اڱارو, 16 جولاءِ 2019 - Tue 07 16 2019

منو

سورت صافات

ٽوٽل آيتون: 182

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. (عبادت يا جهاد ۾) قطار ڪري صفن ٻڌڻ وارن جو (قسم)،

  2. پوءِ (برن کي برائيءَ کان) جهڻڪ ڏيئي ڌمڪائڻ وارن جو (قسم)،

  3. ۽ وري قرآن کي پڙهڻ وارن جو قسم آهي،

  4. ته اوهان جو معبود پڪ اڪيلو خدا آهي.

  5. جو آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي انهن ٻنهي جي وچ تي آهي (سڀني جو) پالڻهار آهي. پڻ (چنڊ، سج ۽ تارن جي) اڀرڻ (۽ لهڻ) وارن هنڌن جو به مالڪ آهي.

  6. بيشڪ اسان دنيا جي آسمان کي تارن جي سونهن سان سينگاريو آهي.

  7. ۽ (تارن کي) سرڪش شيطانن کان حفاظت جي لاءِ (به پيدا ڪيو آهي)

  8. ته هاڻي اهي شيطان عالم بالا ڏي ڪن به لڳائي نٿا سگهن ۽ مٿن سڀ ڪنهن پاسي کان (تارا) اڇلايا وڃن ٿا،

  9. بچائڻ لاءِ ۽ انهن لاءِ هميشه جو عذاب آهي.

  10. پر جيڪو (شيطان) ڪڏهن (ڪا ڳالھ) جهٽي وٺي ٿو ته ان جي پٺيان ٻرندڙ اماڙي (باھ جو تير) پوي ٿو.

  11. پوءِ (اي رسول) تون انهن کان پڇ ته سندن پيدا ڪرڻ وڌيڪ مشڪل آهي يا (ٻين جو؟)

  12. پوءِ (اي رسول) جن کي اسان پيدا ڪيو بيشڪ اسان کين چيڪيءَ مٽي مان پيدا ڪيو آهي.

  13. پر (اي پيغمبر) تون (سندن انڪار تي) عجب ڪرين ٿو ۽ اهي (تو سان) مسخريون ڪن ٿا.

  14. ۽ جڏهن کين نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته ڌيان (به) نه ٿا ڪن.

  15. ۽ جڏهن ڪو معجزو ڏسن ٿا ته مسخريون ڪن ٿا.

  16. ۽ چون ٿا اسين مرنداسون ۽ مٽي ۽ هڏا ٿينداسون ته ڇا اسان کي (وري) جيئرو ڪيو ويندو؟

  17. ڇا اسان جا اڳيان ابا ڏاڏا به؟

  18. (اي پيغمبر! تون) چوين ته هاءُ! (ضرور اٿاريا ويندو) ۽ اوهين خوار ٿيندو.

  19. پوءِ اها (قيامت) رڳو هڪ سخت هڪل آهي پوءِ ان وقت ئي اهي (قبرن مان جيئرا ٿي) ڏسڻ لڳندا.

  20. ۽ چوندا ته هاءِ افسوس! هي فيصلي جو ڏينهن آهي!

  21. (اسين چونداسون ته هاءُ) هي فيصلي جو ڏينهن آهي جنهن کي اوهين ڪوڙو چوندا هئا.

  22. ۽ (ملائڪن کي حڪم ڪنداسون ته) انهن کي گڏ ڪريو جي سرڪشي ڪندا هئا ۽ سندن سنگتين کي ۽ جن جي عبادت ڪندا هئا.

  23. خدا کان سواءِ پوءِ کين دوزخ جو رستو ڏيکاريو.

  24. ۽ کين بيهاريو ڇو ته انهن کان ڪجھ پڇيو ويندو.

  25. ته (اڙي بدبختو) اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو (دنيا وانگر هتي) هڪ ٻئي جي مدد نه ٿا ڪريو؟

  26. (جواب ڇا ڏيندا) پر اهي اڄ ڪنڌ نوائيندا.

  27. ۽ هڪڙا ٻين جي سامهون ٿي هڪٻئي کان پڇندا.

  28. (۽ انسان، شيطانن کي) چوندا ته اوهان ئي اسان وٽ سڄي پاسي کان چڙهي ايندا هئا.

