اڱارو, 16 جولاءِ 2019 - Tue 07 16 2019

منو

سورت محمد

ٽوٽل آيتون: 38

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو ۽ (خلق کي) خدا جي راھ کان روڪيو خدا انهن جا عمل اڪارت ڪري ڇڏيا.

  2. ۽ جن ايمان قبول ڪيو ۽ سٺا (سٺا) ڪم ڪيا ۽ جو (ڪتاب) محمد تي سندس پروردگار جي طرفان نازل ٿيو آهي ۽ اهو برحق آهي تنهن تي ايمان آندائون ته خدا تن جون بڇڙايون انهن تان ميٽي ڇڏيون ۽ سندن حالت سڌاري اٿس.

  3. اهو هن ڪري جو ڪافر ڪوڙ جي پٺيان لڳا ۽ ايمان وارن سندن پالڻهار جي طرفان سچ (حق دين) جي پيروي ڪئي آهي. اهڙي طرح خدا ماڻهن (جي سمجهڻ لاءِ مثال بيان ڪري ٿو.

  4. پوءِ جڏهن اوهين ڪافرن سان مقابلو ڪريو ته (انهن جا) ڪنڌ ڪپيو ايتري تائين جو انهن کي جڏهن زخمن سان چور ڪيو ته انهن کي ٻنڌڻن سان مضبوط ٻڌو. ۽ تنهن کان پوءِ يا ته احسان رکي (ڇڏي ڏيو) يا بدلو وٺي (آزاد) ڪري ڇڏيو. ايتري تائين جو (دشمن) جنگ جا هٿيار ڦٽي ڪن. اها ڳالھ ياد رکو) ۽ جيڪڏهن خدا گهري ها ته (ٻيءَ طرح) بدلو وٺي ها پر ان گهريو ته اوهان جو امتحان هڪ ٻئي سان (ويڙهائي) ڪري. ۽ جيڪي خدا جي راھ ۾ شهيد ڪيا ويا تن جي ڪار گذارين کي خدا هرگز اڪارت نه ڪندو.

  5. کين جلد ئي منزو مقصود تائين پهچائيندو ۽ سندن حالت سنواريندو.

  6. ۽ انهن کي ان بهشت ۾ داخل ڪندو جنهن جي کين (اڳي ئي) واقفيت ڪرايل آهي.

  7. اي ايمان وارو! جيڪڏهن اوهين خدا (جي دين) جي مدد ڪندو ته اهو به اوهان جي مدد ڪندو ۽ اوهان کي ثابت قدم رکندو.

  8. ۽ جي ڪافر آهن تن جي لاءِ ته لغزش (ڊگمگاهٽ) آهي ۽ خدا سندن اعمال برباد ڪري ڇڏيندو.

  9. اهو هن لاءِ ته جا ڳالھ خدا نازل ڪئي تنهن کي انهن نا پسند ڪيو ته (پوءِ) خدا سندن ڪمن کي برباد ڪري ڇڏيو.

  10. ڇا هو زمين ۾ نه گهميا آهن جو ڏسن ته ڪيئن انهن جي پڇاڙي ٿي جي انهن کان اڳ هئا. خدا مٿن بربادي وڌي. ۽ (هنن) ڪافرن لاءِ به اهڙيون (ئي سزائون) آهن.

  11. اهو هن ڪري ته خدا ايمان وارن جو مددگار آهي ۽ ڪافرن جو ڪو به مددگار نه آهي.

  12. جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي بيشڪ الله اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي (وڻن) هيٺان واھ وهن ٿا ۽ جن ڪفر ڪيو سي (دنيا ۾ ته) مزا ڪن ٿا ۽ ائين کائن (پيئن) ٿا جيئن جانور کائي (پيئن) ٿا ۽ (نيٺ ته) سندن جاءِ جهنم آهي.

  13. ۽ جنهن ڳوٺ مان تو کي ماڻهن ڪڍيو تنهن کان وڌيڪ طاقت ۾ ڪيئي اهڙا ڳوٺ هئا جن کي اسان تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو ته انهن جو ڪو به مددگار نه ٿيو.

  14. ته ڇا جو شخص پنهنجي پالڻهار جي طرفان ظاهر دليل تي آهي سو ان جهڙو ٿيندو جنهن کي سندس بڇڙو ڪم چڱو ڪري ڏيکاريو ويو آهي ۽ اهي پنهنجن خواهشن تي هلن ٿا.

