آچر, 19 مئي 2019 - Sun 05 19 2019

منو

سورت قصص

ٽوٽل آيتون: 88

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. طسم

  2. (اي رسول) اهي پڌري ڪتاب جون آيتون آهن.

  3. (جن ۾) اسين تو کي موسى ۽ فرعون جو ڪجھ احوال، ايمان وارن ماڻهن جي فائدي لاءِ ٺيڪ ٺيڪ ٻڌايون.

  4. بيشڪ فرعون (مصر جي) زمين ۾ وڏائي ڪئي ۽ ان جي رهڻ وارن کي ڪيئي ٽولا (گروھ) ڪري ڇڏيو هئائين، جن مان هڪ گروھ (بني اسرائيلن) کي ڪمزور ڪري ڇڏيائين ٿي، سندن پٽن کي ڪٺائين ٿي۽ انهن جي ڌيئرن کي جيئرو ڇڏيائين ٿي. بيشڪ اهو فسادين مان هو.

  5. ۽ اسين ته هي چاهيون ٿا ته جن کي زمين ۾ ڪمزور ڪيو ويو تن تي احسان ڪريون ۽ تن کي پيشوا بنايون ۽ انهن کي ان (زمين) جو مالڪ ڪريون.

  6. پڻ انهن کي زمين تي پوري قدرت عطا ڪريون ۽ فرعون ۽ هامان ۽ ٻنهين جي لشڪرن کي انهن کي ڪمزورن جي هٿن سان اها ڳالھ ڏيکاريون جنهن کان اهي شخص ڊڄندا هئا.

  7. ۽ اسان موسى جي ماءُ ڏي وحي موڪليو ته تون ان کي کير پيار! پوءِ جڏهن تو کي ان جو ڊپ ٿئي ته ان کي (صندوق ۾ رکي) دريا ۾ اڇلاءِ ۽ ڊپ نه ڪج ۽ نه غمگين ٿج. بيشڪ اسين ان کي تو ڏي موٽائينداسون ۽ ان کي (پنهنجو) رسول بنائينداسون.

  8. (مطلب ته موسى جي ماءُ کيس درياءَ ۾ وهائي ڇڏيو ته اها صندوق وهندي وهندي وڃي فرعون جي محل کي لڳي ته) فرعون جي ماڻهن ان کي کڻي ورتو ته (هڪ ڏينهن اهو ئي) سندن دشمن ۽ انهن جي غم جو سبب ٿئي. بيشڪ فرعون ۽ هامان ۽ سندن لشڪر خطا ڪندڙ هئا.

  9. (۽ جڏهن موسى محل ۾ آندو ويو) ته فرعون جي زال (آسيه پنهنجي مڙس کي) چوڻ لڳي ته (هيءُ ٻار) منهنجي ۽ تنهنجي (ٻنهي جي) اکين جو ٺار آهي، ان کي نه ڪهو، من اسان جي ڪم اچي يا ان کي پٽ بنايون. هوڏانهن (سندس هٿان برباد ٿيڻ جي) کين خبر ڪين هئي.

  10. (هيڏانهن هيءُ حال هو) ۽ (هوڏانهن) موسى جي ماءُ جي دل اهڙي ته بي قرار هئي جو جيڪڏهن اسين ان جي دل مضبوط نه ڪريون ها ته اها موسى جو حال ظاهر ڪري وهي ها (پڻ ان لاءِ اسان کين توفيق ڏني) ته جيئن هوءَ (اسان جي وعدي جو) يقين رکي.

  11. ۽ موسى جي ماءُ (دريا ۾ اڇلڻ وقت) سندس ڀيڻ (ڪلثوم) کي چيو ته ان جي پويان لڳي وڃ، پوءِ اها ان کي پري کان ڏسندي رهي ۽ انهن ماڻهن کي خبر به نه پئي.

