اربع, 22 مئي 2019 - Wed 05 22 2019

منو

سورت روم

ٽوٽل آيتون: 60

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. الم

  2. (هتان کان) تمام ويجهي ملڪ ۾ رومين (نصارن، فارسين ۽ آتش پرستن کان) شڪست کاڌي.

  3. ۽ اهي شڪست کائڻ کان پوءِ جلد (فارسين تي) غالب ٿيندا.

  4. ٿورن ورهين ۾ اڳي توڙي پوءِ الله جو ئي حڪم آهي، ۽ ان ڏينهن ايمان وارا خدا جي مدد سان خوش ٿيندا.

  5. هو جنهن کي گهري ٿو تنهن کي مدد ڏئي ٿو ۽ اهو ئي زبردست (۽) نهايت رحم وارو آهي.

  6. خدا (اهو) وعدو ڪيو آهي. خدا پنهنجو وعدو نه ٿو ڦيري پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻين.

  7. اهي دنيا جي ظاهري حياتي کي ڄاڻن ٿا ۽ اهي آخرت کان (بلڪل) غافل آهن.

  8. ڇا انهن ماڻهن پنهنجي دلين ۾ (ايترو به غور يا) فڪر نه ڪيو ته الله آسمانن ۽ زمين کي ۽ جو ڪجھ ٻنهي جي وچ ۾ آهي، تنهن کي حق سان ۽ هڪ مقرر مدت لاءِ ئي پيدا ڪيو آهي. ۽ ان ۾ شڪ ئي نه آهي ته گهڻا ماڻهو پنهنجي پروردگار (جي بارگاھ) جي حضور (قيامت) کي ئي نه ٿا مڃين.

  9. ڇا زمين ۾ اهي ماڻهو گهميا ڦريا نه آهن جو ڏسن ته ڪيئن انهن جي پڇاڙي (خراب) ٿي جيڪي انهن کان اڳ هئا. هوڏانهن اهي طاقت ۾ به هنن کان وڌيڪ هئا ۽ انهن زمين کي کيڙيو يا آباد ڪيو هو هنن ماڻهن جي آباد ڪرڻ کان (به) وڌيڪ پڻ انهن وٽ سندن رسول پڌرا ۽ کليل معجزا به آندا هئا (تڏهن به انهن نه مڃيو) پوءِ خدا (ته) مٿن ظلم ڪرڻ وارو نه هو پر اهي پاڻ تي پاڻ (نافرماني سبب) ظلم ڪري رهيا هئا.

  10. پوءِ جن بڇڙائي ڪئي تن جي نهايت بڇڙي پڇاڙي ٿي، تنهنڪري خو خدا جي آيتن کي ڪوڙو ڪيائون ۽ انهن تي مسخريون ڪندا هئا.

  11. خدا تعالى مخلوقات کي پهرئين ڀيري پيدا ڪيو وري ٻيهر پيدا ڪندو ۽ وري ان ڏي ئي اوهان کي موٽايو ويندو.

  12. ۽ جنهن ڏينهن قيامت قائم ٿيندي تنهن ڏينهن ڏوهاري نا اميد ٿيندا.

  13. ۽ سندن (خدا سان هٿراڌو بنايل) شريڪن مان ڪي به انهن لاءِ سفارش ڪندڙ نه هوندا ۽ اهي (خود به) پنهنجن شريڪن جا انڪار ڪندڙ ٿيندا.

  14. ۽ جنهن ڏينهن قيامت قائم ٿيندي تنهن ڏينهن (مومنن کان) ڪافر جدا ٿي ويندا.

  15. پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا آهن تن کي (بهشت جي) باغ ۾ (رهائي) خوش ڪيو ويندو.

  16. پر جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن ۽ آخرت جي حضوري کي ڪوڙو ڪيو آهي عذاب ۾ گرفتار ڪيل هوندا.

