سومر, 14 آڪٽوبر 2019 - Mon 10 14 2019

منو

سورت سبا

ٽوٽل آيتون: 54

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. سڀ تعريفون ان الله لاءِ آهن جو جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو سندس (ئي) آهي. ۽ آخرت ۾ (به هر طرف) تعريف ان جي آهي ۽ اهو ئي واقف ڪار حڪيم آهي.

  2. جيڪي (ٻج وغيره) زمين ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ جيڪي (وڻ وغيره) ان مان نڪرن ٿا ۽ جيڪي (مينهن وغيره) آسمانن مان نازل ٿئي ٿو ۽ جيڪي (بخار يا فرشتا وغيره) ان ۾ چڙهن ٿا تن کي ڄاڻي ٿو ۽ اهو نهايت رحم وارو معاف ڪندڙ آهي.

  3. ۽ ڪافر چون ٿا ته اسان تي اها گهڙي (قيامت ڪڏهين) نه ايندي (اي رسول! کين) چئو ته هاءُ! (هاءُ) مون کي پنهنجي ان عالم الغيب پالڻهار جو قسم آهي جنهن کان ذري جيتري (ڪا به شي) نه آسمانن ۾ لڪل آهي ۽ نه زمين ۾ ته قيامت ضرور ايندي. ۽ ذري کان (به) تمام ننڊي ۽ نه تمام وڏي شي (مطلب ته هر شي) ظاهر ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ محفوظ آهي.

  4. هن لاءِ ته جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي نيڪ بدلو ڏئي. انهن لاءِ ئي (گناهن جي) معافي ۽ (تمام وڏي) عزت جي روزي آهي.

  5. ۽ جن اسان جي آيتن (جي مقابلي) ۾ (اسان کي) عاجز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تن لاءِ ئي دردناڪ عذاب جي سزا آهي.

  6. ۽ (اي رسول) جن کي (اسان جي بارگاھ مان) علم عطا ڪيل آهي سي ڄاڻن ٿا ته جو ڪتاب (قرآن) تنهنجي پروردگار جي طرفان تو تي نازل ٿيو آهي سو برحق آهي ۽ لائق حمد (۽ ثنا) غالب (خدا) جي راھ ڏيکاري ٿو.

  7. ۽ ڪافر (هڪ ٻئي کي چرچو ڪندي) چون ٿا ته چئو ته اسين اوهان کي اهڙو آدمي (محمد) ڏسيون جو اوهان کي ٻڌائيندو ته جڏهن اوهين (مري ڳري ويندو ۽) صفا ذرا ذرا ٿي ويندو ته اوهين هڪ نئين جنم ۾ ايندو!

  8. ڇا هن (محمد) خدا تي ڪوڙ ٺاهيو آهي يا کيس ڪو سوداءُ آهي؟ (ائين نه آهي) پر جيڪي آخرت تي ايمان نٿا آڻين سي عذاب ۽ تمام وڏي گمراهي ۾ پيل آهن.

  9. پوءِ جيڪو آسمان ۽ زمين سندن اڳيان ۽ سندن پويان (چوڌاري) آهي تنهن (قدرت) ڏي غور نه ڪيو اٿن ته جيڪڏهن اسين گهرون ته انهن کي زمين ۾ ڳهائي ڇڏيون يا آسمان جا ڪي ٽڪرا مٿن ڪيرايون. بيشڪ ان (ڳالھ) ۾ سڀ ڪنهن رجوع ڪندڙ عبد لاءِ وڏو سبق آهي.

  10. ۽ اسان يقينا دائود کي پنهنجي بارگاھ مان بزرگي عنايت ڪئي هئي (۽ جبلن کي حڪم ڪيوسون ته) اي جبلو! تسبيح ڪرڻ ۾ ساڻس ساٿ ڏيو پڻ پکين کي (سندس تابعدار ڪيوسون) ۽ ان لاءِ لوهي کي نرم ڪيوسون.

  11. (۽ ان کي) چيوسون ته ڪشادونو زرهون بنائي ۽ (ڪڙين) بنائڻ ۾ اندازي جو خيال رک ۽ اوهين سڀئي چڱا ڪم ڪريو، جيڪي اوهين ڪريو ٿا سو سڀ پڪ آءُ ڏسان ٿو.

