اڱارو, 16 جولاءِ 2019 - Tue 07 16 2019

منو

سورت سجده

ٽوٽل آيتون: 30

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جا نالي سان شروع

  1. الم

  2. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڪتاب (قرآن) جو نازل ڪرڻ ساري جهان جي پروردگار طرفان آهي.

  3. ڇا ته اهي چون ٿا ته هن (رسول) اهو ڪوڙ ٺاهيو آهي (نه) بلڪ اهو تنهنجي پالڻهار جي طرفان سچ آهي هن لاءِ ته تون انهن ماڻهن کي (خدا جي عذاب کان) ڊيڄارين جن وٽ تو کان اڳ ڪو ڊيڄاريندڙ نه آيو ته من اهي (سڌي) راھ تي اچن.

  4. الله اهو جنهن آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي تنهن کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو، وري عرش بنائڻ تي آماده ٿيو. ان کان سواءِ اوهان جو نه ڪو سرپرست آهي (۽) نه ڪو ئي سفارشي. ته ڇا اوهين (تڏهين به) نصيحت ۽ عبرت حاصل نه ٿا ڪريو؟

  5. آسمان کان وٺي زمين تائين هر ڳالھ جو بندوبست ڪري ٿو پوءِ اهو بندوبست ان ڏينهن جنهن جو اندازو اوهان جي شمار سان هزا ورهيه آهي، سندس بارگاھ ۾ پيش ٿيندو.

  6. اهو ئي (تدبير ڪرڻ وارو) لڪل ۽ ظاهر جي ڄاڻڻ وار (سڀ تي) غالب مهربان آهي.

  7. جنهن جيڪا به شي پيدا ڪئي سا سٺي بنائي، ۽ انسان جي ابتدائي خلقت مٽيءَ سان ڪئي.

  8. پوءِ سندس اولاد (انساني جسم جي خلاصي) يعني (نطفه جهڙي) ذليل پاڻيءَ سان بنايائين.

  9. پوءِ ان کي صحيح سالم ڪيائين ۽ ان ۾ پنهنجي (طرفان) روح ڦوڪيائين ۽ اوهان لاءِ ڪن ۽ اکيون ۽ دليون بنايائين (تنهن هوندي به) اوهين تمام ٿورو شڪر ڪريو ٿا.

  10. ۽ چون ٿا ته ڇا! جڏهن اسين زمين ۾ رلي ملي وينداسون تڏهين به اسان کي نئين سر پيدا ڪيو ويندو (قيامت کان نه) بلڪ اهي ماڻهو پنهنجي پروردگار جي (سامهون) حاضر ٿيڻ جا انڪاري آهن.

  11. (اي پيغمر کين) فرمائي ته جيڪو موت جو فرشتو اوهان تي مقرر ڪيل آهي اهو اوهان جو روح قبض ڪندو. تنهن کان پوءِ اوهين (سڀ) پنهنجي پروردگار ڏي موٽايا ويندا.

  12. ۽ (اي حبيب! تو کي ڏاڍو ارمان ٿيندو) جي تون ڏوهارين کي ڏسندين ته اهي (حساب جي وقت) پنهنجي پروردگار جي بارگاھ ۾ پنهنجا سر هيٺ ڪري بيٺا آهن ۽ (عرض ڪري رهيا آهن ته) پروردگار! اسان (چڱي طرح) ڏسي ورتو ۽ ٻڌي ڇڏيو، تون اسان کي دنيا ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر موٽائي ته اسين نيڪ ڪم ڪريون. هينئر ته اسان کي (قيامت جو) چڱي طرح يقين آهي.

  13. ۽ (خدا فرمائيندو ته) جيڪڏهن اسين گهرون ها ته (دنيا ۾ ئي) هر شخص کي (زوريءَ) سڌي راھ تي آڻيون ها، پر منهنجي طرفان (ازل جي ڏينهن کان) هيءَ ڳالھ مقرر ٿيل آهي ته آءُ دوزخ کي جنن ۽ آدمين سان ڀري ڇڏيندس.

  14. ۽ جيئن ته اوهان اڄوڪي ڏينهن جي حاضري کي وساري ڇڏيو هو ته هاڻي ان جو مزو چکيو. اسان اوهان کي ڄاڻي واڻي وساري ڇڏيو. ۽ جهڙا جهڙا توهان جا ڪرتوت هئا (تن جي عوض) هاڻي هميشه جي عذابن جا مزا چکيو.

  15. اسان جي آيتن تي ايمان رڳو اهي ماڻهو آڻين ٿا جو جڏهن کين اهي آيتون ياد ڏياريون ويون ته يڪدم سجدي ۾ ڪري پيا ۽ پنهنجي پروردگار جي حمد ۽ ثنا جي تسبيح پڙهڻ لڳا. پڻ اهي شخص وڏائي نه ٿا ڪن.

