سومر, 20 مئي 2019 - Mon 05 20 2019

منو

سورت زخرف

ٽوٽل آيتون: 89

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. حم

  2. روشن ڪتاب (قرآن) جو قسم آهي ته،

  3. بيشڪ اسان ان کي عربي زبان ۾ قرآن ڪيو آهي ته من اوهين عقل کان ڪم وٺو.

  4. ۽ بيشڪ هي (قرآن) اصلي ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ (به جو) اسان وٽ (آهي لکيل) آهي ۽ پڪ وڏي رتبي جو (۽) حڪمت سان پر آهي.

  5. ڀلا هن ڪري جو اوهين زيادتي ڪندڙ ماڻهو آهيو اسين اوهان کي نصيحت ڪرڻ کان منهن موڙينداسون (ڪڏهن نه!).

  6. ۽ اسان اڳين ماڻهن ۾ ڪيئي پيغمبر موڪليا.

  7. ۽ ڪو به پيغمبر اهڙو انهن وٽ نه آيو جنهن سان انهن ماڻهن ٺٺوليون نه ڪيون هجن.

  8. ته انهن ماڻهن جيڪي وڌيڪ طاقت وارا هئا تن کي اسان هلاڪ ڪري ماريو ۽ (دنيا ۾) اڳين جا افسانا ئي رهجي ويا.

  9. ۽ (اي رسول) جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو ته ضرور چوندا ته انهن کي زبردست (۽) وڏي واقفڪار (خدا) پيدا ڪيو آهي.

  10. جنهن اوهان لاءِ زمين کي وڇاڻو ڪيو ۽ ان ۾ اوهان جي فائدي جي لاءِ رستا ٺاهيا ته من اوهين راھ معلوم ڪريو.

  11. ۽ جنهن آسمان مان (مناسب) اندازي سان مينهن وسايو، پوءِ اسان ئي ان جي (ذريعي) مئل شهر کي زنده (آباد) ڪيو. اهڙي طرح اوهين به (قيامت جي ڏينهن قبرن مان) ڪڍيا ويندا.

  12. ۽ جنهن سڀ قسم جون شيون پيدا ڪيون ۽ اوهان لاءِ اهي ٻيڙيون بنايون ۽ جانور (پيدا ڪيا) جن تي اوهين سوار ٿيو ٿا.

  13. هن لاءِ ته اوهين انهن تي چڙهي وهو ۽ جڏهن انهن تي (چڱي طرح) سڌا ٿي وهو ته پنهنجي پروردگار جو احسان ياد ڪريو ۽ چئو ته اهو (خدا سڀ عيب کان) پاڪ آهي جنهن هن کي اسان جو تابع ڪيو هوڏانهن اسين ته اهڙي (طاقت وارا) نه هئاسون جو اسان جي وس ۾ رهن.

  14. ۽ بيشڪ اسين پنهنجي پالڻهار ڏي موٽڻ وارا آهيون.

  15. ۽ انهن (ڪافرن ته) سندس بندن مان الله جي لاءِ اولاد ٺهرائي آهي. بيشڪ انسان ظاهر ناشڪرو آهي.

  16. ڇا هن پنهنجي مخلوقات مان (پاڻ لاءِ ته) ڌيئرون بنايون ۽ اوهان کي چونڊي پٽ ڏنا.

  17. هوڏانهن انهن مان ڪنهن کي جڏهن ان (ڌي) جي خوش خبري ڏني وڃي ٿي جنهن جو مثال هن خدا جي لاءِ ٻڌايو آهي، ته سندس منهن (ڪاوڙ کان) ڪارو ٿي پوي ٿو ۽ (بدن ۾) پيچ و تاب کائي ٿو.

  18. ڇا اها (عورت) جنهن کي زيور پائي پالجي ٿو ۽ جهيڙي ۾ (چڱيءَ طرح) ڳالهائي به نه سگهي (خدا جي ڌي ٿي سگهي ٿي؟)

  19. ۽ انهن ماڻهن فرشتن کي جو اهي به خدا جا بندا آهن (خدا جون) ڌيئرون مقرر ڪيون آهن. ڇا اهي انهن (ملائڪن) جي پيدائش وقت ڏسي رهيا هئا؟ انهن جي اها شاهدي لکي ويندي ۽ (قيامت ۾) انهن کان پڇيو ويندو.

