جمع, 19 جولاءِ 2019 - Fri 07 19 2019

منو

سورت احزاب

ٽوٽل آيتون: 73

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. اي نبي رڳو خدا کان ڊڄ ۽ ڪافرن ۽ منافقن جو چيو نه مڃ، بيشڪ خدا (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ هڪمت وارو آهي.

  2. ۽ پنهنجي پالڻهار جي طرفان جيڪو تو ڏي وحي ڪيو وڃي ٿو (رڳو) تنهن جي تابعداري ڪر! بيشڪ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان خدا چڱي طرح آگاھ آهي.

  3. ۽ خدا تي ڀروسو ڪر ۽ خدا ڪارساز بس آهي.

  4. خدا ڪنهن به ماڻهوءَ جي سيني ۾ ٻه دليون نه رکيون آهن (جو هڪ ئي وقت ٻه ارادا ڪري) ۽ نه اوهان جي انهن زالن کي جن کي اوهان پاڻ تي مائرن جهڙو ڪيو (چيو) (تن کي ڪو) اوهان جون مائرون ڪيون اٿس. اهو ته اوهان جو رڳو چوڻ (۽ زباني جمع خرچ) آهي. ۽ (چاهي ڪنهن کي برو لڳي يا چڱو) خدا ته سچ چوي ٿو ۽ سڌي راھ ڏيکاري ٿو.

  5. کين سندن (اصلي) پين جا پٽ ڪري سڏيو اهو خدا وٽ وڌيڪ ٺيڪ آهي. ۽ جيڪڏهن اوهين سندن پين کي نه ٿا ڄاڻو ته (اهي) اوهان جا ديني ڀائر ۽ اوهان جا دوست آهن. ۽ هن ۾ اوهان کان خطا ٿئي ته اوهان تي گناھ نه آهي پر (گناھ اهو آهي) جنهن جو اوهان دل سان ارادو ڪيو. ۽ خدا (ته) معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.

  6. نبيءَ جو ايمان وارن تي سندن جانين کان به زياده حق آهي (ڇو ته ڄڻ هو امت جو مهربان پيءُ آهي) ۽ سندن زالون انهن جون (ڄڻ ته) مائرون آهن. ۽ مائٽي وارا (پاڻ ۾) هڪ ٻئي کي خدا جي ڪتاب ۾ (ٻين) ايمان وارن ۽ مهاجرن کان وڌيڪ ويجها آهن، پر پنهنجن دوستن سان ڪا ڀلائي ڪريو (ته ٻي ڳالھ آهي) اهو (حڪم ته خدا جي) ڪتاب ۾ لکيل آهي.

  7. ۽ (اي پيغمبر اهو وقت ياد ڪر!) جڏهن اسان نبين کان سندن انجام ورتو. ۽ (خاص ڪري) تو کان ۽ نوح ۽ ابراهيم ۽ موسى ۽ مريم جي پٽ عيسى کان ۽ اسان کانئن پڪو انجام ورتو.

  8. هن لاءِ ته سچن (پيغمبرن) کان سندن سچ بابت پڇي ۽ ڪافرن لاءِ دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو اٿس.

  9. اي ايمان وارو! پاڻ تي خدا جا احسان ياد ڪريو جيڪي ان اوهان تي نازل ڪيا آهن (جنگ خندق ۾) جڏهن اوهان تي (ڪافرن جا) لشڪر چڙهائي ڪري آيا ته اسان (اوهان جي مدد ڪئي) مٿن طوفان موڪليو ۽ (تنهن کان سواءِ فرشتن جا) اهڙا لشڪر (موڪليا) جن کي اوهان ڏٺو به ڪين هو. ۽ خدا اوهان جي ڪم کي ڏسي رهيو هو.

  10. جنهن وقت اوهان جي مٿان ۽ اوهان جي هيٺان اوهان تي (ڪافر) چڙهائي ڪري آيا ۽ تنهن وقت (توهان جون) اکيون ڏرا ڏيئي ويون ۽ دليون نڙگهٽن وٽ پهتيون (هيون) ۽ اوهين خدا بنسبت ڪيترا (بد) گمان ٿي ڪيا.

  11. اتي ايمان وارن کي آزمايو ويو ۽ کين سخت جهنجوڙيو ويو.

  12. ۽ ان وقت منافقن ۽ جن جي دلين ۾ (ڪفر جي) بيماري هئي تن ٿي چيو ته خدا ۽ سندس رسول اسان سان رڳو ڌوڪي جو انجام ڪيو آهي.