  12. ۽ اسان موسى تي شروع کان ٻين داين (جي ٿڃ) کي حرام ڪري ڇڏيو هو (جو ڪنهين جو ڌانوڻ نه ڌايو) تڏهن موسى جي ڀيڻ چيو ته ڇا آءُ اوهان کي اهڙو گهراڻو ڏسيان جيڪي هن جي اوهان لاءِ سنڀال ڪن ۽ اهي ان جا خير خواھ به هجن.

  13. مطلب ته (ان ترڪيب سان) اسان موسى کي سندس ماءُ ڏي وري آندو هن لاءِ ته سندس اکيون ٺرن ۽ غمگين نه ٿئي ۽ هن لاءِ ته ڄاڻي ته بيشڪ خدا جو وعدو سچو آهي پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن.

  14. ۽ جڏهن موسى پنهنجيءَ جوانيءَ کي پهتو ۽ پختو ٿيو تڏهن اسان ان کي حڪمت ۽ علم عطا ڪيو. ۽ نيڪي ڪندڙن کي اسان اهڙيءَ طرح بدلو ڏيون ٿا.

  15. ۽ هڪ ڏينهن اوچتو موسى شهر ۾ اهڙي وقت آيو جو اتي جا ماڻهو (ننڊ جي) غفلت ۾ پيا هئا ته اتي ٻه مرد پاڻ ۾ وڙهندي ڏٺائين، هيءُ (هڪڙو ته) سندس قوم (بني اسرائيلن) مان هو ۽ هيءُ (ٻيو) سندس دشمن قوم جو (قبطي) هو. پوءِ جيڪو سندس قوم مان هو تنهن موسى کان ان سان وڙهڻ لاءِ مدد گهري جيڪو سندس دشمن مان هو، پوءِ موسى ان (دشمن) کي مڪ هنئين ۽ ان کي ماري وڌائين. موسى (تنهن وقت) فرمايو ته هي سندن وڙهڻ ۽ جهڳڙو (ڪرڻ) شيطاني ڪم هو. بيشڪ اهو گمراھ ڪندڙ پڌرو دشمن آهي.

  16. (پوءِ خدا جي بارگاھ ۾) عرض ڪيائين ته: اي منهنجا پالڻهار! مون پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو (جو هن شهر ۾ آيس) پوءِ تون مون کي (دشمن کان) پوشيده رک! مطلب ته خدا کيس پوشيده رکيو. بيشڪ اهو وڏو ڍڪڻهار نهايت رحم وارو آهي.

  17. موسى عرض ڪيو ته اي منهنجا پالڻهار! بيشڪ تو مون تي جيڪو فضل ڪيو تنهن ڪري ڪڏهن به ڏوهارين جو مددگار نه ٿيندس.

  18. مطلب ته (رات جيئن تئين گذري) صبح جو ڪجھ اميد ڪجھ خوف جي حالت ۾ موسى شهر ۾ ويو ته ڏٺائين ته اهو ئي شخص جنهن ڪالھ ان کان مدد گهري هئي سو ان کي مدد لاءِ پيو سڏي. موسى ان کي چيو ته بيشڪ تون پڌرو گمراھ آهين.

  19. نيٺ جڏهن موسى گهريو ته ان شخص تي جيڪو ٻنهي جو دشمن هو (ڇڏائڻ لاءِ) هٿ ڊگهيري ته قبطي چوڻ لڳو ته: اي موسى! جيئن تو ڪالھ هڪ ماڻهوءَ کي ماري ڇڏيو (تئين) مون کي به مارڻ گهرين ٿو؟ تون رڳو زمين ۾ زبردست ٿيڻ گهرين ٿو ۽ صلح ڪرائڻ وارن مان ٿيڻ نه ٿو گهرين.

  20. ۽ هڪ مرد شهر جي پوئين پاسي کان ڊوڙندو آيو ۽ (موسى کي) چوڻ لڳو اي موسى (پڪ ڄاڻ ته شهر جا) وڏا وڏا ماڻهو تنهنجي باري ۾ پاڻ ۾ صلاح ڪري رهيا آهن ته تو کي قتل ڪن سو تون (شهر مان) نڪري وڃ! آءُ تنهنجي خير خواهن مان آهيان.

