سومر, 20 مئي 2019 - Mon 05 20 2019

منو

سورت ص

ٽوٽل آيتون: 88

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. ص، نصيحت واري قرآن جو قسم (تون بر حق نبي آهين).

  2. پر اهي ڪافر (اجايو) وڏائي ۽ دشمني ۾ (غرق ٿي انڌا ٿيا) آهن.

  3. اسان انهن کان اڳ ڪيترائي گروھ برباد ڪري ڇڏيا ته (عذاب جي وقت) اهي ماڻهون دانهون ڪرڻ لڳا پر ڇوٽڪاري جو وقت ئي نه رهيو هو.

  4. ۽ انهن ماڻهن کي هن ڳالھ کان حيرت ٿي ته انهن مان ئي (خدا جي عذاب کان) ڊيڄارڻ وارو (پيغمبر انهن ڏانهن آيو پڻ ڪافر ماڻهو چوڻ لڳا ته هي (شخص) ته وڏو (کيڏاري) جادوگر ۽ سخت ڪوڙو آهي.

  5. ڀلا (ڏسو ته) هن شخص سڀني بتن کي (مليا ميٽ ڪري رڳو) هڪ معبود مقرر ڪيو آهي، اها ڳالھ ته پڪ حيرت جهڙي آهي.

  6. پڻ انهن مان ڪي ذمي دار ماڻهو هي چوندا (نصيحت جي مجلس مان) اٿي کڙا ٿيا ته (هتان) اٿو! ۽ پنهنجن معبودن جي عبادت تي قائم رهو، پڪ ان ڳالھ ۾ هن (شخص جو) ڪجھ (ذاتي) غرض آهي.

  7. اسان ماڻهن ته اها ڳالھ اڳئين دين ۾ ڪڏهين ٻڌي به ڪين! هجي نه هجي اها سندس ٺاهيل (ڳالھ) آهي.

  8. ڇا اسان سڀني ۾ رڳو (محمد ئي لائق هو جو) ان تي قرآن نازل ٿيو. (نه!) ڳالھ هيءَ آهي ته کين (دراصل) منهنجي ڪلام ۾ ئي شڪ آهي (ته اهو منهنجو آهي يا نه) پر ڳالھ هيءَ آهي ته انهن ماڻهن اڃا تائين منهنجي عذاب جو مزو چکيو ئي نه آهي (تنهنڪري ئي اهي شرارت ڪن ٿا).

  9. يا ته (اي رسول) تنهنجي زبردست فياض پالڻهار جي رحمت جا خزانا انهن وٽ آهن.

  10. يا آسمانن ۽ زمين ۾ انهن ٻنهي جي وچ جي حڪومت سندن ئي آهي؟ ته پوءِ کين گهرجي ته رسا يا ڏاڪڻيون لڳائي (آسمان تي) چڙهن.

  11. اي رسول! (اڳين نبين سان وڙهڻ وارن) گروهن مان هتي تنهنجي مقابلي ۾ به هڪ لشڪر آهي جيڪو هار کائيندو.

  12. انهن کان اڳ نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ميخن واري فرعون.

  13. ۽ ثمود ۽ لوط جي قوم ۽ جهنگ ۾ رهڻ واري (قوم شعيب) اهي (سڀني نبين کي) ڪوڙو ڪري چڪا آهن. هي اهي جماعتون آهن (جن هار کاڌي)

  14. انهن سڀني (اسان جي) پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو ته اسان جو سچو عذاب (به) اچي مٿن ڪڙڪيو.

  15. هي (ڪافر) رڳو هڪ ”رڙ“ (صور) جو انتظار ڪن ٿا، جا (پوءِ کين) اک ڇنب جيتري (به) مهلت نه ڏيندن.

  16. ۽ اهي ماڻهو (ٽوڪ سان) چون ٿا ته پروردگار! حساب جي ڏينهن (قيامت) کان اڳ ۾ ئي (جيڪي) اسان جي قسمت ۾ لکيل (هجي) اسان کي جلد ڏئي ڇڏ.

