اڱارو, 16 جولاءِ 2019 - Tue 07 16 2019

منو

سورت مومن (غافر)

ٽوٽل آيتون: 85

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. حم

  2. (هن) ڪتاب (قرآن) جو نازل ڪرڻ (خاص) خدا کان آهي جو (سڀ تي) غالب وڏو واقف ڪار آهي،

  3. گناهن جي بخشڻ وارو، توبه جي قبول ڪرڻ وارو، سخت عذاب ڏيڻ وارو، صاحب فضل ۽ ڪرم آهي. ان کان سواءِ ڪو به معبود نه آهي انهيءَ ڏي (سڀ ڪنهن) کي موٽي وڃڻو آهي.

  4. خدا جي آيتن ۾ رڳو اهي ئي ماڻهو جهڳڙو ڪن ٿا جي ڪافر آهن ته (اي رسول) سندن شهرن (کان شهر) گهمڻ ڦرڻ (۽ دولت حاصل ڪرڻ) تو کي ڌوڪي ۾ نه وجهي (ته ڪو انهن تي عذاب نه ٿيندو).

  5. انهن کان اڳ نوح جي قوم ۽ ان کان پوءِ (ٻين نبين) جي امتن (پنهنجي پنهنجي پيغمبرن کي) ڪوڙو ڪيو پڻ هر امت پنهنجي پيغمبرن جي باري ۾ اهو ارادو ڪيو ته کين گرفتار (ڪري قتل) ڪري ڇڏيو ۽ بيهوده ڳالهين جي اوٽ ۾ مقابلو ڪرڻ لڳا هن لاءِ ته اهڙي نموني حق ڳالھ جي پاڙ پٽن ته مون کين پڪڙ ڪئي پوءِ (تو ڏٺو ته مٿن) منهنجو عذاب ڪهڙو (نه سخت) ڪڙڪيو.

  6. ۽ اهڙيءَ طرح تنهنجي پروردگار جي (عذاب جو) حڪم (انهن) ڪافرن تي پورو ٿي چڪو آهي ته اهي ماڻهو يقينا دوزخي آهن.

  7. جيڪي (فرشتا) عرش کي کينون بيٺا آهن ۽ جيڪي ان جي چوڌاري (مقرر ڪيل) آهن (سي سڀ) پنهنجي پالڻهار جي حمد سان گڏ تسبيح ڪندا رهن ٿا ۽ ان تي ايمان رکن ٿا پڻ مومنن لاءِ بخشش جون دعائون گهرندا رهن ٿا ته پروردگار! تنهنجي رحمت ۽ تنهنجو علم هر شي تي حاوي آهي ته جن ماڻهن (سچيءَ) دل سان توبه ڪئي ۽ تنهنجي راھ تي هليا تن کي بخش! ۽ کين دوزخ جي عذاب کان بچائي.

  8. اي اسان جا پالڻهار! کين سدا بهار باغن ۾ داخل ڪر جن جو تو انهن سان وعدو ڪيو آهي. ۽ سندن ابن ڏاڏن ۽ سندن زالن ۽ سندن اولاد مان جيڪي نيڪ هجن تن کي به (بخش) بيشڪ تون ئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهين.

  9. ۽ کين هر قسم جي براين کان بچائي ۽ جنهن کي تون ان ڏينهن (قيامت) جي عذابن کان بچائيندين تنهن تي تو وڏو رحم ڪيو ۽ اها ئي ته وڏي ڪاميابي آهي.

  10. (پر) جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو تن کي سڏي چيو ويندو ته جيترو اوهين (اڄ) پنهنجي جان کان بيزار آهيو تنهن کان وڌيڪ خدا توهان کان بيزار هو جڏهن اوهان کي ايمان ڏي سڏيو ويو ٿي ته انڪار ڪيو.

