آچر, 19 مئي 2019 - Sun 05 19 2019

منو

سورت زمر

ٽوٽل آيتون: 75

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. (هن) ڪتاب (قرآن) جو نازل ڪرڻ ان خدا جي بارگاھ مان آهي جو (سڀ تي) غالب حڪمت وارو آهي.

  2. (اي رسول) بيشڪ اسان تو ڏي (بلڪل) حق سان ڪتاب (قرآن) نازل ڪيو آهي ته تون خدا لاءِ عبادت کي خالص ڪري ان جي عبادت ڪر.

  3. خبردار! عبادت ته خالص خدا جي لاءِ ئي آهي ۽ جن ماڻهن خدا کان سواءِ (ٻين کي) پنهنجو سرپرست ڪيو آهي (۽ چون ٿا ته) اسين ته انهن کي رڳو هن ڪري پوڄيون ٿا ته اهي خدا جي (بارگاھ ۾) اسان کي ويجهو ڪندا. بيشڪ جنهن ڳالھ بابت اهي پاڻ ۾ جهڳڙو ڪن ٿا تنهن جو (قيامت جي ڏينهن) سندن وچ ۾ خدا فيصلو ڪندو. بيشڪ خدا ڪوڙي (۽) ناشڪري کي منزل مقصود تائين نه ٿو رسائي.

  4. جيڪڏهن خدا ڪنهن کي (پنهنجو) پٽ ٺهرائڻ گهري ها ته پنهنجيءَ مخلوقات مان جنهن کي چاهي ها ته چونڊي ها (پر) هو ته ان (ڳالھ) کان پاڪ ۽ پاڪيزه آهي. اهو ته اڪيلو وڏو زبردست الله آهي.

  5. ان ئي آسمانن ۽ زمين کي پوري تدبير سان پيدا ڪيو. (جو) رات کي ڏينهن ۾ لپيٽي ٿو ۽ ان ئي سج ۽ چنڊ کي پنهنجي وس ۾ ڪري ڇڏيو آهي، جو اهي سڀ پنهنجي (پنهنجي) مقرر وقت تي هلندا رهندا. خبردار اهو ئي غالب وڏو بخشڻهار آهي.

  6. ان اوهان سڀني کي هڪ شخص مان ئي پيدا ڪيو پوءِ ان (جي بچيل مٽيءَ) مان سندس زال (حوا) کي پيدا ڪيو ۽ ان اوهان لاءِ اٺن قسمن جا چوپايا (جانور) پيدا ڪيا. اهو اوهان کي اوهان جي مائن جي پيٽن ۾ هڪ قسم جي پيدائش کان پوءِ ٻي پيدائش (نطفو، ڄميل رت ۽ لوٿڙي) سان ٽن اونداهين (پيٽ، رحم جي جهلي) ۾ پيدا ڪري ٿو. اهو ئي خدا اوهان جو پالڻهار آهي، سندس ئي بادشاهي آهي. ان کان سواءِ ٻيو ڪو به عبادت جي لائق نه آهي پوءِ ڪٿان ڦرندا وڃن ٿا؟

  7. جيڪڏهن بي شڪري ڪندو ته (ياد رکو) خدا توهان کان بلڪل بي پرواھ آهي. ۽ پنهنجن ٻانهن لاءِ بي شڪري کي پسند نٿو ڪري. ۽ جيڪڏهن شڪر ڪندو ته اهو ان کي اوهان لاءِ پسند ڪري ٿو. ۽ (قيامت جي ڏينهن) ڪو به ڪنهن جي (گناھ) جو بار (پاڻ تي) نه کڻندو. پوءِ اوهان کي پنهنجي پالڻهار ڏي موٽڻو آهي، (هن لاءِ) ته (دنيا ۾) اوهين جيڪي (چڱو يا برو ڪم) ڪندا هئا سو اوهان کي ٻڌائيندو. اهو ته پڪ دلين جي ڳجھ کان به چڱي طرح واقف آهي.