  21. پوءِ موسى اتان اميد ۽ خوف ۾ نڪتو ۽ (خدا جي بارگاھ ۾) عرض ڪيائين ته پالڻهار! مون کي ظالم ماڻهن کان بچاءِ!

  22. ۽ جڏهن مدين (شهر) ڏي رخ ڪيائين ۽ (رستو نه ڄاڻندو هو) ته پنهنجو پاڻ چيائين ته مون کي اميد آهي ته منهنجو پروردگار مون کي سڌو رستو ڏيکاريندو.

  23. ۽ (اٺ ڏينهن فاقو ڪندو هليو) جڏهن مدين شهر جي کوھ تي (جيڪو شهر کان ٻاهر هو) پهتو ته اتي کوھ تي ماڻهن جي ڀيڙ ڏٺائين جو اهي (پنهنجي مال کي) پاڻي پياري رهيا آهن ۽ انهن (ماڻهن) کان هڪ پاسي ٻه زالون (حضرت شعيب جون ڌيئرون) ڏٺائين ته اهي (پنهنجين ٻڪرين کي جدا) جهليون بيٺيون آهن. موسى (انهن کان) پڇيو ته اوهان جو مطلب ڇا آهي؟ انهن چيو ته جيستائين ڌنار (پنهنجا جانور) موٽائي وٺي وڃن، تيسين نه پيارينديوسون ۽ اسان جو پيءُ وڏو ٻڍو آهي.

  24. تڏهن موسى انهن (ٻڪرين کي ٻوڪي سان پاڻي ڇڪي) پياريو. پوءِ اتان هٽي ڇانو ۾ اچي ويٺو (جيئن ته ڏاڍي بک هيس) عرض ڪيائين خداوندا! (هن وقت) جا نعمت تون مون ڏي موڪلين آءُ ان لاءِ (ڏاڍو) محتاج آهيان.

  25. ايتري م انهن مان هڪ عورت ان وٽ شرم سان هلندي آئي (۽ موسى کي) چوڻ لڳي ته منهنجو پيءُ تو کي سڏي ٿو هن لاءِ ته اسان جي واسطي جو (ڌڻ کي) پاڻي پياريو آهي تنهن جي تو کي مزدوري ڏئي. پوءِ جڏهن موسى شعيب وٽ آيو ۽ ان کي احوال ٻڌائين تڏهن ان چيس ته نه ڊڄ! تون ظالم قوم کان بچي آئين.

  26. (ايتري ۾) انهن ٻنهين مان هڪ نينگر (پيءُ کي) چيو اي بابا! هن کي نوڪر رک! ڇو ته چڱو ماڻهو جنهن کي نوڪر رکڻ گهرين ٿو سو طاقتور (۽) امانتدار هجي (۽ هن ۾ اهي ٻئي ڳالهيون آهن)

  27. شعيب (موسى کي) چيو ته آءُ تنهنجي شادي پنهنجي هنن ٻن ڌيئرن مان هڪ سان ڪرائڻ گهران ٿو هن شرط تي ته تون منهنجي اٺ سال نوڪري ڪندين، ۽ جيڪڏهن تون ڏھ سال پورا ڪندين ته تنهنجو احسان، ۽ آءُ تو تي تڪليف رکڻ نٿو گهران. جيڪڏهن خدا گهريو ته تون مون کي نيڪن مان ڏسندين.

  28. موسى چيس ته اهو منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ (انجام) آهي. انهن ٻنهي مدتن مان ڪا به پوري ڪريان ته مون تي ڪا به زيادتي نه ٿئي، ۽ جيڪي اسين چئون ٿا تنهن تي خدا شاهد آهي. (مطلب ته موسى جو ننڊي نينگر سان نڪاح ٿيو ۽ رهڻ لڳو).

