آچر, 19 مئي 2019 - Sun 05 19 2019

منو

سورت دخان

ٽوٽل آيتون: 59

  1. حم

  2. ظاهر، کليل ڪتاب (قرآن) جو قسم.

  3. اسان هن کي مبارڪ رات (شب قدر) ۾ نازل ڪيو بيشڪ اسين (عذاب کان ڊيڄارڻ وارا هئاسون.

  4. ان رات ۾ سڀئي حڪمت ۽ مصلحت وارا دنياوي (سموري سال جا) ڪم فيصل ڪيا وڃن ٿا.

  5. يعني اسان وٽان حڪم ٿي ڪري . (بيشڪ) اسان ئي (پيغمبرن کي) موڪلڻ وارو آهيون.

  6. اها اوهان جي پالڻهار جي مهرباني آهي بيشڪ اهو ئي ٻڌندڙ (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ آهي.

  7. جو آسمانن ۽ زمين ۽ جو ڪجھ ٻنهي جي وچ ۾ آهي تنهن جو مالڪ آهي. جيڪڏهن اوهين يقين ڪندڙ آهيو (ته ڪريو).

  8. ان کان سواءِ ڪو (به) عبادت جي لائق نه آهي اهو ئي جياري ۽ ماري ٿو. اوهان جو مالڪ ۽ اوهان جي اڳين ابن ڏاڏن جو به مالڪ آهي.

  9. پر اهي ماڻهو ته شڪ ۾ پيل رانديون ڪري رهيا آهن.

  10. ته تون ان ڏينهن جو انتظار ڪر جنهن ڏينهن آسمان مان ظاهر بظاهر دونهون نڪرندو.

  11. (۽) ماڻهن کي ڍڪي ڇڏيندو. اهو دردناڪ عذاب آهي.

  12. (جو ڪافر به گهٻرائجي چوندا ته) اي اسان جا پالڻهار! اسان کان عذاب کي ٽار! اسين ته هينئر ئي ايمان آڻيون ٿا.

  13. (تنهن وقت ڀلا کين ڇا نصيحت ٿيندي؟ جڏهن وٽن پيغمبر اچي چڪا جيڪي کولي پيغام ٻڌائيندا هئا.

  14. تنهن هوندي به انهن منهن موڙ ڪئي ۽ چوندا هئا ته هي (سيکاريل) پڙهايل چريو آهي.

  15. (چڱو خير) اسين ٿورڙي عرصي لاءِ عذاب کي ٽاريون ٿا پر (اسين ڄاڻون ٿا ته) اوهين وري به ضرور ڪفر ڪندو.

  16. اسين ضرور (انهن کان) پورو (پورو) بدلو ته رڳو ان ڏينهن وٺنداسون جنهن ڏينهن وڏي ۾ وڏي پڪڙ ڪنداسون.

  17. ۽ انهن کان اڳ اسان فرعوني قوم کي ضرور آزمايو جو وٽن هڪ عالي قدر پيغمبر موسى آيو.

  18. (جنهن چيو ته) خدا جي بندن (بني اسرائيلن) کي منهنجي حوالي ڪريو. آءُ (خدا جي طرفان) اوهان وٽ هڪ امانت دار پيغمبر آهيان.

  19. ۽ خدا سان سرڪشي نه ڪريو. بيشڪ آءُ اوهان جي اڳيان (پنهنجي پيغمبر هجڻ جي) ظاهر دليل کڻي آيو آهيان.

  20. پڻ هن ڳالھ کان ته: اوهين مون کي سنگسار ڪندو! پنهنجي ۽ اوهان جي پالڻهار (خدا) جي پناھ گهران ٿو.

  21. پر جيڪڏهن اوهان مون تي ايمان نه آندو ته مون کان پاسو ڪريو.

  22. (تڏهين به ستائڻ لڳس) ته موسى پنهنجي پالڻهار کي سڏيو ته هي وڏا شرير ماڻهو آهن.

  23. تڏهن خدا حڪم ڏنو ته تون منهنجن ٻانهن (بني اسرائيلن) کي راتو رات وٺي نڪر (اهي) فرعوني ضرور اوهان جي پٺيان ايندا.

  24. ۽ تون دريا کي پنهنجي حال تي بيٺل ڇڏي (پار هليو) وڃ. (اهي توهان جي پٺيان (ايندا پر) انهن جو سمورو لشڪر غرق ڪيو ويندو.

  25. اهي ماڻهو (الا جي) ڪيترا باغ ۽ چشما،

  26. ۽ کيتون ۽ عمدا نفيس محل ڇڏي ويا.