  8. ۽ ماڻهوءَ (جي حالت ته اها آهي جو) جڏهن ان کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته پنهنجي پاليندڙ کي ڏانهنس رجوع ڪندڙ ٿي سڏي ٿو وري جڏهن خدا ان کي پاڻ وٽان ڪا نعمت عطا ڪري ٿو ته جنهن (مطلب) لاءِ اڳي (الله کي) سڏيندو هو تنهن کي وساري ڇڏي ٿو ۽ ٻين کي الله جي برابر ڪري ٿو هن لاءِ ته (ماڻهن کي) الله جي راھ کان گمراھ ڪري (اي پيغمبر اهڙي ماڻهو کي) چئو ته پنهنجي ڪفر (جي حالت ۾) ٻه ٽي ڏينهن ٻيا مزا ڪري وٺو! (نيٺ) تون پڪ دوزخين مان ٿيندين.

  9. جو شخص رات جي وقت سجدي ۾ ۽ بيهي عبادت ڪندڙ آهي ۽ آخرت کان ڊڄندو هجي ۽ پنهنجي پروردگار جي رحمت جو اميدوار هجي سو (بي شڪر ڪافر جي برابر ٿي سگهي ٿو؟) اي رسول تون چوين ته جيڪي ڄاڻن ٿا ۽ جيڪي نٿا ڄاڻن سي برابر ٿيندا ڇا؟ (انهن ڳالهين ۾) رڳو عقل وارا ئي نصيحت حاصل ڪن ٿا.

  10. (اي رسول کين) فرمائي ته اي منهنجا ايماندار بندو پنهنجي پروردگار کان (ئي) ڊڄندا رهو (ڇو ته) جن ماڻهن هن دينا ۾ نيڪي ڪئي تن لاءِ ئي (آخرت ۾) چڱائي آهي. پڻ خدا جي زمين ته ڪشادي آهي. جتي عبادت نه ڪري سگهو اتان لڏي (وڃو) صبر ڪرڻ وارن کي ئي ته ان جو بي حساب ڀرپور عوض ڏنو ويندو.

  11. (اي رسول کين) فرمائي ته: مون کي ته هي حڪم ڪيو ويو آهي ته خدا لاءِ عبادت کي خالص ڪري ان جي عبادت ڪريان.

  12. پڻ مون کي هي (به) حڪم ڪيل آهي ته: آءُ سڀني کان پهريون مسلمان آهيان.

  13. (اي رسول کين) چئو ته جيڪڏهن آءُ پنهنجي پروردگار جي نافرماني ڪريان ته آءُ هڪ تمام سڏي (سخت) ڏينهن (قيامت) جي عذاب کان ڊڄان ٿو.

  14. (اي رسول کين) چئو ته آءُ پنهنجي عبادت کي سندس لاءِ خالص ڪري خدا جي ئي بندگي ڪريان ٿو.

  15. (باقي آهيو) اوهين سو ان کان سواءِ جنهن کي گهرو تنهن کي پوڄيو. (اي رسول کين) چئو ته در اصل نقصان وارا اهي آهن جن (گمراھ ٿيڻ ڪري) پاڻ کي ۽ پنهنجن گهروارن کي قيامت جي ڏينهن نقصان ۾ وڌو. خبردار! اهو ئي ظاهر نقصان آهي.

  16. انهن لاءِ سندن مٿان باھ جا اوڇڻ ۽ سندن هيٺان (به اهڙا ئي) وڇاڻا هوندا. هي اهو عذاب آهي جنهن کان خدا پنهنجن ٻانهن کي ڊيڄاري ٿو. پوءِ اي منهنجا ٻانهو! مون کان ڊڄو!

  17. ۽ جيڪي بتن جي عبادت کان بچيا ۽ خدا ڏي رجوع ڪيائون تن لاءِ خوش خبري آهي. پوءِ (اي پيغمبر!) منهنجن انهن ٻانهن کي خوشخبري ٻڌائي.

  18. جي ڳالھ کي دل سان ٻڌن ٿا ۽ وري ان مان تمام چڱي (ڳالھ) تي هلن ٿا. اهي اهي آهن جن کي خدا هدايت ڪئي ۽ اهي ئي عقل وارا آهن.