  11. اهي ماڻهو چوندا ته اسان جا پروردگار! تو اسان کي ٻه ڀيرا جيئرو ڪيو، هاڻي اسين پنهنجي گناهن جو اقرار ڪريون ٿا ته ڇا (هتان) نڪرڻ جي به ڪا راھ آهي؟

  12. هي (عذاب) هن ڪري آهي جو جڏهن اڪيلي الله کي سڏيو ويندو هو ته اوهين انڪار ڪندا هئا ۽ جيڪڏهن ان جو شريڪ ٺهرايو ويندو هو ته اوهين مڃيندا هئا. ته (اڄ) خدا جي ئي حڪومت آهي جو عاليشان ۽ بزرگ آهي.

  13. هو اهو ئي آهي جو اوهان کي پنهنجي قدرت جون نشانيون ڏيکاري ٿو ۽ اوهان لاءِ آسمان مان روزي نازل ڪري ٿو ۽ نصيحت به رڳو اهو ئي حاصل ڪري ٿو جيڪو (ان ڏي) رجوع ٿئي ٿو.

  14. پوءِ اوهين خدا کي سندس خالص عبادت ڪندڙ ٿي سڏيو. توڙي جو ڪافرن کي نه وڻي.

  15. خدا ته عالي مرتبي (وارو) عرش جو مالڪ آهي. اهو پنهنجي بندن مان جنهن کي گهري ٿو پنهنجي حڪم سان وحي نازل ڪري ٿو پر هن لاءِ ته اهو (عبد ماڻهن کي) ملاقات (قيامت) جي ڏينهن کان ڊيڄاري.

  16. جنهن ڏينهن اهي ماڻهو (قبرن مان) اٿي کڙا ٿيندا (۽) سندن ڪا به شي خدا کان ڳجهي نه رهندي (۽ سڏ ٿيندو ته) اڄ ڪنهن جي حڪومت آهي؟ (خود خدا فرمائيندو ته) اڪيلي زبردست الله جي آهي.

  17. اڄ سڀ ڪنهن شخص کي جيڪي ان ڪيو هوندو تنهن جو بدلو ڏنو ويندو اڄ ڪنهين تي ڪجھ (به) ظلم نه ڪيو ويندو. بيشڪ خدا تمام جلد حساب وٺڻ وارو آهي.

  18. ۽ (اي رسول) کين ان مصيبت جي ڏينهن کان ڊيڄار، جو جلد اچڻ وارو آهي. جنهن ڏينهن دليون نڙگهٽن جي ويجهيون ٿينديون ۽ اهي غم سان ڀريل هوندا (ان وقت ظالمن جو نڪو دوست هوندو ۽ نڪو سفارش ڪندڙ، جنهن جي ڳالھ مڃجي.

  19. خدا ته اکين جي چوراڻي نگاھ کي ۽ انهن ڳالهين کي به ڄاڻي ٿو جي (ماڻهن جي) سينن ۾ لڪل (راز) آهن.

  20. ۽ خدا انصاف سان حڪم ڪري ٿو. ۽ جن کي ان کان سواءِ سڏين ٿا سي ڪجھ به حڪم نٿا ڪري سگهن. بيشڪ الله ئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي.

  21. ڇا انهن ماڻهن روءِ زمين تي گهمي ڦري نه ڏٺو آهي ته جي ماڻهو انهن کان اڳي هئا تن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ اهي انهن کان طاقت ۾ ۽ زمين تي نشانين (محلاتن ۽ قلعن جوڙڻ) ۾ ڏاڍا وڌيڪ هئا. پوءِ خدا کين سندن گناهن جي ڪري پڪڙيو ۽ انهن کي خدا (جي عذاب) کان بچائيندڙ ڪو به نه هو.

  22. اها (سزا) هن ڪري هئي جو وٽن سندن رسول ظاهر معجزا آڻيندا هئا تڏهن به انڪار ڪيائون تنهن ڪري خدا کين پڪڙيو. بيشڪ اهو طاقت وارو سخت سزا ڏيندڙ آهي.

  23. ۽ اسان موسى کي پنهنجيون نشانيون ۽ ظاهر دليلن سان،

  24. فرعون ۽ هامان ۽ قارون ڏي موڪليو ته اهي چوڻ لڳا ته (هي به) هڪ وڏو ڪوڙو (۽) جادوگر آهي.

