جمع, 19 جولاءِ 2019 - Fri 07 19 2019

منو

سورت عنڪبوت

ٽوٽل آيتون: 69

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. الم

  2. ڇا ماڻهن (هي) خيال ڪيو آهي ته سندن (رڳو ايتري) چوڻ تي ته اسان ايمان آندو، کين ڇڏيو ويندو ۽ انهن کي آزمايو نه ويندو (ضرور کين آزمايو ويندو)

  3. جيڪي کانئن اڳ هئا تن کي بيشڪ اسان آزمايو، سو جن (ايمان ظاهر ڪرڻ ۾) سچ ڳالهايو آهي تن کي خدا ضرور الڳ ڏسندو ۽ ڪوڙن کي به ضرور معلوم ڪندو.

  4. ڀلا جيڪي بڇڙايو ڪن ٿا تن خيال ڪيو آهي ڇا ته اهي اسان کان (بچي) اڳي نڪري ويندا. (جيڪڏهن ائين آهي ته) اهي ماڻهو جو فيصلو ڪن ٿا سو (ڪهڙو نه) بڇڙو آهي.

  5. جو شخص خدا سان ملڻ (قيامت جي اچڻ) جي اميد رکي ٿو سو (ياد رکي ته) خدا جي مقرر ڪيل مدت ضرور اچڻ واري آهي ۽ اهو (سڀني جي) ٻڌي ۽ ڄاڻي ٿو.

  6. ۽ جو شخص (عبادت ۾) ڪوشش ڪري ٿو سو رڳو پاڻ لاءِ ڪوشش ڪري ٿو. (ڇو ته) بيشڪ خدا ساري جهان وارن (جي عبادت) کان بي پرواھ آهي.

  7. ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن جون بڇڙايون انهن کان پري ڪنداسون ۽ جيڪي ڪم پيا ڪن تنهن جو چڱي کان چڱو بدلو کين ضرور ڏينداسون.

  8. ۽ اسان انسان کي سندس ماءُ پيءُ سان چڱو ڪرڻ جو حڪم ڪيو آهي ۽ (هي به ته) جيڪڏهن اهي ٻئي تو سان هن لاءِ جهڳڙو ڪن ته تون مون سان اهڙي شي کي شريڪ ڪرين جنهن جي تو کي ڪا خبر نه آهي ته انهن جو چيو نه مڃ. (نيٺ هڪ ڏينهن) مون ڏي ئي اوهان کي موٽڻو آهي پوءِ جيڪي (دنيا ۾) پيا ڪريو تنهن جي اوهان کي خبر ڏيندس.

  9. ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي (قيامت ۾) ضرور نيڪ ماڻهن ۾ داخل ڪنداسون.

  10. ۽ ڪي ماڻهو اهڙا به آهن جي چون ٿا ته اسان خدا تي ايمان آندو پوءِ جڏهن کين خدا جي باري ۾ ڪا تڪليف پهچي ٿي ته ماڻهن جي ايذاءُ کي خدا جي عذاب برابر ڪري سمجهن ٿا. ۽ (اي رسول) جيڪڏهن (تو وٽ) تنهنجي پالڻهار جي مدد ايندي (۽ تو کي فتح ٿي) ته اهي ئي ماڻهو چوڻ لڳن ٿا ته اسين اوهان سان هئاسون. ڇا جيڪي ساري جهان وارن جي دلين ۾ آهي تنهن کي خدا وڌيڪ ڄاڻندڙ نه آهي؟ (ضرور آهي)

  11. ۽ جن ماڻهن ايمان قبول ڪيو خدا تن کي ضرور ڄاڻي ٿو ۽ منافقن کي به ضرور ڄاڻي ٿو.

  12. ۽ ڪافرن ايمان وارن کي چيو ته اسان جي طريقي تي هلو ۽ اسين (قيامت ۾) اوهان جا گناھ (پنهنجي صر تي) کڻنداسون. هوڏانهن اهي انهن جي گناهن مان ڪجھ به کڻڻ وارا نه آهن. بيشڪ اهي (بلڪل) ڪوڙا آهن.