  17. (اي رسول! جهڙيون جهڙيون ڳالهيون اهي ڪن ٿا تن تي (في الحال) صبر ڪر ۽ اسان جي عبد دائود کي ياد ڪر! جيڪو وڏي طاقت وارو هو (پر صبر ڪيائين) بيشڪ اهو (اسان جي بارگاھ ۾) رجوع ڪرڻ وارو هو.

  18. اسان جبلن کي به سندس فرمانبردار ڪري ڇڏيو هو جو ان سان گڏ صبح ۽ شام خدا جي تسبيح ڪندا هئا.

  19. ۽ پکي به (خدا جي ياد وقت) اچي ڪٺا ٿيندا هئا (۽) سندس چوڻ ۾ هئا.

  20. ۽ اسان سندس سلطنت کي مضبوط ڪري ڇڏيو پڻ اسان کيس حڪمت ۽ بحث (مباحثه) جي فيصلي ڪرڻ جي طاقت عطا فرمائي هئي.

  21. (اي رسول) ڇا تو کي انهن دعوى دارن جي خبر به پهتي آهي؟ جڏهن اهي ڀت پٽي عبادت خاني ۾ آيا

  22. (۽ اچي) جڏهن دائود وٽ بيٺا ته اهو انهن کان ڊنو، انهن چيس ته اوهين ڊڄو نه. (اسين ٻئي) هڪ مقدمي جون (ٻه) ڌريون آهيون جو اسان مان هڪ _ڌر) ٻئي تي ڏاڍ ڪيو آهي. هاڻي اوهين اسان جي وچ تي حق سچ جو فيصلو ڪريو ۽ انصاف نه ڇڏ ۽ اسان کي سنئين واٽ لايو.

  23. (ڳالھ هئين آهي ته) هي (شخص) منهنجو ڀاءُ آهي. کيس نوانوي رڍون آهن ۽ مون کي (فقط) هڪ رڍ آهي، تنهن هوندي به هي مون کي چوي ٿو ته اها دنبي به مون کي ڏي ۽ ڳالهائڻ ۾ مون تي سختي ڪري ٿو.

  24. دائود (سواءِ ٻي ڌر جي پڇڻ جي) چيو ته هي جو تنهنجي دنبي تو کان وٺي پنهنجين دنبين ۾ ملائڻ گهري ٿو ته اهو تو تي ظلم ٿو ڪري ۽ گهڻن ڀائيوارن ماڻهن (جي پڪ اها حالت آهي جو) هڪ ٻئي تي ظلم ڪندا رهندا آهن، پر جن ماڻهن (سچي دل سان) ايمان قبول ڪيو ۽ سٺا (سٺا) ڪم ڪيا (اهي ائين نه ڪندا آهن) ۽ اهڙا شخص تمام ٿورا آهن (اهو ٻڌي اهي ٻئي ته هليا ويا) پر دائود سمجهيو ته اسان سندس امتحان ورتو (۽ پاڻ ان ۾ پاس نه ٿيو) پوءِ ته پنهنجي پالڻهار کان معافي گهرڻ لڳو ۽ سجدي ۾ ڪري پيو، (۽ مون ڏي رجوع ٿيو)

  25. ته اسان سندس اها (لغزش) معاف ڪئي. ۽ بيشڪ ان لاءِ اسان وٽ مرتبو ۽ سٺي پڄاڻي آهي.

  26. (اسان فرمايس ته) اي دائود! اسان تو کي زمين ۾ (پنهنجو) نائب مقرر ڪيو ته تون ماڻهن ۾ بلڪل ٺيڪ فيصلو ڪندو ڪر! ۽ نفساني پيروي نه ڪر. نه ته اها ڳالھ تو کي خدا جي راھ کان ٿيڙي ڇڏيندي. بيشڪ جي ماڻهو خدا جي راھ کان ٿڙن ٿا تن جي تمام سخت سزا ٿيندي ڇو ته انهن ماڻهن حساب جي ڏينهن (قيامت) کي وساري ڇڏيو.

