اڱارو, 16 جولاءِ 2019 - Tue 07 16 2019

منو

سورت حم (فصلت)

ٽوٽل آيتون: 54

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. حم

  2. (هي ڪتاب) وڏي مهربان نهايت رحم واري جي طرفان نازل ڪيل آهي.

  3. هي (اهو) ڪتاب عربي (زبان ۾) قرآن آهي جنهن جون آيتون سمجھ وارن لاءِ کولي بيان ڪيون ويون آهن.

  4. (نيڪن کي) خوش خبري ٻڌائيندڙ ۽ (بدڪارن کي) ڊيڄاريندڙ آهي تڏهن به انهن مان گهڻن منهن موڙيو ۽ ٻڌن ئي نه ٿا.

  5. ۽ چوڻ لڳا ته جنهن (ڳالھ) ڏي تون اسان کي سڏين ٿو تنهن کان (ته) اسان جون دليون پردي ۾ آهن (جو دل کي نه ٿي لڳي) ۽ اسان جي ڪنن ۾ ٻوڙائي آهي (جو ڪجھ به ٻڌون نه ٿا) ۽ اسان جي ۽ تنهنجي وچ ۾ هڪ آڙ (پيل) آهي ته تون پنهنجو ڪم ڪر اسين (پنهنجو) ڪم ٿا ڪريون.

  6. (اي رسول! کين) فرمائي ته آءُ به (شڪل شباهت ۾) اوهان جهڙو آهيان (پر فرق هي آهي ته) مون ڏي وحي ڪيو وڃي ٿو ته اوهان جو معبود (رڳو اهو ئي) اڪيلو خدا آهي، ته پوءِ ان ڏي توجه ڌريو! ۽ ان کان معافي گهرو! ۽ (ٻين کي ساڻس) شريڪ ٺهرائيندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي.

  7. جيڪي زڪوات نه ٿا ڏين ۽ اهي آخرت جا (به) انڪار ڪندڙ آهن.

  8. بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا (چڱا) ڪم ڪندا رهيا تن لاءِ اهو (ته) اجر آهي جيڪو کٽڻ جو نه آهي.

  9. (اي رسول! کين) چئو ته اوهين ان (خدا) جو انڪار ڪريو ٿا جنهن زمين کي ٻن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو ۽ اوهين ٻين کي انهيءَ جي برابر ڪريو ٿا اهو ئي ته ساري جهان جو سرپرست آهي.

  10. ۽ ان ئي زمين ۾ مٿانس پهاڙ پيدا ڪيا ۽ ان ۾ برڪت رکيائين ۽ ان ۾ ان (جي رهاڪن) جي غذائن جو اندازو مقرر ڪيائين برابر چئن ڏينهن ۾ (اهي سڀ ڪم ڪيائين) پڇندڙن لاءِ اها ڳالھ چٽي طرح بيان ڪئي وئي آهي.

  11. وري آسمان ڏي متوجه ٿيو ۽ اهو (ان وقت) دونهو هو پوءِ ان کي ۽ زمين کي چيائين ته خوشيءَ سان خواھ مجبوري سان اچو! انهن ٻنهي عرض ڪيو ته اسين خوشي سان حاضر آهيون (۽ حڪم جا پابند آهيون.)

  12. وري ٻن ڏينهن ۾ ست آسمان بنايائين ۽ سڀ ڪنهن (آسمان ان جي انتظام) جو حڪم (ڪارڪنان قضا ۽ قدر ڏي) موڪليائين ۽ اسان سڀني کان ويجهي آسمان کي (ستارن جي) چراغن سان سينگاريو ۽ (انهن کي شيطانن کان) محفوظ رکيو. اها زبردست ڄاڻڻهار (خدا) جي (قائم ڪيل) تدبير آهي.

  13. پوءِ جيڪڏهن (ايتري سمجهائڻ هوندي به) منهن موڙين ته (اي پيغمبر کين) چئو ته مان اوهان کي اهڙي وڄ ڪرڻ (جي عذاب) کان ڊيڄاريان ٿو جهڙي قوم عاد ۽ ثمود جي وڄ جو ڪڙڪاٽ (هو).