  13. ۽ جڏهن انهن مان هڪ ٽولو چوڻ لڳو ته اي مديني وارو! (دشمن جي مقابلي ۾) اوهان جي جاءِ نه آهي ته (چڱو ائين آهي ته) موٽي هلو پڻ انهن مان ڪي ماڻهو رسول کان (گهر موٽي وڃڻ جي اجازت وٺڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا ته اسان جا گهر (مردن کان) بلڪل خالي پيا آهن هوڏانهن اهي خالي ۽ (غير محفوظ) نه هئا (پر) اهي ماڻهو ته (ان بهاني سان) رڳو ڀڄي وڃڻ پيا گهرن.

  14. پر جيڪڏهن (اهڙو ئي لشڪر) انهن تي مديني جي آس پاس کان (سندن مٿان) اچي پوي ۽ کين فساد (خانه جنگي) ڪرڻ جو چئجي (ها) ته اهي ماڻهو ان لاءِ اچي گڏ ٿين ها ۽ (پوءِ) پنهنجي گهرن ۾ به نه ٽڪن ها. (پر هي ته جهاد آهي).

  15. هوڏانهن انهن ماڻهن هن کان اڳ ۾ ئي خدا سان انجام ڪيو هو ته اسين (دشمن جي مقابلي ۾ پنهنجي) پٺ نه ڦيرينداسون. ۽ خدا سان ڪيل انجام جي پڇا ته (هڪ نه هڪ ڏينهن) ٿيڻي آهي.

  16. (اي پيغمبر کين!) چئو ته جيڪڏهن اوهين موت يا قتل جي خوف وچان ڀڄو به ته (اهو) ڀڄڻ اوهان جي لاءِ ڪهڙي فائدي جو ٿيندو پر جيڪڏهن اوهين ڀڄي به ويا ته رڳو اهو نه ته (دنيا) ۾ ٻٽي ڏينهن پيا آرام ڪريو.

  17. (اي پيغمبر کين چئو ته جيڪڏهن) خدا توهان سان برائيءَ جو ارادو ڪري ته (ڀلا) اوهان کي ان (جي عذاب) کان ڪير اهڙو آهي جو بچائي يا رڳو ڀلائي ڪرڻ گهري (ته کيس ڪير منع ڪندو!) ۽ اهي ماڻهو خدا کان سواءِ نه ته ڪنهن کي پنهنجو سرپرست (والي) لهندا ۽ نه مددگار.

  18. اوهان مان جيڪي ماڻهو (ٻين کي جهاد کان) جهلين ٿا تن کي خدا چڱي طرح ڄاڻي ٿو پڻ (انهن کي ڄاڻي ٿو) جيڪي پنهنجي ڀائي بندن کي چون ٿا ته اسان ڏي ئي هليا اچو. ۽ پاڻ به (فقط نالي ماتر) جنگ (جي ميدان) ۾ رڳو ٿورو اچي تو کان پاڻ بچائي (۽ هليا ويا)

  19. ۽ جڏهن (مٿن) ڪو خوف (جو موقعو) اچي ويو ته تون ڏسين ٿو ته (ماندا ٿي) تو ڏي ڏسن ٿا ۽ سندن اکيون ائين پيون ڦرن ڄڻ ڪنهن تي موت جي بيهوشي آئي هجي. پوءِ جڏهن ڊپ لهي وڃي ٿو (۽ مومنن جي فتح ٿئي ٿي) ته (غنيمت جي) مال (وٺڻ) تي لالچي ٿي اوهان تي تيز زبانن سان طعنه زني درازي ڪن ٿا. انهن (ماڻهن شروع کان ئي) ايمان نه آندو آهي پوءِ خدا سندن عمل ناس ڪري ڇڏيا پوءِ اهو (ڪم) خدا تي آسان آهي.

  20. (مديني کي گهيرو ڪرڻ وارا ويا هليا پر) اهي سمجهي رهيا آهن ته اڃا (ڪافرن جو) لشڪر ويو نه آهي پر جيڪڏهن (ڪافرن جو) لشڪر (موٽي اچي) ته (اهي ماڻهو) هيءَ خواهش ڪندا ته پاڻ جيڪر شهرن کان ٻاهر جهنگلي عربن (جي وچ) ۾ ويٺل هجن (۽ پري ويهي) اوهان جون خبرون پڇندا رهن ۽ جيڪڏهن اهي اوهان جي وچ ۾ هوندا ته رڳو ٿوڙي دير جنگ ۾ وڙهندا.