  19. ته (اي رسول) ڀلا جنهن شخص تي عذاب جو وعدو پورو ٿئي ته ڇا تون ان کي ڇڏائي سگهندين جو باھ ۾ (پيل) هجي.

  20. پر جيڪي پنهنجي پالڻهار کان ڊنا تن لاءِ ماڙيون آهن جن جي مٿان (ٻيون) اڏيل ماڙيون آهن، انهن جي هيٺان واھ وهن ٿا. خدا (اهو) وعدو ڪيو آهي خدا (پنهنجو) وعدو نه ٿو ڦيرائي.

  21. ڇا تو هن (ڳالھ) تي غور نه ڪيو ته خدا ئي آسمان مان پاڻي وسايو پوءِ ان کي زمين ۾ چشما بنائي جاري ڪيائين وري ان سان جدا جدا رنگن (جي اناج) جي پوک پيدا ڪري ٿو وري اها (پچڻ کان پوءِ) سڪي وڃي ٿي پوءِ تون ان کي هيڊو ڏسين ٿو وري ان کي ذرا ذرا ڪري ٿو. بيشڪ ان (ڳالھ) ۾ عقل وارن لاءِ نصيحت ۽ عبرت آهي.

  22. ڇا پوءِ جنهن جو سينو خدا اسلام (قبول ڪرڻ) لاءِ کوليو آهي ته اهو پنهنجي پالڻهار (جي هدايت) جي روشني تي (هلي) ٿو (سو گمراهن جي برابر ٿي سگهي ٿو؟) افسوس ته انهن تي آهي جن جون دليون خدا جي ياد کان (غافل ٿي) سخت ٿي پيون آهن. اهي ظاهر گمراهي ۾ (پيا) آهن.

  23. خدا نهايت سٺو ڪلام ڪتاب (قرآن) نازل فرمايو (جنهن جون ڳالهيون) هڪ ٻئي جهڙيون (۽ هڪ مقصد جي سمجهائڻ لاءِ بار بار) دهرايل آهن ان جي ٻڌڻ سان انهن ماڻهن جي کلن (جا وار) ڪانڊارجن ٿا جيڪي پنهنجي پروردگار کان ڊڄن ٿا. وري سندن بدن نرم ٿين ٿا ۽ سندن دليون خدا جي ياد ڏي خاطريءَ (دلجاءِ) سان متوجه ٿين ٿيون. هي خدا جي هدايت آهي جنهن کي وڻيس تنهن کي ان سان هدايت ڪري ٿو ۽ جنهن کي گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڏي ته ان کي (سڌي) راھ تي ڪو به آڻڻ وارو ڪونهي.

  24. ته ڇا جو شخص قيامت جي ڏينهن پنهنجي منهن کي وڏي عذاب جي ڍال بنائيندو (سو ناجي جي برابر ٿيندو ڇا؟) ۽ ظالمن کي چيو ويندو ته اوهين (دنيا ۾) جيڪي ڪجھ ڪندا هئا هاڻي تن جا مزا چکو.

  25. جيڪي کانئن اڳ هئا تن به (پيغمبرن کي) ڪوڙو ڪيو ته انهن تي اهڙي طرح عذاب اچي ڪڙڪيو جو کين خبر نه پئي.

  26. ته خدا کين (هن) دنيا ۾ خواريءَ (جو مزو) چکايو ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب (ته ان کان به) تمام وڏو آهي. جيڪڏهن (هيءَ ڳالھ) سمجهن ها.

  27. ۽ بيشڪ اسان هن قرآن ۾ ماڻهن (جي سمجهائڻ) لاءِ هر قسم جا مثال بيان ڪيا آهن ته من اهي نصيحت حاصل ڪن.

  28. (اسان ته صاف ۽ سليس) هڪ عربي قرآن (نازل ڪيو) جنهن ۾ ڪا ڏنگائي نه آهي ته جيئن اهي (سوچي سمجهي) خدا کان ڊڄن.

