جمع, 19 جولاءِ 2019 - Fri 07 19 2019

منو

سورت شوريٰ

ٽوٽل آيتون: 53

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. حم

  2. عسق

  3. (اي رسول) اهڙيءَ طرح زبردست (۽) حڪمت وارو الله تو ڏي ۽ انهن (پيغمبرن) ڏي جيڪي تو کان اڳ هئا وحي موڪلي ٿو.

  4. ۽ جيڪي آسمان ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي (مطلب ته سڀ ڪجھ) سندس ئي آهي. ۽ اهو ئي (ته وڏو) عاليشان (۽) بزرگ آهي.

  5. (انهن جي ڳالهين کان) آسمان (سندس هيبت سبب) پنهنجي مٿان ڦاٽي نه پون ۽ فرشتا ته پنهنجي پروردگار جي حمد سان گڏ (سندس) پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ جيڪي زمين ۾ آهن تن لاءِ معافي گهرن ٿا. ياد رکو! بيشڪ خدا ئي معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.

  6. ۽ جن ماڻهن خدا کي ڇڏي ٻيا (ڪيئي) پنهنجا سرپرست بنايا آهن تن جي خدا نگراني ڪري رهيو آهي ۽ (اي رسول) تون سندن ذميوار نه آهين.

  7. ۽ اهڙي طرح اسان تو ڏي عربي زبان ۾ قرآن هن ڪري موڪليو ته تون مڪي وارن ۽ ان جي آس پاس وارن کي ڊيڄارين ۽ (کين) قيامت جي ڏينهن کان ڊيڄارين جنهن (جي اچڻ) ۾ ڪو شڪ (شبهو) نه آهي. ان ڏينهن هڪ فرقو (مڃڻ وارو ته) بهشت هوندو ۽ ٻي جماعت دوزخ ۾.

  8. ۽ جيڪڏهن خدا گهري ها ته انهن سڀني کي هڪ ئي گروھ بنائي ها. پر اهو ته جنهن کي گهري ٿو (هدايت) ڪري پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪري ڇڏي ٿو ۽ ظالمن جو ته (ان ڏينهن) ته ڪوئي يار آهي ۽ نه مددگار.

  9. ڇا انهن ماڻهن خدا کان سواءِ (ڪي ٻيا) مددگار بنايا آهن) مددگار ته رڳو الله ئي آهي ۽ اهو ئي مئلن کي جيئرو ڪري ٿو ۽ اهو ئي هر شي تي قدرت رکندڙ آهي.

  10. ۽ اوهان جنهن ڪم جو پاڻ ۾ اختلاف ڪيو آهي ان جو فيصلو الله جي حوالي آهي. اهو الله منهنجو پالڻهار آهي. مون مٿس ڀروسو ڪيو ۽ ان ڏي ئي رجوع ٿيان ٿو.

  11. (اهو ئي) آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آهي. ان ئي اوهان لاءِ اوهان (جي جنس) مان جوڙا (زالون) ۽ جانورن مان به جوڙا پيدا ڪيا اٿس. اهڙي طرح ڪرڻ سان اوهان کي پکيڙي ٿو. ان جو ڪير مٽ نه آهي. ۽ اهو ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي.

  12. آسمان ۽ زمين جون ڪنجيون ان وٽ ئي آهن. جنهن لاءِ گهري ٿو تنهن جي روزي ڪشادي ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ گهري ٿو تنهن جي) تنگ ڪري ٿو. بيشڪ اهو سڀ ڪنهن شي کي ڄاڻندڙ آهي.

  13. هن اوهان جي لاءِ دين جو اهو رستو مقرر ڪيو جنهن (تي هلڻ) جو نوح کي حڪم ڏنل هو ۽ (اي رسول) اهو ئي اسان تو ڏي وحي ڪيو آهي ۽ جنهن جو اسان ابراهيم ۽ موسى ۽ عيسى کي حڪم ڪيو (اهو) هي (آهي) ته دين کي قائم رکجو ۽ ان ۾ تفرقو نه وججهو. جنهن دين طرف تون مشرڪن کي سڏين ٿو اها (ڳالھ) کين ڏاڏي ڏکي لڳي ٿي. خدا جنهن کي گهري ٿو تنهن کي پنهنجي بارگاھ جو برگزيده ڪري وٺي ٿو ۽ جو ان ڏي رجوع ٿئي ٿو تنهن کي پاڻ ڏي (پهچڻ جو) رستو ڏيکاري ٿو.