  20. ۽ چون ٿا ته جيڪڏهن خدا گهري ها ته انهن کي نه پوڄيون ها. انهن کي ان ڳالھ جي ڪا خبر نه آهي، اهي رڳو خيالي ڳالهيون ڪن ٿا.

  21. يا هن کان اڳي اسان کين ڪو ڪتاب ڏنو آهي ڇا! جو تنهن کي مضبوط جهليو ويٺا آهن.

  22. پر اهي چون ٿا ته بيشڪ اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي هڪ طريقي تي ڏٺو ۽ اسين سندن پيروي تي بلڪل ٺيڪ هلي رهيا آهيون.

  23. ۽ (اي رسول) اهڙيءَ طرح تو کان اڳ ڪنهن به ڳوٺ ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ (پيغمبر) اسان نه موڪليو پر ان جي آسودن (ماڻهن) اهو ئي چيو ته اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي هڪ طريقي تي ڏٺو ۽ اسين پڪ انهن جي قدمن تي هلي رهيا آهيون.

  24. (جنهن تي) سندن پيغمبر کين چيو به ته جنهن طريقي تي اوهان پنهنجن ابن ڏاڏن کي ڏٺو پوءِ اگرچ آءُ اوهان وٽ ان کان بهتر طريقو کڻي آيو آهيان (تڏهين به قبول نه ڪندا؟) هنن چيو (ڪجھ به هجي پر) اسين ته ان دين کي جو اوهان کي ڏيئي موڪليو ويو آهي (ڪڏهين به) ڪين مڃينداسون.

  25. ته پوءِ اسان انهن کان (ڪيئن به) بدلو ورتو (پوءِ) ڏسو ته ڪوڙن جي ڪهڙي پڇاڙي ٿي.

  26. (۽ اهو وقت ياد ڪر) جڏهن ابراهيم پنهنجي (رسمي) پيءُ (آذر) ۽ پنهنجيءَ قوم کي چيو ته جن کي اوهين پوڄيو ٿا تن کان آءُ بيزار آهيان.

  27. پر (آءُ ان جي عبادت ڪريان ٿو) جنهن مون کي پيدا ڪيو ته اهو ئي تمام جلد منهنجي هدايت ڪندو.

  28. ۽ ان (ايمان) کي ابراهيم پنهنجي اولاد ۾ هميشه باقي رهڻ واري ڳالھ ڇڏي ويو هن لاءِ ته اهي (خدا ڏي) رجوع ٿين.

  29. پر آءُ انهن کي ۽ سندن ابن ڏاڏن کي فائدو پهچائيندو رهيس تان جو وٽن (دين) حق ۽ صاف صاف ٻڌائڻ وارو رسول آيو،

  30. ۽ جڏهن وٽن (دين) حق آيو ته چوڻ لڳا هيءُ ته جادو آهي ۽ اسين (کيس) هر گز مڃڻ وارا نه آهيون.

  31. ۽ چوڻ لڳا ته هي قرآن هنن ٻن ڳوٺن (مڪي ۽ طائف) مان ڪنهن وڏي ماڻهو تي ڇو نه لاٿو ويو.

  32. ڇا اهي ماڻهو تنهنجي پروردگار جي رحمت کي (پنهنجي مرضي پٽاندر) ورهائڻ چاهين ٿا؟ اسان ته سندن روزي انهن ۾ دنيا جي حياتيءَ ۾ ورهائي ڇڏي آهي ۽ اسان انهن مان هڪڙن جا درجا ٻين کان بلند ڪيا آهن ته انهن مان هڪڙا ٻين کان خدمت وٺن ۽ جيڪا (دولت) اهي گڏ ڪن ٿا تنهن کان تنهنجي پالڻهار جي رحمت (پيغمبر) گهڻو بهتر آهي.

  33. ۽ جيڪڏهن اها ڳالھ نه هجي ها جو (نيٺ ته) سڀ ماڻهو هڪڙي ئي طريقي تي ٿيندا ته اسين انهن لاءِ جيڪي خدا کان انڪار ڪن ٿا تن جي گهرن جون ڇتيون چاندي جون ڪريون ها ۽ اهي ڏاڪڻيون (به) جن تي ڇڙهن (لهن) ٿا.

  34. پڻ سندن گهرن جا دروازا ۽ اهي پلنگ جن تي ٽيڪ لڳائي وهن ٿا.