  12. پڻ هوا کي سليمان لاءِ (تابعدار بنائي ڇڏيو هيوسون) ان جو صبح جو گشت هڪ مهيني جو پنڌ ۽ ان جو شام جو گشت هڪ مهيني جو پنڌ هو. ۽ اسان ان لاءِ ٽامي (کي پگهاري ان) جو چشمو وهايو هو. پڻ جنن (کي سندس تابعدار ڪري ڇڏيو هو جو انهن) مان ڪجھ سندس پالڻهار جي حڪم سان ان جي اڳيان ڪم (ڪندا هئا ۽) انهن مان جنهن به اسان جي حڪم کان منهن موڙيو تنهن کي اسين (قيامت ۾) دوزخ جي عذاب جو مزو چکائينداسون.

  13. (مطلب ته) سليمان کي جيڪي بڻائڻو هو ته اهي جن ان لاءِ بنائيندا هئا جيئن مسجدون، محل، قلعا ۽ تصويرون ۽ حوض جيڏا ٿالھ ۽ هڪ هنڌ رهڻ واريون (وڏيون) ديڳيون. (جن ۾ هزار ماڻهن جو کاڌو تيار ٿي سگهي). اي دائود جي اولاد! شڪر گذار ٿي ڪم ڪريو. ۽ منهنجن بندن مان شڪر گذار (بندا) ٿورا آهن.

  14. پوءِ جڏهن مٿس موت جو حڪم جاري ڪيوسون ته (مري ويو پر لٺ جي ٽيڪ تي بيٺو هو ۽) جنن کي ڪنهين سندس موت جي خبر نه ڪئي پر زمين جي اڏوهي، جنهن سليمان جي لٺ کي کاڌو ٿي، پوءِ جڏهن ڪريو تڏهن جنن کي معلوم ٿيو ته جيڪڏهن اهي غيب ڄاڻن ها ته (هن) ذليل ڪرڻ واري (ڪم ڪرڻ جي) مصيبت ۾ نه رهن ها.

  15. ۽ ”سبا“ جي (قوم) لاءِ سندن گهرن ۾ (خدا جي قدرت جي) هڪ وڏي نشاني هئي (جو سندن شهر جي ٻنهي طرفن کان) سڄي ۽ کٻي (ساوا) باغ هئا. (پڻ کين حڪم هو ته) پنهنجي پروردگار جي عطا ڪيل روزي کائو (پيئو) ۽ سندس شڪر ادا ڪريو. (دنيا ۾ اوهان جو اهڙو) سٺو شهر ۽ (آخرت ۾) پالڻهار جهڙو بخشڻهار.

  16. تڏهين به انهن منهن موڙيو (۽ پيغمبرن جو چوڻ نه مڃيائون) ته اسان (هڪ بند کي ٽوڙي) انهن تي زور جي ٻوڏ موڪلي ۽ (کين برباد ڪري) سندن ٻن باغن جي بدلي اهڙا ٻه باغ ڏنا جن جا ڪسارا ڦر ۽ لئي (لاڻا) ۽ ڪجھ ٿورن ٻيرين وارا ڏنا.

  17. اها اسان کين ناشڪريءَ جي سزا ڏني ۽ اسين ناشڪريءَ کان سواءِ ٻئي کي سزا نٿا ڏيون.

  18. ۽ اسان ”سبا“ وارن ۽ (شام جي) انهن ڳوٺن جي وچ ۾ جن ۾ اسان برڪت عطا ڪئي هئي (شاهي رستي تي هلندڙن لاءِ) پڌرا ڳوٺ بنايا ۽ انهن جي وچ ۾ اسان اچ وڃ لاءِ (خاص اندازي سان) منزلون مقرر ڪيون. جو انهن ۾ راتيون ۽ ڏينهن بي ڊپا ٿي گهمو ڦرو.

  19. ته اهي ماڻهو چوڻ لڳا ته پالڻهار! (ويجهي سفر ۾ مزو ڪونهي) تون اسان جي مسافريءَ جي پنڌ ۾ ڏورانهين پيدا ڪر! انهن ماڻهن پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو ته اسان به کين (تباھ ڪري ٻين لاءِ) آکاڻيون بنايون ۽ انهن کي بلڪل ٽيڙي پکيڙي ڇڏيوسون. بيشڪ ان ۾ سڀ ڪنهن صبر ڪندڙ (۽) شڪر ڪندڙن لاءِ (وڏا) سبق آهن.

  20. ۽ شيطان پنهنجي خيال کي (جيڪو انهن جي باري ۾ ڪيو هوائين) سچ ڪري ڏيکاريو جو انهن ماڻهن سندس تابعداري ڪئي پر ايمان وارن جو هڪ ٽولو گمراھ نه ٿيو.