  25. پوءِ جڏهن موسى انهن وٽ اسان وٽان سچو دين کڻي آيو ته چوڻ لڳا ته جن ماڻهن ايمان آندو آهي تن جي پٽن کي ڪهو ۽ انهن جي ڌيئرن کي (ٻانهيون بنائڻ لاءِ) جيئرو ڇڏيو ۽ ڪافرن جون تدبيرون ته بيڪار ئي آهن.

  26. ۽ فرعون (چوڻ لڳو) ته مون کي ڇڏيو ته موسى کي قتل ڪريان ۽ هو ڀلي ته (پنهنجي مدد لاءِ) پنهنجي رب کي سڏي. (ڀائرو!) مون کي انديشو آهي ته (متان) اوهان جو دين بدلائي يا زمين ۾ فساد ڪري.

  27. ۽ موسى چيو ته بيشڪ مون سڀ ڪنهن هيٺلي کان جيڪو حساب جي ڏينهن (قيامت) کي نه ٿو مڃي، پنهنجي ۽ اوهان جي پالڻهار جي پناھ ورتي آهي.

  28. ۽ فرعون جي ماڻهن مان هڪ ايمان واري مرد (حزقيل) جيڪو پنهنجو ايمان لڪائيندو هو تنهن ماڻهن کي چيو ته (اوهين) هڪ اهڙي شخص کي هن ڪري قتل ڪريو ٿا جو (رڳو) هي چوي ٿو ته منهنجو پاليندڙ الله آهي، هوڏانهن اهو اوهان جي پروردگار جي طرفان اوهان وٽ معجزا وٺي آيو آهي پر جيڪڏهن ڪوڙو آهي ته سندس ڪوڙ (جو وبال) مٿس ئي آهي. ۽ جيڪڏهن اوهان کي جنهن (عذاب جي) ڌمڪي ڏئي ٿو تنهن مان ڪجھ نه ڪجھ اوهان کي ضرور پهچندو. بيشڪ خدا ان کي هدايت نه ٿو ڪري جيڪو حد کان لنگهندڙ ڪوڙو آهي.

  29. اي منهنجي قوم! اڄ اوهان جي بادشاهي آهي ملڪ ۾ اوهين غالب آهيو. پر جيڪڏهن خدا جي آفت اسان تي آڻي ته ان کان (بچڻ لاءِ) ڪير اسان جي مدد ڪندو؟ فرعون چيو آءُ ته اوهان کي اهو ئي رستو ڏيکاريان ٿو ۽ اها ئي ڳالھ سمجهايان ٿو جنهن ۾ ڀلائي آهي.

  30. ته جنهن شخص (ڳجھ ۾) ايمان آندو هو سو چوڻ لڳو: اي منهنجي قوم! سچ ته آءُ ڊڄان ٿو اڳين جماعتن جهڙي (عذاب جي) ڏينهن اچڻ کان.

  31. نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ثمود ۽ جيڪي انهن کان پوءِ هئا، تن جهڙي حال کان. ۽ خدا ته ٻانهن تي ظلم ڪرڻ گهري ئي نه ٿو.

  32. ۽ اي منهنجي قوم! مون کي ته اوهان بابت قيامت جي ڏينهن جو انديشو آهي.

  33. جنهن ڏينهن اوهين پٺ ڏئي ڦرندو. (۽) اوهان کي خدا (جي عذاب) کان بچائڻ وارو ڪو به نه هوندو. ۽ جنهن کي خدا گمراهي ۾ ڇڏي ڏئي ته ان کي ڪو به راھ تي آڻڻ وارو نه آهي.

  34. ۽ (هن کان) اڳ ۾ يوسف به اوهان ڏي معجزا وٺي آيو هو ته پوءِ جي جي (معجزا) آندا هئائين ته ماڻهو ان ۾ هميشه شڪ ڪندا رهيا تان جو جڏهن ان رحلت ڪئي ته اوهين چوڻ لڳا ته ان کان پوءِ خدا ڪڏهين به رسول نه موڪليندو. جيڪو حد کان لنگهندڙ ۽ شڪ ڪرڻ وارو هجي تنهن کي خدا اهڙي طرح گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڇڏيندو آهي.