  35. ۽ (تنهن کان سواءِ) سون به، اهو (سامان وغيره) رڳو دنيا جي حياتيءَ جو سامان آهي. (جو فنا ٿي ويندو) ۽ آخرت (جو سامان) ته تنهنجي پروردگار وٽ خاص پرهيزگارن جي لاءِ آهي.

  36. ۽ جيڪو خدا جي ياد کان انڌو بنجي ٿو اسين (ڄڻ ته) تنهن لاءِ هڪ شيطان مقرر ڪري ڇڏيون ٿا جو اهو ئي سندس (هر دم ويجهو ساٿي) ٿي رهي ٿو.

  37. ۽ اهي (شيطان) انهن کي (خدا جي) راھ کان روڪيندا رهن ٿا (۽) تنهن هوندي به اهي ان خيال ۾ آهن ته اهي پڪ سڌي راھ تي آهن.

  38. تان جو جڏهن (اهو ماڻهو قيامت ۾) اسان وٽ ايندو ته (شيطان کي ڏسي) چوندو ته افسوس! جيڪر منهنجيءَ تنهنجي وچ ۾ اوڀر ۽ اولھ جيتري وٿي هجي ها (ته چڱو) مطلب ته (شيطان) بڇڙو سنگتي آهي.

  39. ۽ جڏهن اوهان نافرمانيون ڪري چڪو ته (شيطان سان گڏ) اوهان جو عذاب ۾ گڏ هجڻ به اڄ اوهان کي عذاب جي گهٽڻ ۾ ڪوئي فائدو پهچائي نه ٿو سگهي.

  40. ته ڇا (اي رسول) تون پوءِ ٻوڙن کي ٻڌائي سگهين ٿو يا انڌن کي ۽ جيڪي ظاهر گمراهيءَ ۾ آهن تن کي راھ ڏيکاري سگهين ٿو (هرگز نه)؟

  41. پوءِ جيڪڏهن تو کي (هن جهان مان) کڻي وڃون تڏهين به انهن کان بدلو وٺڻ ضروري آهي.

  42. يا (پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي) جنهن عذاب جو اسان انهن سان وعدو ڪيو آهي تو کي ڏيکاريون. اسين ته انهن تي هر طرح قدرت رکون ٿا.

  43. پوءِ (اي رسول) جيڪو تو ڏي وحي ڪيو ويو آهي تنهن کي مضبوط پڪڙ بيشڪ تون سڌي رستي تي آهين.

  44. ۽ اهو (قرآن) تو لاءِ تنهنجي قوم لاءِ نصيحت آهي ۽ جلد ئي اوهان کان (ان) بابت پڇيو ويندو.

  45. ۽ اسان تو کان اڳ ۾ پنهنجا جيترا (به) رسول موڪليا آهن تن سڀني کان پڇ. ڇا اسان خدا کان سواءِ ٻيا معبود بنايا هئا جن جي عبادت ڪئي وڃي؟

  46. ۽ اسان ئي بيشڪ موسى کي پنهنجي (قدرت جون) نشانيون ڏئي ۽ فرعون ۽ ان جي دربارين ڏي (پيغمبر بنائي) موڪليو هو ته موسى چيو ته آءُ سموري جهان جي پروردگار (خدا) جو رسول آهيان.

  47. پوءِ موسى جڏهن انهن وٽ اسان جا معجزا وٺي آيو ته ان ئي وقت اهي انهن معجزن تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا.

  48. ۽ اسان کين جيڪا به نشاني ڏيکاري ٿي سا اڳين کان گهڻو وڏي هئي. ۽ نيٺ اسان کين عذاب ۾ پڪڙيو هن لاءِ ته اهي باز اچن.

  49. ۽ (جڏهن عذاب ۾ گرفتار ٿيا ته موسى کي) چوڻ لڳا: اي جادوگر! ان وعدي جي مطابق جو تنهنجي پالڻهار تو سان ڪيو آهي اسان لاءِ دعا گهر (جيڪڏهن ڇٽاسون ته) اسين ضرور راھ تي اينداسون.

  50. وري جڏهن اسان انهن تان عذاب کي ٽاريو ته انهن يڪدم (پنهنجو ڪيل) انجام ٽوڙي ڇڏيو.