  17. پوءِ جنهن مهل اوهان کي سانجهي ٿئي ۽ جنهن مهل اوهان کي صبح ٿئي تنهن مهل خدا جي پاڪائي بيان ڪريو.

  18. ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ سندس تعريف آهي ۽ پوئين پهر ۽ جنهن مهل اوهان کي منجهد ٿئي (تنهن مهل به سندس پاڪائي بيان ڪريو)

  19. اهو مئل مان جيئري کي ڪڍي ٿو ۽ جيئري مان مئل کي ڪڍي ٿو ۽ زمين کي ان جي مري وڃڻ کان پوءِ جياري (سائو ڪري) ٿو. ۽ اهڙي طرح اوهان کي (به مرڻ کان پوءِ زمين مان) ڪڍو ويندو.

  20. ۽ سندس (قدرت جي) نشانين مان هي (به) آهي جو اوهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيائين وري ان ئي وقت اوهين ماڻهو بنجي (زمين تي) گهمڻ ڦرڻ لڳا.

  21. ۽ سندس (قدرت جي) نشانين مان هي (به) آهي جو اوهان لاءِ اوهان (جي جنس) مان زالون پيدا ڪيائين ته انهن سان آرام وٺو ۽ اوهان جي وچ ۾ پيار ۽ شفقت پيدا ڪيائين. بيشڪ هن (ڳالھ ۾) غور ڪرڻ وارن لاءِ (خدا جي قدرت جون) ڪيتريون ئي نشانيون آهن.

  22. ۽ سندس نشانين مان آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪرڻ ۽ اوهان جي زبانن ۽ اوهان جي رنگن جو جدا جدا هئڻ آهي. بيشڪ ان ۾ واقف ڪارن لاءِ ڪيئي نشانيون آهن.

  23. پڻ رات ۽ ڏينهن جو اوهان جو سمهڻ ۽ سندس فضل ۽ ڪرم (روزي) تلاش يا حاصل ڪرڻ به ان جي (قدرت جي) نشانين مان آهي. بيشڪ ان ۾ (دل سان) ٻڌندڙن لاءِ ڪيئي نشانيون آهن.

  24. ۽ سندس (قدرت جي) نشانين مان هڪ هيءَ به آهي جو اهو ڊڄڻ ۽ اميد رکڻ لاءِ اوهان کي وڄ ڏيکاري ٿو ۽ آسمان مان پاڻي وسائي ٿو پوءِ ان سان زمين کي ان جي مرڻ کان پوءِ جياري (آباد ڪري) ٿو. بيشڪ ان ۾ عقل وارن لاءِ (قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن.

  25. پڻ سندس (قدرت جي) نشانين مان هڪ هيءَ به آهي ته آسمان ۽ زمين سندس حڪم سان قائم آهن. وري جڏهن اوهان کي (مرڻ کان پوءِ) هڪ ڀيرو سڏيندو ته سڀئي زمين مان جيئرا ٿي) اوهين نڪرندو.

  26. ۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهن سي سندس آهن. سڀني سندس فرمانبردار آهن.

  27. ۽ اهو آهي جو نئين سر پيدا ڪري ٿو وري ٻيهر (قيامت ۾) پيدا ڪندو ۽ اهو (ڪم) ان لاءِ بلڪل آسان آهي. ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ سندس اعلى صفت آهي. ۽ اهو زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.

  28. ۽ اسان (اوهان جي سمجهائڻ لاءِ) اوهان جو ئي هڪ مثل بيان ڪيو آهي ته جو ڪجھ اوهان کي عطا ڪيو ويو آهي، ڇا تنهن مان اوهان جي غلامن مان ڪو (به) اوهان جو شريڪ آهي جو (اهو ۽) اوهين هڪجهڙا ٿيو (۽ ڇا!) اوهين انهن کان اهڙو ئي ڊڄو ٿا جهڙو اوهين پاڻ (حق يا حصو نه ڏيڻ ۾) ڊڄو ٿا؟ (پوءِ بندن کي خدا جو شريڪ ڇو ٿا بنايو) عقل وارن لاءِ اسين اهڙي طرح پنهنجون آيتون کولي ٻڌايون ٿا.