  14. جو جڏهن وٽن رسول سندن اڳيان ۽ سندن پويان (هيءَ خبر کڻي) آيا ته خدا کان سواءِ ٻئي جي عبادت نه ڪريو ته چوڻ لڳا، جيڪڏهن اسان جو پالڻهار گهري ها ته فرشتا نازل ڪري ها ۽ جيڪي (ڳالهيون اوهان کي ڏيئي موڪليو ويو آهي سي اسين ته ڪين مڃينداسون.

  15. پوءِ عاد (جي قوم) به زمين ۾ ناحق وڏائي ڪرڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا ته اسان کان طاقت ۾ ڪير زياده ڏاڍو آهي. ڇا انهن ماڻهن ايترو به غور نه ڪيو ته جنهن خدا کين پيدا ڪيو سو انهن کان طاقت ۾ زياده ڏاڍو آهي. مطلب ته اهي اسان جي آيتن جو انڪار ئي ڪندا رهيا.

  16. ته اسان به (سندن) نحوست جي ڏينهن ۾ مٿن وڏي زور سان نداري موڪلي ته جيئن دنيا جي حياتيءَ ۾ به کين خواري جي عذاب جو مزو چکايون ۽ آخرت جو عذاب ته اڃا به وڌيڪ خوار ڪرڻ وارو ئي هوندو ۽ (پوءِ) کين ڪنهن پاسي کان به مدد نه ملندي.

  17. باقي رهيا (قوم) ثمود (وارا) ته اسان کين سڌي راھ ڏيکاري ڇڏي پر انهن ماڻهن هدايت جي بدلي گمراهيءَ کي پسند ڪيو ته سندن ڪرتوتن سبب ذلت جي عذاب جي بجليءَ انهن کي پڪڙيو.

  18. ۽ جن ايمان آندو ۽ پرهيزگاري ڪندا هئا تن کي اسان (ان مصيبت کان) بچائي ورتو.

  19. ۽ جنهن ڏينهن خدا جا دشمن دوزخ ڏي هڪليا ويندا ته اهي ترتيب وار بيهاريا ويندا.

  20. نيٺ جڏهن سڀئي دوزخ وٽ ايندا، سندن ڪن ۽ سندن اکيون ۽ سندن (گوشت ۽) کلون مٿن انهن ڪمن جي شاهدي ڏينديون جيڪي اهي ڪندا هئا.

  21. ۽ اهي ماڻهو پنهنجن عضون کي چوندا ته اوهان اسان جي خلاف ڇو شاهدي ڏني ته اهي جواب ۾ چوندن ته اسان کان ان الله ڳالهارايو جنهن (پنهنجي قدرت سان) سڀ ڪنهن شي کان ڳالهارايو ۽ ان اوهان کي پهرين ڀيري پيدا ڪيو ۽ (آخر) ان ڏي ئي موٽايو ويندو.

  22. ۽ (اوهان جو هي حال هو جو) اوهين هن خيال سان (پنهنجي گناهن جي) پرده پوشي به ته ڪين ڪندا هئا ته اوهان جا ڪن ۽ اوهان جون اکيون ۽ اوهان جا عضوا ڪي اوهان جي برخلاف شاهدي ڏيندا بلڪ اوهين ته هن خيال ۾ (ڀليل) هئا ته خدا کي توهان جي ڪيترن ئي ڪمن جي خبر ئي نه آهي.

  23. ۽ اوهان جي اها (بد) خيالي جا اوهين پنهنجي پالڻهار بابت رکندا هئا اوهان کي تباھ ڪري ڇڏيو نيٺ اوهين نقصان وارا ٿيو.

  24. پوءِ جيڪڏهن اهي صبر به ڪندا ته به سندن رهڻ جي جاءِ دوزخ آهي ۽ جيڪڏهن معافي گهرندا ته به کين معافي نه ملندي.