  27. آرام ۽ (راحت) جون شيون جنهن ۾ اهي عيش عشرت ڪندا هئا.

  28. ائين ئي ٿيو. ۽ اسان انهن سڀني شين جو ٻين ماڻهن کي وارث ڪيو.

  29. ته انهن ماڻهن تي آسمان ۽ زمين کي به روئڻ نه آيو ۽ نه کين مهلت ئي ڏني ويئي.

  30. ۽ اسان بني اسرائيلن کي خواريءَ جي عذاب کان ڇڏايو.

  31. فرعون (جي چنبي) مان اهو بيشڪ سرڪش ۽ حد کان لنگهندڙن مان هو.

  32. ۽ اسان بني اسرائيلن کي سمجهي ڪري ساري دنيا کان پسند ڪيو.

  33. پڻ کين اهڙيون نشانيون ڏنيو هيون جن ۾ (سندن) ظاهر آزمائش هئي.

  34. اهي (مڪي جا ڪافر) مسلمانن کي چون ٿا.

  35. ته اسان کي ته رڳو هڪ ڀيرو مرڻو آهي. ۽ وري اسين ٻيو ڀيرو (جيئرو ڪري) اٿاريا نه وينداسون.

  36. پوءِ جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته (ڀلا) اسان جي ابن ڏاڏن کي ته (جيئرو ڪري) آڻيو.

  37. ڀلا (اهي ڪافر) طاقت ۾) وڌيڪ آهن يا ”تبع“ جي قوم ۾ جيڪي ماڻهو انهن کان اڳ هئا. اسان انهن سڀني کي برباد ڪري ڇڏيو (ڇو ته) اهي بلا شڪ وڏا ڏوهاري هئي.

  38. ۽ اسان آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي تنهن کي (ڪو) راند کيڏيندي نه بنايو آهي.

  39. انهن ٻنهي کي اسان (بلڪل) پوري تدبير سان ئي پيدا ڪيو آهي پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن.

  40. بيشڪ فيصلي (قيامت) جو ڏينهن انهن سڀني (جي ٻيهر جيئري ٿيڻ) جو مقرر (ٿيل) وقت آهي.

  41. جنهن ڏينهن ڪو به دوست ڪنهين دوست جي ڪم نه ايندو ۽ نه انهن جي مدد ڪئي ويندي.

  42. پر جنهن تي خدا رحم فرمائي. بيشڪ اهو سڀ ڪنهن تي غالب (۽) وڏو رحم وارو آهي.

  43. (قيامت ۾) ٿوهر جو وڻ،

  44. ضرور گنهگارن جو کاڌو آهي.

  45. جو پگهريل ٽامي جهڙو پيٽن ۾ گرم آهي.

  46. پاڻي وانگر پيو ٽهڪندو.

  47. (فرشتن کي حڪم ڪبو ته) ان کي پڪڙيو ۽ گهلندا دوزخ جي وچ ۾ هڻوس.

  48. پوءِ ان جي مٿي تي گرم پاڻي جو عذاب وجهوس.

  49. (پوءِ کيس طعني طور چيو ويندو ته) هاڻي مزو چک! (ڇو ته) تون ئي (پنهنجي خيال ۾) وڏي عزت وارو سردار آهين.

  50. هي اهو (دوزخ) ته آهي جنهن ۾ اوهين شڪ ڪندا هئا.

  51. بيشڪ پرهيزگار امن جي جاءِ (يعني)

  52. باغن ۽ چشمن ۾ هوندا.

  53. سنهي ريشم ۽ (ڪڏهين) ٿلهي ريشم جي پوشاڪ پهريل هڪ ٻئي جي سامهون ويٺا هوندا.

  54. اهڙي طرح ئي ٿيندو. ۽ کين وڏين ڪارين اکين وارين سهڻين حورن سان پرڻائينداسون.

  55. اتي بي ڊپا ٿي سڀ قسم جا ميوا (کائڻ لاءِ) گهرائيندا.

  56. اتي پهرئين (دنيا جي) موت کان سواءِ ٻئي موت جي سختي نه سهندا ۽ (خدا) کين دوزخ جي عذاب کان محفوظ رکندو.

  57. (اهو) اوهان جي پروردگار جو فضل آهي، اها ئي ته وڏي ڪاميابي آهي.

  58. سو (اي رسول) ان (قرآن) کي اسان تنهنجيءَ ٻولي ۾ ئي (هن لاءِ) آسان ڪيو آهي ته من اهي نصيحت حاصل ڪن.

  59. ته (نتيجي جو) تون به انتظار ڪر اهي به منتظر آهن.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found