  21. هوڏانهن ان (شيطان جو مٿن ڪو زور نه هو، پر هي (مطلب هو) ته اسين انهن انسانن کي جيڪي آخرت جو يقين رکن ٿا انهن ماڻهن کان الڳ ڏسي وٺن جيڪي قيامت جي باري ۾ شڪ ۾ (ڦاٿا پيا) آهن. ۽ تنهنجو پالڻهار ته هر شي تي نگهبان آهي.

  22. (اي رسول! کين) چئو ته جن کي خدا کان سواءِ (معبود) ڄاڻو ٿا، سڏيو (ته پتو پوندو ته) اهي ذري جيترو به نه ته آسمانن ۾ ڪجھ اختيار رکن ٿا ۽ نه زمين ۾ ۽ نه (وري) انهن جي (هنن) ٻنهين ۾ ڪا ڀائيواري آهي ۽ نه انهن مان ڪو (به) خدا جو مددگار آهي.

  23. ۽ نه وٽس (ڪنهن جي) سفارش (ڪنهن کي) فائدو ڏيندي مگر ان جي جنهن کي اجازت ڏني هوندائين (سندس دربار جي هيبت) ايتري قدر آهي جو جڏهن شفاعت جو حڪم ٿئي ٿو (ته شفاعت ڪرڻ وارا بيهوش ٿي وڃڻ ٿا) پوءِ جڏهن سندن دلين تان گهٻراهٽ لاٿي وڃي ٿي ته پڇن ٿا ته اوهان جي پالڻهار ڇا فرمايو؟ ته (مقرب فرشتا) چون ٿا ته جا ڳالھ حق (سچ) هئي. ۽ اهو سڀ کان بلند (۽) وڏو آهي.

  24. (اي پيغمبر! کين) چئو ته ڪير اوهان کي آسمانن ۽ زمين مان روزي ڏئي ٿو؟ تون چئو ته خدا (ڏئي ٿو) ۽ آءُ يا اوهين (ٻنهين مان هڪ ته) ضرور هدايت تي آهي (۽ ٻيو ٽولو گمراھ) يا اهو ظاهر گمراهي ۾ آهي (۽ ٻيو هدايت تي).

  25. (اي پيغمبر!) تو (کين) فرمائي ته اسان جي گناهن جي اوهان کان پڇا ڳاڇا ٿيندي ۽ نه اوهان جي ڪرتوتن جي اسان کان پڇا ٿيندي.

  26. (اي پيغمبر! کين) چئو ته اسان جو پروردگار (قيامت ۾) اسان سڀني کي گڏ ڪندو پوءِ اسان (ٻنهي) جي وچ ۾ حق سان فيصلو ڪندو ۽ اهو ئي (بهتر) فيصلو ڪندڙ سڀ ڪجھ ڄاڻندڙ آهي.

  27. (اي پيغمبر کين) چئو ته جن کي اوهان (خدا جو شريڪ بنائي) خدا سان ملايو ٿا سي (ته ڀلا) مون کي به (ته) ڏيکاريو هو. هرگز (سندس ڪو به شريڪ) نه آهي. بلڪ اهو ئي خدا غالب حڪمت وارو آهي.

  28. (اي رسول) اسان تو کي سموري (دنيا جي) ماڻهن لاءِ (نيڪ بندن کي بهشت جي) خوش خبري ڏيڻ وارو ۽ (ڏوهارين کي خدا جي عذاب کان) ڊيڄارڻ وارو (پيغمبر) بنائي موڪليو آهي پر گهڻا ته (ايترو به) نه ٿا ڄاڻن.

  29. ۽ (وري) چون ٿا ته جيڪڏهن تون سچو آهين ته (ڀلا) اهو (قيامت جو) وعدو ڪڏهين (پورو) ٿيندو؟

  30. (اي رسول! کين) چئو ته اوهان ماڻهن لاءِ هڪ خاص ڏينهن جو انجام مقرر آهي جنهن کان نه هڪ گهڙي پٺتي ٿيندو ۽ نه اڳتي ٿيندو!

  31. ۽ ڪافر چون ٿا ته اسين ڪڏهن به هن قرآن تي ايمان نه آڻينداسين ۽ نه هن (ڪتاب) تي جو ان کان اڳي آهي. ۽ (اي پيغمبر) جيڪڏهن تون ڏسين جنهن وقت ظالم پنهنجي پالڻهار وٽ بيهاريا ويندا (۽) انهن مان هڪڙا ٻين تي (پنهنجي) ڳالھ پيا مڙهيندا هوندا جو جيڪي هيڻا سمجهيا ويندا هئا سي هٺيلن کي چوندا ته جيڪڏهن اوهين نه هجو ها ته اسين ايمان وارا هجون ها (۽ هن مصيبت ۾ نه اڙجون ها)

  32. ته هٺيلا ماڻهو هيڻن ڏي (ڏسي) چوندا ته جڏهن اوهان وٽ (خدا جي طرفان) هدايت آئي هئي ته ڇا ان جي اچڻ کان پوءِ اسان اوهان کي (زوريءَ عمل ڪرڻ کان) جهليو هو (هرگز) نه پر اوهين ته پاڻ ڏوهاري هئا.