  25. ۽ اسان (ڄڻ ته شيطان کي) سندن پٺيان سندن سنگتي لڳائي ڇڏيا هئا ته انهن اڳيون پويون ڳالهيون سندن نظرن ۾ سٺيون ڪري ڏيکاريون ته جنن ۽ انسانن جون امتون جي انهن کان اڳ ۾ گذري چڪيون هيون تن سان گڏ (عذاب جو) وعدو انهن جي حق ۾ به پورو ٿيو. بيشڪ اهي پنهنجو نقصان ڪرڻ وارا هئا.

  26. ۽ ڪافر چوڻ لڳا ته هن قرآن کي ٻڌو ئي نه! ۽ (جڏهن پڙهي ته وچ ۾ وٺي) گوڙ ڪريو ته من اوهين غالب ٿيو.

  27. ته اسين به ڪافرن کي سخت عذاب جا مزا چکائينداسون ۽ سندن ڪرتوتن جي کين تمام سخت وڏي سزا ڏينداسون.

  28. هو دوزخ ئي خدا جي دشمنن جو بدلو آهي. انهن لاءِ ان ۾ هميشه (رهڻ) جو گهر آهي. ان (ڏوھ) جي سزا ۾ جو اهي اسان جي آيتن جا منڪر هئا.

  29. ۽ (قيامت جي ڏينهن) ڪافر چوندا ته اي اسان جا پالڻهار اسان کي اهي جن ۽ انسان ڏيکارجن جن اسان کي گمراھ ڪيو ته انهن کي پيرن هيٺان لتاڙي ڇڏيو ته جيئن اهي چڱيءَ طرح ذليل ٿين.

  30. ۽ جن ماڻهن (سچيءَ دل سان) چيو ته اسان جو پالڻهار ته (رڳو) خدا آهي ۽ پوءِ اهي ان تي قائم رهيا تن جي (موت وقت، رحمت جا) فرشتا نازل ٿيندا (۽ چوندن) ته ڪو خوف نه ڪريو ۽ ڏک نه ڪريو ۽ جنهن بهشت جو اوهان سان وعدو ڪيو ويو هو تنهن جي خوشي ڪريو.

  31. اسين اوهان جا دنيا جي حياتيءَ ۾ به دوست هئاسون ۽ آخرت ۾ به (ساٿي) آهيون جنهن شي لاءِ اوهان جي دل گهري سا بهشت ۾ اوهان لاءِ موجود آهي ۽ جا به شي اوهين گهرندو سا اتي اوهان لاءِ (حاضر) هوندي.

  32. (اها) معاف ڪندڙ مهربان (خدا) جي طرفان (اوهان جي) مهماني هوندي.

  33. ۽ ان ڳالھ ۾ ان کان ٻيو ڪير چڱو آهي جيڪو (ماڻهن کي) خدا ڏي سڏي. ۽ چڱا چڱا ڪم ڪري ۽ چوي ته آءُ به پڪ (خدا جي) فرمانبردار بندن مان آهيان.

  34. ۽ ڀلائي برائي (ڪڏهين به) برابر ٿي نه ٿي سگهي. تون (سخت ڪلاميءَ جو) اهڙي طريقي سان جواب ڏي جو تمام چڱو هجي (ائين ڪندين) ته (تون ڏسندين) ته جنهن ۾ ۽ تو ۾ دشمني هئي سو ڄڻ ته تنهنجو دل گهريو دوست آهي.

  35. اها ڳالھ رڳو انهن ماڻهن کي حاصل ٿئي ٿي جي صبر ڪرڻ وارا آهن پڻ انهن کي اها خوبي عطا ٿئي ٿي جي خوش نصيب آهن.

  36. ۽ جيڪڏهن اوهان کي شيطان جي طرفان وسوسو پيدا ٿئي ته خدا جي پناھ گهرندا ڪريو ۽ بيشڪ اهو (سڀ ڪنهن جي) ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.