  29. اهي جواب ڏيندا ته (اسين ڇا ڄاڻون) اوهين پاڻ ايمان آڻڻ وارا نه هئا.

  30. ۽ اسان جو اوهان تي ڪو زور نه هو پر اوهين حد کان لنگهدڙ قوم هئا.

  31. پوءِ هاڻي ته اسان جي پالڻهار جو حڪم اسان تي ثابت ٿيو ته پڪ اسين سڀئي عذاب جو مزو چکينداسون.

  32. جيئن ته اسين خود گمراھ هواسون ته اوهان کي به گمراھ ڪيوسون.

  33. پوءِ پڪ اهي (سڀئي) ان ڏينهن عذاب ۾ ڀائيوار هوندا.

  34. بيشڪ اسين ڏوهارين سان اهڙيءَ طرح ئي ڪريون ٿا.

  35. اهي ماڻهو اهڙا ته (شرير) هئا جو جڏهن کين چيو ويندو هو ته خدا کان سواءِ ڪو به معبود نه آهي ته وڏائي ڪندا هئا،

  36. ۽ چوندا هئا ته ڇا اسين هڪ چرئي شاعر لاءِ پنهنجا معبود ڇڏي ڏيون؟

  37. (اڙي بدبختو! هي شاعر يا چريو ته نه آهي) پر هن ته حق (سچ ڳالھ) آندي آهي ۽ (اڳين) نبين جي تصديق ڪري ٿو.

  38. اوهين (جيڪڏهن نه مڃيندو) ته ضرور سخت عذاب جو مزو چکيندو،

  39. ۽ اوهان کي ته ان جو (ئي) بدلو ڏبو جو (دنيا ۾) ڪندا هئا،

  40. پر خدا جا خالص بندا

  41. انهن لاءِ (ته بهشت ۾) هڪ مقرر (ٿيل) روزي آهي.

  42. (۽ اها به جهڙي تهڙي نه) هر قسم جا ميوا ۽ کين وڏي عزت ڏني ويندي.

  43. نعمت وارن باغن ۾،

  44. پلنگن تي هڪ ٻئي جي سامهون

  45. انهن ۾ صاف شراب جي پيالن جو دور هلي رهيو هوندو.

  46. جو اڇي رنگ جي پيئندڙن لاءِ مزيدار هوندو،

  47. نه ان ۾ مٿي جي ڦيري هوندي ۽ نه ان جي ڪري نشو ئي ٿيندن.

  48. ۽ سندن پاسن ۾ (شرم کان) هيٺ نهاريندڙ سهنين اکين واريون (حورون) هونديون.

  49. (سندن گوري گوري رنگتن ۾ بلڪل هلڪي ڳاڙهاڻ ائين جهلڪندي هوندي) جو ڄڻ ته اهي ”بيضا“ آهن جيڪي ڍڪي رکيل آهن.

  50. پوءِ (هي جنتي) هڪ ٻئي ڏي ڏسي پڇندا،

  51. انهن کي هڪ چوندو ته پڪ منهنجو هڪ سنگتي هو.

  52. اهو چوندو ته ڇا تون (قيامت کي) مڃيندڙن مان آهين؟

  53. ڇا جڏهن اسين مرنداسون ۽ مٽي ۽ هڏا ٿينداسون ته ڇا اسان کي (ٻيو ڀيرو جيئرو ڪري اسان جي عملن جو) عيوضو ڏنو ويندو؟

  54. (وري پنهنجي جنت جي ساٿين کي) چوندو ته ڇا اوهين جهاتي پائي ڏسندا؟

  55. پوءِ (پاڻ به) جهاتي پائي ڏسندو ته ان کي دوزخ جي وچ ۾ ڏسندو.

  56. چوندو ته خدا جو قسم ته تو مون کي ذري گهٽ هلاڪ ٿي ڪيو،

  57. ۽ جيڪڏهن منهنجي پروردگار جو احسان نه هجي ها ته آءُ به (توسان گڏ دوزخ ۾) گرفتار هجان ها.

  58. (هاڻي ٻڌائي) ڇا (آءُ تو کي نه چوندو هئس ته) اسان کي وري مرڻو نه آهي.

  59. سواءِ هن پهرين موت جي ۽ نه اسان تي (آخرت ۾ عذاب ئي ٿيندو) ته توکي پڪ نه پئي ٿئي).

