خميس, 20 جون 2019 - Thu 06 20 2019

منو

سورت فاطر

ٽوٽل آيتون: 45

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. هر طرح جو حمد (۽ سڀ خاص ساراھ) خدا جي لاءِ ئي آهي جو آسمانن ۽ زمينن کي پيدا ڪرڻ وارو، فرشتن کي پنهنجو (قاصد بنائڻ وارو) جن جا ٻه ٻه ٽي ٽي ۽ چار چار پر هوندا آهن. (مخلوقات جي) پيدائش ۾ جو (مناسب) ڄاڻي وڌائي ٿو. بيشڪ خدا هر شي تي قادر آهي.

  2. ماڻهن لاءِ جا به رحمت کولي ٿو تنهن کي ڪو به روڪ ڪرڻ وارو نه آهي. ۽ جيڪي روڪي ٿو تنهن کي ڪو به ان کان پوءِ کولڻ وارو نه آهي ۽ اهو زبردست (۽ حمڪت وارو آهي.

  3. اي انسانو! پاڻ تي الله جا احسان ياد ڪيو جيڪي اوهان تي ڪيا اٿس. ڇا خدا کان سواءِ ٻيو ڪو پيدا ڪندڙ آهي جو اوهان کي آسمان ۽ زمين مان روزي ڏئي ٿو ۽ ان کان سواءِ ڪو معبود قابل عبادت نه آهي پوءِ ڪيئن ابتا وڃو ٿا؟

  4. ۽ (اي رسول) اهي ماڻهن جيڪڏهن تو کي ڪوڙو ڪن ته (فڪر نه ڪر) تو کان اڳ به ڪيترن ئي پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو آهي. ۽ (نيٺ ته) خدا ڏي ئي سڀ ڪم موٽايا وڃن ٿا.

  5. اي انسانو! خدا جو (قيامت وارو) وعدو بلڪل سچو آهي ته ائين نه ٿي جو اوهان کي دنيا جي (فاني) حياتي فريب ڏئي ۽ نه اوهان کي ڌوڪو ڏيندڙ (شيطان) خدا جي باري ۾ ڌوڪو ڏئي.

  6. بيشڪ شيطان اوهان جو دشمن آهي ته اوهين به کيس پنهنجو دشمن ڄاڻو. اهي ته پنهنجي جماعت کي هن لاءِ سڏي ٿو ته اهي (سڀئي ماڻهو) دوزخي بنجن.

  7. جن ماڻهن (دنيا ۾) ڪفر اختيار ڪيو تن لاء (آخرت ۾) سخت عذاب آهي. ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ معافي ۽ وڏو اجر (جنت) آهي.

  8. ته ڀلا جنهن کي سندس (بڇڙو) ڪم (شيطان) چڱو ڪري ڏيکاريو آهي ۽ اهو ان کي سٺو ڪم سمجهڻ لڳو آهي (ڪڏهن نيڪ انسان وانگر ٿي سگهي ٿو؟ هر گز نه) پڪي (ڳالھ) هيءَ آهي ته خدا جنهن کي چاهي ته گمراهي ۾ ڇڏي ڏئي ٿو ۽ جنهن کي گهري ٿو ته سڌي راھ تي اچڻ جي (توفيق) عطا فرمائي ٿو، تنهن ڪري (اي پيغمر) تون مٿن افسوس جي ڪري پاڻ کي نه مار! بيشڪ اهي جيڪي ڪن ٿا تنهن کي خدا چڱي طرح ڄاڻي ٿو.

  9. پڻ خدا ئي اهو (قادر مطلق) آهي جيڪو هوائن کي موڪلي ٿو ته اهي ڪڪرن کي اڏائينديون ڦرن ٿيون. پوءِ اسين انهن ڪڪرن کي مئل (ويران) شهر ڏي هڪليون ٿا ته ان (جي پاڻيءَ) سان زمين کي ان جي مرڻ کان پوءِ جيئرو (آباد) ڪريون ٿا. اهڙي طرح (قيامت ۾) جيئرو ٿي اٿڻو آهي.