  37. ۽ ان جي (قدرت جي) نشانين مان رات ۽ ڏينهن ۽ سج ۽ چنڊ آهن (ته) اوهين ماڻهو نه سج کي سجدو ڪجو ۽ نه چنڊ کي ۽ جيڪڏهن اوهان کي خدا جي ئي عبادت ڪرڻي آهي ته رڳو ان کي ئي سجدو ڪريو جنهن انهن سڀني (شين) کي پيدا ڪيو آهي.

  38. پوءِ جيڪڏهن اهي ماڻهو وڏائي ڪن ته (خدا کي به انهن جي پرواھ ناهي) جيڪي (فرشتا) اوهان جي پالڻهار جي بارگاھ ۾ آهن سي رات ڏينهن ان جي تسبيح ڪندا رهن ٿا ۽ اهي نه ٿا ٿڪجن.

  39. سندس (قدرت جي) نشانين مان هڪ هيءَ به آهي ته اوهين زمين کي سڪل ۽ سواءِ ساوڪ جي ڏسو ٿا. وري جڏهن ان تي مينهن وسايون ٿا. ته سرسبز ٿئي ٿي ۽ ڦلاري ٿي. بيشڪ جنهن (خدا مئل) زمين کي جيئرو ڪيو سو مردن کي به جياريندو. بيشڪ اهو سڀ ڪنهن شي تي قدرت رکندڙ آهي.

  40. جيڪي اسان جي آيتن ۾ ڦير گهير پيدا ڪن ٿا سي هرگز اسان کان ڳجها نه آهن. ڀلا جو ماڻهو دوزخ ۾ وجهيو سو چڱو آهي يا جيڪو قيامت جي ڏينهن سواءِ خطري جي ايندو؟ (خير!) جيڪي وڻيو سو ڪريو! (پر!) جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي اهو ضرور ڏسي رهيو آهي.

  41. بيشڪ جن ماڻهن وٽ نصيحت آئي ۽ ان جو انڪار ڪيو (سي پنهنجو نتيجو ڏسندا) ۽ بيشڪ هي قرآن ته يقينا هڪ وڏي مرتبي وارو ڪتاب آهي.

  42. ۽ ڪوڙ نه ان جي اڳيان اچي سگهي ٿو ۽ نه ان جي پٺيان ۽ (هي ڪتاب ته) حڪمت واري ساراهيل (خدا) جي طرفان نازل ٿيل آهي.

  43. (اي رسول) تو کي به اهو ئي چيو وڃي ٿو جيڪي تو کان اڳ ۾ پيغمبرن کي چيو ويو آهي. بيشڪ تنهنجو پروردگار بخشڻهار به آهي ۽ دردناڪ عذاب (ڏيڻ) وارو به آهي.

  44. ۽ جيڪڏهن اسين هن قرآن کي عربي زبان کان سواءِ (ڪنهن) ٻي زبان ۾ نازل ڪريون ها ته اهي (مڪي جا ڪافر) چون ڪين ها ته ان جي آيتن کي (اسان جي زبان) ۾ ڇو نه تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي. ڇا (قرآن جي) عجمي ۽ (ٻڌڻ وارا وري) عربي ٻوليءَ وارا! (اي پيغمر!) کين چئو ته اهو (قرآن) ايمان وارن لاءِ (سموري) هدايت ۽ (هر مرض جي) شفا آهي. ۽ جيڪي ايمان نه ٿا آڻين تن جي ڪنن ۾ ٻوڙاڻ آهي ۽ اهو (قرآن) سندن حق ۾ انڌائيءَ (جو سبب) آهي ته (ٻوڙائپ سبب ڄڻ ته) کين ڏوراهين هنڌ کان سڏيو وڃي ٿو (۽ ٻڌن نه ٿا).

  45. ۽ اسان ئي موسى کي به ڪتاب (توريت) عطا ڪيو هو ته ان ۾ به اختلاف ڪيو ويو. ۽ جيڪڏهن تنهنجي پروردگار جي طرف کان هڪ ڳالھ (مهلت ڏيڻ جي) اڳي چڪتو ٿيل نه هجي ها ته ڪڏهين جو فيصلو ٿي وڃي ها. ۽ اهي اهڙي شڪ ۾ آهن جنهن کين بيقرار ڪري ڇڏيو آهي.