  27. ۽ اسان آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي انهن جي وچ ۾ آهي سو بيڪار نه پيدا ڪيو آهي. اهو ڪافرن جو خيال آهي پوءِ ڪافرن لاءِ دوزخ جو ويل آهي.

  28. ڇا! جن ماڻهن ايمان قبول ڪيو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي اسين انهن جي برابر ڪيون جيڪي روءِ زمين ۾ فساد پيدا ڪندا وتن ٿا يا اسين پرهيزگارن کي بدڪار ماڻهن وانگر بنايون؟

  29. (اي رسول) جو ڪتاب (قرآن) اسان تو تي نازل ڪيو آهي (سو وڏي) برڪت وارو آهي، هن لاءِ ته ماڻهو سندس آيتن ۾ غور ڪن پڻ هن لاءِ ته سمجھ وارا سبق حاصل ڪن.

  30. ۽ اسان دائود کي سليمان (جهڙو پٽ) عطا ڪيو، (اهو به) ڪهڙو چڱو ٻانهو هو. بيشڪ اهو (اسان ڏي) رجوع ڪندڙ هو.

  31. اوچتو شام جي وقت خاصي جا اصول گهوڙا سندس اڳيان آندا ويا.

  32. (ته ڏسڻ ۾ لڳي ويو ته نفلن کي دير ٿي ويس ۽ ياد اچڻ تي) چيائين ته مون مال جي الفت کي پنهنجي پالڻهار جي ياد تي پسند ڪيو آهي! تان (سج) پردي ۾ لڪي ويو.

  33. (ته چيائين چڱو) انهن گهوڙن کي مون ڏانهن وري آڻيو. (جڏهن آيا) ته (دير ڪرڻ جي ڪفاري ۾) گهوڙن جي ٽنگين ۽ ڳچين تي (ذبح لاءِ) هٿ ڦيرڻ (ڪهڻ) شروع ڪيائين.

  34. ۽ بيشڪ اسان سليمان کي آزمايو ۽ سندس تخت تي هڪ ڌڙ اڇلايوسون پوءِ (پاڻ کي مون ڏانهن) رجوع ڪيائين.

  35. (۽) چيائين پالڻهار! مون کي بخش ۽ مون کي اهو ملڪ عطا فرمائي جو مون کان پوءِ ڪنهن جي به لائق نه هجي، بيشڪ تون ئي عطا ڪندڙ آهين.

  36. پوءِ اسان هوا کي سندس تابع ڪيو جا سندس حڪم سان جتي پاڻ چاهيندو هو اتي آرام سان هلندي هئي.

  37. ۽ (اهڙي طرح) جيترا شيطان جاين اڏڻ وارا ۽ غوطا لڳائڻ وارا هئا، سڀني کي تابع ڪري ڇڏيو.

  38. ۽ انهن کان سواءِ ٻين کي به، جيڪي زنجيرن ۾ قابو ٿيل هئا.

  39. (اي سليمان!) هي اسان جي بي حساب عنايت آهي پوءِ ان کي ماڻهن کي ڏيئي) احسان ڪر يا (سڀ) پاڻ وٽ رک.

  40. ۽ بيشڪ سليمان جي اسان جي بارگاھ ۾ قرب ۽ مرتبو ۽ عمدي جاءِ آهي.

  41. ۽ (اي رسول) اسان جي (خاص) عبد ايوب کي ياد ڪر! جڏهن ان پروردگار کي فرياد ڪئي ته مون کي شيطان ڏاڍي تڪليف ۽ ايذاءِ پهچايو آهي.

  42. (ته کين چيو ته) پنهنجي پيرن سان (زمين کي) ٿڏو هڻ! (جڏهن چشمو نڪتو ته اسان چيس ته اي ايوب!) تنهنجي وهنجڻ ۽ پيئڻ لاءِ هي ٿڌو پاڻي (حاضر) آهي.