  35. جيڪي ماڻهو سواءِ ان جي جو ڪا ثابتي وٽن آيل هجي خدا جي آيتن بابت (اجايو) جهڳڙو ڪندا رهن ٿا سا خدا ۽ مومنن وٽ سخت نفرت جي ڳالھ آهي اهڙي طرح خدا (سڀ ڪنهن) وڏائي ڪندڙ سرڪش جي دل تي نشاني مقرر ڪري ٿو.

  36. ۽ فرعون چيو اي هامان! مون لاءِ هڪ اهڙو محل بنائي (جنهن تي چڙهي) رستن تي پهچي وڃان.

  37. (يعني) آسمان جي رستن تي، پوءِ موسى جي خدا کي نهاري ڏسان ۽ بيشڪ آءُ موسى کي ڪوڙو خيال ڪريان ٿو ۽ اهڙي طرح فرعون کي سندس بڇڙو ڪم چڱو ڪري ڏيکاريو ويو ۽ کيس (سڌي) راھ کان روڪيو ويو ۽ فرعون جي تدبير ته رڳو ... ۾ هئي.

  38. ۽ جو شخص (لڪل) ايماندار هو چوڻ لڳو ڀائرو! منهنجو چوڻ مڃو آءُ اوهان کي هدايت جا رستا ڏيکاريندس.

  39. اي ڀائرو! هيءَ دنيا جي زندگي ته رڳو (ٻه ٽي ڏينهن) فائدو آهي ۽ آخرت ئي هميشه رهڻ جو گهر آهي.

  40. جو برو ڪم ڪندو ته ان کي عوض به اهڙو ئي ملندو. ۽ جيڪو نيڪ ڪم ڪندو مرد هجي يا عورت پر ايماندار هجي ته اهڙا ماڻهو بهشت ۾ داخل ٿيندا اتي کين بي حساب روزي ملندي.

  41. ۽ اي منهنجي قوم! مون کي ڇا ٿو آهي جو آءُ اوهان کي ڇوٽڪاري ڏي سڏيان ٿو ۽ اوهين مون کي باھ ڏي سڏيو ٿا.

  42. اوهين مون کي سڏيو ٿا ته الله جو انڪار ڪريان ۽ ان سان اهڙي شي کي شريڪ ڪريان جنهن جي مون کي خبر نه آهي ۽ آءُ اوهان کي زبردست (۽) وڏي معافي ڪندڙ خدا ڏي سڏيان ٿو.

  43. بيشڪ جنهن ڏي اوهين مون کي سڏيو ٿا سو نه ته دنيا ۾ ۽ نڪي آخرت ۾ سڏڻ جي لائق آهي ۽ بيشڪ اسان جو موٽڻ خدا ڏي آهي ۽ ان ۾ شڪ نه آهي ته حد کان لنگهندڙ ئي دوزخي آهن.

  44. ته جا ڳالھ آءُ اوهان کي چوان ٿو جلد ئي تنهن کي ياد ڪندو! ۽ آءُ ته پنهنجو ڪم خدا جي حوالي ڪريان ٿو بيشڪ خدا بندن (جي حال) کي چڱي طرح ڏسي رهيو آهي.

  45. ته خدا کين انهن جي مڪرن جي بڇڙاين کان بچايو ۽ فرعوني ماڻهن تي بڇڙو عذاب (هر طرف کان) اچي ڪڙڪيو.

  46. (۽ هاڻي ته قبر ۾ دوزخ جي) باھ آهي جو اهي ماڻهو (هر) صبح ۽ شام ان جي سامهون آڻي بيهاريا وڃن ٿا. پڻ جنهن ڏينهن قيامت قائم ٿيندي (ته حڪم ٿيندو ته) فرعون جي ماڻهن کي سخت کان سخت عذاب ۾ اڇلايو.

  47. ۽ اهي جڏهن دوزخ ۾ هڪ ٻئي سان جهڳڙو ڪندا ته گهٽ حيثيت وارا وڏن ماڻهن کي چوندا ته اسين اوهان جا تابعدار هئاسون. ڇا پوءِ اوهين اسان کان (دوزخ جي) باھ جو ڪجھ حصو ٽاري سگهو ٿا.