  10. جو شخص عزت ڇاهي ٿو (سو خدا کان گهري) ڇو ته سڀ عزت ته خدا جي ئي آهي. جنهن بارگاھ تائين چڱيون ڳالهيون (بلند ٿي) پهچن ٿيون چڱا ڪم ته اهو پاڻ بلند ڪري ٿو ۽ (اي رسول) جي ماڻهو (پنهنجي خلاف) بڇڙيون تدبيرون ڪن ٿا تن لاءِ (قيامت ۾) سخت عذاب آهي ۽ (آخر) سندن تدبيرون برباد ٿينديون.

  11. ۽ (اي انسانو) خدا توهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو وري نطفي مان وري اوهان کي جوڙو (نر ۽ مادي) ڪيائين ۽ ڪا به مادي سندس علم (۽ اجازت) کان سواءِ نه پيٽ سان ٿئي ٿي ۽ نه ڄڻي ٿي ۽ نه ڪنهن جي عمر ۾ واڌارو ٿئي ٿو ۽ نه سندس عمر مان گهٽ ڪيو وڃي ٿو پر اهو (سڀ) ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ (ضرور) آهي. بيشڪ اها ڳالھ خدا تي تمام آسان آهي.

  12. ۽ (سندس قدرت ڏسو جو) ٻه دريا (پاڻ ۾ ملي وڃڻ هوندي به) هڪ ٿي نه ٿا وڃن. هيءُ مٺو اڃ لاهيندڙ سندس پاڻي وڻندڙ آهي ۽ هي (ٻيو) کارو ڪوڙو آهي. ۽ ان (اختلاف) هوندي به اوهين ٻنهي مان (مڇين جو) تازو گوشت (هڪجهڙو) کائو ٿا ۽ پنهنجي لاءِ (موتي مرجان ۽ ٻيا) زيور ڪڍو ٿا جن کي اوهين پهريو ٿا پڻ اوهين ڏسو ٿا ته ٻيڙيون دريا ۾ (پاڻيءَ کي) ڇيرينديون هليون وڃن ٿيون هن لاءِ ته خدا جي فضل (۽ ڪرم) تجارت (۽ روزگار) جي تلاش ڪريو ۽ من اوهين شڪر ڪريو.

  13. اهو رات کي (وڌائي) ڏينهن ۾ داخل ڪري ٿو (ته رات وڌي وڃي ٿي) ۽ اهو ئي ڏينهن کي (وڌائي) رات ۾ داخل ڪري ٿو (ته ڏينهن وڌي وڃي ٿو ۽) ان ئي سج ۽ چنڊ کي پنهنجو مطيع ڪري ڇڏيو آهي جو سڀ ڪو پنهنجي (پنهنجي) مقرر ڪيل مدت تائين هلي ٿو. اهو ئي اوهان جو پالڻهار آهي سندس ئي حڪومت آهي. ۽ ان کي ڇڏي جن معبودن کي اوهين سڏيو ٿا سي کارڪ جي ککڙيءَ کل جيتري به قدرت نٿا رکن.

  14. جيڪڏهن اوهين انهن کي سڏيو ته اوهان جو سڏ نه ٻڌندا ۽ جيڪڏهن (کڻي) ٻڌن به ته اوهان کي جواب نه ڏيندا ۽ قيامت جي ڏينهن اوهان جي شريڪ ٺهرائڻ جو (اهي) انڪار ڪندا، ۽ واقف ڪار (شخص) وانگر (پوءِ انهن جي پوري حالت) اوهان کي ٻڌائي نه ٿو سگهي.

  15. اي انسانو! اوهين سڀئي الله جا (هر وقت) محتاج آهيو ۽ (رڳو) الله ئي (سڀني کان) بي پرواھ لائق حمد (۽ ساراھ آهي)

  16. جيڪڏهن چاهي ته اوهان ماڻهن کي (ميٽي) پري ڪري ڇڏي ۽ هڪ نئين خلق آڻي.