  43. ۽ اسان سندس گهروارن ۽ ان سان اوتري ئي پڻ پنهنجي خاص مهربانيءَ سان (اولاد وغيره) عطا ڪيس ۽ عقل وارن جي لاءِ عبرت ۽ نصيحت (مقرر ڪئي)

  44. ۽ (اسان چيو) اي ايوب! تون پنهنجي هٿ ۾ ٻهاري کڻي ۽ ان سان (پنهنجي زال کي) هڻ! ۽ پنهنجي قسم ۾ ڪوڙو نه ٿي. اسان ايوب کي پڪو صابر لڌو اهو ڪهڙو نه چڱو هو. بيشڪ اهو (اسان جي بارگاھ ۾) جهڪڻ وارو هو.

  45. ۽ (اي رسول) اسان جي ٻانهن مان ابراهيم ۽ اسحاق ۽ يعقوب کي ياد ڪر! جي طاقت ۽ بصيرت وارا هئا.

  46. اسان انهن شخصن کي هڪ خاص صفت، آخرت جي ياد سان ممتاز ڪيو هو.

  47. بيشڪ اهي اسان جي بارگاھ ۾ برگزيدا ۽ نيڪ ماڻهن ۾ آهن.

  48. ۽ (اي رسول) اسماعيل اليسع ۽ ذوالڪفل کي (به) ياد ڪر ۽ اهي سڀ نيڪ بندن مان آهن.

  49. هيءَ هڪ نصيحت آهي. ۽ بيشڪ پرهزگارن لاءِ (آخرت ۾) يقيني چڱي آرام گاھ آهي.

  50. (يعني) هميشه جي رهڻ جا (بهشتي) سدا بهار باغ جن جا دروازا انهن لاءِ (سدائين) کليل رهندا.

  51. ۽ اهي شخص اتي ٽيڪ ڏيئي (آرام سان ويٺا) هوندا اتي (بهشت جي خدامن کان) گهڻائي ميوا ۽ شراب گهرائيندا.

  52. ۽ سندن پاسي ۾ (شرم کان) هيٺ ڪيل اکين واريون عم عمر زالون هوندن.

  53. (مومنو!) هي اهي خبرون آهن جن جو حساب جي ڏينهن (قيامت) جي لاءِ اوهان سان وعدو ڪيو وڃي ٿو.

  54. بيشڪ اها اسان جي (ڏنل) روزي آهي جا ڪڏهين نه کٽندي اهو (پرهيزگارن جو بدلو آهي)

  55. ۽ سرڪش جي ته يقينا بڇڙي جڳھ آهي.

  56. جهنم جن ۾ کين وڃڻو پوندو، ته اهو ڪهڙو نه بڇڙو ٺڪاڻو آهي.

  57. اهو ٽهڪندڙ پاڻي ۽ پونءِ آهي پوءِ ڀلي ته ان کي چکيندا رهن.

  58. ۽ ٻيو به ان جهڙو طرح طرح جو (عذاب) آهي.

  59. (ڪن ماڻهن لاءِ انهن جي سردارن کي) چيو ويندو هيءَ (اوهان جي چيلن جي) فوج به اوهان سان گڏ ئي ڌوڪي ويندي سندن ڀلو نه ٿئي! اهي سڀئي دوزخ ۾ وڃڻ وارا آهن.

  60. ۽ (ته چيلا) چوندن (اسين ڇو؟) پر اوهين (جهنمي آهيو) اوهان جو ڀلو نه ٿئي! توهان ماڻهن ئي ته هن مصيبت جي منهن ۾ وڌو ته جهنم به ته ڪهڙي نه بڇڙي جڳھ آهي.

  61. (پوءِ وري) عرض ڪندا پروردگار! جنهن اسان کي هن (مصيبت) ۾ وڌو تنهن تي ته اسان کان وڌيڪ دوزخ جو ٻيڻو عذاب ڪر.

  62. ۽ (وري) پاڻ به چوندا ته اسان کي ڇا ٿيو جو اسين جن ماڻهن کي (دنيا ۾) شرير ڄاڻندا هئاسين تن کي (هتي دوزخ ۾) نه ٿا ڏسون.

  63. ڇا اسين انهن سان (ناحق) ٺٺوليون ڪندا هئاسون يا انهن کان (اسان جون) اکيون ڦري ويون آهن.