  14. ۽ اهي ماڻهو ڌار ڌار ٿيا به ته علم (حق) اچڻ کان پوءِ ۽ (سو به) رڳو پاڻ ۾ ضد جي ڪري ۽ (اي رسول) جيڪڏهن تنهنجي پروردگار (جي طرف) کان مقرر مدت تائين (قيامت جو وعدو نه ٿيل هجي ها) ته سندن فيصلو ڪڏهن جو ٿي وڃي ها ۽ بيشڪ جن کي انهن کان پوءِ (خدا جي) ڪتاب جو وارث ڪيو ويو تن بابت اهي وڏي شڪ ۾ (پيل) آهن.

  15. پوءِ (اي رسول) تون (ماڻهن کي) ان (دين) ڏي سڏيندو رھ (ان تي) قائم رھ جيئن تو کي حڪم ڪيو ويو آهي ۽ انهن جي خواهشن جي تابعداري نه ڪج ۽ (صاف کولي) ٻڌائين ته جو ڪتاب خدا نازل ڪيو آهي تنهن تي آءُ ايمان رکان ٿو پڻ مون کي حڪم ٿيو آهي ته آءُ اوهان جي (اختلافن جي) وچ ۾ انصاف (سان فيصلو) ڪريان الله ئي اسان جو پالڻهار آهي اسان جا ڪم اسان لاءِ آهن ۽ اوهان جا ڪم اوهان لاءِ آهن اسان ۾ ۽ اوهان ۾ ته ڪا حجت (يا تڪرار جي ڪا ضرورت) نه آهي. الله ئي اسان سڀني کي (قيامت ۾) گڏ ڪندو ۽ ان ڏي ئي موٽڻو آهي.

  16. ۽ جيڪي خدا (جي دين) ۾ جهڳڙو ڪن ٿا هن کان پوءِ جو ان کي قبول ڪيو ويو آهي تن جي حجت سندن پالڻهار وٽ باطل آهي ۽ انهن تي (خدا جو) غضب ۽ انهن لاءِ سخت عذاب آهي.

  17. الله ئي ته آهي جنهن حق (سچ) سان ڪتاب نازل ڪيو ۽ عدل ۽ انصاف به نازل ڪيو. ۽ تو کي ڪهڙي خبر ته متان اها قيامت ويجهي هجي (پوءِ غفلت ڇو؟)

  18. ۽ جيڪي ان تي ايمان نه ٿا رکن سي ان (قيامت) جي جلد اچڻ جي گهر ڪن ٿا. ۽ جيڪي ايمان رکن ٿا سي ان کان ڊڄندڙ آهن. خبردار! جيڪي ان (قيامت جي اچڻ) ۾ شڪ ڪن ٿا سي وڏي گراهي ۾ آهن.

  19. خدا پنهنجن بندن (جي حال) تي وڏو مهربان آهي جنهن کي (جيتري) روزي چاهي ٿو ڏئي ٿو. ۽ اهو ئي طاقت وارو (۽) زبردست آهي.

  20. جو شخص آخرت جي کيتي چاهي ٿو تنهن لاءِ سندس کيتيءَ ۾ واڌارو ڪريون ٿا ۽ جيڪو دنيا جي کيتي چاهي ٿو تنهن کي ان مان ڪجھ ڏيون ٿا پر ان لاءِ آخرت ۾ ڪو حصو نه آهي.