  60. هيءُ بيشڪ تمام وڏي ڪاميابي آهي.

  61. اهڙي (ئي ڪاميابيءَ) لاءِ ڪم ڪرڻ وارن) کي ڪم ڪرڻ گهرجي.

  62. ڀلا مهمانيءَ لاءِ اهو (سامان) چڱو آهي يا ٿوهر جو وڻ (جيڪو دوزخين لاءِ هوندو)

  63. جنهن کي بيشڪ اسان ظالمن لاءِ هڪ آزمائش ٺهرايو آهي.

  64. بيشڪ اهو وڻ آهي جو دوزخ جي تري مان نڪري ٿو.

  65. ان جو ڦر ڄڻ ته نانگن جون ڦيڻون آهن.

  66. پوءِ (دوزخي) ان مان کائيندا ۽ ان مان پيٽ ڀريندا.

  67. وري بيشڪ انهن لاءِ ان (کاڌي) تي (پيئڻ لاءِ) گرم پاڻيءَ جي ملاوٽ هوندي.

  68. وري (کائي پئي) کين دوزخ ڏي موٽڻو پوندو.

  69. بيشڪ انهن پنهنجن ابن ڏاڏن کي گمراھ لڌو،

  70. پوءِ هي به سندن (قدمن جي) نشانن تي ڊوڙندا وڃن ٿا.

  71. بيشڪ انهن کان اڳ پهرين مان گهڻا گمراھ ٿيا آهن.

  72. ۽ بيشڪ انهن ۾ (به) اسان ڊيڄاريندڙ (رسول) موڪليا.

  73. پوءِ (اي پيغمبر) ڏس ته انهن ڊيڄاريلن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟

  74. پر خدا جا خالص بندا (محفوظ رهيا).

  75. ۽ نوح پنهنجي قوم کان نااميد ٿي (بيشڪ اسان کي سڏيو هو ته (ڏسو ته اسان) ڪيئن نه هن جو (سڏ) ٻڌو.

  76. ۽ اسان کيس ۽ سندس گهروارن کي تمام (سخت) مصيبت کان بچايو.

  77. ۽ اسان سندس اولاد کي ئي باقي رهندڙ ڪيو.

  78. ۽ پوءِ اچڻ وارن ۾ (سندس) ساراھ ڇڏيسون.

  79. نوح تي سڀني جهانن ۾ سلام هجي.

  80. بيشڪ اسين نيڪي ڪندڙن کي اهڙي طرح چڱو بدلو ڏيون ٿا.

  81. بيشڪ هو اسان جي ايمان وارن بندن مان هو.

  82. وري ٻين کي ٻوڙيوسون.

  83. جڏهن پنهنجي رب ڏانهن (هر عيب کان) پاڪ دل کڻي متوجه ٿيو.

  84. ...

  85. جڏهن هن پنهنجي (رسمي) پيءُ ۽ پنهنجي قوم کي چيو ته: اوهين ڪنهن جي عابدت ڪريو ٿا؟

  86. ڇا خدا کان سواءِ هٿرادو معبودن کي گهرو ٿا؟

  87. پوءِ ساري خدائي جي پالڻهار لاءِ اوهان جو ڪهڙو خيال آهي؟

  88. (پوءِ هڪ عيد ۾ انهن هلڻ جو چيس) ته ابراهيم ستارن ڏي هڪ نظر ڏٺو.

  89. ۽ چيائين ته آءُ جلد ئي بيمار ٿيڻ وارو آهيان.

  90. ته اهي ماڻهو ابراهيم کي پٺ ڏئي ڦريا (ڇڏي ويس)

  91. (بس) پوءِ ابراهيم لڪي لڪي سندن معبودن ڏي ويو ۽ (کين طعني سان) چيائين (اوهان جي اڳيان هيترا طعام رکيا آهن) آخر اوهين کائو ڇو ڪين ٿا؟

  92. (اڙي!) اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو ڳالهايو به نه ٿا.

  93. پوءِ مٿن وڃي پيو (انهن کي) سڄي هٿ سان ڌڪ هڻڻ لڳو.