  13. ۽ اهي پنهنجن (گناهن جا) بار ۽ پنهنجن بارن سان گڏ (جن کي گمراھ ڪيائون) تن جا بار (به) ضرور کڻندا. ۽ جيڪو ڪوڙ پيا گهڙين تنهن بابت قيامت جي ڏينهن انهن کان ضرور پڇا ڳاڇا ٿيندي.

  14. ۽ بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏي (پيغمبر بنائي) موڪليو ته اهو انهن ۾ پنجاھ ورهيه گهٽ هڪ هزار سان رهيو (۽ هدايت ڪندو رهين پر جڏهن نه مڃيئون) ته نيٺ انهن کي طوفان پڪڙيو ۽ اهي ظالم هئا.

  15. پوءِ ان کي ۽ بيڙيءَ وارن کي بچايوسون ۽ اسان ان واقعي کي ساري خدائي جي لاءِ (پنهنجي قدرت جي) نشاني ڪيوسون.

  16. ۽ ابراهيم کي (ياد ڪريو) جڏهن ان پنهنجي قوم کي چيو ته الله جي عبادت ڪريو ۽ ان کان ڊڄو اهو اوهان لاءِ چڱو آهي جيڪڏهن سمجھ اٿو.

  17. اوهين خدا کان سواءِ رڳو بتن کي پوڄيو ٿا ۽ ڪوڙ ٺاهيو ٿا. بيشڪ جن کي خدا کان سواءِ پوڄيو ٿا سي اوهان کي روزي ڏيڻ جو اختيار (به) نه ٿا رکن، سو خدا وٽان روزي گهرو ۽ سندس شڪر ڪريو، (ڇو ته) هن ڏي ئي اوهان کي موٽايو ويندو.

  18. ۽ (اي مڪي وارو) جيڪڏهن توهان (منهنجي رسول کي) ڪوڙو ڪيو ته (ڪجھ پرواھ نه آهي) اوهان کان اڳ ڪيترين ئي امتن (پنهنجي پيغمبرن کي) ڪوڙ ڪيو. ۽ رسول جي ذمي ته رڳو پڌرو پيغمام پهچائڻ آهي.

  19. ڇا انهن ماڻهن هن تي غور ڪيو ته خدا ڪيئن مخلوقات کي نئين سر پيدا ڪري ٿو ۽ وري ٻيهر پيدا ڪندو. هيءَ ته الله لاءِ سولي ڳالھ آهي.

  20. (اي رسول انهن کي) چئو ته ڪجھ زمين تي هلي ڏسو ته خدا ڪيئن پهريان مخلوقات کي پيدا ڪيو (اهڙيءَ طرح) قيامت جي ڏينهن (آخري پيدائش پيدا ڪندو، بيشڪ خدا سڀ ڪنهن شي تي قدرت رکندڙ آهي.

  21. جنهن کي گهري تنهن کي عذاب ڪري ۽ جنهن کي گهري تنهن تي رحم ڪري. ۽ ان ڏي ئي اوهان کي ڦيريو ويندو.

  22. ۽ اوهين نه زمين ۾ (خدا کي) عاجز ڪرڻ وارا آهيو ۽ نه آسمان ۾ ۽ خدا کان سواءِ نه ته اوهان جو ڪو سرپرست آهي ۽ نه مددگار.

  23. ۽ جن ماڻهن خدا جي آيتن ۽ (قيامت جي ڏينهن) سندس حاضر هئڻ کان انڪار ڪيو اهي منهنجيءَ رحمت کان نا اميد ٿيا آهن. ۽ انهن لاءِ ئي دردناڪ عذاب آهي.

  24. پوءِ ابراهيم جي قوم وٽ (انهن ڳالهين جو) هن کان سواءِ ٻيو جواب نه هو ته ان کي قتل ڪريو يا کيس ساڙي (خاڪ ڪري) ڇڏيو. (نيٺ انهن ائين ڪيو) پر خدا ان کي باھ کان بچايو. بيشڪ ايمان واريءَ قوم لاءِ هن واقعي ۾ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن.