  21. ڇا انهن ماڻهن جا (بنايل) اهڙا شريڪ آهن جن انهن لاءِ اهڙو دين مقرر ڪيو آهي جنهن جي خدا اجازت نه ڏني آهي. ۽ جيڪڏهن فيصلي ڪرڻ (جي ڏينهن) جو وعدو نه هجي ها ته انهن جي وچ ۾ يقينا (هاڻي ئي) فيصلو ٿي وڃي ها ۽ ظالمن لاءِ بيشڪ دردناڪ عذاب آهي.

  22. (قيامت جي ڏينهن) ڏسندين ته ظالم ماڻهو پنهنجي ڪرتوتن (جي خوف) ڪري ڊڄندا هوندا ۽ اهو (عذاب) مٿن پوندو. ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي بهشتن جي باغن ۾ هوندا جيڪي گهرندا سو انهن لاءِ سندن پالڻهار وٽ هوندو. اهو ئي ته _خدا جو) وڏو فضل (۽ ڪرم) آهي.

  23. اهو ئي اهو (انعام) آهي جنهن جي خدا پنهنجن انهن بندن کي خوش خبري ڏئي ٿو جن ايمان آندو ۽ نيڪ ڪم ڪندا رهيا. (اي رسول! کين) چئو ته آءُ هن (تبليغ رسالت) جو پنهنجي قرابت دارن (اهل بيت) جي محبت کان سواءِ اوهان کان ڪو به اجر نه ٿو گهران ۽ جو شخص نيڪي حاصل ڪندو اسين ان لاءِ سندس ان نيڪيءَ ۾ واڌارو ڪنداسون. بيشڪ خدا وڏو بخشڻهار قدردان آهي.

  24. ڇا اهي ماڻهو (تنهنجي نسبت) چون ٿا ته هن رسول خدا تي ڪوڙ بهتان ٻڌو آهي ته جيڪڏهن (ائين هجي ها ته) خدا گهري ها تنهنجيءَ دل تي مهر هڻي ڇڏي ها (جو تون ڳالهائي نه سگهين ها) ۽ خدا ته ڪوڙ مٽائي ٿو ۽ پنهنجن ڳالهين سان حق کي ثابت ڪري ٿو. بيشڪ اهو سينن جي راز کان به چڱي طرح واقف آهي.

  25. ۽ هو اهو آهي جو پنهنجن ٻانهن جي توبه قبول ڪري ٿو ۽ گناهن کي معاف ڪري ٿو ۽ جيڪي ڪريو ٿا تنهن کي ڄاڻي ٿو.

  26. ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن جي دعا قبول ڪري ٿو ۽ انهن کي پنهنجي فضل (۽ ڪرم) مان زياده ڏئي ٿو ۽ ڪافرن لاءِ ئي سخت عذاب آهي.

  27. ۽ جيڪڏهن خدا پنهنجن ٻانهن جي روزي ڪشادي ڪري ته اهي زمين ۾ ضرور سرڪشي ڪن ها پر هو ته جيڪي چاهي ٿو تنهن کي اندازي سان روزي نازل ڪري ٿو. بيشڪ خدا پنهنجن ٻانهن جي پوري خبر رکندڙ ڏسندڙ آهي.

  28. ۽ هو اهو آهي جو ماڻهن جي نا اميد ٿيڻ کان پوءِ مينهن وسائي ٿو ۽ پنهنجي رحمت پکيڙي ٿو ۽ اهو ئي ڪارساز (۽) حمد ۽ ثنا جو لائق آهي.

  29. ۽ سندس قدرت جي نشانين مان آسمانن ۽ زمين ۾ پيدا ڪرڻ ۽ جاندار پڻ ان (خدا) زمين ۽ آسمان ۾ ڦهلايا آهن ۽ جڏهن گهري انهن جي گڏ ڪرڻ تي (به) قادر آهي.

  30. ۽ جا مصيبت اوهان کي پهچي ٿي سا اوهان جي پنهنجي هٿن جي ڪرتوتن سان ۽ (تنهن هوندي به) اهو گهڻو ڪجھ معاف ڪندڙ آهي.

  31. ۽ اوهين ماڻهو زمين ۾ (رهي ڪري ته خدا کي) ڪنهن طرح عاجز ڪري نه ٿا سگهو ۽ خدا کان سواءِ ته اوهان جو نه ڪو سرپرست آهي ۽ نه مددگار.