  17. ۽ اها ڳالھ ڪا خدا ته مشڪل نه آهي.

  18. ۽ (ياد رهي ته) ڪو به شخص ڪنهن ٻئي (جي گناهن) جو بار نه کڻندو. ۽ جيڪڏهن ڪو ڳري بار وارو پنهنجي بار (کڻائڻ) لاءِ (ڪنهن کي) سڏيندو ته ان مان ڪجھ به نه کنيو ويندو توري جو مائٽ هجي. (اي پيغمبر) تون رڳو انهن کي ڊيڄاري سگهين ٿو جيڪي اڻ ڏٺي پنهنجي پالڻهار کان ڊڄن ٿا ۽ نماز قائم ڪن ٿا. ۽ (ياد رکو) جو شخص پاڪ صاف رهي ٿو سو پنهنجي ئي فائدي لاءِ پاڪ صاف رهي ٿو ۽ (نيٺ ته ڦري گهري سڀ کي) خدا ڏي ئي موٽڻو آهي.

  19. ۽ انڌو (ڪافر) ۽ اکين وارو (مومن ڪڏهين به) برابر نه ٿا سگهن،

  20. ۽ نه اونداهي (ڪفر) ۽ سوجهرو (ايمان جي برابر آهي).

  21. ۽ نه ڇانو (بهشت) ۽ نه اس (دوزخ برابر آهن)

  22. ۽ نه جيئرا (مومن) ۽ نه مئل (ڪافر) برابر ٿي سگهن ٿا. ۽ خدا جنهن کي گهري چڱيءَ طرح ٻڌائي (سمجهائي) ٿو ۽ (اي رسول) جي (ڪافر مردن وانگر) قبرن ۾ آهن تن کي تون (پنهنجيون ڳالهيون) ٻڌائي سمجهائي نه ٿو سگهين.

  23. تون ته رڳو (هڪ خدا کان) ڊيڄارڻ وارو آهين.

  24. اسان ئي تو کي بيشڪ قرآن ڏيئي خوش خبري ٻڌائيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ (پيغمبر) بنائي موڪليو آهي. ۽ ڪا به امت (دنيا ۾) اهڙي نه گذري جو جنهن ۾ ڪو به ڊيڄاريندڙ (پيغمبر) نه گذريو آهي.

  25. ۽ جيڪڏهن اهي ماڻهو تو کي ڪوڙو ڪن ته (ڪا پرواھ نه ڪر! ڇو ته) انهن جي اڳين به (پنهنجي پنهنجي پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو آهي (هوڏانهن) انهن وٽ سندن پيغمبر ظاهر نشانيون ۽ صحيفا ۽ روشن ڪتاب کڻي آيا هئا.

  26. وري اسان انهن ماڻهن کي جي ڪافر ٿي ويٺا، پڪڙيو ته _(تو ڏٺو ته) منهنجو عذاب، انهن تي ڪهڙو نه (سخت) هو.

  27. ڇا تو نه ڏٺو ته بيشڪ الله آسمان مان پاڻي وسايو. پوءِ ان (پاڻيءَ) سان هر قسم جا ميوا ڪڍياسون جن جا رنگ جدا جدا آهن. پڻ جبلن جا (ڪي) اڇا ۽ (ڪي) ڳاڙها جدا جدا رنگن وارا ۽ (ڪي) بند ڪارا ڀاڱا (۽ رستا) آهن.

  28. پڻ ماڻهن ۽ وهٽن ۽ ڍورن مان، اهڙي طرح جدا جدا رنگن وارا آهن. سندس بندن مان خدا جو خوف ڪرڻ وارا ته رڳو عالم شخص آهن. بيشڪ خدا زبردست (۽) معاف ڪندڙ آهي.