  51. ۽ فرعون پنهنجن ماڻهن کي سڏي چيو اي منهنجي قوم! ڇا (هي) ملڪ مصر اسان جو نه آهي ۽ ڇا هي واھ جيڪي اسان جي (شاهي محل جي) هيٺان وهن ٿا (اسان جا نه آهن؟) ته ڇا اوهان کي ايترو به نه ٿو سمجهي؟

  52. يا (سجهيو ٿو ته) آءُ هن شخص (موسى) کان جو بلڪل هڪ ذليل ماڻهو آهي ۽ (ٻاتائڻ سبب) صاف ڳالهائي به نه ٿو سگهي، ڪيترو نه چڱو آهيان؟

  53. (پر جيڪڏهن اهو وڌيو چڱو آهي) ته ان لاءِ سونا ڪنگڻ (خدا وٽان) ڇو نه لاٿا ويا يا (وري) ان سان فرشتا گڏ ٿي اچن ها.

  54. مطلب ته فرعون (اهڙن ڳالهين ڪرڻ سان) پنهنجي قوم کي بيوقوف بنايو ۽ انهن سندس فرمان برداري ڪئي. بيشڪ اهي ماڻهو بدڪار ته هئا ئي.

  55. پوءِ جڏهن اسان کي ڪاوڙيائون ته اسان انهن کان بدلو ورتو پوءِ انهن سڀني کي ٻوڙيوسون.

  56. پوءِ کين هيو نه هيو ڪري ڇڏيون ۽ پوين لاءِ عبرت بنايوسون.

  57. ۽ (اي رسول) جڏهن مريم جي پٽ (عيسى) جو مثال بيان ڪيو ويو ته تنهن وقت تنهنجي قوم ان (جي ٻڌڻ) سان ٺٺوليون ڪرڻ لڳي.

  58. ۽ چوڻ لڳا ته ڀلا اسان جا معبود چڱا آهن يا هو (عيسى) اها ڳالھ تو وٽ رڳو جهڳڙي لاءِ بيان ڪئي اٿن ڳالھ هي آهي ته اهي جهڳڙالو ماڻهو آهن.

  59. عيسى رڳو هڪ عبد آهي جنهن تي اسان احسان ڪيو (نبي ڪيو ۽ کيس معجزا عطا ڪيا) کيس ۽ بني اسرائيلن لاءِ پنهنجي (قدرت جو) نمونو بنايو.

  60. ۽ جيڪڏهن اسين گهرون ته اوهان مان (ڪنهن کي) فرشتا بنايون جيڪي زمين ۾ اوهان جي جاءِ تي رهن ها.

  61. ۽ هو عيسى ته يقينا قيامت جي هڪ ظاهر نشاني آهي توهين ان ۾ ڪڏهن به شڪ نه ڪريو ۽ منهنجي پيروي ڪريو اهو ئي سڌو رستو آهي.

  62. ۽ (ائين ئي ٿئي جو) شيطان اوهان کي (ان راھ کان) روڪي. بيشڪ اهو اوهان جو ظاهر دشمن آهي.

  63. ۽ جڏهن عيسى ظاهر نشانيون (معجزا) کڻي آيو ته (ماڻهن کي) چيائين ته آءُ اوهان ڏي دانائپ (جو ڪتاب) کڻي آيو آهيان ۽ هن لاءِ (آيو آهيان) ته ڪجھ ڳالهيون جن ۾ اوهين اختلاف ڪريو ٿا سي اوهان کي سمجهايان. ته اوهين خدا (جي غضب) کان ڊڄو ۽ منهنجو چيو مڃو.

  64. بيشڪ خدا ئي منهنجو ۽ اوهان جو پاليندڙ آهي. ته پوءِ ان جي عبادت ڪريو. اهو ئي سڌو رستو آهي.

  65. ته انهن مان ڪيترا ئي فرقا (ان سان) اختلاف ڪرڻ لڳا. پوءِ جن ماڻهن ظلم ڪيو تن لاءِ درد ناڪ ڏينهن جي عذاب جي وڏي خرابي آهي.

  66. ڇا اهي رڳو قيامت جو انتظار ٿا ڪن ته مٿن اوچتي اچي ۽ کين خبر به نه پوي.

  67. ان ڏينهن (متقي) پرهيزگارن کان سواءِ (ٻيا سڀ) دوست هڪ ٻئي جا دشمن هوندا.

  68. (پرهيزگارن کي چونداسون ته) اي منهنجا ٻانهو! اڄ اوهان کي نه ڪو ڊپ آهي ۽ نڪي غمگين (ئي) ٿيندو.

  69. (اهي) اهي ٻانها هوندا جن اسان جي آيتن تي ايمان آندو ۽ فرمانبردار هئا.