  21. (مسلمانو!) اوهان جي لاءِ خود رسول جو (خندق ۾ وڙهڻ) هڪ سٺو نمونو هو (پر هاءُ اهو) ان شخص جي لاءِ آهي جيڪو خدا ۽ ڏينهن قيامت جي اميد رکندو هجي ۽ خدا کي گهڻو ياد ڪندو هجي.

  22. ۽ جڏهن سچن ايماندارن (ڪافرن جي) لشڪرن کي ڏٺو ته (بي ڌڙڪ) چوڻ لڳا ته هيءَ انجام اهو آهي جيڪو خدا ۽ سندس رسول اسان سان ڪيو هو (ڪجھ پرواھ نه آهي) ۽ خدا ۽ سندس رسول سچ فرمايو آهي ۽ (انهن کي ڏسڻ سان پاڻ!) سندن ايمان ۽ سندن فرمانبرداري وڌي وئي.

  23. (انهن) ايمان وارن مان ڪي اهڙا مرد آهن جن جيڪو خدا سان وعدو ڪيو تنهن کي سچو ڪري ڏيکاريائون مطلب ته انهن مان ڪي اهي آهن جيڪي (مري) پنهنجو وقت پورو ڪري ويا ۽ انهن مان ڪي (خدا جي حڪم جا) منتظر ويٺا آهن. ۽ انهن (پنهنجي ڳالھ) ذرو به نه بدلائي.

  24. اهو امتحان (هن لاءِ هو) ته جيئن خدا سچن (ايماندارن) کي سندن سچاءَ جي جزاءِ خير ڏئي ۽ جي گهري ته منافقن کي سزا ڏي يا (جيڪڏهن اهي توبه ڪن ته خدا) سندن توبه قبول فرمائي. بيشڪ خدا معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.

  25. ۽ خدا (پنهنجي قدرت سان) ڪافرن کي سندن ڪاوڙ سميت مديني کان موٽايو ۽ کين ڪجھ فائدو به نه ٿيو. ۽ خدا (پنهنجي مهربانيءَ سان) مومنن کي وڙهڻ جو موقعو اچڻ نه ڏنو ۽ خدا ته (تمام) زبردست (۽) غالب آهي.

  26. ۽ اهل ڪتاب مان جن (بني قريظه) انهن (ڪافرن) جي مدد ڪئي خدا تن کي قلعن مان (بي دخل ڪري) هيٺ لاٿو. پڻ انهن جي دلين ۾ (اوهان مومنن جو) اهڙو (ته) ڊپ وڌائين (جو) ڪن ماڻهن کي اوهان قتل ڪيو ۽ ڪن کي اوهان قيد ڪيو.

  27. ۽ اوهان کي سندن زمين ۽ سندن گهرن ۽ سندن مالن ۽ اهڙيءَ زمين (خيبر) جو مالڪ ڪيائين جنهن تي اوهان اڳي پير (به) نه رکيا هئا ۽ الله سڀ ڪنهن شي تي قدرت رکندڙ آهي.

  28. اي نبي! تون پنهنجن زالن کي چئو ته جيڪڏهن اوهين رڳو دنيا جي حياتي ۽ ان جي سينگار کي گهرو ٿيون ته اچو ته آءُ اوهان کي ڪجھ مال اسباب ڏئي ۽ اوهان کي سٺيءَ طرح ڇڏي ڏيان.

  29. ۽ جيڪڏهن اوهين خدا ۽ سندس رسول ۽ آخرت جي گهر کي چاهيو ٿيون ته خدا توهان مان نيڪي ڪرڻ وارين لاءِ وڏو اجر تيار ڪري رکيو آهي.

  30. اي نبيءَ جون زالون! جيڪا اوهان مان ظاهر بيحيائي ڪندي تنهن کي ٻيڻو عذاب ڏنو ويندو. ۽ اهو ڪم خدا تي (نهايت) آسان آهي.

  31. ۽ اوهان مان جا (بي بي) خدا ۽ رسول جي تابعداري ۽ سٺا (سٺا) ڪم ڪندي تنهن کي اسين ان جو ثواب به ٻيڻو عطا ڪنداسون، ۽ اسان ان لاءِ جنت ۾ عزت (۽ احترام) جي روزي تيار ڪري رکي آهي.