  29. بيشڪ جي ماڻهو خدا جو ڪتاب پڙهن ٿا ۽ نماز قائم ڪن ٿا ۽ جيڪا روزي کين عطا ڪيل آهي تنهن مان ڳجهو ۽ ظاهر (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪن ٿا سي اهڙي واپار جي اميد رکن ٿا جو ڪڏهين به برباد نه ٿيندو.

  30. هن لاءِ ته انهن کي سندن اجر پورا پورا ڏئي ۽ انهن کي پنهنجي فضل (۽ ڪرم) مان وڌيڪ به ڏئي. بيشڪ اهو معاف ڪندڙ قدردان آهي.

  31. ۽ (اي پيغمر) جيڪو ڪتاب اسان تو ڏي وحي ذريعي موڪليو آهي سو (بلڪل) برحق آهي ۽ جيڪي (اڳيان ڪتاب) سندس سامهون آهن تن کي سچو چوندڙ آهي. بيشڪ خدا پنهنجن ٻانهن (جي حال) کان چڱي طرح واقف (۽ کين) ڏسي رهيو آهي.

  32. وري پنهنجي بندن مان خاص انهن کي قرآن جو وارث ڪيوسون جن کي اسان (لائق فائق ڄاڻي) چونڊيو. ڇو ته بندن مان ڪجھ ته (نافرماني ڪري) پاڻ تي ظلم ڪن ٿا ۽ ڪي (وري نيڪي ۽ بدي ۾) وچٿرا آهن. پڻ انهن مان ڪو خدا جي (ڏنل) اختيار سان نيڪيءَ ۾ اڏي وڌي ويندڙ آهن. اهو ئي (انتخاب ۽ اڳتي وڌي وڃڻ) ته خدا جو وڏو فضل آهي.

  33. (۽ ان جو بدلو بهشت جا) سدا بهار باغ آهن جن ۾ اهي شخص داخل ٿيندا ۽ کين اتي سونا ڪنگڻ ۽ موتين (جا هار) پهرايا ويندا. پڻ اتي سندن (معمولي) پوشاڪ خالص ريشمي هوندي.

  34. ۽ اهي ماڻهو (خوشي سان) چوندا خدا جو شڪر جنهن اسان کان (هر قسم جو) ڏک ۽ غم پري ڪيو. بيشڪ اسان جو پروردگار وڏو بخشڻهار ۽ قدردان آهي.

  35. جنهن اسان کي پنهنجي فضل (۽ ڪرم) سان سدائين رهڻ واري گهر (بهشت) ۾ رهايو جتي اسان کي ڪا به تڪليف نه ڇهندي ۽ نه ان ۾ اسان کي ڪو ٿڪ پهچندو.

  36. ۽ جن ڪفر ڪيو تن لاءِ دوزخ جي باھ آهي. نه مٿن قضا ايندي جو مرن (۽ تڪليف مان ڇٽن) ۽ نه (وري) سندن عذاب مان ڪجھ هلڪو ڪيو ويندو. اسين هر ناشڪري کي اهڙي طرح سزا ڏيندا ڪندا آهيون.

  37. ۽ اهي ان (دوزخ) ۾ دانهون ڪندا ته اي اسان جا پالڻهار! اسان کي (هتان) ڪڍ! ته جيڪي ڪم ڪنداهئاسون تن کي ڇڏي ٻيا چڱا ڪم ڪريون (کين جواب ڏبو ته) ڇا اسان اوهان کي ايتري عمر نه ڏني هئي جنهن ۾ جنهن کي سو سوچڻو هجي سوچي سمجهي وٺي ۽ (تنهن کان سواءِ) اوهان وٽ (هن عذاب کان) ڊيڄاريندڙ (رسول) به آيو. پوءِ (سزا جو مزو) چکيو. ڇو ته ظالمن جو ڪو به مددگار نه آهي.

  38. بيشڪ خدا آسمانن ۽ زمين جو ڳجھ ڄاڻندڙ آهي. بيشڪ اهو سينن جون ڳالهيون (به) ڄاڻندڙ آهي.