  29. پر (سرڪش) وڏائي ڪندڙن ته سواءِ سوچ ويچار ڪرڻ جي پنهنجي نفساني خواهشن جي پيروي ڪئي، (۽ خدا جا شريڪ ٺهرايائون) مطلب ته خدا جنهن کي گمراهي ۾ ڇڏي ڏئي (ته) ان کي سڌي راھ تي ڪير آڻي سگهي ٿو؟ پڻ انهن جا ڪي به مددگار نه آهن.

  30. ته (اي رسول) تون باطل (طريقي) کان پاسو ڪري پنهنجو رخ دين ڏانهن سڌو ڪر. اها ئي خدا جي (بناوٽ) بنايل آهي جنهن تي ماڻهن کي پيدا ڪيو اٿس خدا جي پيدائش کي ڪا مٽ سٽ نه آهي. سڌو دين اهو آهي پر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن.

  31. (اوهين سڀئي) ان ڏي رجوع ڪري (سندس بندگي ڪريو) ۽ ان کان ڊڄو ۽ نماز قائم ڪريو ۽ مشرڪن مان نه ٿيو،

  32. جنهن پنهنجي (اصلي) دين ۾ تفرقو وڌو ۽ جدا جدا فرقا ٿي ويا، جو (دين) جنهن فرقي وٽ آهي (سو) تنهن ۾ ئي خوش آهي.

  33. ۽ جڏهن ماڻهن کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته پنهنجي پالڻهار کي سڏين ٿا وري جڏهن پاڻ وٽان کين ڪنهن مهربانيءَ جو مزو چکائي ٿو ته ان وقت ئي انهن مان ڪي ماڻهو پنهنجي پروردگار سان شريڪ ٺهرائن ٿا.

  34. هن لاءِ ته جيڪي اسان انهن کي ڏنو آهي تنهن جي (ڀلي) ناشڪري ڪن، سو اوهين مزا ڪري وٺو پوءِ (قيامت ۾) اوهان کي حقيقت معلوم ٿي ويندي.

  35. ڇا اسان انهن تي ڪا ثابتي نازل ڪئي آهي جا ان بابت (حق هجڻ) کي بيان ڪري ٿي جنهن جي ڪري خدا سان شريڪ پيا ڪن.

  36. ۽ جڏهن ماڻهن کي ڪنهن مهربانيءَ (جو مزو) چکايون ٿا. ۽ جڏهين کين ڪا برائي پهچي ٿي انهن (ڪرتوتن) جي ڪري جن کي سندن هٿن اڳي موڪليو آهي ته ان ئي وقت اهي نا اميد ٿين ٿا.

  37. ڇا انهن ماڻهن ايترو به غور نه ڪيو ته خدا جنهن لاءِ گهري ٿو تنهن جي روزي ڪشادي ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ گهري ٿو تنهن جي) تنگ ڪري ٿو. بيشڪ ان ۾ ايمان وارن لاءِ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن.

  38. ته (اي رسول پنهنجي) قرابتدار (فاطمه زهرا) جو حق (فدڪ) ڏي ۽ مسڪين ۽ مسافر کي (به). (اهو ڏيڻ) انهن لاءِ چڱو آهي جيڪي خدا جي رضامندي گهرن ٿا ۽ اهي ئي ماڻهو (آخرت ۾) پنهنجي دلي مراد ماڻيندا.

  39. ۽ جو وياج اوهين ڏيو ٿا ته ماڻهن جي مالن ۾ (پهچي) وڌي سو خدا وٽ نه ٿو وڌي. ۽ جيڪا زڪوات خدا جي رضامندي جو ارادو ڪري ڏيو ٿا سو اهي (زڪوات ڏيندڙ) ئي پنهنجي ڏنل زڪوات کي (خدا وٽ) وڌائيندڙ آهن.

