آچر, 26 مئي 2019 - Sun 05 26 2019

منو

سورت جاثيه

ٽوٽل آيتون: 37

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. حم

  2. هي ڪتاب (قرآن) خدا جي طرفان نازل ٿيو آهي جو غالب (۽) دانا آهي.

  3. بيشڪ آسمان زمين وارن لاءِ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن.

  4. ۽ اوهان جي پيدا ڪرڻ ۾ (به) ۽ جيڪي جانور (زمين تي) پکيڙيا اٿس (تن ۾ به) يقين ڪرڻ وارن لاءِ ڪيئي نشانيون آهن.

  5. پڻ رات ڏينهن جي اچڻ وڃڻ ۾ ۽ خدا آسمان مان جو رزق جو (سبب پاڻي) نازل ڪيو پوءِ ان مان زمين کي مرڻ کان پوءِ جيئرو ڪيو (ان ڳالھ ۾) ۽ هوائن جي بدلائڻ ۾ عقل وارن لاءِ ڪيئي نشانيون آهن.

  6. هي خدا جون آيتون آهن جيڪي تو کي صحيح نموني پڙهي ٻڌايون ٿا. ته پوءِ خدا ۽ سندس آيتن کي ڇڏي ڪهڙي ڳالھ تي اهي ماڻهو ايمان آڻيندا؟

  7. سڀ ڪنهن ڪوڙي گنهگار لاءِ وڏي خرابي آهي.

  8. جو خدا جون آيتون سندس اڳيان پڙهيون وڃن ٿيون ۽ ٻڌي به ٿو ته تڏهين به وڏائي کان (انڪار تي) لڳو رهي ٿو. ڄڻ ته هن انهن (آيتن) کي ٻڌو ئي نه آهي. ته (اي رسول) تون دردناڪ عذاب جي خوش خبري ٻڌائي ڇڏ.

  9. ۽ جڏهن اسان جي آيتن مان ڪنهن آيت جو واقف ٿئي ٿو ته ان تي مسخري ڪري ٿو. اهڙن لاءِ ئي خوار ڪرڻ وارو عذاب آهي.

  10. دوزخ ته انهن جي پٺيان آهي ئي. ۽ جيڪي اهي عمل ڪندا رهيا، نه اهي سندن ڪم ايندا ۽ نه اهي جن کي هنن خدا کان سواءِ (پنهنجا) والي (سرپرست) بنايا هئا. ۽ انهن لاءِ تمام (سخت) عذاب آهي.

  11. هي (قرآن) هدايت آهي ۽ جن ماڻهن پنهنجي پروردگار جي آيتن جو انڪار ڪيو تن لاءِ سخت قسم جو دردناڪ عذاب هوندو.

  12. خدا اهو آهي جنهن سمنڊ کي اوهان جو تابع ڪيو هن لاءِ ته سندس حڪم سان ان ۾ ٻيڙا هلن ۽ هن لاءِ ته سندس فضل (۽ ڪرم) سان روزي تلاش ڪريو ۽ من اوهين شڪر ڪريو.

  13. ۽ جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي تن سڀني کي پنهنجي طرفان اوهان جي ڪم ۾ لاتو اٿس. بيشڪ غور ڪرڻ لاءِ ان (ڳالھ) ۾ خدا جون ڪيئي نشانيون آهن.

  14. (اي رسول) مومنن کي فرمائي ته جي ماڻهو خدا جي ڏينهن (جي سزا لاءِ مقرر آهن) ويساھ نه ٿا رکن تن کان هن لاءِ درگذر ڪن ته اهي جيڪي ڪندا رهن ٿا تنهن جو کين بدلو ڏي.

  15. جنهن چڱو ڪم ڪيو سو پاڻ لاءِ (ڪيو) ۽ جنهن بڇڙو ڪم ڪيو تنهن جو وبال مٿس آهي، وري اوهان کي پنهنجي پالڻهار ڏي موٽايو ويندو.

  16. ۽ بيشڪ اسان بني اسرائيلن کي ڪتاب (توريت) ۽ حڪومت ۽ پيغمبري عطا ڪئي ۽ کين سٺيون سٺيون شيون کاڌي لاءِ ڏنيون ۽ انهن کي سموري جهان تي فضيلت ڏني.

  17. ۽ کين دين جا کليل دليل ڏناسون ته انهن جي ڄاڻڻ کان پوءِ به پاڻ ۾ ضد جي ڪري هڪ ٻئي سان اختلاف ڪيو. (ته پوءِ اهي ماڻهو جن ڳالهين ۾ وڙهي رهيا آهن قيامت ۾ تنهنجو پروردگار انهن ۾ فيصلو ڪندو.

  18. وري (اي رسول) اسان تو کي دين جي هڪ کليل رستي (اسلام) تي قائم ڪيو آهي ته تون ان تي هل! ۽ نادانن جي خواهشن جي پيروي نه ڪر.

  19. اهي ماڻهو خدا جي اڳيان تنهنجي ڪجھ به ڪم نه ايندا ۽ ظالم ماڻهو هڪ ٻئي جا مددگار آهن ۽ خدا ته پرهيزگارن جو مددگار آهي.

  20. هي (قرآن) ماڻهن (جي هدايت) لاءِ دليلن جو مجموعو آهي ۽ يقين ڪرڻ وارن لاءِ (سمورو) هدايت ۽ رحمت آهي.