  25. ۽ ابراهيم (پنهنجي قوم کي) چيو ته اوهان ماڻهن خدا کي ڇڏي رڳو دنيا جي حياتيءَ ۾ پاڻ ۾ محبت ڪرڻ سبب بتن کي خدا بنايا آهن. وري قيامت جي ڏينهن اوهان مان هڪڙا ٻين جو انڪار ڪندا ۽ اوهان مان هڪڙا ٻين تي لعنت ڪندا، ۽ اوهان جي جاءِ دوزخ آهي ۽ اوهان جا ڪي به (تنهن وقت) مددگار نه هوندا.

  26. تڏهن رڳو لوط، ابراهيم تي ايمان آندو. ۽ ابراهيم چين: آءُ ته پنهنجي پروردگار ڏي وطن ڇڏي وڃي رهيو آهيا. بيشڪ اهو ئي زبردست حڪمت وارو آهي.

  27. ۽ اسان ابراهيم کي اسحاق (جهڙو پٽ) ۽ يعقوب (جهڙو پوٽو) عطا ڪيو ۽ سندس نسل ۾ پيغمبر ۽ ڪتاب کي مقرر ڪيوسون ۽ اسان ابراهيم کي دنيا ۾ چڱو بدلو عطا ڪيو ۽ اهو ته آخرت ۾ (به) نيڪ ماڻهن مان آهي.

  28. ۽ (اي رسول) لوط کي (ياد ڪر!) جڏهن ان پنهنجيءَ قوم کي چيو (هو) ته اوهين بيحيائي جو ڪم ڪريو ٿا، جو اوهان کان اڳي ساري خدائيءَ ۾ اهو (فعل) ڪنهن (به) نه ڪيو آهي.

  29. ڇا اوهين (زالن کي ڇڏي شهوت رانيءَ لاءِ) مڙسن ڏي وڃو ٿا. ۽ اوهين پنهنجين محفلن ۾ بڇڙيون حرڪتون ڪريو ٿا؟ سو (انهن سڀني ڳالهين جو) لوط جي قوم وٽ هن کان سواءِ ڪو جواب نه هو جو اهي چوڻ لڳا ته، ڀلا جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته اسان تي خدا جو عذاب ته آڻيو.

  30. (تڏهن) لوط دعا گهري، پروردگار! هن فساد ڪندڙ قوم جي مقابلي ۾ منهنجي مدد ڪر (تنهن وقت کان عذاب جي تياري ٿي).

  31. ۽ جڏهن اسان جا موڪليل فرشتا ابراهيم وٽ (پوڙهائپ ۾ پٽ جي) خوش خبري کڻي آيا ته (ابراهيم کي) چيائون، اسين جلد ئي هن ڳوٺ جي رهڻ وارن کي برباد ڪرڻ وارا آهيون. (ڇو ته) هن ڳوٺ جي رهڻ وارا (تمام) سرڪش آهن.

  32. (اهو ٻڌي) ابراهيم چين ته ان ڳوٺ ۾ ته لوط (به) آهي. انهن فرشتن چيو ته جو به ان ۾ آهي تنهن کي اسين چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا. ان کي ۽ ان جي گهروارن کي اسين ضرور بچائينداسون سندس زال کان سواءِ جا باقي رهيلن مان ٿيندي.

  33. ۽ جڏهن اسان جا موڪليل فرشتا لوط وٽ آيا ته کين ڏسي ناخوش ٿيو ۽ انهن جي (مهماني ڪرڻ) کان دل تنگ ٿيو ۽ کيس چيائون، نڪي ڊڄ ۽ نه ڪي غمگين ٿي. بيشڪ اسين تو کي ۽ تنهنجي گهروارن کي بچائينداسون پر تنهنجي زال (ڇو ته) اها باقي رهيلن مان ٿيندي.

  34. بيشڪ اسين هن ڳوٺ وارن تي سندن بدڪارين سبب هڪ آسماني عذاب نازل ڪرڻ وارا آهيون.