  32. اي نبي جون زالون! اوهين ٻين عام عورتن وانگر ته نه آهيو! (پوءِ) جيڪڏهن اوهان کي پرهيزگاري منظور آهي ته (ڌارئي ماڻهو سان) ڳالھ نه ڪريو، متان جنهن دل ۾ (شهوت زنا جي) بيماري آهي سو طمع نه ڪري ۽ (صاف صاف) سٺي نموني ڳالھ چئو.

  33. ۽ پنهجين گهرن ۾ ويٺيون رهو ۽ اڳئين زماني جاهليت وانگر پنهنجو سينگار ظاهر ڪنديون نه ڦرو ۽ نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيو ۽ خدا ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪريو. اي (پيغمبر جا) اهل بيت خدا ته رڳو هيءَ گهري ٿو ته اوهان کي (هر طرح جي) پليتيءَ کان پري رکي ۽ جو پاڪ پاڪيزه رکڻ جو حق آهي تهڙو ئي پاڪ صاف رکي.

  34. ۽ (نبي جون زالون) اوهان جي گهرن ۾ جيڪي خدا جون آيتون (عقل ۽) حڪمت (جون ڳالهيون) پڙهيون وڃن ٿيون تن کي ياد رکو بيشڪ خدا وڏو باريڪ بين (۽) واقف ڪار آهي.

  35. بيشڪ مسلمان مرد ۽ مسلمان عورتون ۽ ايمان وارا مرد ۽ ايمان واريون عورتون ۽ فرمانبرادر مرد ۽ فرمانبردار عورتون ۽ سچا مرد ۽ سچيون عورتون ۽ صبر ڪندڙ عورتون ۽ صبر ڪندڙ عورتون ۽ عاجزي ڪندڙ مرد ۽ عاجزي ڪندڙ عورتون ۽ خيرات ڪندڙ مرد ۽ خيرات ڪندڙ عورتون ۽ روزا رکندڙ مرد ۽ روزا رکندڙ عورتون ۽ پنهنجي اگهڙن جي حفاظت ڪندڙ مرد ۽ نگهباني ڪندڙ عورتون خدا کي گهڻو ياد ڪندڙ مرد ۽ ياد ڪندڙ عورتون، انهن (سڀني) لاءِ خدا معافي ۽ (تمام) وڏو اجر تيار ڪري رکيو آهي.

  36. ۽ جڏهن خدا ۽ سندس رسول ڪنهن ڪم جو حڪم ڪري ته نه ڪنهن ايمان واري مرد ۽ نه ڪنهن ايمان واريءَ عورت کي مناسب آهي ته انهن کي سندن (ان) ڪم ۾ ڪو اختيار رهي (ياد رکو) جيڪو خدا ۽ سندس رسول جي نافرماني ڪندو سو ظاهر گمراهيءَ ۾ گمراھ ٿيو.

  37. ۽ (اي رسول! اهو وقت ياد ڪر!) جڏهن تون ان شخص (زيد) کي چيو ٿي جنهن تي خدا (جدا) احسان ڪيو هو ته ۽ تو ان تي (جدا) احسان ڪيو هو ته پنهنجي زال (زينب) کي پنهنجي گهر ۾ رهڻ ڏي ۽ خدا کان ڊڄ ۽ تو پنهنجي دل ۾ اها ڳالھ لڪائي ٿي ۽ جنهن کي خدا ظاهر ڪرڻ وارو هو ۽ تون ماڻهن کان ڊنين ٿي هوڏانهن خدا وڌيڪ حقدار آهي ته تون ان کان ڊڄين. پوءِ جڏهن زيد پنهنجي حاجت پوري ڪئي (ان کي طلاق ڏنائين) تڏهن اسان ان جي شادي تو سان ڪرائي هن لاءِ ته ايمان وارن تي پنهنجي پٽيلن جي زالن (سان شادي ڪرڻ) ۾ جڏهن اهي انهن کان حاجت پوري ڪن (کين طلاق ڏين) ته ڪا تنگي نه رهي. ۽ خدا جو حڪم ته پورو ٿيل (قطعي) هوندو آهي.