  94. (۽ انهن کي ٽڪر ٽڪر ڪري هڪ وڏي بت جي ڪلهي تي ڪهاڙي رکي ڇڏيائين جڏهن انهن ماڻهن کي خبر پئي ته) پوءِ اهي ان ڏي ڊوڙندا آيا.

  95. ابراهيم چين ته (افسوس) اوهين ماڻهو تن کي پوڄيو ٿا جن کي اوهين پاڻ گهڙي ٺاهيو ٿا.

  96. هوڏانهن اوهان کي ۽ جيڪي اوهين بنايو ٿا تن کي خدا پيدا ڪيو آهي.

  97. (اهو ٻڌي) انهن چيو ته هن لاءِ (کوري جهڙو هڪ جاءِ) بنايو ۽ کيس (باھ جي آڙاھ ۾) وجهو.

  98. پوءِ انهن ابراهيم سان مڪاري ڪرڻ گهري ته اسان (باھ کي ٿڌو گلزار ڪري) سندن (ڪنڌ) هيٺ ڪيا.

  99. ۽ (جڏهن (آذر) ابراهيم کي ڪڍي ڇڏيو ته) چيائين آءُ پنهنجي پروردگار ڏي وڃان ٿو. اهو مون کي رستو لائيندو.

  100. (پوءِ عرض ڪيائين) خداوندا! مون کي صالحن مان (ڪو پٽ) بخشي ڏي.

  101. پوءِ اسان کيس هڪ بردبار نينگر (پيدا ٿيڻ) جي خوش خبري ڏني.

  102. پوءِ جڏهن اسماعيل پيءُ سان گڏ ڊوڙڻ (جي عمر) کي پهتو تڏهن (هڪ دفعي) ابراهيم چيس ته : اي منهنجا فرزند! مون خواب ۾ (وحي ذريعي) ڏٺو آهي ته آءُ تو کي ذبح ڪري رهيو آهيان. پوءِ تون غور ڪر ته تنهنجي صلاح ڇا آهي؟ چيائينس ته اي منهنجا بابا! جو تو کي حڪم ڪيو ٿيو آهي سو (بيڌڙڪ) ڪر! جيڪڏهن خدا گهريو ته مون کي صبر ڪرڻ وارن مان لهندين.

  103. پوءِ جڏهن ٻنهي حڪم مڃيو ۽ (ابراهيم) ان کي پيشاني ڀر ليٽايو،

  104. تڏهن اسان کيس (تيار ڏسي) سڏي چيو ته اي ابراهيم!

  105. بيشڪ تو خواب کي سچو ڪري ڏيکاريو (هاڻي اوهان ٻنهي کي وڏا درجا ملندا) اسين نيڪي ڪرڻ وارن کي اهڙي طرح بدلو ڏيندا آهيون.

  106. بيشڪ هي پڪ وڏو (سخت) امتحان هو.

  107. ۽ اسان اسماعيل جو فديو هڪ ذبح عظيم (تمام وڏي قرباني) مقرر ڪئي.

  108. ۽ پوين ۾ سندس تعريف ڇڏي سون.

  109. (ساري خدائي ۾) ابراهيم تي سلام آهي.

  110. اسين نيڪي ڪندڙن کي اهڙيءَ طرح بدلو ڏيندا آهيون.

  111. بيشڪ ابراهيم اسان جي (خاص) ايماندار بندن مان هو.

  112. ۽ اسان کيس اسحاق (جي) پيدا ٿيڻ جي خوش خبري ڏني جو صالحن مان (هڪ) نبي هو.

  113. ۽ اسان خود ابراهيم تي ۽ اسحاق تي پنهنجي برڪت نازل ڪئي ۽ انهن ٻنهي جي اولاد مان ڪو نيڪي ڪندڙ ۽ ڪو (نافرماني ڪري) پنهنجي جان تي پڌرو ظلم ڪندڙ آهي.

  114. ۽ پڻ اسان موسى ۽ هارون تي (ڪئي) احسان ڪيا.

  115. ۽ خود انهن ٻنهي کي ۽ انهن جي قوم کي تمام (سخت) مصيبت کان ڇوٽڪارو ڏنوسون.

  116. ۽ (فرعون جي مقابلي ۾) اسان انهن جي مدد ڪئي ته (نيٺ) اهي ئي غالب ٿيا.

  117. ۽ انهن ٻنهي کي پڌرو ڪتاب (توريت) عطا ڪيوسون.