  35. ۽ يقنا اسان ان (ابتي ڪيل ڳوٺ) مان عقل وارن لاءِ (سبق حاصل ڪرڻ جي) هڪ پڌري ۽ کليل نشاني باقي رکي آهي.

  36. پڻ (اسان) مدين جي رهڻ وارن ڏي سندن ڀاءُ شعيب کي پيغمبر بنائي موڪليو ته ان (پنهنجي قوم کي) چيو: اي منهنجي قوم! خدا جي عبادت ڪريو ۽ قيامت جي ڏينهن جي اميد رکو ۽ زمين ۾ فسادي ٿي فساد نه ڦهلايو.

  37. ته انهن (شعيب کي ڪوڙو ڪيو، ته انهن کي زلزلي اچي ورتو پوءِ اهي صبح جو پنهنجن گهرن ۾ گوڏن ڀر (اونڌا) ڪري پيا هئا.

  38. ۽ قوم عاد ۽ ثمود کي برباد ڪيوسون) ۽ (اي مڪي وارو) اوهان کي ته سندن (برباد ٿيل) گهر به (رستي سان ايندي ويندي) سجهن ٿا. ۽ شيطان سندن نظر ۾ انهن جا ڪرتوت چڱا ڪري ڏيکاريا هئا ۽ کين (سڌي) راھ تي (هلڻ کان) روڪي ڇڏيو هو. هوڏانهن اهي ماڻهو ڏاڍا هوشيار هئا.

  39. ۽ (اسان ئي) قارون ۽ فرعون ۽ هامان کي به (برباد ڪيو) هوڏانهن وٽن موسى پڌرا ۽ کليل معجزا کڻي آيو تڏهن به اهي ماڻهو روءِ زمين تي سرڪشي ڪندا پيا وتن ۽ اهي اسان کان (نڪري) اڳتي وڌي نه سگهيا.

  40. ته اسان سڀني کي سندن گناھ جي سزا ۾ پڪڙيوسون. پوءِ انهن مان ڪي اهڙا هئا جن تي پهڻن وسائڻ وارو واءُ موڪليوسون ۽ انهن مان ڪي اهڙا هئا جن کي سخت هڪل ورتو ۽ انهن مان ڪي اهڙا هئا جن کي زمين ۾ ڳهايوسون، ۽ انهن مان ڪي اهڙا هئا جن کي ٻوڙيوسون ۽ خدا ته مٿن ظلم ڪرڻ وارو نه هو پر اهي پاڻ تي پڻ ظلم ڪندا هئا.

  41. جن ماڻهن خدا کان سواءِ ٻين کي پنهنجو ڪارساز بنايو آهي تن جو مثال ڪوريئڙي جي مثال جهڙو آهي جنهن هڪ گهر ٺاهيو هوڏانهن (سڀني) گهرن مان زياده هيڻو گهر ڪوريئڙي جو آهي. جيڪر اهي (ايتري ڳالھ) ڄاڻن.

  42. خدا کي ڇڏي اهي ماڻهو جنهن شي کي سڏين ٿا تنهن کي بيشڪ خدا ڄاڻي ٿو. ۽ اهو ئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.

  43. ۽ اسان اهي مثال ماڻهن (جي سمجهائڻ) لاءِ بيان ڪريون ٿا ۽ انهن کي رڳو عالم ئي سمجهن ٿا.

  44. خدا آسمان ۽ زمين کي (ٺيڪ ٺيڪ) حق سان پيدا ڪيو آهي بيشڪ ان (ڪم) ۾ ايمان وارن لاءِ (خدا جي قدرت جي) وڏي نشاني آهي.

  45. (اي رسول) جيڪو ڪتاب تو ڏي وحي ڪيو ويو آهي سو تلاوت ڪر ۽ نماز قائم ڪر. بيشڪ نماز بيحيائي ۽ بڇڙي ڪم کان روڪي ٿي. ۽ بيشڪ خدا جو ياد ڪرڻ سڀ کان وڏو مرتبو آهي ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي خدا (چڱيءَ طرح) ڄاڻي ٿو.