  46. جيڪو چڱو ڪم ڪري ٿو سو پنهنجي فائدي لاءِ ۽ جيڪو بڇڙو ڪم ڪري ٿو تنهن تي ئي ان جو وبال آهي. ۽ تنهنجو پروردگار ته بندن تي (ڪڏهين به) ظلم ڪرڻ وارو نه آهي.

  47. قيامت جي خبر خدا جي حوالي ئي آهي (اهو ئي ڄاڻي ٿو). ۽ سواءِ سندس ڄاڻپ ۽ (ارادي) جي نه ته ميوا پنهنجي (پنهنجي) ٻور مان نڪرن ٿا ۽ نه ڪا مادي پيٽ سان ٿئي ٿي ۽ نه ڄڻي ٿي. ۽ جنهن ڏينهن (خدا) انهن (مشرڪن) کي سڏيندو (۽ پڇندو) ته منهنجا شريڪ ڪٿي آهن؟ اهي چوندا ته اسان ته تو کي عرض ڪيو ته اسان مان ڪو (به انهن جو) واقف ئي نه آهي.

  48. ۽ جن کي هن کان اڳ پوڄيندا هئا اهي انهن کان ڀلجي ويندا. ۽ اهي يقين ڪندا ته سندن لاءِ ڪو ڇوٽڪارو نه آهي.

  49. انسان ڀلائيءَ جون دعائون گهرڻ کان ته نه ٿو ٿڪجي پر جيڪڏهن کيس ڪا تڪليف پهچي ٿي ته (يڪدم) نا اميد ۽ بي آس ٿئي ٿو.

  50. ۽ جيڪڏهن ڪنهن تڪليف پهچڻ کان پوءِ پنهنجي طرفان ان کي ڪا مهربانيءَ (جو مزو) چکايون ته پڪ چوندو، هي ته مون لاءِ آهي ۽ آءُ نه ٿو ڀانئيان ته (ڪا) قيامت قائم ٿيڻ واري آهي. پر جيڪڏهن (قيامت ٿي به ۽) پنهنجي پروردگار ڏي موٽايو به وڃان ته پڪ وٽس منهنجي لاءِ ڀلائي هوندي. ۽ پوءِ جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو ته جيڪي اهي ڪم ڪندا رهيا تن جي انهن کي ضرور (قيامت ۾) خبر ڏينداسون ۽ کين ضرور سخت عذاب جو مزو چکائينداسون (سو جدا).

  51. ۽ جڏهن اسين ماڻهوءَ تي احسان ڪريون ٿا ته (اسان جي پاسي کان) منهن موڙي ڇڏي ٿو ۽ پنهنجو پاسو ڦيري هلي ٿو. ۽ جڏهن کيس تڪليف پهچي ٿي ته وڏيون (وڏيون) دعائون گهرڻ لڳي ٿو.

  52. (اي رسول! کين) چئو ڀلا ٻڌايو ته سهي ته جيڪڏهن هي (قرآن) خدا جي بارگاھ مان (آيو) هجي (۽) پوءِ (به) اوهين انڪار ڪريو ته جنهن کي (اهڙو) وڏو ضد آهي تنهن کان وڌيڪ ڪير گمراھ ٿي سگهي ٿو.

  53. اسين پنهنجي (قدرت جون) نشانيون (دنيا جي چوڌاري ۾ ۽ سندن وجودن ۾ ڏيکارينداسون تان جو مٿن ظاهر ٿئي ته بيشڪ اهو حق آهي. ڇا تنهنجي پالڻهار جي هيءَ ڳالھ ڪافي نه آهي ته اهو سڀ ڪنهن شي تي قدرت رکندڙ آهي.

  54. ڏسو! اهي ماڻهو پنهنجي پروردگار جي سامهون حاضر هجڻ کان شڪ ۾ (پيل) آهن! خبردار اهو بيشڪ سڀ ڪنهن شي تي حاوي آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found