  29. پوءِ موسى پنهنجي (ڏهن ورهين جي) مدت پوري ڪئي ۽ گهرواريءَ کي وٺي هليو ته (ڪاري رات ۽ سيارو ۽ رستو ڀلجي ويو، پڻ بي بي صفوران کي ويم جا سور ٿيا ته ايتري ۾) طور جبل ڏي باھ ٻرندي ڏسڻ ۾ آيس ته گهروارن کي چيائين ته اوهين ترسو مون هڪ باھ ڏٺي آهي، من اتان اوهان وٽ ڪا خبر يا باھ جو ٽانڊو آڻيان ته من اوهين پاڻ سيڪيو.

  30. پوءِ جڏهن باھ وٽ پهتو ته ان کي ميدان جي سڄي ڪناري کان برڪت واري جاءِ ۾ وڻ مان آواز آيو ته اي موسى! آءُ اي جهانن جو پاليندڙ آهيان.

  31. ۽ تون پنهنجي لٺ اڇل! پوءِ جڏهن (اڇليائين ته) ان کي اهڙي طرح چرندو (۽ هلندو) ڏٺائين ڄڻ اها (جيئري) ازدها آهي ته پٺ ڏيئي ڦريو ۽ پوئتي (منهن موڙي به) نه ڏٺائين. (ته اسان فرمايس ته) اي موسى اڳي اچ ۽ نه ڊڄ! تون هر طرح امن امان ۾ آهين.

  32. (چڱو! پوءِ هي ته) پنهنجي هٿ کي پنهنجي گريبان ۾ وجھ ته ڪنهن به عيب کان سواءِ سفيد چمڪندڙ ٿي نڪري ۽ پنهنجيون ٻانهون خوف کان پاڻ ڏي ملاءِ. (ته جيئن خوف وڃي) مطلب ته (عصا ۽ يد بيضا) اهي ٻه دليل فرعون ۽ سندس (درباري) سردارن ڏي تنهنجي پروردگار جي طرفان آهن. بيشڪ اهي بدڪار ماڻهو هئا.

  33. موسى عرض ڪيو ته منهنجا پالڻهار! بيشڪ انهن مان هڪ ماڻهوءَ کي قتل ڪيو آهي سو آءُ ڊڄان ٿو ته متان مون کي قتل نه ڪن.

  34. ۽ منهنجي ڀاءُ هارون جي زبان مون کان زياده چٽي آهي سو تون ان کي مون سان مددگار ڪري موڪل ته منهنجي تصديق ڪري، آءُ ڊڄان ٿو ته متان مون کي ڪوڙو ڪن.

  35. خدا فرمايو ته اسين تنهنجو بازو تنهنجي ڀاءُ سان مضبوط ڪنداسون ۽ اوهان کي غلبو ڏينداسون (ته) پوءِ اوهان ٻنهي تائين اهي پهچي نه سگهندا، اسان جي معجزن ڪري، اوهين ٻئي ۽ جيڪي اوهان جا تابع ٿيا غالب ٿيندو.

  36. الغرض، جڏهن موسى وٽن اسان جا معجزا کڻي آيو جيڪي ظاهر هئا (تڏهن به) چيائون ته هي رڳو هٿرادو جادو آهي، ۽ اها ڳالھ ته اسان پنهنجن ابن ڏاڏن ۾ (به) نه ٻڌي.

  37. پڻ موسى چيو ته، منهنجو پروردگار ان شخص کي چڱي طرح سڃاڻي ٿو جنهن وٽس هدايت آندي، ۽ ان کي به جنهن لاءِ (آخرت جو گهر آهن، هي ڳالھ يقيني آهي ته ظالم ڪامياب نه ٿيندا.