  33. ۽ هيڻا ماڻهو هٺيلن کي چوندا (ته زور زبردستي ته نه، پر اسين پاڻ به گمراھ ڪين ٿياسون) پر (اوهان جي) رات ڏينهن جي فريب ڏيڻ (گمراھ ڪيو جو) اوهان اسان کي خدا کي نه مڃڻ ۽ ان جي شريڪ ڪرڻ جو سانده حڪم ڪندا رهيا (ته پوءِ اسان جو ڪهڙو وس) پاڻ جڏهين اهي ماڻهو عذاب کي (اکين سان) ڏسندا ته اندر ئي اندر ۾ پڇتائيندا ۽ اسين ڪافرن جي ڳچين ۾ ڳيٽ وجهنداسون. جيڪي ڪرتوت اهي ماڻهو (دنيا ۾) پيا ڪن تنهن موجب ته سزا ڏني ويندي.

  34. ۽ اسان ڪنهن به ڳوٺ ۾ ڪو به ڊيڄاريندڙ (پيغمر) نه موڪليو پر ان جي آسودن (ماڻهن) چيو ته جيڪي حڪم ڏئي اوهين موڪليا ويا آهيو اسين تنهن کي نه ٿا مڃون.

  35. پڻ (هي به) چوڻ لڳا، اسين ته (ايماندارن کان) مال ۽ اولاد ۾ گهڻو وڌيڪ آهيون ۽ اسان تي (آخرت ۾) عذاب به ڪين ڪيو ويندو.

  36. (اي رسول! کين) چئو ته بيشڪ منهنجو پالڻهار جنهن لاءِ گهري ٿو تنهنجي روزي ڪشادي ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ گهري ٿو تنهن جي روزي) تنگ ڪري ٿو پر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن.

  37. ۽ (ياد رکو) ته اوهان جي مال ۽ اوهان جي اولاد ۾ اهڙي صلاحيت نه آهي جو اسان جي بارگاھ ۾ اوهان جو درجو ويجهو ڪن. پر (هاءُ) جنهن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ ته سندن (نيڪ) ڪمن جو ٻيڻوو بدلو آهي ۽ اهي ماڙين ۾ امن (امان) سان (ويٺا) هوندا.

  38. ۽ جيڪي اسان جي آيتن (جي ڀڃگهڙ) ۾ مقابلي جي نموني ڊڪن ڊوڙن ٿا سي ئي ماڻهو (دوزخ جي) عذاب ۾ ڌونڪيا ويندا.

  39. (اي رسول! کين) چئو ته منهنجو پروردگار پنهنجي ٻانهن مان جنهن لاءِ گهري ٿو (ته) روزي ڪشادي ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ چاهي ٿو) تنگ ڪري ڇڏي ٿو پڻ اوهين جو ڪجھ به (سندس راھ ۾) ڏيو ٿا اهو اوهان جو بدلو ڏيندو. ۽ هو سڀني کان چڱو روزي ڏيندڙ آهي.

  40. ۽ (اهو ڏينهن ياد رکو) جنهن ڏينهن خدا انهن سڀني کي گڏ ڪندو (۽) پوءِ فرشتن کان پڇندو ته ڇا هي اوهان کي پوڄيندا هئا؟

  41. فرشتا عرض ڪندا (خداوندا) تون (هر عيب کان) پاڪ پاڪيزه آهين ۽ تون ئي اسان جو مالڪ آهين (۽) نه اهي ماڻهو (هنن سان اسان جو ڇا) انهن مان (ته) جنن (ڀوتن) جي پوڄا ڪندا هئا ۽ انهن تي ايمان (ويساھ) رکندا هئا.

  42. تڏهن (خدا فرمائيندو) ته پوءِ اڄ اوهان مان ڪو به ٻئي کي نه ڪنهن فائدي پهچائڻ ۽ نه ڪنهن نقصان پهچائڻ جو اختيار رکي ٿو ۽ اسين (هٺيلن) ظالمن کي چونداسون ته جنهن باھ کي اوهين ڪوڙ چوندا هئا تنهن جي عذاب (جا) مزا چکيو.