  32. ۽ ان جي (قدرت جي) نشانين مان سمنڊ ۾ (هلڻ وارا بادباني) جهاز آهن جي ڄڻ ته جبل آهن.

  33. جيڪڏهن خدا گهري ها ته هوا کي بيهاري ڇڏي ته جهاز به سمنڊ جي سطح تي بيهي رهن. بيشڪ ان ۾ سڀ ڪنهن صبر ڪندڙ شڪر ڪندڙ لاءِ (خدا جي قدرت جون) نشانيون آهن،

  34. يا (جيڪڏهن گهري ته) ٻيڙين کي سندن (بد) اعمالي جي ڪري برباد ڪري ڇڏي ۽ اهو گهڻو ڪجھ معاف ڪري ٿو.

  35. ۽ جيڪي ماڻهو اسان جي نشانين ۾ (اجايو) جهڳڙو ڪن ٿا سي ڇڱي طرح ياد رکن ته کين ڪنهن طرح (به عذاب کان) ڇوٽڪارو ڪونهي.

  36. (انسانو!) اوهان کي ته جو ڪجھ (مال متاع ڏنو ويو آهي سو (رڳو) دنيا جي حياتيءَ جو (ٻن ٽن ڏينهن) جو ساز سامان آهي ۽ جو ڪجھ خدا وٽ آهي اهو گهڻو چڱو آهي ۽ پائدار آهي (پر اها نعمت) خاص انهن ماڻهن لاءِ آهي جن ايمان آندو ۽ پنهنجي پالڻهار تي ڀروسو ڪن ٿا.

  37. ۽ جي شخص وڏن گناهن ۽ بيحيائي جي ڳالهين کان پاڻ کي بچائيندا رهن ٿا ۽ جڏهين ڪاوڙجن ٿا ته معاف ڪري ڇڏين ٿا.

  38. ۽ جي پنهنجي پروردگار جو حڪم مڃين ٿا ۽ نماز پڙهن ٿا ۽ انهن جا سڀ ڪم پاڻ ۾ مشورو ڪرڻ سان هوندا آهن ۽ جيڪي اسان کين ڏنو آهي تنهن مان (خدا جي راھ) ۾ ڏين ٿا.

  39. ۽ (اهي اهڙا آهن جو) جڏهن مٿن (ڪا) زيادتي ٿئي ٿي ته اهو رڳو واجبي بدلو وٺندا آهن.

  40. ۽ برائيءَ جو بدلو ان جهڙي ٻئي برائي آهي. تنهن هوندي به جو شخص معاف ڪري ڇڏي ۽ (معاملي کي) ٺاهي ڇڏي ته ان جو ثواب خدا جي ذمي آهي. بيشڪ اهو ظلم ڪرڻ وارن کي پسند نه ٿو ڪري.

  41. ۽ جنهن تي ظلم ڪيو ويو هجي جيڪڏهن ان کان پوءِ بدلو (يا انتقام) وٺي ته اهڙن ماڻهن تي ڪو به الزام ڪونهي.

  42. الزام ته رڳو انهن ماڻهن تي آهي جي ماڻهن تي ظلم ڪن ٿا ۽ روءِ زمين تي ناحق زيادتيون ڪندا وتن ٿا. انهن ماڻهن لاءِ ئي دردناڪ عذاب آهي.

  43. ۽ جو صبر ڪري ۽ قصور معاف ڪري ڇڏي ته بيشڪ اهي وڏي حوصلي جا ڪم آهن.

  44. ۽ جنهن کي خدا گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڏئي تنهن کان پوءِ ان جو ڪو به سرپرست نه آهي. ۽ تون ظالمن کي ڏسندين ته جڏهن (دوزخ جو) عذاب ڏسندا ته چوندا ڀلا (دنيا ۾) وري موٽڻ جي ڪا واھ آهي.