  70. ته اوهين ۽ اوهان جون زالون جنت ۾ داخل ٿيو. اوهان کي وڏي عزت سان خوش رکيو ويندو.

  71. انهن لاءِ سون جون رڪيبون ۽ پيالن جو دور هوندو ۽ جنهن به شي جي (انهن جا) نفس خواهش ڪندا ۽ جنهن کان اکين کي مزو اچي (سڀ موجود آهن) ۽ اوهين تنهن ۾ هميشه رهندو.

  72. پڻ اها جنت جنهن جا اوهين وارث (حقدار) ڪيا ويا آهيو سو اوهان جي نيڪ ڪمن جو صلو آهي.

  73. اتي اوهان لاءِ تمام گهڻا ميوا آهن جن مان اوهين کائيندو.

  74. بيشڪ ڏوهاري دوزخ جي عذاب ۾ پيا رهندا.

  75. انهن تان (عذاب ڪڏهين به) هلڪو نه ڪيو ويندو ۽ اهي ان ۾ نا اميد ٿي رهندا.

  76. ۽ اسان انهن تي ڪو به ظلم نه ڪيو پر اهي پاڻ تي ظلم ڪندا رهيا ٿي.

  77. ۽ (دوزخي) پڪاريندا ته اي مالڪ! (دوزخ جا داروغا ڪا اهڙي تدبير ڪر جو) تنهنجو پالڻهار اسان کي موت ڏئي اهو چوندن ته اوهان کي ان ئي حالت ۾ رهڻو آهي.

  78. (اي مڪي جا ڪافرو!) اسين ته اوهان وٽ حق کڻي آيا آهيون پر اوهان مان ڪيترائي ماڻهو حق (سچ) کان ڪراهت ڪن ٿا.

  79. ڇا انهن ماڻهن کا رٿ رٿي آهي؟ اسان به ڪجھ رٿيو آهي.

  80. يا (ائين آهي ڇا ته) اهي خيال ٿا ڪن ته اسين سندن ڳجهيون ڳالهيون ۽ سندن راز نه ٿا ٻڌون. ائين نه آهي (اسين ضرور ٻڌون ٿا) ۽ اسان جا موڪليل فرشتا وٽن آهن جي سڀ ڪجھ لکن ٿا.

  81. (اي رسول) تون چوين ته جيڪڏهن خدا جي ڪا اولاد هجي ها ته آءُ سڀني مان پهريون (سندس) عبادت لاءِ تيار آهيان.

  82. اهي ماڻهو جيڪي بڪواس ڪن ٿا ته آسمانن ۽ زمين جو پالڻهار عرش جو مالڪ (خدا) تنهن (ڳالھ) کان پاڪ (صاف) آهي.

  83. ۽ تون کين ڇڏي ڏي ته پيا بڪواس ڪندا وتن ايستائين جو جنهن ڏينهن جو کين وعدو ڪيو ويو آهي سو سندن سامهون اچي پوي.

  84. ۽ آسمان ۾ به سندس عبادت ڪئي وڃي ٿي ۽ (اهو ئي) زمين ۾ به معبود آهي. ۽ اهو ئي حڪمت وارو (۽ سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ آهي.

  85. ۽ اهو ئي وڏي برڪت وارو آهي جنهن جي لاءِ آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي، حڪومت آهي. پڻ قيامت (جي ٿيڻ) جي به خبر کيس ئي آهي. ۽ اوهين ان (جي بارگاھ) ڏي موٽايا ويندو.

  86. ۽ خدا کان سواءِ اهي ماڻهو جن جي عبادت ڪن ٿا سي ته سفارش جو به اختيار نه ٿا رکن. پر (هاءُ) جيڪي ماڻهو سمجهي سوچي حق ڳالھ (توحيد) جي شاهدي ڏين.

  87. ۽ جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته کين ڪنهن پيدا ڪيو آهي؟ ته ضرور چوندا ته الله تعالى ته پوءِ (ان هوندي به) اهي ڪيئن ابتا وڃن ٿا.

  88. ۽ ان کي رسول جي هن چوڻ جي به خبر آهي ته اي منهنجا پالڻهار! هي اهڙي قوم آهي جي ايمان نه آڻيندا.

  89. ته تون انهن کان منهن موڙ (ڪري ڇڏ) ۽ چوين (ته اوهان کي) سلام. پوءِ کين جلد ئي (ان شرارت جو نتيجو) معلوم ٿي ويندو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found