  48. ته وڏا ماڻهو چوندن (هاڻي ته) اسين (۽ اوهين) سڀئي باھ ۾ (پيا) آهيون. خدا کي ته بندن جي باري ۾ (جيڪي) فيصلو (ڪرڻو هو) سو ڪري ڇڏيو.

  49. ۽ دوزخي دوزخ جي داروغن کي درخواست ڪندا ته پنهنجي پالڻهار کي عرض ڪريو ته هڪ ڏينهن اسان وٽان عذاب هلڪو ڪري.

  50. اهي جواب ڏيندا ته ڇا اوهان وٽ اوهان جا پيغمبر صاف ۽ کليل معجزا کڻي نه آيا هئا؟ اهي چوندا ته هاءُ (آيا ته هئا) تڏهن فرشتا چوندن ته پوءِ اوهين پاڻ (ڇو نه ٿا) دعا گهرو ۽ ڪافرن جي دعا ته بيڪار ئي آهي.

  51. اسين پنهنجي پيغمبرن جي ۽ ايمان وارن جي دنيا جي حياتي ۾ ضرور مدد ڪنداسون ۽ جنهن ڏينهن شاهد (پيغمبر فرشتا شاهديءَ لاءِ) بيهندا (تنهن ڏينهن به)

  52. جنهن ڏينهن ظالمن کي سندن معذرت ڪو به فائدو نه ڏيندي ۽ انهن تي لعنت (وسندي) هوندي ۽ انهن لاءِ بڇڙو گهر (دوزخ) آهي.

  53. ۽ اسان ئي موسى کي هدايت (جو ڪتاب توريت) عطا ڪيو ۽ بني اسرائيلن (کي ان) ڪتاب جو وارث ڪيو،

  54. جيڪو عقل وارن لاءِ هدايت ۽ نصيحت آهي.

  55. ته (اي رسول) تون انهن جي شرارت تي) صبر ڪر! بيشڪ خدا جو وعدو سچو آهي ۽ پنهنجي (امت جي) گناهن جي معافي گهر پڻ صبح ۽ شام پنهنجي پروردگار جي حمد ۽ ثنا سان گڏ تسبيح ڪندو رھ.

  56. جن ماڻهن وٽ (خدا جي طرف کان) ڪا ثابتي ته آئي ڪانهي ۽ (وري) اهي خدا جي آيتن ۾ بيجا جهڳڙو ڪن ٿا. تن جي دلين ۾ رڳو وڏائي (جي بيجا هوس) آهي جنهن کي اهي پهچي نه سگهندا. ته تون بس خدا جي پناھ گهرندو رھ! بيشڪ اهو ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي.

  57. آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪرڻ ماڻهن جي پيدا ڪرڻ کان تمام وڏو (ڪم) آهي پر گهڻا ماڻهو (ايترو به) نٿا ڄاڻن.

  58. ۽ انڌو ۽ سڄو (ٻئي) برابر نه ٿا ٿي سگهن ۽ نڪي مومنن جي چڱا ڪم ڪيا ۽ بدڪار (ئي) برابر ٿي سگهن ٿا. ڳالھ هيءَ آهي ته اوهين ماڻهو بلڪل ٿورو ڌيان ڪريو ٿا.

  59. بيشڪ قيامت ضرور اچڻ واري آهي، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي پر گهڻا ماڻهو (ان تي) ايمان نٿا رکن.

  60. ۽ اوهان جو پروردگار ارشاد فرمائي ٿو ته اوهين مون کان دعائون گهرو آءُ اوهان جي (دعا) قبول ڪندس . جي ماڻهو منهنجي عبادت کان وڏائي ڪن ٿا سي خوار ٿي يقينا دوزخ ۾ داخل ٿيندا.

  61. الله اهو آهي جنهن اوهان لاءِ رات کي بنايو ته ان ۾ آرام وٺو ۽ ڏينهن کي روشن (بنايائين ته جيئن ڪم ڪار ڪريو) بيشڪ خدا ماڻهن تي وڏو فضل ۽ ڪرم ڪندڙ آهي پر گهڻا ماڻهو سندس شڪر نٿا ڪن.