  29. خدا هڪ مثال بيان ڪري ٿو ته هڪ شخص (غلام) جنهن جا ڪيئي جهڳڙالو حصي دار آهن ۽ هڪ غلام جيڪو هڪ ماڻهو جي خالص (اڪيلو) ملڪيت آهي ته ڇا انهن ٻنهي (غلامن جي) حالت هڪجهڙي ٿي سگهي ٿي؟ (هرگز نه) سڀ ساراهون الله لاءِ ئي آهن پر انهن مان گهڻا ماڻهو (ايتري ڳالھ به) نه ٿا ڄاڻن.

  30. (اي رسول) بيشڪ تون (به) مرڻ وارو آهين ۽ اهي ماڻهو (به) پڪ مرڻ وارا آهن.

  31. پوءِ بيشڪ اوهين قيامت جي ڏينهن پنهنجي پروردگار جي بارگاھ ۾ هڪ ٻئي سان جهڳڙو ڪندو.

  32. پوءِ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي جنهن خدا تي ڪوڙ مڙهيو ۽ جڏهن وٽس سچي ڳالھ آئي ته ان کي ڪوڙو چيائين ته ڇا ڪافرن جي رهڻ جي جاءِ جهنم نه آهي؟ (ضرور آهي).

  33. ۽ ياد رکو! ته جنهن (رسول) سچي ڳالھ آندي ۽ جنهن ان جي تصديق ڪئي اهي ٻي شخص پرهيزگار آهن.

  34. هي جيڪي گهرندا سو سندن پالڻهار وٽ (موجود) آهي اهو نيڪي ڪندڙن جو بدلو آهي.

  35. هن لاءِ ته جيڪي بڇڙا ڪم ڪيا اٿن سي خدا کانئن ميٽي ۽ جيڪي تمام چڱا ڪم پيا ڪن تن جي عيوض کين سندن اجورو ڏي.

  36. ڇا خدا پنهنجن ٻانهن (جي مدد) لاءِ ڪافي نه آهي؟ (بيشڪ آهي) ۽ (اي رسول) اهي ماڻهو تو کي خدا کان سواءِ ٻين (معبودن کان) ڊيڄارين ٿا. ۽ جنهن کي خدا گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڏي تنهن کي ڪو به سڌي راھ تي آڻڻ وارو نه آهي.

  37. ۽ جنهن شخص کي خدا هدايت ٿو تنهن کي ڪو به گمراھ ڪرڻ وارو نه آهي ڇا خدا زبردست (۽) بدلي وٺڻ وارو نه آهي؟ (بيشڪ آهي)

  38. ۽ (اي رسول) جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو ته ضرور چوندا (ته) الله. تون (کين) چئو ته غور ڪريو! جن جي اوهين خدا کان سواءِ عبادت ڪريو ٿا جيڪڏهن خدا مون کي ڪا تڪليف پهچائڻ گهري ته ڇا اهي سندس (پهچايل) تڪليف لاهي سگهن ٿا؟ يا مون تي ڪا مهرباني ڪرڻ گهري ڇا اهي سندس مهرباني روڪي سگهن ٿا؟ (اي رسول) چوين ته مون لاءِ خدا ڪافي آهي. ڀروسو ڪندڙ مٿس ئي ڀروسو ڪن ٿا.

  39. (اي رسول کين) چئو ته اي منهنجي قوم! اوهين پنهنجي جاءِ تي (جيڪي وڻيو) عمل ڪريو آءُ به (پنهنجي جاءِ تي) عمل ڪريان ٿو. پوءِ جلد ئي توهان کي معلوم ٿي ويندو.

  40. ته ڪنهن کي اها آفت اچي ٿي جا کيس (دنيا ۾) خوار ڪري ۽ (آخرت ۾) مٿس هميشه عذاب (به) نازل ٿيندو.

  41. (اي رسول) اسان تو تي بيشڪ ماڻهن (جي هدايت) لاءِ حق سان ڪتاب (قرآن) نازل ڪيو، پوءِ جيڪو راھ تي آيو سو پنهنجي (ڀلي) لاءِ، ۽ جيڪو گمراھ ٿيو سو رڳو پنهنجي نقصان لاءِ گمراھ ٿئي ٿو. ۽ تون انهن جو ذميوار نه آهين.