  38. ۽ (اهو ٻڌي) فرعون چيو، اي منهنجي دربار جا سردارو! مون کي پاڻ (پنهنجي سر) کان سواءِ اوهان جو ڪو به پروردگار معلوم نه آهي. سو اي هامان! (وزير) تون منهنجي لاءِ سرن جي کوري کي ٻار (۽) پوءِ مون لاءِ هڪ مضبوط محلات بناءِ! من آءُ موسى جي خدا کي نهاري ڏسان ۽ بيشڪ آءُ ان کي ڪوڙن مان خيال ڪريان ٿو.

  39. ۽ فرعون ۽ سندس لشڪرن زمين ۾ ناحق (اجائي) وڏائي ڪئي ۽ انهن ماڻهن سمجهيو هو ته اهي ڪڏهن به اسان ڏي موٽايا نه ويندا.

  40. پوءِ اسان ان کي ۽ سندس لشڪرن کي پڪڙيوسين ۽ انهن کي درياءُ ۾اڇلايوسون سو ڏس ظالمن جي پڇاڙي ڪيئن بڇڙي آهي.

  41. ۽ اسان انهن کي (گمراهن جو) پيشوا ڪيو جو (ماڻهن کي) دوزخ ڏي سڏيندا رهن ٿا. ۽ قيامت ۾ (اهڙا بي وس هوندا جو) کين (ڪنهن قسم جي) مدد نه ڏني ويندي.

  42. ۽ هن دنيا ۾ سندن پٺيان لعنت لڳائي ڇڏي آهي ۽ قيامت جي ڏينهن سندن شڪليون بگاڙيون وينديون.

  43. ۽ اڳين امتن جي برباد ڪرڻ کان پوءِ موسى کي ڪتاب (توريت) عطا ڪيوسون جيڪي ماڻهن لاءِ سمورو بصيرت ۽ هدايت ۽ رحمت هو ته من اهي عبرت ۽ نصيحت حاصل ڪن.

  44. ۽ (اي رسول) جڏهن اسان موسى تائين پنهنجو حڪم پهچايو ته تون نه (جبل جبل جي) الهندي پاسي هئين (جتي کيس رسالت ملي هئي) ۽ نه تون انهن ڳالهين کي پنهنجي اکين سان ڏسڻ وارن مان هئين.

  45. پر اسان (موسى) کان پوءِ ڪيتريون ئي امتون پيدا ڪيون، پوءِ انهن تي ڊگهو زمانو گذري ويو، ۽ نه تون مدين وارن ۾ رهندڙ هئين جو تو انهن کي اسان جون آيتون پڙهي پئي ٻڌايون، پر اسين ته (توکي) پيغمبر بنائي موڪلڻ وارا هئاسون.

  46. ۽ نه تون (جبل) طور جي پاسي ۾ هئين جڏهن اسان (موسى کي) سڏيو هو پر تنهنجي پالڻهار جي مهربانيءَ سان (تو وٽ وحي آيو) هن لاءِ ته تون اهڙي قوم کي ڊيڄارين جن وٽ تو کان اڳ ڪو به (خدا جي عذاب کان) ڊيڄاريندڙ نه آيو ته من اهي نصيحت حاصل ڪن.

  47. ۽ جيڪڏهن ائين نه هجي ها جو جڏهن مٿن سندن اڳلن ڪرتوتن جي ڪري ڪا مصيبت پوي ها چون ها ته اي اسان جا پالڻهار! تو اسان ڏي ڪو رسول ڇو نه موڪليو ته اسين تنهنجي ڳالهين تي هلون ها ۽ ايمان وارن مان ٿيون ها (ته اسين تو کي نه موڪليون ها).

  48. پوءِ جڏهن اسان جي بارگاھ مان انهن وٽ (دين) حق پهتو ته چوڻ لڳا ته جهڙا (معجزا) موسى کي عطا ٿيا. تهڙا ئي هن رسول (محمد) کي ڇو نه ڏنا ويا. ته ڇا! جي معجزا هن کان اڳ موسى کي عطا ٿيل هئا تن کان انهن ماڻهن انڪار نه ڪيو هو؟ ڪافرن ته هيئن به چئي ڏنو ته اهي ٻئي (توريت ۽ قرآن) جادو آهن جيڪي پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا مددگار ٿي ويا آهن ۽ هي به چئي ڏنائون ته اسين ٻنهي کي نه ٿا مڃون.