  118. ۽ ٻنهي کي سڌي راھ جي هدايت ڪئي سون.

  119. ۽ پوءِ اچڻ وارن ۾ سندن ذڪر خير ڇڏيوسون.

  120. جو (هر هنڌ) موسى ۽ هارون تي سلام (ئي سلام) آهي.

  121. اسين نيڪي ڪرڻ وارن کي اهڙي طرح بدلو عطا ڪندا آهيون.

  122. بيشڪ اهي ٻئي اسان جي ايمان وارن عبدن مان هئا.

  123. ۽ بيشڪ الياس پيغمبرن مان هو.

  124. جڏهن ان پنهنجي قوم کي چيو ته اوهين (خدا جي عذاب کان) ڇو نه ٿا ڊڄو؟

  125. ڇا اوهين ”بعل“ (بت) جي پوڄا ڪريو ٿا ۽ سڀني کا بهتر پيدا ڪرڻ واري کي ڇڏي ڏنو اٿو.

  126. ان خدا کي جيڪو اوهان جو پروردگار ۽ اوهان جي اڳين ابن ڏاڏن جو (به) پروردگار آهي.

  127. ته ان کي انهن ڪوڙو ڪيو ۽ اهي ماڻهو _پڪ) دوزخ ۾ گرفتار ڪيا ويندا.

  128. پر خدا جا خالص عبد (محفوظ رهندا).

  129. ۽ اسان سندن ذڪر خير پوءِ اچڻ وارن ۾ باقي رکيو.

  130. جو (هر طرف کان) آل يسين تي سلام (ئي سلام) آهي.

  131. اسين پڪ نيڪي ڪرڻ وارن کي اهڙو ئي عوض ڏيندا (ڪندا) آهيون.

  132. بيشڪ اهو اسان جي (خالص) ايمان دار عبدن مان هو.

  133. ۽ هن ۾ به شڪ نه آهي ته لوط يقيني پيغمبرن مان هو.

  134. جڏهن اسان کيس ۽ گهر وارن سڀني کي بچايوسون.

  135. پر هڪ (سندس) ٻڏي زال کانسواءِ جا (پٺتي) رهيلن مان ٿي.

  136. (ان کان) پوءِ اسان باقي ماڻهن کي تباھ ۽ برباد ڪيو.

  137. ۽ (مڪي وارو!) بيشڪ اوهان جو مٿن گذر ٿئي ٿو ڪڏهن صبح جو

  138. ۽ (ڪڏهن) رات ۾، ته ڇا اوهين (ايترو به) نه ٿا سمجهو.

  139. پڻ هن ۾ به ڪو شڪ ڪونهي ته يونس به پيغمبرن مان هو.

  140. (اهو وقت ياد ڪر!) جڏهن (اهو) ڀريل ٻيڙي ڏي ڀڳو.

  141. ته (ٻيڙي وارن) پکو وڌو ته (سندس ئي نالو نڪتو ۽) يونس مغلوب رهيو.

  142. (۽ دريا ۾ ڪري پيو) ته کيس مڇي ڳهي ويئي ته يونس خود (پنهنجي) ملامت ڪري رهيو هو.

  143. پوءِ جيڪڏهن (خدا جي) تسبيح ۽ (ذڪر) ڪندڙن مان نه هجي ها.

  144. ته ڏينهن قيامت تائين مڇيءَ جي پيٽ ۾ رهي ها.

  145. پوءِ کيس اسان (مڇيءَ جي پيٽ مان ڪڍي) هڪ کليل ميدان ۾ اڇليوسون ۽ اهو بيمار ٿي پيو.

  146. ۽ اسان مٿس (ڇانو لاءِ) هڪ ڪدوءَ جو وڻ آڳايوسين.

  147. ۽ (نيٺ) اسان کيس هڪ لک بلڪ (هڪ حساب موجب) وڌيڪ ماڻهن ڏي (پيغمبر بنائي) موڪليو.

  148. ته انهن مٿس ايمان آندو پوءِ اسان (به) هڪ مدت تائين کين مزي ۾ رکيو.

  149. ته (اي پيغمر) انهن ڪافرن کان (ته) پڇ! ته ڇا اوهان جي پروردگار جون ڌيئرون آهن ۽ انهن لاءِ پٽ!