  39. هو اهو (خدا) آهي جنهن اوهان کي زمين ۾ (اڳين جو) جانشين بنايو پوءِ جو شخص ڪفر ڪندو ته ان جي ڪفر جو وبال سندس سر تي پوندو. ۽ ڪافرن لاءِ سندن ڪفر انهن جي پاليندڙ وٽ رڳو ڪاوڙ وڌائيندو ۽ ڪافرن لاءِ سندن ڪفر رڳو نقصان (ئي) وڌائيندو.

  40. (اي پيغمر! کين) چئو ته خدا کان سواءِ جن پنهنجن (ٺهرايل) شريڪن کي سڏيو ٿا تن کي اوهان ڏٺو آهي ڇا؟ مون کي ڏيکاريو ته انهن زمين مان ڇا پيدا ڪيو؟ يا ته انهن جي آسمانن ۾ ڪا ڀائيواري آهي ڇا؟ يا ته اسان انهن (مشرڪن) کي ڪو ڪتاب ڏنو آهي ڇا؟ جو اهي ان جي ظاهر ثابتيءَ تي آهن (انهن مان ڪا به ڳالھ نه آهي) پر ظالم هڪ ٻئي کي رڳو ڌوڪي جو وعدو ڪن ٿا.

  41. بيشڪ خدا ئي آسمانن ۽ زمين کي پنهنجي (پنهنجي) جاءِ کان هٽي وڃڻ کان جهلي ڇڏيو آهي. پر جيڪڏهن اهي پنهنجي جاءِ تان هٽي وڃن ته پوءِ ان کان سواءِ کين ڪوئي به روڪي نه ٿو سگهي. بيشڪ اهو وڏو بردبار (۽) وڏو معاف ڪندڙ آهي.

  42. ۽ اهي ماڻهو ته خدا جا وڏا وڏا قسم کڻي چون ٿا ته جيڪڏهن وٽن ڪو به ڊيڄاريندڙ ايندو ته اهي سڀ ڪنهن قوم کان وڌيڪ هدايت وارا ٿيندا. پوءِ جڏهن وٽن ڊيڄارڻ وارو (رسول) آيو ته (انهن کي) روءِ زمين ۾ وڏائي ۽ بڇڙين تدبيرن ڪرڻ سبب (ان جي اچڻ سان) سندن نفرت وڌندي ئي ويئي.

  43. زمين ۾ وڏائي ڪرڻ ۽ بڇڙائي رٿڻ جي ڪري، هوڏانهن بڇڙي رٿ رڳو ان جي رٿڻ وارن کي ئي وڪوڙي ٿي. پوءِ اهي رڳو اڳين تي جاري ٿيل قاعدي جو انتظار ٿا ڪن. پوءِ تون ڪڏهن به خدا جي دستور ۾ ڪا مٽ سٽ نه لهندين. ۽ تون خدا جي دستور ۾ ڪا ڦير گهير نه لهندين.

  44. ته ڇا انهن ماڻهن روءِ زمين تي گهمي ڦري نه ڏٺو ته جيڪي ماڻهو انهن کان اڳ هئا تن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي هوڏانهن اهي انهن کان طاقت ۾ وڌيڪ هئا. ۽ خدا اهڙو نه آهي جو ان کي آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ ڪا به شي عاجز ڪري سگهي. بيشڪ اهو (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ قوت رکندڙ آهي.

  45. ۽ جيڪڏهن خدا ماڻهن کي سندن ڪرتوتن تي (هڪدم) پڪڙ ڪري ته زمين جي پٺيءَ تي ڪو به جانور نه ڇڏي ها، پر انهن کي هڪ مقرر ڪيل مدت تائين مهلت ڏئي ٿو (ته جيڪي ڪرڻو اٿو سو ڪريو) پوءِ جڏهن ان جو (اهو) وقت ايندو ته خدا پاڪ پنهنجن بندن (جي حال) کي ڏسي رهيو آهي. (پوءِ جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي ڏسندو).

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found