  42. الله ئي ماڻهن جي مرڻ جي وقت سندن روح (پاڻ ڏي) ڇڪي سڏي ٿو ۽ جيڪي نه مئا آهن سندن (روح) ننڊ ۾ (قبضي ۾ رکي ٿو) پوءِ جن کي موت جو حڪم ڪيو اٿس تن کي (پاڻ وٽ) روڪي ٿو ۽ ٻين کي مقرر مدت تائين ڇڏي ٿو. بيشڪ ان ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ وارن جي لاءِ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن.

  43. ڇا انهن خدا کان سواءِ (ٻين کي) سفارشي بنايو آهي؟ (اي رسول کين) چئو ته ڇا (اهڙا سفارش ڪندا) جيتوڻيڪ اهي نڪي ڪنهن شي جو اختيار رکن ٿا ۽ نڪي سمجهن ٿا.

  44. تون چوين ته سڀ سفارش خدا جي وس ۾ آهي. آسمانن ۽ زمين جي حڪومت سندس (ئي) آهي. وري ان ڏي ئي اوهان کي موٽايو ويندو.

  45. ۽ جڏهن رڳو خدا جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ته سندن واڇون کلن ٿيون.

  46. (اي رسول تون) چئو ته اي الله آسمانن ۽ زمين جا پيدا ڪندڙ ڳجھ ۽ ظاهر جا ڄاڻندڙ تون ئي پنهنجن ٻانهن جي وچ ۾ جنهن ڳالھ ۾ اهي اختلاف پيا ڪن تنهن ۾ فيصلو ڪندين.

  47. ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو سڀ ۽ ان سان گڏ ان جيترو ٻيو (به) جيڪڏهن نافرمانن وٽ هجي ته قيامت جي ڏينهن بڇڙي عذاب کان (بچڻ لاءِ) اهو به پنهنجي بدلي ۾ ڏيئي چڪن. ۽ (ان وقت) خدا جي طرفان کين اهڙي ته ڳالھ پيش ڪئي ويندي جنهن جو وهم ۽ گمان به نه هوندن.

  48. ۽ جي برا ڪم ڪيا هوندا (سي به) مٿن ظاهر ٿيندن ۽ جنهن (عذاب) تي هي ٺٺوليون ڪن ٿا سو کين اچي گهيريندو.

  49. پوءِ جڏهن انسان کي ڪا تڪليف رسي ٿي ته اسان کي سڏي ٿو وري جڏهن ان کي پنهنجي طرفان ڪا نعمت عطا ڪريون ٿا ته چوي ٿو ته اها مون کي رڳو (پنهنجي) عقلمنديءَ جي ڪري ملي آهي. ائين نه آهي بلڪ اها (نعمت) هڪ امتحان آهي پر انهن مان گهڻا نٿا ڄاڻن.

  50. جيڪي انهن کان اڳ هئا سي به اهڙيون ڳالهيون ڪندا هئا پوءِ (جڏهن اسان جو عذاب آيو) ته سندن ڪارستانيون کين ڪجھ ڪم نه آيون.

  51. مطلب ته سندن ڪرتوتن جا برا نتيجا کين ڀوڳڻا پيا. پڻ انهن (مڪي جي ڪافرن) مان به جن ماڻهن نافرمانيون ڪيون) آهن تن کي به پنهنجن ڪرتوتن جي سزا ڀوڳڻي پوندي ۽ اهي ماڻهو (خدا کي) عاجز نٿا ڪري سگهن.

  52. ڇا انهن ماڻهن ايترو به نه ڄاتو ته الله ئي جنهن جي روزي گهري ٿو ڪشادي ڪري ٿو ۽ (جنهن جي گهري ٿو) تنگ ڪري ٿو. بيشڪ ان ۾ ايماندارن لاءِ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن.