  21. ڀلا جي ماڻهو بڇڙا ڪم ڪندا رهيا تن هي خيال ڪيو آهي ڇا ته اسين کين انهن جهڙو ڪنداسون جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، ۽ انهن سڀني جو جيئڻ ۽ مرڻ هڪجهڙو ٿيندو! اهي جيڪو حڪم ڪن ٿا سو (ڪهڙو نه) بڇڙو آهي.

  22. ۽ خدا آسمانن ۽ زمين کي پوري تدبير سان پيدا ڪيو آهي ۽ هن لاءِ ته سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جيڪي ڪمايو تنهن جو کيس بدلو ڏنو وڃي ۽ انهن تي (ذرو به) ظلم نه ڪيو ويندو.

  23. ڀلا تو ان شخص کي به ڏٺو! جنهن پنهنجي نفساني خواهشن کي پنهنجو معبود ڪري ورتو آهي ۽ (سندس حالت کي) ڄاڻي واڻي خدا کيس گمراهي ۾ ڇڏي ڏنو آهي پڻ سندس ڪنن ۽ دل تي علامت مقرر ڪري ڇڏي آهي (ته هي ايمان نه آڻيندا) ۽ سندس اکين تي پردو وجهي ڇڏيو آهي ته خدا کان پوءِ ان جي ڪير هدايت ڪري سگهي ٿو ته ڇا اوهين ماڻهو (ايترو به) غور نه ٿا ڪريو.

  24. ۽ چون ٿا ته اهو رڳو اسان جو (هتي) دنيا جو جيئڻ آهي اسين (هتي ئي) مرون ٿا ۽ (هتي ئي) جيئون ٿا ۽ اسان کي رڳو زمانو ماري ٿو هوڏانهن انهن کي ان (ڳالھ) جي ڪا خبر نه آهي اهي رڳو گمان ڪن ٿا.

  25. ۽ جڏهن کين اسان جون چٽيون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته (جواب ۾) هن چوڻ کان سواءِ سندن ٻي ڪا حجت نه هوندي آهي ته جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته اسان جي ابن ڏاڏن کي ته (جيئرو ڪري) آڻيو.

  26. (اي رسول) کين چئو ته الله ئي اوهان کي جيئرو (پيدا) ڪري ٿو ۽ اهو ئي اوهان کي ماري ٿو وري اهو ئي اوهان کي قيامت جي ڏينهن (جنهن جي هجڻ) ۾ ڪنهن قسم جو شڪ نه آهي، گڏ ڪندو پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن.

  27. ۽ آسمانن ۽ زمين جي حڪومت الله جي آهي. ۽ جنهن ڏينهن قيامت قائم ٿيندي تنهن ڏينهن ناحق (تي هلڻ) وارا نقصان پائيندا.

  28. ۽ (اي رسول) تون سڀ ڪنهن امت کي ڏسندين ته (فيصلي جا منتظر ادب سان) ڳوڏن ڀر ويٺا هوندا سڀ ڪنهن امت کي سندن اعمال نامي ڏي سڏيو ويندو جيڪي اوهين ڪندا هئا. تنهن جو اوهان کي بدلو ڏنو ويندو.

  29. هي اسان جو ڪتاب (جنهن ۾ اعمال لکيل آهن) سو اوهان تي سچ ڳالهائي رهيو آهي. جيڪي اوهين (ڪم) ڪندا هئا سي اسين لکائينداسون.

  30. پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي سندن پروردگار پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪندو. اها ئي ظاهر ڪاميابي آهي.

  31. ۽ جن ڪفر اختيار ڪيو (تن کي چونداسون ته) ڇا اوهان کي اسان جون آيتون پڙهي نه ٻڌايون وينديون هيون؟ (ضرور) ته اوهان وڏائي ڪئي ۽ اوهين ڏوهاري قوم هئا.

  32. ۽ جڏهن (اوهان کي) چيو ويندو هو ته خدا جو وعدو سچو آهي ۽ قيامت (جي اچڻ ۾ ڪو شڪ (شبهو) نه آهي ته اوهين چوندا هئا ته اسين ته نه ٿا ڄاڻون ته قيامت ڇا آهي. اسين ته (ان کي) رڳو هڪ خيالي ڳالھ سمجهون ٿا ۽ اسان کي ته ان تي يقين نه ٿو ٿئي.

  33. ۽ سند ڪرتوتن جون برايون مٿن ظاهر ٿينديون ۽ جنهن (عذاب) تي اهي کلندا هئا سو کين (چوڌاري) وڪوڙي ويندو.

  34. ۽ (کين) چيو ويندو ته جيئن اوهان پنهنجي هن ڏينهن جي اچڻ کي وساري ڇڏيو هو تئين اڄ اسان به اوهان کي (پنهنجي رحمت کان ڄاڻي واڻي) ڀلائينداسون ۽ اوهان جي رهڻ جي جاءِ جهنم آهي ۽ ڪو به اوهان جو مددگار نه آهي.

  35. اهو هن ڪري جو اوهان الله جي آيتن تي مسخريون ڪيون ۽ اوهان کي دنيا جي حياتيءَ ڌوڪو ڏنو مطلب ته اڄ اهي نه ان مان ڪڍيا ويندا ۽ انهن کي موقعو ڏنو ويندو ته (توبه ڪري خدا کي راضي ڪن)

  36. پوءِ سڀ ساراھ الله لاءِ ئي آهي جو آسمانن ۽ زمين جو مالڪ آهي (۽) ساري جهانن جو مالڪ (مختار) آهي.

  37. ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ سندس ئي وڏائي آهي ۽ اهو زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found