو ۽ نه هڪ ٻئي تي بڇڙا نالا چيڙائڻ وارا وجهو. ايمان کان پوءِ بدڪاريءَ جو نالو بڇڙو آهي. ۽ جيڪي (انهن ڳالهين کان) توبه نه ڪندا سي ئي ظالم آهن.

  12. اي ايمان وارو! گهڻو شڪ ڪرڻ کان پاڻ کي بچائيندا رهو ڇو ته ڪي بدگمانيون گناھ آهن ۽ نه (ڪنهين جي) جاسوسي ڪريو ۽ نه ڪو اوهان مان هڪ ٻئي جي گلا (غيبت) ڪري ڇا اوهان مان ڪنهن کي هيءَ ڳالھ وڻي ٿي ته پنهنجي مئل ڀاءُ جو گوشت کائي؟ اوهين ته ضرور ان (ڳالھ) کي پسند نه ڪندو! ۽ خدا کان ڊڄو بيشڪ خدا وڏو بخشڻهار نهايت مهربان آهي.

  13. انسانو! اسان اوهان کي هڪ مڙس ۽ هڪ زال مان پيدا ڪيو آهي ۽ اسان اوهان کي ذاتيون ۽ پاڙا ڪيو آهي ته (جيئن) هڪ ٻئي کي سڃاڻو (باقي) اوهان مان زياده چڱو الله وٽ اهو آهي جيڪو اوهان مان ڏاڍو پرهيزگار آهي. بيشڪ الله (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ (۽) پوري پوري خبر رکندڙ آهي.

  14. ٻهراڙي وارا عرب چون ٿا ته اسان ايمان آندو آهي. (اي رسول) تون چوين ته اوهان ايمان نه آندو آهي پر اوهين (هئين) چئو ته اسان اسلام قبول ڪيو آهي. هوڏانهن ايمان ته اڃا تائين اوهان جي دلين ۾ (ئي) نه گهڙيو آهي. پر جيڪڏهن اوهين خدا ۽ سندس رسول جي حڪم تي هلندو ته اوهان جي عملن (جي اجر) مان ڪجھ به نه گهٽائيندو بيشڪ خدا گهڻو بخشيندڙ نهايت رحم وارو آهي.

  15. ايمان وارا اهي ئي آهن جن الله ۽ سندس رسول تي ايمان آندو، (۽) وري شڪ نه ڪيائون پڻ خدا جي راھ ۾ پنهنجي مالن ۽ پنهنجي جانن سان جهاد ڪيائون. اهي ئي سچا آهن.

  16. (اي رسول! انهن کان) پڇو ته ڇا اوهين خدا کي پنهنجي دينداري ڏيکاريو ٿا؟ ۽ خدا ته جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي تنهن کي (چڱي طرح) ڄاڻي ٿو. ۽ خدا هر ڳالھ کان خبردار آهي.

  17. (اي پيغمبر) تو تي اهي ماڻهو اسلام آڻڻ جو احسان رکن ٿا (تون کولي) چوين ته اوهين پنهنجي اسلام آڻڻ جو مون تي احسان نه رکو! پر جيڪڏهن اوهين ايمان جي دعوى ۾ سچا آهيو ته (ڄاڻو ته) خدا توهان تي احسان ڪيو جو اوهان کي ايمان جي راھ ڏسي.

  18. بيشڪ خدا آسمانن ۽ زمين جي ڳجھ کي ڄاڻي ٿو ۽ جو ڪجھ اوهين ڪريو ٿا تنهن کي خدا ڏسي رهيو آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found