  53. (اي رسول کين) چئو ته: اي منهنجا (ايماندار) ٻانهو! جن ماڻهن (گناھ ڪري) پنهنجي جانن تي زيادتيون ڪيون آهن خدا جي رحمت کان نا اميد نه ٿيو بيشڪ خدا (اوهان جي) سڀني گناهن کي معاف ڪندو. اهو ئي بيشڪ معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.

  54. ۽ پنهنجي پروردگار ڏي رجوع ٿيو ۽ سندس فرمانبردار ٿيو هن کان اڳي جو اوهان تي عذاب اچي نازل ٿئي ان وقت اوهان جي مدد نه ڪري سگهي.

  55. ۽ جيڪي سٺيون سٺيون ڳالهيون اوهان جي پروردگار جي طرفان اوهان تي نازل ٿين ٿيون انهن تي هلو. (پر) ان کان اڳي جو اوهان تي اوچتو عذاب نازل ٿئي ۽ اوهان کي (ان جي) ڪا خبر به نه هجي.

  56. (ڏسو ائين نه ٿئي) جو (اوهان مان) ڪو شخص چوڻ لڳي ته افسوس! منهنجي هن ڪوتاهي تي جا مون (خدا جي بارگاھ جو) قرب حاصل ڪرڻ ۾ ڪئي ۽ آءُ ته رڳو اهڙين ڳالهين تي کلندو رهيس.

  57. يا هئين چوڻ لڳي ته جيڪڏهن خدا منهنجي هدايت ڪري ها ته آءُ ضرور پرهيزگارن مان هجان ها.

  58. جڏهن عذاب کي (ايندو) ڏسي ته چوڻ لڳي ته هاءِ! جيڪڏهن مون کي (دنيا ۾) ٻيو ڀيرو وڃڻ ملي ته آءُ (جيڪر) نيڪن مان ٿيان.

  59. (تنهن وقت خدا فرمائيندو ته) هاءُ! هاءُ! جڏهن تو وٽ منهنجون آيتون پهتيون ته تو تن کي ڪوڙو ڪيو ۽ تو وڏائي ڪئي ۽ تون ڪافرن مان هئين (هاڻي تنهنجي هڪ ڳالھ به نه ٻڌي ويندي).

  60. پڻ جن ماڻهن خدا تي ڪوڙا بهتان ٻڌا تون قيامت جي ڏينهن ڏسندين ته انهن جا منهن ڪارا هوندا ڇا! غرور ڪرڻ وارن جي جڳھ جهنم ۾ نه آهي؟ (بيشڪ آهي).

  61. ۽ جي شخص پرهيزگار آهن خدا کين سندن ڪاميابي ۽ (نيڪ هجڻ) سبب نجات عطا ڪندو جو انهن کي (ڪا به) تڪليف ڇهندي به نه ۽ نه اهي ماڻهو (ڪنهن طرح) ڏک ڏسندا.

  62. الله ئي هر شي جو پيدا ڪرڻ وارو آهي ۽ هو ئي هر شي جو نگهبان آهي.

  63. آسمانن ۽ زمين جون ڪنجيون ان وٽ ئي آهن ۽ جن ماڻهن سندس آيتن کان انڪار ڪيو اهي ئي نقصان ۾ رهندا.

  64. (اي رسول کين) چئو ته نادانو! ڀلا اوهين مون کي چئو ٿا ته آءُ خدا کان سواءِ (ڪنهن ٻئي) جي عبادت ڪريان!

  65. ۽ (اي رسول) تو ڏي ۽ انهن (پيغمبرن) ڏي جيڪي تو کان اڳ ٿي چڪا آهن. پڪ هي وحي ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن شرڪ ڪيو ته پڪ تنهنجو عمل اڪارت ٿي ويندو ۽ تون بلڪل نقصان پائڻ وارن مان ٿيندين.

  66. پر اوهين خدا جي عبادت ڪريو ۽ شڪر گذارن مان ٿيو.