  64. بيشڪ دوزخين جو پاڻ ۾ جهيڙو ڪرڻ اهو بلڪ پڪ ٺيڪ آهي.

  65. (اي رسول) تون چوين ته آءُ رڳو (خدا جي عذاب کان) ڊيڄارڻ وارو آهيان ۽ واهد قهار خدا کان سواءِ ڪوئي معبود عبادت جي لائق نه آهي.

  66. آسمانن ۽ زمين جو ۽ جي شيون انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهن (تن سڀني جو) پالڻهار وڏو بخشڻهار آهي.

  67. (اي رسول! کين) ٻڌائي ته اها (قيامت) هڪ وڏو واقعو آهي.

  68. جنهن کان اوهين ماڻهو (اجايو) منهن موڙيو ٿا.

  69. عالم بالا جي رهڻ وارا (فرشتا) جڏهن پاڻ ۾ بحث ڪندا هئا تنهنجي مون کي به خبر ڪين هئي.

  70. مون ڏي رڳو وحي ڪيو ويو آهي ته آءُ (خدا جي عذاب کان) ظاهر ظهور ڊيڄارڻ وارو آهيان.

  71. (اهو بحث هي هو ته) جڏهن ته اوهان جي پروردگار فرشتن کي چيو ته آءُ آليءَ مٽي مان هڪ آدمي بنائڻ وارو آهيان.

  72. ته آءُ جڏهن کيس درست ڪريان ۽ ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيان ته اوهين سڀئي سندس سامهون سجدي ۾ ڪري پئجو.

  73. ته سڀني فرشتن (ته) سجدو ڪيو،

  74. پر (هڪ) ابليس جنهن وڏائي ڪئي ۽ ڪافرن مان ٿيو.

  75. خدا (ابليس کي) فرمايو ته اي ابليس! جنهن کي مون پنهنجي هٿن سان بنايو تنهن کي سجدي ڪرڻ کان تو کي ڪهڙي ڳالھ روڪيو. ڇا تو وڏائي ڪئي يا تون بلند درجي وارن مان آهين؟

  76. (ابليس چوڻ لڳو ته آءُ ان کان بهتر آهيان. تو مون کي باھ مان پيدا ڪيو ۽ هن کي تو آلي مٽي مان پيدا ڪيو (ڪٿي باھ ڪٿي مٽي)

  77. خدا فرمايو تون هتان نڪر! (دفع ٿي) تون ته پڪ مردود آهين.

  78. ۽ بيشڪ تو تي حساب جي ڏينهن (قيامت) تائين منهنجي لعنت آهي.

  79. ان چيو ته اي منهنجا پالڻهار! پوءِ تون مون کي ان ڏينهن تائين مهلت ڏي جنهن ۾ ماڻهن کي (جيئرو ڪري) اٿاريو ويندو.

  80. خدا فرمايو تو کي مهلت ڏني ويندي.

  81. هڪ ٺهرايل (مقرر ڪيل) وقت تائين.

  82. هن چيو تنهنجي ئي عزت (۽ جلال) جو قسم سڀني کي گمراھ ڪندس.

  83. مگر سواءِ تنهنجي خاص بندن جي،

  84. خدا فرمايو ته (اسين به) سچي ڳالھ (ٿا ٻڌايون) ۽ آءُ سچ ئي چوندو ڪندو آهيان.

  85. ته تو سان ۽ جيڪي تنهنجي پيروي ڪندا تن سڀني سان جهنم کي ضرور ڀريندس.

  86. (اي رسول! کين) فرمائي ته آءُ نه ته هن (تبليغ رسالت) جي اوهان کان مزدوري گهران ٿو ۽ نه آءُ (ڪوڙ بدوڙ) ڏيکاءُ ڪرڻ وارو ئي آهيان.

  87. هي (قرآن) ته رڳو سموري جهان لاءِ نصيحت آهي.

  88. ۽ ڪجھ ڏينهن کان پوءِ اوهان کي ان جي حقيقت معلوم ٿي ويندي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found