  40. خدا اهو آهي جنهن اوهان کي پيدا ڪيو وري اوهان کي روزي ڏنائين وري اوهان کي ماريندو ۽ وري اوهان کي جياريندو. ڇا اوهانجي (خدا سان ٺهرايل) شريڪن مان ڪو اهڙو آهي جو انهن (ڪمن) مان ڪجھ ڪري سگهي؟ ۽ اهو پاڪ آهي ۽ انهن کان بلند آهي جن کي (سندن شريڪ ٺهرائن ٿا.

  41. خود ماڻهن جي ئي هٿن جي ڪمن ڪري خشڪيءَ ۽ تريءَ ۾ فساد ظاهر ٿيو، انهيءَ ڪري ته جيڪي اهي ماڻهو ڪري چڪا تن مان ڪن ڪرتوتن جو خدا کين مزو چکائي ته من اهي ماڻهو (اڃا به) باز اچن.

  42. (اي رسول! کين) چئو ته زمين ۾ سير ڪري ته ڏسو، ته اڳين ماڻهن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ جن مان گهڻا (خدا سان) شريڪ ٺهرائيندا هئا.

  43. ته (اي پيغمبر) تون ان ڏينهن جي اچڻ کان اڳ، جيڪي خدا جي طرفان ضرور ايندو (۽) ان جي اچڻ کي ڪو به روڪي نه سگهندو، پنهنجو رخ، مضبوط (۽ سڌي) دين ڏي ڪري ڇڏ، ان ڏينهن ماڻهو (پريشان ٿي) جدا جدا ٿي ويندا.

  44. جيڪو ڪافر ٿيو ان جو ڪفر ان تي آهي ۽ جن چڱا ڪن ڪيا سي پاڻ لاءِ ئي آسائش جو سامان ٺاهن ٿا.

  45. هن لاءِ ته جن ايمان آندو چڱا ڪم ڪيا تن کي پنهنجي فضل (۽ ڪرم) مان چڱو بدلو ڏئي. بيشڪ خدا ڪافرن کي پسند نه ٿو ڪري.

  46. ۽ سندس نشانين مان هيءَ (به) آهي جو هوائون موڪلي ٿو جيڪي (مينهن جي) خوش خبري ڏيندڙ آهن ۽ هن لاءِ ته اوهان کي پنهنجي رحمت جو ڪجھ مزو چکائي پڻ هن لاءِ ته سندس حڪم سان ٻيڙيون هلن ۽ هن لاءِ ته اوهين سندس فضل ۽ ڪرم مان (پنهنجي روزي) حاصل ڪريو ته من اوهين شڪر ڪريو.

  47. ۽ (اي پيغمبر) اسان تو کان ٻيا به ڪيئي پيغمبر سندن قومن ڏي موڪليا ۽ اهي (انهن ڏي) ظاهر نشانيون (معجزا) کڻي آيا (پر انهن کين نه مڃيو) ته انهن ڏوهارين کان اسان (خوب) بدلو ورتو. ۽ اسان تي ته مومنن جي مدد ڪرڻ لازم ئي هئي.

  48. الله اهو آهي جو هوائن کي موڪلي ٿو، پوءِ اهي ڪڪرن کي اٿارين ٿيون پوءِ جيئن گهري تئين انهن کي آسمان ۾ پکيڙي ٿو ۽ انهن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ٿو، پوءِ تون مينهن کي ڏسين ٿو جو انهن جي وچان پيو نڪري پوءِ جڏهن خدا انهن بندن مان جن کي گهري ٿو تن کي اهو (مينهن) پهچائي ٿو ته اهي ان وقت خوش پيا ٿين.