  67. ۽ انهن ماڻهن خدا جو جهڙو قدر ڪرڻ گهربو هو (تهڙو ڪجھ به) قدر نه ڪيو. هوڏانهن (اهو اهڙو قادر آهي جو) قيامت جي ڏينهن سموري زمين (ڄڻ ته) سندس مٺ ۾ ئي هوندي ۽ سڀ آسمان (ڄڻ ته) سندس سڄي هٿ ۾ ويڙهيل (سهيڙيل) هوندا جنهن کي اهي ماڻهو سندس شريڪ بنائين ٿا اهو ان کان پاڪ ۽ بلند آهي.

  68. ۽ (جڏهن پهريون ڀيرو) صور ڦوڪيو ويندو ته جيڪي آسمانن ۾ آهن سي ۽ جيڪي زمين ۾ آهن اهي (سڀ موت کان) بيهوش ٿي ڪري پوندا پر (هاءُ) جنهن کي خدا گهري (سو البت بچي پوندو) وري (جڏهن) ٻيو ڀيرو صور ڦوڪيو ويندو ته يڪدم سڀئي اٿي بيهي ڏسڻ لڳندا!

  69. ۽ زمين پنهنجي رب جي نور سان روشن ٿي پوندي. پڻ (عملن جو) ڪتاب (ماڻهن جي اڳيان) رکيو ويندو، ۽ پيغمبر ۽ شاهد آڻي حاضر ڪيا ويندا ۽ انهن ۾ انصاف سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ انهن تي (ذري جيترو به) ظلم نه ڪيو ويندو.

  70. ۽ جنهن شخص جو ڪجھ ڪيو هوندو تنهن کي ان جو پورو پورو بدلو ڏنو ويندو. ۽ جو ڪجھ اهي ماڻهو ڪن ٿا اهو تنهن کان چڱي طرح واقف آهي.

  71. ۽ ڪافرن کي ٽوليون ٽوليون ڪري دوزخ ڏي هڪليو ويندو تان جو جڏهن دوزخ وٽ ايندا ته ان جا دروازا کوليا ويندا ۽ دوزخ جا دروغا کين چوندا ته اوهان مان توهان وٽ ڪي رسول نه آيا هئا ڇا؟ جي اوهان کي اوهان جي پروردگار جون آيتون پڙهي ٻڌائين ۽ هن (بري) ڏينهن جي پيش اچڻ کان اوهان کي ڊيڄارين؟ ڪافر چوندا ته هاءُ! (آيا ته هئا) پر (اسان نه مڃيو ۽) عذاب جو حڪم ڪافرن جي باري ۾ ثابت ٿيو.

  72. (پوءِ کين) چيو ويندو ته دوزخ جي دروازن مان داخل ٿيو ان ۾ هميشه پيا رهو. غرض وڏائي ڪندڙن جي جاءِ بڇڙي آهي.

  73. ۽ جيڪي (دنيا ۾) پنهنجي پالڻهار کان ڊڄندا رهيا تن کي جنت ڏي (وڏي عزت) سان ٽوليون ٽوليون ڪري روانو ڪيو ويندو تان جو جڏهن ان وٽ ايندا ۽ ان جا دروازا کوليا ويندا ته ان جا نگهبان کين چوندا سلام عليڪم (اوهان تي سلام هجي) اوهين چڱا رهيا! ۽ ان ۾ هميشه (هميشه) رهڻ لاءِ داخل ٿيو.

  74. ۽ اهي (مومن) چوندا ته سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جنهن اسان سان پنهنجو انجام سچو ڪيو ۽ اسان کي (بهشت جي) زمين جو وارث ڪيائين. بهشت ۾ جتي چاهيون ٿا اتي رهون ٿا ته نيڪ ٿي هلڻ وارن جو عوض ڪهڙو نه سٺو آهي.

  75. ۽ (اي رسول! ان ڏينهن) ملائڪن کي عرش جي چوڌاري گهيرو ڪري بيهندڙ ڏسندين پنهنجي پروردگار جي حمد سان گڏ (سندس) پاڪائي بيان ڪندا هوندا. ۽ سندن وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ چيو ويندو ته سڀ تعريفون الله لاءِ ئي آهن جو جهانن جو پروردگار آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found