  43. ۽ جڏهن کين اسان جون پڌريون آيتون پڙهي ٻڌايون ٿي ويون ته پاڻ ۾ چوندا هئا ته هيءُ (رسول) به ته رڳو (اسان جهڙو ئي) هڪ ماڻهو آهي. هي گهري ٿو ته جن کي اوهان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا هئا تن (جي پوڄڻ) کان اوهان کي جهلي. ۽ چوڻ لڳا ته هي (قرآن) ته رڳو ڪوڙ ۽ پنهنجي دلئيون گهڙيل آهي. ۽ (انهن) ڪافرن وٽ جڏهن سچي ڳالھ پهتي تڏهن ان جي باري ۾ چوڻ لڳا ته هي رڳو ظاهر جادو آهي.

  44. نه اسان کين (آسماني) ڪتاب ڏنا جن کي پڙهن (اي رسول) ۽ نه تو کان اڳي اسان انهن ڏي ڪو ڊيڄاريندڙ (رسول) موڪليو (تڏهين به انهن قدر نه ڪيو)

  45. ۽ انهن کان اڳين به (پيغمبرن کي) ڪوڙو ڪيو هو. هوڏانهن جيڪي اسان کين ڏنو هو، اهي ماڻهو (اڄ) تنهنجي ڏهين پتيءَ کي به نه پهتا پوءِ انهن ماڻهن اسان جي پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو ته (تو ڏٺو ته) منهنجو عذاب (مٿن) ڪهڙو (نه) سخت هو؟

  46. (اي پيغمبر کين) چئو ته آءُ اوهان کي رڳو هڪ ڳالھ جي نصيحت ڪريان ٿو ته ٻه ٻه ۽ هڪ هڪ ٿي خدا لاءِ کڙا ٿيو (۽) وري سوچيو ته اوهان جي ساٿي (محمد) ۾ ڪا چريائي نه آهي. اهو ته رڳو اوهان کي هڪ سخت عذاب (قيامت جي) سامهون اچڻ کان ڊيڄاريندڙ آهي.

  47. (اي رسول) (تون هي به) چوين ته (تبليغ رسالت جي) ڪا اجرت گهري هجيم ته اها اوهان کي ئي (مبارڪ) هجي منهنجي اجرت ته رڳو خدا تي آهي ۽ اهو ئي (اوهان جي اعمال ۽ افعال) هر ڳالھ کان چڱي طرح واقف آهي.

  48. (اي رسول! کين) چئو ته منهنجو وڏو غيب دان پروردگار (منهنجيءَ دل ۾) سچي دين کي برابر مٿان لاهي ٿو.

  49. (هاڻي کين) چئو سچو دين اچي ويو ۽ (ايترو به ته سمجهو ته) باطل (بت) نه شروع (۾) ڪجھ پيدا ڪري سگهي ٿو نه (مرڻ کان پوءِ) ٻيو ڀيرو جيئرو ڪري سگهي ٿو.

  50. (اي رسول) تون (هي به) چوين ته جيڪڏهن آءُ گمراھ ٿيو آهيان ته پنهنجي جان تي ئي منهنجي گمراهيءَ (جو وبال آهي) ۽ جيڪڏهن هدايت وارو آهيان ته ان (قرآن جي) ڪري جو مون ڏي منهنجو پالڻهار وحي موڪلي ٿو بيشڪ اهو ٻڌندڙ (۽ تمام) ويجهو آهي.

  51. ۽ (اي رسول) جيڪڏهن تون ڏسندين ته حشر جي ميدان ۾ جنهن وقت اهي گهٻرائجي هيڏانهن هوڏانهن ڦرندا رهندا (ته عجب ٿيندءِ) تڏهين به ڇٽڪارو نه ٿيندن ۽ ويجهي هنڌان پڪڙيا ويندا.

  52. ۽ (تنهن وقت بي وس ٿي) چوندا ته هاڻي اسين رسول تي ايمان آندو ۽ انهن جو (اتي) پري هنڌ تان (ايمان) تي پهچ ڪيئن ٿيندي؟

  53. حالانڪ ان کان اڳ ان (ايمان) جو انڪار ڪيو اٿن ۽ پري هنڌ تان اڻ ڏٺو (گمان جا تير) اڇلائيندا رهيا.

  54. ۽ هاڻ ته انهن جي وچ ۾ ۽ سندن خواهش جي وچ ۾ آڙ وڌي ويندي جيئن هن کان اڳين سندن طريقي وارن سان ڪيو ويو ڇو ته اهي به (تمام) وڏي شڪ ۾ (پيل) هئا.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found