  49. (اي رسول! تون کين) چئو ته جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته خدا وٽان ڪو ڪتاب آڻيو جو انهن ٻنهي کان وڌيڪ سڌو رستو ڏيکاريندڙ هجي ته ان تي هلان.

  50. پوءِ جيڪڏهن تنهنجي ڳالھ قبول نه ڪن ته اهي رڳو پنهنجي خواهشن تي هلن ٿا ۽ جيڪو خدا جي رستي ڏيکارڻ کان سواءِ پنهنجي خواهش تي هلي ٿو تنهن کان وڌيڪ گمراھ ڪير آهي؟ بيشڪ خدا ظالم قوم کي سڌو رستو نه ٿو ڏيکاري.

  51. ۽ بيشڪ اسين ماڻهن لاءِ ڪلام لڳو لڳ موڪليندا آيا آهيون ته من اهي نصيحت حاصل ڪن.

  52. ۽ جڏهن انهن کي اسان هن کان اڳ ڪتاب عطا ڪيو آهي سي قرآن کي مڃين ٿا.

  53. ۽ جڏهن انهن کي قرآن پڙهي ٻڌايو وڃي ٿو ته چون ٿا اسان ان تي ايمان آندو بيشڪ اهو اسان جي پالڻار جي طرفان سچو آهي بيشڪ اسين قرآن جي (نازل ٿيڻ کان) اڳي ئي فرمانبردار هئاسون.

  54. اهي ئي اهي شخص آهن جن کي سندن ثابت قدميءَ جي ڪري سندن اجر ٻيڻو ڏنو ۽ اهي ڀلائي سان بڇڙائي کي ٽارين ٿا ۽ جيڪي انهن کي اسان رزق ڏنو آهي تنهن مان (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪن ٿا.

  55. ۽ جڏهن (ڪا) بيهودي ڳالھ ٻڌن ٿا ته ان کان منهن موڙين ٿا ۽ چون ٿا ته اسان لاءِ اسان جا ڪم آهن ۽ اوهان لاءِ اوهان جا ڪرتوت آهن. (بس پري کان ئي) اوهان تي سلام هجي ۽ اسان کي جاهل نه گهرجن.

  56. (اي رسول) بيشڪ جنهن کي تون پسدن ڪرين ٿو تنهن کي تون رستو نه ٿو ڏيکاري سگهين پر جنهن کي خدا گهري تنهن کي رستو ڏيکاري ٿو ۽ اهو ئي سڌي راھ تي ايندڙن کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو.

  57. ۽ ڪن (مڪي وارن) چيو ته جيڪڏهن اسين تو سان گڏ هدايت تي هلنداسون ته پنهنجي ملڪ مان تڙجي وينداسون (اهو ڇا ٿا بڪن) ڇا اسان انهن کي امن واري حرم مڪه ۾ نه ٽڪايو جنهن ڏي اسان جي طرفان هر قسم جا ميوا رزق لاءِ پهچايا وڃن ٿا پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن.

  58. ۽ ڪيترائي ڳوٺ اسان برباد ڪيا. جيڪي پنهنجي (عيش جي) گذارن ۾ تمام وڏائي سان (زندگي) گذاريندا هئا ته (ڏسو ته) هي سندن (برباد ڪيل) گهر آهن جي ان کان پوءِ وري آباد نه ٿيا پر تمام ٿورا. ۽ (نيٺ) اسان ئي انهن جي (مال ۽ سامان جا) وارث ٿياسون.