  15. جنهن جنت جو پرهيزگارن سان وعدو ڪيو وڃي ٿو تنهن جي صفت هي آهي ته ان ۾ پاڻي جا واھ آهن جن ۾ ذرو به بوءِ نه آهي ۽ کير جون نهرون آهن جن جو مزو ڪڏهن نه بدليو، ۽ (پاڪ پاڪيزه) شراب جون نهرون آهن جيڪو پيئڻ وارن لاءِ (سراسر) لذت آهي. پڻ صاف شفاف ماکيءَ جون نهرون آهن ۽ اتي انهن لاءِ هر قسم جا ميوه آهن ۽ سندن پروردگار جي طرفان بخشش (معافي) آهي. (ڀلا اهڙا شخص) انهن جي برابر ٿي سگهن ٿا جيڪي دوزخ ۾ رهندا ۽ جن کي ٽهڪندڙ پاڻي پياريو ويندو ته اهو آنڊن کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيندن.

  16. ۽ (اي رسول) انهن مان ڪي اهڙا به آهن جي تو ڏي ڪن ڏين ٿا، تان جو جڏهن ٻڌي (سڌي) تو وٽان نڪرن ٿا ته جن شخصن کي (قرآن جو) علم ڏنو ويو آهي تن کان پڇن ٿا ته هينئر هن شخص ڇا چيو هو؟ هي اهي ماڻهو آهن جن جي دلين تي خدا (ڪفر جي) مهر هڻي ڇڏي آهي ۽ اهي پنهنجي نفساني خواهشن تي هلي رهيا آهن.

  17. ۽ جي هدايت وارا آهن تن جي هدايت کي خدا (قرآن جي ذريعي) اڃا به وڌائي ٿو ۽ کين پرهيزگار عطا فرمائي ٿو.

  18. ته ڇا اهي ماڻهو رڳو قيامت جا ئي منتظر آهن ته مٿن اوچتي اچي، ته سندس نشانيون ته اچي چڪيون آهن. ته پوءِ جڏهن قيامت انهن (جي سرن) تي اچي پوندي پوءِ کين نصيحت وٺڻ ڪٿان سود مند ٿيندي.

  19. ته سمجهو ته خدا کان سواءِ ڪو به معبود نه آهي ۽ (اسان کان) پنهنجي ۽ ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين عورتن جي گناهن جي معافي گهرندو رھ! ۽ خدا توهان جي گهمڻ ڦرڻ ۽ رهڻ جي جاءِ کان چڱي طرح واقف آهي.

  20. ۽ مومن چون ٿا ته (جهاد جي لاءِ) ڪا سورت ڇو نه ٿي نازل ٿئي؟ پر جڏهن ڪا صاف کليل معنى سان سورت نازل ٿئي ۽ ان ۾ جهاد جي ڳالھ هجي ته جن ماڻهن جي دلين ۾ (نفاق جو) روڳ آهي تن کي ڏسندين ته تو ڏي اهڙيءَ طرح ڏسن ٿا جيئن ڪنهن تي موت جي بيهوشي (ڇانيل) هجي (جو ان جون اکيون ڦريل هجن) پوءِ انهن لاءِ ويل هجي.

  21. (انهن لاءِ چڱو ڪم ته) حڪم مڃڻ ۽ چڱي ڳالھ چوڻ آهي. پوءِ جڏهن (جنگ ڪرڻ جو) ارادو پڪو ٿئي تڏهن اهي الله سان سچا رهن ته سندن حق ۾ تمام بهتر آهي.

  22. پوءِ (اي منافقو) اوهان کان اها (ڳالھ) پري آهي ته جيڪڏهن اوهان کي حڪومت ملي وڃي ته ملڪ ۾ فساد ڪريو ۽ پنهنجيون مائٽيون ڇنو.

  23. اهي ئي اهي آهن جن تي خدا لعنت ڪئي آهي ۽ (ڄڻ ته خود خدا) سندن (ڪنن) کي ٻوڙو ۽ انهن جي اکين کي انڌو ڪيو آهي.

  24. ته ڇا اهي ماڻهو قرآن ۾ (ذرو به) تدبير نه ٿا ڪن يا سندن دلين تي قلف (لڳل) آهن.

  25. بيشڪ جي ماڻهو هدايت جي راھ صاف (۽ کليل) ڄاڻڻ کان پوءِ به پوئين پير (ڪفر ڏي) موٽيا شيطان کين فريب ڏنو ۽ انهن کي ڊگهيون (اميدون) ڏيکاريون.