  46. ۽ (اي ايمان وارو!) ڪتاب وارن سان مناظرو نه ڪندا ڪريو پر سٺي ۽ عمدي نموني ۾، مگر انهن مان جن اوهان تي ظلم ڪيو (تن سان رعايت نه ڪريو) ۽ صاف صاف چئي ڏيو ته جيڪو (ڪتاب) اسان ڏي نازل ٿيو آهي ۽ جيڪي اوهان ڏي نازل ڪيو ويو آهي تنهن تي اسان جو ايمان آهي ۽ اسان جو معبود ۽ اوهان جو معبود هڪ آهي ۽ اسين سندس ئي فرمانبردار آهيون.

  47. ۽ (اي پيغمبر) جهڙي طرح اڳيان ڪتاب نازل ڪيا هئاسون) اهڙي طرح اسان تو ڏي (هي) ڪتاب نازل ڪيو. پوءِ جن کي (اڳي) ڪتاب ڏنوهوسون سي ان تي ايمان آڻين ٿا. ۽ هنن (عربن) مان به ڪي اهڙا آهن جي ان تي ايمان آڻين ٿا. ۽ ڪافرن کان سواءِ ٻيو ڪو به اسان جي آيتن جو انڪار نه ٿو ڪري.

  48. ۽ (اي پيغمبر) قرآن کان اڳ تون ڪو ڪتاب نه پڙهندو هئين ۽ نه ان کي پنهنجي هٿ سان لکندو هئين (جيڪڏهن تون لکين پڙهين ها ته) ان وقت هي ڪوڙا ماڻهو ضرور (تنهنجي نبوت ۾) شڪ ۾ پون ها.

  49. پر جن شخصن کي خدا جي طرفان علم عطا ڪيو ويو آهي تن جي سينن ۾ اهو (قرآن) پڌريو آيتون آهن. ۽ سرڪش کان سواءِ اسان جي آيتن جو (ٻيو) ڪو به انڪار نٿو ڪري.

  50. ۽ (ڪافر عرب) چون ٿا ته هن (رسول!) تي سندس پروردگار جي طرفان معجزا ڇو ڪين نازل ٿيا (اي رسول! کين) چئو، معجزا ته خدا وٽ آهن ۽ آءُ رڳو (خدا جي عذاب کان) ظاهر ڊيڄاريندڙ آهيان.

  51. ڇا انهن لاءِ هي ڪافي نه آهي جو اسان تو تي ڪتاب (قرآن) نازل ڪيو آهي جو انهن کي پڙهي ٻڌايو وڃي ٿو. بيشڪ ايماندار ماڻهن لاءِ ان ۾ (خدا جي) وڏي مهرباني ۽ (تمام چڱي) نصيحت آهي.

  52. (اي پيغمبر! تون انهن کي) چئو ته منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ شاهدي لاءِ خدا ڪافي آهي جيڪو سڀني آسمانن ۽ زمين جي ڳالهين کي ڄاڻي ٿو. ۽ جن ڪوڙ تي يقين ڪيو ۽ خدا جو انڪار ڪيو سي ئي نقصان وارا آهن.

  53. ۽ (اي رسول) تو کان ماڻهو عذاب جي جلد اچڻ جي گهر ڪن ٿا. ۽ جيڪڏهن مقرر ڪيل وقت نه هجي ها ته (ڪڏهن جو) مٿن عذاب اچي وڃي ها ۽ (نيٺ ته هڪ نه هڪ ڏينهن) ضرور انهن تي عذاب اوچتو ايندو جو کين خبر به نه پوندي.

  54. تو کان عذاب جي جلد اچڻ جي گهر ڪن ٿا ۽ بيشڪ دوزخ ڪافرن کي تنهن ڏينهن ضرور گهيرو ڪندو،

  55. جنهن ڏينهن کين عذاب سندن مٿان ۽ سندن پيرن هيٺان ويڙهي ويندو ۽ (تڏهن خدا) فرمائيندو ته جيڪي ڪرتوت اوهين (دنيا ۾) ڪندا هئا تن جو مزو چکيو!