  62. اهو ئي خدا توهان جو پالڻهار آهي جيڪو هر شي جو خالق آهي. ان کان سواءِ ڪو به معبود نه آهي پوءِ ڪيڏانهن ڀٽڪندا وڃو ٿا.

  63. جي ماڻهو خدا جي آيتن کان انڪار ڪندا هئا سي اهڙي طرح ڀٽڪندا رهيا.

  64. خدا اهو آهي جنهن اوهان لاءِ زمين کي رهڻ جي جاءِ ۽ آسمان کي ڇت ڪيو ۽ اوهان جون شڪليون بنايائين ته شڪليون به تمام چڱيون بنايائين ۽ اوهان کي صاف سٺيون شيون کائڻ لاءِ ڏنائين. اهو خدا توهان جو پالڻهار آهي. ۽ خدا نهايت ئي متبرڪ آهي جو سموري جهان جو پالڻهار آهي.

  65. اهو ئي (سدائين) زندھ آهي ۽ ان کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي. پوءِ ان کي سندس خالص عبادت ڪندڙ ٿي سڏيو. سڀ ساراھ الله لاءِ ئي آهي جو جهانن جو پالڻهار آهي.

  66. (اي پيغمبر! کين) چئو ته جڏهن مون وٽ منهنجي پروردگار جي بارگاھ مان ظاهر معجزا آيا ته مون کي هن ڳالھ جي منع ڪئي ويئي آهي ته خدا کي ڇڏي جن کي اوهين پوڄيو ٿا آءُ انهن جي پوڄا ڪريان پڻ مون کي ته اهو حڪم ملي چڪو آهي ته آءُ سڀني جهانن جي پالڻهار جو فرمانبردار ٿيان.

  67. هو اهو آهي جنهن اوهان کي (پهريان) مٽيءَ مان وري نطفي مان وري رت جي دڳ مان پيدا ڪيو وري اوهان کي ٻار ڪري (ماءُ جي پيٽ مان) ٻاهر ڪڍي ٿو هن لاءِ ته (وڌو) وري (جيئرو رکي ٿو) هن لاءِ ته اوهين پنهنجي جواني کي رسو (۽ جيئرو ٿو رکي) هن لاءِ ته اوهين پريا ٻڏا ٿيو. ۽ اوهان مان ڪو اهڙو به آهي جو (هن کان) اڳ ۾ ئي مري وڃي ٿو ۽ (اوهان کي ان وقت تائين جيئرو رکي ٿو) ته اوهين (موت جي) مقرر وقت تائين پهچو ۽ من (سندس قدرت کي) سمجهو.

  68. هو اهو (خدا) آهي جو جياري ٿو ۽ ماري ٿو. پوءِ جڏهن ڪنهن ڪم جو حڪم ڪري ٿو ته رڳو ان کي چوي ٿو ته ٿيءُ ته اهو ٿي پوي ٿو.

  69. (اي رسول) ڇا تو انهن ماڻهن (جي حالت) تي غور نه ڪيو آهي! جي خدا جي آيتن ۾ جهڳڙو ڪن ٿا اهي ڪيڏانهن ڀٽڪندا وڃن ٿا.

  70. جن ماڻهن (هن) ڪتاب کي ۽ انهن ڳالهين کي جيڪي اسان پيغمبرن کي ڏيئي موڪليو هو، ڪوڙو ڪيو ته جلد ئي (تنهن جو نتيجو) کين معلوم ٿي ويندو.

  71. جڏهن (ڳرا ڳرا) زنجير سندن ڳجين ۾ هوندا. (۽ پهرين) گهليا ويندا.

  72. ٽهڪندڙ پاڻي ۾ ۽ پوءِ دوزخ جي باھ ۾ اڇلايا ويندا.

  73. پوءِ انهن کان پڇيو ويندو ڪٿي آهن اهي جن کي اوهين (سندس) شريڪ ڪندا هئا.

  74. خدا کان سواءِ اهي چوندا هاڻي ته اهي اسان کي ڇڏي ويا پر (سچ ته) اسين شروع کان ئي (خدا کان سواءِ) ڪنهن شي کي ڪيئن پوڄيندا هئاسين. اهڙي طرح خدا ڪافرن جا حوصلا خطا ڪندو (جو ڪجھ سمجھ ۾ نه ايندن).