  26. اهو هن ڪري ته جي ماڻهو خدا جي نازل ڪيل (ڪتاب) کان بيزار آهن تن کي (منافقن) چيو ته ڪجھ ڪمن ۾ اسين اوهان جو چيو مڃينداسون. هوڏانهن خدا سندن لڪي مشورن ڪرڻ کي (چڱي طرح) ڄاڻي ٿو.

  27. پوءِ (تڏهن سندن ڪهڙو حال ٿيندو جڏهن فرشتا سندن ساھ ڪڍندا ۽ سندس منهن ۽ پٺين کي ماريندا ڪٽيندا ويندا.

  28. اها (سزا) هن ڪري آهي ته جنهن ڳالھ ۾ خدا ناخوش آهي تنهن جي اهي پيروي ڪن ٿا ۽ جنهن ۾ خدا جي خوشي آهي تنهن کان بيزار آهن ته خدا به سندن ڪمن کي ناس ڪري ڇڏيو.

  29. ڇا اهي ماڻهو جن جي دلين ۾ (نفاق جو) روڳ آهي سي هي خيال ڪن ٿا ته خدا سندن (دل جي) ڪينن کي ڪڏهن به ظاهر نه ڪندو؟

  30. ۽ (اي رسول) جيڪڏهن اسين گهرون ها ته اهي (ماڻهو) تو کي ڏيکاري ڇڏيون ته تون سندن منهن مان کين سڃاڻي وٺين ۽ تون سندن ڳالهائڻ جي ڍنگ مان کين سڃاڻي وٺندين. ۽ خدا اوهان جي ڪمن کي ڄاڻي ٿو.

  31. ۽ ضرور اسين اوهان کي آزمائينداسون تان جو اوهان مان جهاد ڪرڻ وارن ۽ (تڪليف تي) صبر ڪرڻ وارن کي ڏسون ۽ اوهان جون حالتون جاچيون.

  32. بيشڪ جن ماڻهن تي (دين اسلام جي) سڌي راھ ظاهر ٿي چڪي تنهن کان پوءِ (انهن) انڪار ڪيو ۽ (ماڻهن کي) خدا جي راھ کان روڪيو ۽ رسول جي مخالفت ڪئي سي خدا جو ڪجھ به بگاڙي نه سگهندا ۽ خدا سندن اعمال ناس ڪري ڇڏيندو.

  33. اي ايمان وارو! خدا جو حڪم مڃو ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪريو. ۽ پنهنجي عملن کي ناس نه ڪريو.

  34. بيشڪ جن انڪار ڪيو ۽ ماڻهن کي خدا جي راھ کان رويڪو ۽ ڪافر ٿي مئا تن کي خدا ڪڏهين به معاف نه ڪندو.

  35. ته (اي مسلمانو) اوهين به همت نه هاريو ۽ نه (دشمن کي) صلح ڏي سڏيو ۽ اوهين ئي غالب آهيو، ۽ الله اوهان ساڻ آهي ۽ هرگز اوهان جي اعمال (جي ثواب) کي گهٽ نه ڪندو.

  36. دنيا جي حياتي رڳو راند ۽ تماشو آهي. جيڪڏهن اوهين (خدا تي) ڀروسو رکندو ۽ پرهيزگاري ڪندو ته اهو اوهان کي اوهان جا اجر عنايت ڪندو  اوهان کان اوهان جا مال نه گهرندو.

  37. ۽ جيڪڏهن اوهان کان اوهان جا سڀ مال (متاع) گهري ۽ (گهرڻ ۾) اوهان کي تنگ ڪري ته اوهين بخل ڪندو ۽ خدا ته اوهان جا ڪينا ضرور ظاهر ڪري ڇڏيندو.

  38. هوش ڌاريو! اوهين ته اهڙا آهيو جو اوهان کي سڏيو ٿو وڃي ته خدا جي راھ ۾ خرچ ڪريو ته اوهان مان ڪي اهڙا به آهن جي بخل ڪن ٿا ۽ (ياد رکو! ته) جو بخل ڪري ٿو ته سو پاڻ سان ئي بخل ٿو ڪري. ۽ خدا ته بي نياز (بادشاھ) آهي ۽ اوهين (سندس) محتاج آهيو. پر جيڪڏهن اوهين (خدا جي حڪم کان) منهن موڙ ڪندو ته خدا اوهان کان سواءِ ٻين کي اوهان جي جاءِ تي آڻيندو ۽ اهي اوهان جهڙا (بخيل) نه هوندا.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found