  56. اي منهنجا ايمان وارا بندو! بيشڪ منهنجي زمين ڪشادي آهي ۽ اوهين منهنجي ئي عبادت ڪريو.

  57. سڀ ڪو نفس موت (جو مزو) چکڻ وارو آهي، پوءِ مون ڏي ئي اوهان کي موٽايو ويندو.

  58. ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي جنت جي ماڙين ۾ رهائينداسون، جن جي هيٺان واھ وهن ٿا جن ۾ هميشه رهندا. اهو انهن (نيڪ) ڪم ڪرڻ وارن جو چڱو بدلو آهي.

  59. جن دنيا ۾ (مصيبتن تي) صبر ڪيو ۽ پنهنجي پالڻهار تي ڀروسو ڪن ٿا.

  60. ۽ زمين تي هلڻ وارا ڪيترائي آهن جي پنهنجي روزي پاڻ سان کنيو نه ٿا وتن الله ئي انهن کي ۽ اوهان کي روزي ڏئي ٿو، ۽ اهو وڏو ڏيڻ وارو (۽) ڄاڻندڙ آهي.

  61. ۽ (اي رسول) جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو ۽ سج ۽ چنڊ کي ڪنهن ڪم ۾ لڳايو ته ضرور چوندا ته الله! پوءِ ڪيئن ابتا وڃن ٿا؟

  62. الله ئي پنهنجي ٻانهن مان جنهن لاءِ گهري ٿو تنهن جي روزي ڪشادي ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ گهري ٿو) تنهن جي تنگ ڪري ٿو. بيشڪ خدا سڀ ڪنهن شي کي ڄاڻندڙ آهي.

  63. ۽ جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته آسمان مان پاڻي ڪير ٿو لاهي پوءِ ان سان زمين کي ان جي مرڻ (غير آباد هجڻ) کان پوءِ جياريو (آباد ڪيو) اٿس ته اهي ضرور چوندا ته الله! (اي رسول) تون چئو الحمد لله! پر انهن مان گهڻا (ايترو به) نه ٿا سمجهن.

  64. ۽ هيءَ دنيا جي حياتي (ته رڳو) تماشي ۽ راند کان سواءِ (ٻيو) ڪجھ نه آهي. ۽ آخرت جو گهر ئي (سچي) حياتي آهي. جيڪڏهن سمجهن ٿا.

  65. پوءِ جڏهن ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿين ٿا ته خدا کي تمام خلوص (دل) سان عبادت ڪندڙ ٿي سڏين ٿا، وري جڏهن کين خشڪي ڏي بچائي آڻجي ٿو ته يڪدم شرڪ ڪن ٿا.

  66. هن لاءِ ته جيڪي اسان انهن کي (نعمتون) ڏنيون آهن تن جي نا شڪري ڪن ۽ مزا ماڻين. پوءِ جلد ئي (ان جو نتيجو) کين معلوم ٿيندو.

  67. ڇا انهن ان تي به غور نه ڪيو ته اسان حرم (مڪي) کي امن ۽ امان جو هنڌ بنايو آهي، هوڏانهن سندن آس پاس کان ماڻهو امالڪ کڄي وڃن ٿا. ته ڇا اهي ماڻهو ڪوڙن معبودن تي ايمان آڻين ٿا ۽ خدا جي نعمت جي ناشڪري ڪن ٿا؟

  68. ۽ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي جنهن خدا تي ڪوڙ گهڙيو يا ان وٽ ڪا سچي ڳالھ اچي تنهن کي ڪوڙو ڪيائين. (ته) ڇا ڪافرن جي رهڻ جي جاءِ جهنم نه آهي؟ (ضرور آهي).

  69. ۽ جن ماڻهن اسان جي راھ ۾ جهاد ڪيو تن کي ضرور اسين پنهنجي راھ جي هدايت ڪنداسون. ۽ بيشڪ الله نيڪي ڪندڙن سان گڏ آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found