  45. ۽ تون کين ڏسندين ته دوزخ جي سامهون آندا ويا آهن تڏهن ذلت (خواريءَ) جي وگهي جهڪيل هوندا. ۽ ڪن اکين سان پيا ڏسندا هوندا ۽ مومن چوندا ته حقيقت ۾ اهي ئي وڏي نقصان ۾ آهن جن قيامت جي ڏينهن پنهنجو پاڻ کي ۽ پنهنجي گهروارن کي (اهڙي خساري ۾ وڌو. ڏسو (ڏسو) ظلم ڪرڻ وارا (ائين ئي) دائمي عذاب ۾ رهندا.

  46. ۽ خدا کان سواءِ ته انهن جا ڪي سرپرست ئي هوندا جو سندن مدد لاءِ اچن ۽ جنهن کي خدا گمراهي ۾ ڇڏي ڏي ته تنهن جي لاءِ (هدايت جي) ڪا واٽ نه آهي.

  47. (اي انسانو!) ان ڏينهن جي اچڻ کان اڳ ۾ جيڪو خدا جي طرف ايندو جو ڪنهن طرح (ٽارڻ سان) نه ٽرندو پنهنجي پروردگار جو چوڻ مڃيو (ڇو ته) ان ڏينهن نه اوهان کي ڪا پناھ جي جڳھ ملندي ۽ نه وري اوهين (گناهن جو) انڪار ئي ڪري سگهندو.

  48. پوءِ جيڪڏهن منهن ڦيرين ته (اي رسول) اسان تو کي مٿن نگهبان بنائي ته نه موڪليو آهي. تو تي رڳو (حق سچ جو) پيغام پهچائڻو آهي. جڏهن اسين انسانن کي پنهنجي رحمت جو مزو چکايون ٿا ته اهو تنهن سان خوش ٿئي ٿو ۽ جيڪڏهن کيس سندس هٿين ڪيل بدڪارين سبب ڪا تڪليف پهچي ٿي (سڀ احسان وساري ڇڏي ٿو) بيشڪ انسان وڏو ناشڪرو آهي.

  49. سڀني آسمانن ۽ زمين جي حڪومت خاص خدا جي لاءِ ئي آهي جيڪي گهري ٿو سو پيدا ڪري ٿو. (۽) جنهن لاءِ گهري ٿو (رڳو) ڌيئرون ڏئي ٿو ۽ جنهن کي گهري ٿو (فقط) پٽ (ئي پٽ) ڏي ٿو.

  50. يا کين پٽ ۽ ڌيئرون (اولاد جا) ٻئي قسم عنايت فرمائي ٿو ۽ جنهن کي گهري ٿو سنڍ ڪري ڇڏي ٿو. بيشڪ اهو وڏو ڄاڻندڙ قدرت وارو آهي.

  51. ۽ ڪنهن ماڻهو لاءِ هيءَ ڳالھ ٿيڻي نه آهي ته خدا ان سان ڳالهائي سواءِ وحي جي (جيئن دائود) يا پردي جي پٺيان (جيئن موسى) يا ڪو فرشتو موڪلي (جيئن آنحضرت) مطلب ته اهو پنهنجي اختيار سان جيئن گهري اهو وڏي شان (شوڪت ۽) حڪمت وارو آهي.

  52. ۽ (اي رسول!) اهڙي طرح اسان تو ڏي روح (قرآن) تنهنجي طرف وحي ذريعي موڪليو. تون نه ته ڪتاب کي ئي ڄاڻندو هئين ته ڇا آهي؟ ۽ نه ايمان کي پر (اسان) هن قرآن کي هڪ نور بنايو آهي جنهن سان پنهنجن ٻانهن مان جنهن کي گهرون ٿا تنهن کي رستو ڏيکاريون ٿا. ۽ بيشڪ (اي رسول! تون ماڻهن کي) سڌي راھ ڏيکارين ٿو.

  53. (يعني) ان الله جي راھ جو جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو سندس آهي. ياد رکو! سڀ ڪم الله ڏي ئي موٽن ٿا (۽ اهو ئي فيصلو ڪندو).

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found