  49. جيتوڻيڪ اهي ماڻهو مٿن (باران رحمت) وسڻ کان اڳ ۾ (مينهن کان) شروع سان ئي بلڪل مايوس (۽ بي وس) هئا.

  50. ته پوءِ خدا جي رحمت جي آثارن کي ڏسو ته ڪيئن نه زمين کي ويران هجڻ کان پوءِ آباد ڪري ٿو. بيشڪ اهو ئي مئلن کي جياريندڙ آهي ۽ اهو ئي سڀ ڪنهن شي تي قدرت رکندڙ آهي.

  51. ۽ جيڪڏهن اسين هڪ (اهڙي) هوا موڪليون (جنهن ڪري) ان (پوک) کي هيڊو (سڪل) ڏسن ته وري ناشڪري ڪرڻ لڳي ويندا.

  52. سو (اي پيغمبر) تون نه مئلن کي ٻڌائي سگهين ٿو ۽ نه وري ٻوڙن کي ٻڌائي سگهين ٿو. (خاص ڪري) جڏهن اهي پٺ ڏيئي ڦرن ٿا.

  53. ۽ نه تون انڌن کي سندن گمراهيءَ کان (ڦيري) راھ تي آڻي سگهين ٿو. تون رڳو انهن کي ٻڌائي (سمجهائي) سگهين ٿو جيڪي اسان جي آيتن تي ايمان آڻين ٿا پوءِ اهي ئي ماڻهو اسلام آڻڻ وارا آهن.

  54. خدا اهو آهي جنهن اوهان کي هڪ نهايت ڪمزور شي (نطفي) مان پيدا ڪيو پوءِ ان ئي (اوهان ۾) ننڊپڻ جي ڪمزوري کان پوءِ (جوانيءَ جي) طاقت عطا ڪئي. وري طاقت کان پوءِ ڪمزوري ۽ ٻڍاپو ڏنو. جيڪي گهري سو پيدا ڪري ٿو. ۽ اهو (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ قدرت رکندڙ آهي.

  55. ۽ جنهن ڏينهن قيامت قائم ٿيندي تنهن ڏينهن ڏوهاري قسم کڻندا ته هڪ گهڙيءَ کان سواءِ (دنيا ۾) نه رهيا هئا. ائين ئي اهي ماڻهو (دنيا ۾ به) ڦڙتيون کائيندا رهيا (ڪوڙ ڳالهائيندا رهيا)

  56. ۽ جن ماڻهن کي (خدا جي بارگاھ مان) علم ۽ ايمان ڏنو ويو آهي سي چوندن ته (اڙي!) اوهين ته خدا جي ڪتاب مطابق ڏينهن قيامت تائين (برابر) رهيا آهيو ۽ هي ته قيامت جو ئي ڏينهن آهي پر اوهان نه ٿي ڄاتو.

  57. پوءِ ان ڏينهن سرڪشي ماڻهن کي نه سندن معذرت ئي ڪم ايندي ۽ نه انهن جي شنوائي ٿيندي.

  58. ۽ بيشڪ اسان ماڻهن لاءِ هن قرآن ۾ سڀ ڪنهن قسم جا مثال بيان ڪيا آهن. ۽ (اي پيغمبر) جيڪڏهن تون انهن ڏي ڪو به معجزو آڻيندين تڏهن به پڪ ڪافر چوندا ته اوهين رڳو دغا باز (چالاڪ) آهيو.

  59. جيڪي ماڻهو سمجھ (۽ علم) نه ٿا رکن تن جي دلين تي (نظر ڪري) خدا هيئن تصديق ڪري ته اهي ايمان نه آڻيندا.

  60. ته (اي پيغمبر) تون صبر ڪر بيشڪ خدا جو وعدو سچو آهي ۽ ائين نه (ٿئي جو) جي ماڻهو (تنهنجي) تصديق نه ٿا ڪن سي تو کي (ٻهڪائي) هلڪو نه ڪن!

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found