  59. ۽ تنهنجو پالڻهار ڳوٺن کي (تيسين) برباد ڪرڻ وارو نه آهي جيسين انهن مان وڏي ڳوٺ (صدر مقام) ۾ ڪو رسول نه موڪلي جو انهن کي اسان جون آيتون پڙهي ٻڌائي ۽ اسين ڳوٺن کي برباد ڪندائي نه آهيون سواءِ ان حالت جي جو سندن رهڻ وارا ظالم هجن.

  60. ۽ جو ڪجھ اوهان کي ڏنو ويو آهي سو (فقط فاني) دنيا جي حياتي جو سامان ۽ ان جو سينگار آهي، جيڪي الله وٽ آهي سو گهڻو چڱو ۽ جٽادار آهي، ڇا پوءِ عقل کان ڪم نه ٿا وٺو.

  61. ڀلا اهو شخص جنهن سان (بهشت جو) اسان چڱو وعدو ڪيو آهي ۽ اهو ان کي حاصل ڪندو، ان ماڻهوءَ جي برابر ٿي سگهي ٿو جنهن کي اسان دنياوي حياتيءَ جا (ڪي ڏينهن) فائدي جا عطا ڪيا آهن ۽ پوءِ قيامت جي ڏينهن (جوابدار ٿي اسان وٽ) حاضر ڪيو ويندو.

  62. ۽ جنهن ڏينهن خدا انهن کي سڏيندو پوءِ فرمائيندن ته جن کي اوهان اسان جو شريڪ خيال ڪندا هئا، اهي (اڄ) ڪٿي آهن؟ (مطلب ته اهي بنايل شريڪ به سڏايا ويندا).

  63. تنهن ڏينهن اهي جن تي (سزا جي) ڳالھ لازم ٿي چڪي هوندي سي چوندا ته اي اسان جا پالڻهار هي اهي ئي آهن جن کي اسان گمراھ ڪيو، جيئن پاڻ گمراھ ٿياسون تئين اسان انهن کي گمراھ ڪيو (هاڻي) اسين تنهنجي اڳيان سڀني کان بيزار ٿيون ٿا، اهي (خاص) اسان کي ئي پوڄيندا هئا.

  64. پڻ چيو ويندو ته ڀلا پنهنجن (انهن) شريڪن کي (جن کي اوهين خدا سمجهندا هئا) سڏيو ته اهي کين جواب به نه ڏيندا (پڻ پنهنجين اکين سان) عذاب کي ڏسندا. (۽ خواهش ڪندا ته) جيڪر اهي (دنيا ۾) هدايت وارا ٿين ها.

  65. (۽ اهو ڏينهن ياد ڪريو) جنهن ڏينهن خدا ماڻهن کي سڏيندو ۽ پڇندو ته اوهان پيغمبرن کي ڪهڙو جواب ڏنو؟

  66. پوءِ ان ڏينهن انهن ماڻهن کان سڀ ڳالهيون ڀلجي وينديون جو هڪ ٻئي کان پڇي به نه سگهندا.

  67. پر هاءُ! جنهن توبه ڪئي هوندي ۽ ايمان آندو هوندو ۽ چڱا ڪم ڪيا هوندائين سو اميد آهي ته ڪاميابن مان ٿي ويندا.

  68. ۽ تنهنجو پالڻهار جيڪي گهري ٿو سو پيدا ڪري ٿو. (جنهن کي چاهي سو) چونڊي ٿو ۽ اهو پسند ڪرڻ (چونڊڻ) ماڻهن جي اختيار ۾ نه آهي. خدا پاڪ آهي ۽ انهن کان بلند آهي جن کي (سندس) شريڪ ڪن ٿا.

  69. ۽ (اي رسول) اهي ماڻهو جي ڳالهيون پنهنجين دلين ۾ لڪائين ٿا ۽ جيڪي پاڻ ظاهر ڪن ٿا تنهن کي تنهنجو پروردگار چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو.