  75. هيءَ سزا هن ڪري آهي جو اوهين دنيا ۾ ناحق (ڳالھ تي) خوش ٿيندا هئا ۽ ان جي سزا آهي جو اوهين آڪڙ ڪندا هئا.

  76. هاڻي دوزخ جي دروازن ۾ داخل ٿيو (۽) هميشه پيا ان ۾ رهو. مطلب ته وڏائي ڪرڻ وارن جي (ڪهڙي نه) بڇڙي جڳھ آهي.

  77. ته (اي رسول) تون صبر ڪر! خدا جو وعدو پڪ سچو آهي. ته جنهن (عذاب) جي اسين کين ڌمڪي ڏيون ٿا جيڪڏهن اسين تو کي تنهن مان ڪجھ ڏيکاريون يا تو کي ئي (ان کان اڳ دنيا مان) کڻي وٺون ته (نيٺ به ته) کين اسان ڏي موٽي اچڻو آهي.

  78. ۽ تو کان اڳ ۾ به اسان ڪيئي رسول موڪليا، جن مان ڪجھ ته اهڙا آهن جن جا احوال تو کي ٻڌايا اٿئون ۽ ڪي اهڙا آهن جن جون حالتون تو سان دهرايون نه آهن ۽ ڪنهين پيغمبر جي اها مجال نه هئي جو خدا جي اختيار ڏيڻ کان سواءِ ڪو به معجزو ڏيکاري سگهي پوءِ جڏهن خدا جو حڪم (عذاب) اچي وين ته پورو پورو فيصلو ڪيو ويو ۽ اتي ناحق وارن نقصان پاتو.

  79. الله اهو آهي جنهن اوهان لاءِ چوپايو مال پيدا ڪيو هن لاءِ ته انهن مان ڪن تي سواري ڪريو ٿا ۽ انهن مان ڪن کي کائو ٿا.

  80. پڻ اوهان لاءِ انهن ۾ (ٻيا به ڪيترائي) فائدا آهن ۽ هن لاءِ ته اوهين انهن تي (چڙهي) پنهنجي مرضيءَ مطابق پهچو ۽ انهن تي ۽ (پڻ) ٻيڙين تي چڙهي گهمو ٿا.

  81. ۽ اهو (خدا) اوهان کي پنهنجي (قدرت جون) نشانيون ڏيکاري ٿو ته پوءِ اوهين خدا جي ڪهڙين ڪهڙين نشانين جو انڪار ڪندا؟

  82. ته ڇا اهي ماڻهو روءِ زمين تي گهميا ڦريا نه آهن ته ڏسن ته جيڪي انهن کان اڳ هئا تن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ اهي (تعداد ۾) انهن کان گهڻا هئا ۽ طاقت ۾ ۽ زمين تي پنهنجيون نشانيون (يادگار) ڇڏي وڃڻ ۾ به تمام وڌيڪ هئا پوءِ جو سندن ڪيو ڪرتيو هو سو کين ڪجھ به ڪم نه آيو.

  83. پوءِ جڏهن سندن رسول وٽن ظاهر ثابتيون (معجزا) کڻي آيا ته جيڪو علم (سندن سمجھ ۾) وٽن هو تنهن تي آڪڙيا ۽ جنهن (عذاب) تي اهي ماڻهو کلندا هئا تنهن کين چوڌاري اچي وڪوڙيو.

  84. پوءِ ته جڏهن انهن اسان جو عذاب ڏٺو ته چوڻ لڳا: اسان اڪيلي الله تي ايمان آندو ۽ جنهن شي کي ساڻس شريڪ ڪندا هئا سون تنهن جو اسان انڪار ڪيو.

  85. پوءِ جڏهن اسان جو عذاب (ايندي) ڏٺائون ته هاڻي سندن ايمان آڻڻ انهن کي ڪجھ به فائدو نه ڏيندو اهو خدا جو جاري ٿيل قاعدو آهي جو سندس بندن ۾ هلندو ٿو اچي ۽ ڪافر اتي نقصان وارا ٿيا.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found