  38. جو حڪم خدا پيغمبر تي فرض ڪيو تنهن (جي ڪرڻ) ۾ ان تي ڪو حرج نه آهي. جي ماڻهو (ان کان) اڳ گذري چڪا آهن تن جي باري ۾ به خدا جو (اهو ئي) دستور رهيو آهي (جو نڪاح ۾ تنگي نه ڪئي). ۽ خدا جو حڪم مقرر ڪيل اندازي تي (هوندو) آهي.

  39. اهي ماڻهو جيڪي خدا جا پيغام پهچائيندا ۽ ان کان ڊڄندا ۽ خدا کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به نه ڊڄندا هئا (پوءِ تون ڪيئن ڊڄين ٿو؟) ۽ حساب وٺڻ لاءِ ته خدا بس آهي.

  40. (مسلمانو!) محمد اوهان مڙسن مان ڪنهن جو (در اصل) پيءُ نه آهي (پوءِ زيد جي زال ڇو حرام ٿيڻ لڳي؟) پر الله جو رسول ٻين نبين جي مهر (يعني پڇاڙيءَ ۾ اچڻ وارو) آهي. ۽ خدا ته هر ڳالھ کان واقف آهي.

  41. اي ايمان وارو! خدا کي گهڻو ياد ڪيو،

  42. ۽ صبح ۽ شام ان جي پاڪائي (تسبيح) بيان ڪندا رهو.

  43. هو اهو آهي جو اوهان تي رحمت (درود) لاهي ٿو ۽ سندس ملائڪ به هن لاءِ ته اوهان کي اونداهين مان (ايمان جي) روشني ڏي ڪڍي ۽ خدا ايمان وارن تي (تمام) گهڻو مهربان آهي.

  44. جنهن ڏينهن خدا جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيندا تنهن ڏينهن سلام سان سندن کيڪار ٿيندي ۽ خدا ته انهن لاءِ تمام چڱو عوض (بهشت) تيار ڪري رکيو آهي.

  45. اي نبي! اسان تو کي ماڻهن جو گواھ ۽ (نيڪ بندن کي بهشت جي) خوش خبري ٻڌائڻ وارو ۽ (بڇڙن کي عذاب کان) ڊيڄارڻ وارو،

  46. ۽ خدا ڏي سندس حڪم سان سڏيندڙ ۽ (ايمان ۽ هدايت جو) روشن چراغ بنائي موڪليو آهي.

  47. ۽ ايمان وارن کي (تون) خوش خبري ٻڌائي ته انهن لاءِ خدا جي طرفان تمام وڏي (مهرباني ۽) بخشش آهي.

  48. ۽ (اي رسول!) تون ڪافرن ۽ منافقن جو چيو نه مڃج! ۽ سندن ايذائن جو خيال نه ڪر ۽ خدا تي ڀروسو ڪر! ۽ خدا ڪارساز بس آهي.

  49. اي ايمان وارو! جڏهن اوهين ايمان وارين زالن سان (سواءِ مهر مقرر ڪرڻ جي) نڪاح ڪريو ۽ ان کان پوءِ انهن کي هٿ لائڻ کان اڳي طلاق ڏيو ته مٿن اوهان لاءِ ڪا عدت نه آهي جنهن کي اوهين ڳڻيو. کين ڪجھ (پئسا ۽ ڪپڙا وغيره) ڏئي ۽ انهن کي سٺيءَ طرح رخصت ڏيو.

  50. اي نبي! بيشڪ اسان تو لاءِ اهي زالون حلال ڪيون آهن جن کي تو سندن مهر ڏنا ۽ پنهنجين ٻانهين کي (به) جيڪي خدا تو کي (جنگ ڪرڻ کان سواءِ) غنيمت جي مال ۾ ڏنيون ۽ تنهنجي چاچي جون ڌيئرون ۽ تنهنجي پڦين جون ڌيئرون ۽ تنهنجي مامي جون ڌيئرون جن سان گڏ تو وطن ڇڏيو، ۽ ڪا به ايمان واري زال جيڪڏهن اها پنهنجي جان (بغير مهر) نبيءَ کي بخشي جيڪڏهن نبي ان سان نڪاح ڪرڻ جو ارادو ڪري. (اي رسول) هي حڪم رڳو تنهنجي لاءِ خاص آهي، ٻين مومنن لاءِ نه آهي. (باقي) مسلمانن تي سندن زالن ۽ ٻانهين جي باري ۾ جيڪي اسان مقرر ڪيو آهي سو اسان کي (چڱي طرح) معلوم آهي. (تو لاءِ هي آساني) هن لاءِ (ڪئي اٿئون) ته تو تي ڪا تنگي نه رهي. ۽ خدا معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.