  150. يا (سچ پچ) اسان فرشتن کي زالون ڪري بنايو آهي، ۽ اهي ڏسي رهيا هئا؟

  151. خبردار اهي ماڻهو يقينا پنهنجي دلئان هٿرادو ڪوڙ چون ٿا.

  152. ته خدا اولاد وارو يقينا آهي ۽ بيشڪ اهي ڪوڙا آهن.

  153. ڇا پٽن کان ڌيئرن کي پسند ڪيو اٿس؟

  154. (اڙي بدبختو!) اوهان کي ڇا (چريائي) ورتو آهي، جو ويٺي ويٺي) اهڙو فيصلو ڪريو ٿا!

  155. ته ڇا اوهين (ايترو به) نه ٿا سوچيو!

  156. يا اوهان وٽ (ان جو) ڪو پڌرو دليل آهي.

  157. ته جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته پنهنجو (ڪو اهڙو) ڪتاب پيش ڪريو.

  158. ۽ انهن (ڪافرن) خدا ۽ جنن جي وچ ۾ هڪ (قسم جي) مائٽي مقرر ڪئي آهي. هوڏانهن جن چڱي طرح ڄاڻن ٿا ته اهي پڪ (قيامت ۾ ماڻهن وانگر) حاضر ڪيا ويندا.

  159. اهي ماڻهو جي ڳالهيون مڙهين ٿا تن کان خدا پاڪ صاف آهي.

  160. پر خدا جا خالص عبد (ائين نه ٿا چون) .

  161. مطلب ته اوهين ۽ (اهي سڀ) جن جي عبادت ڪريو ٿا،

  162. (ڪنهن کي به) اوهين خدا کان ڦيرائي نه ٿا سگهو.

  163. سواءِ ان جي جيڪو دوزخ ۾ داخل ٿيڻ وارو آهي.

  164. (پڻ فرشتا ۽ امام ته هي چون ٿا ته) اسان مان هر هڪ جو درجو مقرر آهي.

  165. ۽ اسين ته بيشڪ (خدا جي عبادت لاءِ) صف ٻڌي بيٺا هوندا آهيون.

  166. پڻ اسين ته يقينا (سندس) تسبيح پڙهندا ڪندا آهيون.

  167. جيتوڻيڪ اهي ڪافر (اسلام کان اڳ) چوندا هئا ته،

  168. جيڪڏهن اسان وٽ به اڳين ماڻهن جو تذڪرو (خدا جي ڪنهن ڪتاب ۾) هجي ها.

  169. ته اسين به خدا جا خالص بندا ضرور ٿيون ها.

  170. (پر جڏهن ڪتاب آيو ته) انهن ان کان انڪار ڪيو. خير! جلد ئي (ان جو نتيجو) کين معلوم ٿي ويندو.

  171. ۽ پنهنجي خاص بندن پيغمبرن سان اسان جي ڳالھ پڪي ٿي چڪي آهي.

  172. ته انهن جي (اسان جي بارگاھ مان) پڪ مدد ڪئي ويندي.

  173. ۽ اسان جو لشڪر ته پڪ غالب رهندو.

  174. ته (اي رسول) تون انهن کان هڪ خاص وقت تائين منهن موڙ.

  175. ۽ کين ڏسندو رھ پوءِ اهي به (پنهنجو نتيجو) ڏسندا.

  176. ڇا پوءِ اهي اسان جي عذاب جي جلد اچڻ جي گهر ڪن ٿا؟

  177. پوءِ جڏهن سندن اڱڻ ۾ (عذاب) لهندو ته ڊيڄاريلن جو صبح بڇڙو ٿيندو.

  178. ۽ (اي پيغمر) تو کانئن هڪ وقت تائين منهن موڙ.

  179. ۽ ڏسندو رھ! پوءِ اهي به (پنهنجو نتيجو) ڏسندا.

  180. (اي پيغمبر) جيڪي اهي ماڻهو بيان ڪن ٿا تنهن کان تنهنجو پروردگار عزت جو مالڪ پاڪ صاف آهي.

  181. ۽ پيغمبرن تي (درود) سلام هجي.

  182. ۽ سڀ ساراھ خدا جي لاءِ آهي جو سموري جهان جو پالڻهار آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found