  16. (رات جو به) سندن پاسا بسترن کان واقف نه ٿا ٿين پڻ (عذاب جي) خوف کان ۽ (رحمت جي) اميد تي پنهنجي پروردگار جي عبادت ڪن ٿا ۽ اسان جيڪي کين عطا ڪيو آهي تنهن مان (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪن ٿا.

  17. پوءِ جيڪو اکين جو ٺار انهن لاءِ لڪايو ويو آهي تنهن کي ڪوشخص نه ٿو ڄاڻي، جيڪي (نيڪ) ڪم پيا ڪن تن جو کين بدلو ڏنو ويندو.

  18. ڇا ڀلا جيڪو ايمان وارو آهي، ان ماڻهوءَ جي برابر ٿيندو جيڪو بدڪار آهي هرگز نه! اهي ٻئي برابر نه ٿيندا.

  19. پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ ته رهڻ (سهڻ) جي (لاءِ بهشت جا) باغ آهن. هيءَ مهماني انهن ڪمن جو عوض آهي جيڪي اهي (دنيا ۾) ڪري چڪا هئا.

  20. ۽ جن ماڻهن نافرماني ڪئي تن جي رهڻ جي جاءِ (رڳو) دوزخ آهي. اهي جڏهن به ان (دوزخ) مان نڪرڻ جو ارادو ڪندو ته ان ۾ موٽائي کين ڌڪيو ويندو. ۽ کين چيو ويندو ته دوزخ جي جنهن عذاب کي ڪوڙ سمجهندا هئا، هاڻي ان جو (عذاب) چکيو.

  21. ۽ اسين ضرور (قيامت جي) وڏي عذاب کان اڳ دنيا جي ڪجھ عذاب جو مزو چکائينداسون جو جلد ايندو هن لاءِ ته هاڻي به اهي ماڻهو (مون ڏي) رجوع ٿين.

  22. ۽ جنهن شخص کي سندس پروردگار جون آيتون ياد ڏياريون وڃن ۽ اهو انهن کان منهن ڦيرائي تنهن کان وڌيڪ ٻيو ڪير ظالم هوندو؟ اسين ڏوهارين کان بدلو وٺنداسون ۽ ضرور وٺنداسون.

  23. ۽ (اي پيغمبر) اسان ته موسى کي به (آسماني) ڪتاب (توريت) عطا ڪيو هو ته تون هن (ڪتاب) قرآن جو (خدا کان) ملڻ بابت شڪ ۾ (نه) پئو پڻ اسان ان (توريت کي بني اسرائيلن لاءِ رهنما مقرر ڪيو هو.

  24. ۽ انهن (بني اسرائيلن مان اسان ڪن انسانن کي جيئن ته انهن (مصيبتن تي) صبر ڪيو هو پيشوا ڪيو جي اسان جي حڪم سان (ماڻهن کي) هدايت ڪندا هئا. پڻ (تنهن کان سواءِ) اسان جي آيتن جو دل سان يقين رکندا هئا.

  25. (اي پيغمبر) بيشڪ جن ڳالهين بابت ماڻهو (دنيا ۾) هڪ ٻئي سان وڙهن ٿا قيامت جي ڏينهن تنهنجو پروردگار قطعي فيصلو ڪندو.

  26. ڇا کين هن ڳالھ هدايت نه ڪئي جو انهن کان اڳي اسان ڪيتريون ئي امتون برباد ڪري ڇڏيون جن جي گهرن ۾ اهي گهمن ڦرن ٿا بيشڪ ان (ڳالھ ۾ وڏيون) نشانيون آهن. ڇا پوءِ اهي نه ٿا ٻڌن.

  27. ڇا انهن ماڻهن ان تي به غور نه ڪيو جو اسين ويران زمين ڏي پاڻي جاري ڪريون ٿا پوءِ ان سان پوک ڄمايون ٿا جنهن مان سندن ڍور ۽ پاڻ به کائين ٿا. ڇا پوءِ اهي نه ٿا ڏسن؟

  28. ۽ اهي ماڻهو چون ٿا ته اوهين جيڪڏهن سچا آهيو (ته قيامت ايندي) ته (نيٺ) اهو فيصلو ڪڏهن ٿيندو؟

  29. اي (پيغمبر) تون چوين ته فيصلي جي ڏينهن مشرڪن کي سندن ايمان آڻڻ ڪجھ فائدو نه ڏيندو ۽ نه کين مهلت ڏني ويندي.

  30. مطلب ته سندن ڳالهين جو خيال نه ڪر ۽ تون منتظر رھ! (نيٺ) اهي به ته انتظار ڪري رهيا آهن.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found