  51. انهن مان جنهن کي (جڏهن) گهرو ته جدا ڪريو ۽ جنهن کي (جيترا ڏينهن) گهرين پاڻ وٽ جاءِ ڏين. ۽ جن زالن کي تو جدا ڪيو هو جيڪڏهن تون انهن کي گهرين ته تو تي ميار نه آهي. (اهو اختيار تو کي ڏنو ويو آهي) بيشڪ اهڙو آهي جو تنهنجي عورتن جون اکيون ٺرن ۽ ڏک نه ڪن ۽ جيڪي تون انهن کي ڏيندين تنهن سان اهي سڀئي خوش ٿين. ۽ جيڪي اوهان جي دلين ۾ آهي تنهن کي خدا ڄاڻي ٿو. ۽ (خدا) سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ بردبار آهي.

  52. (اي رسول) هنن (نَون) کان پوءِ تو کي (ٻيون) زالون حلال نه آهن ۽ نه (انهن کي ڇڏي) سندن بدلي ۾ ٻين زالن سان شادي ڪرڻ (حلال آهي) اگرچه سندن حسن تو کي پسند اچي. پر پنهنجين ٻانهين ۾ (تو کي اختيار آهي) ۽ خدا سڀ ڪنهن شي تي نگهبان آهي.

  53. اي ايمان وارو! نبي جي گهرن ۾ اندر نه وڃو مگر جنهن وقت اوهان کي کاڌي کائڻ لاءِ (اندر اچڻ جي) اجازت ڏني وڃي (۽ ان وقت اوهين) ان (کاڌي جي) تيار ٿيڻ جو انتظار نه ڪريو پر جڏهن اوهان کي سڏايو وڃي ته (پوري وقت تي) وڃو پوءِ جڏهن کائي بس ڪريو ته (وري يڪدم پنهنجين جاين تي) هليا ويندا ڪريو ڪنهن ڳالھ ۾ ريجهي _(تي) ويهي نه رهو. ڇو ته اوهان جي اها ڳالھ نبي کي تڪليف پهچائي ٿي ۽ هو اوهان جو لحاظ رکندو آهي ۽ خدا حق (چوڻ) کان شرم نه ٿو ڪري. ۽ جڏهن پيغمبر جي زالن کان ڪا ڪم جي شي گهرو ته پردي جي ٻاهران (بيهي) گهرو. ان سان اوهان جون دليون ۽ انهن جون دليون وڌيڪ پاڪ رهنديون. ۽ اوهان کي هي مناسب نه آهي ته خدا جي رسول کي ايذايو ۽ نه هي به ته سندس زالن سان ان کان پوءِ ڪڏهن به شادي ڪريو، بيشڪ اهو ڪم خدا وٽ وڏو (گناھ) آهي.

  54. اوهين چاهي ڪنهن شي کي ظاهر ڪريو يا ان کي لڪائيندو ته بيشڪ خدا (بهرحال) سڀ ڪنهن شي کي ڄاڻندڙ آهي.

  55. عورتن تي سندن پين (کان پردي نه ڪرڻ ۾) ڪو گناھ نه آهي ۽ نه سندن پٽن ۽ سند ڀائرن ۽ نه سندن ڀائٽن ۽ نه سندن ڀاڻيجن ۽ نه پاڻ (جهڙين) زالن کان ۽ نه پنهنجين ٻانهين کان سامهون ٿيڻ ۾ ڪو گناھ آهي. (اي پيغمبر جون زالون!) اوهين خدا کان ڊڄنديون رهو. ان ۾ شڪ نه آهي ته خدا (توهان جي عملن جي) هر ڳالھ کان واقف آهي.

  56. بيشڪ خدا ۽ سندس فرشتا نبي (۽ سندس آل تي) درود موڪلين ٿا ته اي ايمان وارو! اوهين به درود موڪليندا رهو ۽ برابر سلام ڪندا رهو.

  57. بيشڪ جي ماڻهو الله ۽ سندس رسول کي ايذائين ٿا تن تي الله دنيا ۽ آخرت ۾ لعنت ڪئي آهي ۽ (خدا) انهن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب تيار ڪيو آهي.

  58. ۽ جيڪي ماڻهو ايمان وارن (مردن) ۽ ايمان وارين (زالن) بي ڏوهين تي (تهمت رکي) ايذائين ٿا تن بيشڪ بهتان ۽ ظاهر گناھ (جو بار پنهنجي گردن تي) کنيو.

  59. اي نبي! تون پنهنجين زالن ۽ پنهنجين ڌيئرن ۽ ايمان وارن جي زالن کي چئو ته (جڏهن ٻاهر نڪرن ته) پاڻ تي پنهنجيون چادرون ڪجھ هيٺ ڪن. اها ڳالھ سندن (شرافت جي) سڃاڻپ لاءِ گهڻي مناسب آهي ته کين ڪوئي ڇيڙيندو نه. ۽ خدا ته وڏو بخشڻهار نهايت رحم وارو آهي.

  60. (اي رسول) منافق ۽ اهي ماڻهو جن جي دلين ۾ (ڪفر جي) بيماري آهي سي ۽ مديني ۾ ڪوڙيون ڳالهيون پکيڙڻ وارا جيڪڏهن اهي (پنهنجيءَ شرارت کان) باز نه ايندا ته اسين تو کي ئي مسلط ڪري ڇڏينداسون پوءِ اهي تنهنجي پاڙي ۾ ٿورن ڏينهن کان سواءِ رهي نه سگهندا.

  61. ۽ (ان وقت به) ڦٽڪاريل هوندا، جتي لڌا ويندا اتي پڪڙيا ويندا ۽ چڱي طرح قتل ڪيا ويندا.

  62. جيئن اڳين ۾ به الله جو اهو دستور رهيو آهي ۽ تون الله جي دستور ۾ ڪا (به) مٽ سٽ نه ڏسندين.

  63. (اي رسول) ماڻهو تو کان قيامت جي باري ۾ پڇندا رهن ٿا. (تون کين) چئو ته ان جو علم ته رڳو خدا کي آهي ۽ تو کي ڪهڙي خبر اها (قيامت) ويجهي هجي.

  64. بيشڪ الله ڪافرن تي لعنت ڪئي آهي ۽ انهن لاءِ دوزخ تيار ڪيو اٿس.

  65. ان ۾ هميشه رهندا، نه ڪو سرپرست لهندا (۽) نه ڪو مددگار.

  66. جنهن ڏينهن سندن منهن باھ ۾ اونڌا ڪيا ويندا تنهن ڏينهن (افسوس ڪندي) چوندا ته جيڪر خدا جي فرمانبرداري ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪريون ها.

  67. ۽ چوندا ته اي اسان جا پالڻهار! بيشڪ اسان پنهنجن سردارن ۽ پنهنجن وڏن جي فرمانبرداري ڪئي پوءِ انهن اسان کي گمراھ ڪيو.

  68. اي اسان جا پالڻهار! (اسين ته عذاب ۾ آهيون ئي پر) انهن کي ٻيڻو عذاب ڏي ۽ مٿن وڏي (کان وڏي) لعنت ڪر!

  69. اي ايمان وارو! اوهين انهن جهڙا نه ٿيو جن موسى کي ايذايو ته خدا سندن تهمتن کان موسى کي آزاد ڪري ڇڏيو ۽ موسى خدا وٽ عزت وارو هو.

  70. اي ايمان وارو! خدا کان ڊڄو! ۽ صحيح ڳالھ چئو.

  71. ته خدا اوهان لاءِ اوهان جا ڪم سڌاري ۽ اوهان جا گناھ اوهان کي معاف ڪري ۽ جيڪو خدا ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪندو سو بيشڪ وڏو ڪامياب ٿيو.

  72. بيشڪ اسان (روز اول) پنهنجي امانت (اطاعت عبادت) کي آسمانن ۽ زمين ۽ جبلن جي اڳيان پيش ڪيو ته انهن ان جي بار کڻڻ کان انڪار ڪيو ۽ ان کان ڊڄي ويا ۽ آدمي ان کي (بي ڌڙڪ) کنيو. بيشڪ انسان (پنهنجي حق ۾) وڏو ظالم (۽) نادان آهي.

  73. (ان جو) نتيجو هي ٿيو ته خدا منافق مردن ۽ منافق زالن ۽ مشرڪ مردن ۽ مشرڪ زالن کي (سندن ڪرتوتن جي) سزا ڏيندو. پڻ ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين زالن جي (تقصير امانت جي) توبه قبول فرمائيندو ۽ الله وڏو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found