  70. ۽ اهو ئي خدا آهي ان کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي. دنيا ۽ آخرت ۾ سندس ئي ساراھ آهي ۽ سندس ئي حڪومت آهي ۽ اوهان کي (مرڻ کان پوءِ) ان ڏي ئي موٽايو ويندو.

  71. (اي رسول! کين) چئو ته ڀلا جيڪڏهن خدا اوهان تي قيامت جي ڏينهن تائين هميشه رات ڪري (ڇڏي) ته الله کان سواءِ ڪهڙو خدا آهي جو اوهان وٽ روشني آڻيندو؟ ڇا پوءِ اوهين نه ٿا ٻڌو؟

  72. (اي رسول! کين) چئين ڀلا مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن الله اوهان تي قيامت جي ڏينهن تائين هميشه ڏينهن ڪري ته خدا کان سواءِ ڪهڙو خدا آهي جو اوهان وٽ رات (آڻيندو جنهن ۾ آرام ڪندو؟ ڇا پوءِ اوهين (ايترو به) نه ٿا ڏسو؟

  73. ۽ پنهنجي مهربانيءَ سان اوهان لاءِ رات ۽ ڏينهن کي بنايو اٿس هن لاءِ ته رات ۾ آرام ڪريو ۽ هن لاءِ ته ڏينهن ۾ سندس فضل ۽ ڪرم (روزيءَ) جي تلاش ڪيو ۽ من اوهين شڪر ڪريو.

  74. ۽ جنهن ڏينهن خدا انهن کي سڏيندو پوءِ فرمائيندو ته اهي منهنجا شريڪ ڪٿي آهن جن (جي شريڪ ٿيڻ) جو اوهين خيال ڪندا هئا.

  75. ۽ هر هڪ امت مان هڪ شاهد (پيغمبر) جدا ڪنداسون (سامهون سڏينداسون) پوءِ (ان ڏينهن مشرڪن کي) چونداسون ته (پنهنجي بي گناهيءَ جي) ثابتي پيش ڪريو، تڏهن اهي ڄاڻندا ته بيشڪ حق الله جي پاسي آهي ۽ جيڪي ڪوڙ پيا گهڙين سي انهن کان غائب ٿي ويندا.

  76. (ناشڪري جي هڪ ڳالھ ٻڌو) موسى جي قوم مان هڪ شخص قارون (نالي) جو جنهن هنن تي شرارت شروع ڪئي ۽ اسان کيس ايترا ته خزانا عطا ڪيا هئا جو سندس ڪنجين سگھ واريءَ ٽوليءَ کي (کڻڻ ۾) ٿڪايو ٿي. جڏهن ان کي سندس قوم چيو ته (گهڻو مال ڏسي) خوش نه ٿي! ڇو ته خدا وڏائي ڪندڙن کي پسند نه ٿو ڪري.

  77. ۽ جيڪي خدا تو کي عطا ڪيو آهي تنهن سان آخرت جي گهر جي به ڪوشش ڪر ۽ دنيا مان جيترو تنهنجو حصو آهي سو نه وسار ۽ جيئن خدا تو سان ڀلائي آهي تئين تون به ٻين سان ڀلائي ڪر، ۽ زمين ۾ فساد وجهڻ جي ڪوشش نه ڪر! ڇو ته خدا فسادين کي پسند نه ٿو ڪري.

  78. قارون چوڻ لڳو ته هي (مال ۽ دولت) ته مون کي پنهنجي علم (ڪيميا) سان مليو آهي. ڇا قارون هي به نه سوچيو ته خدا ان کان اڳ ڪيتريون ئي جماعتون برباد ڪيون آهن جيڪي ان کان (به) وڌيڪ طاقت واريون ۽ گهڻي جمعيت واريون هيون. ۽ ڏوهارين کان (سندن سزا جي وقت) انهن جي گناهن بابت پڇيو ويندو.

  79. (هڪ ڏينهن قارون) پنهنجي قوم جي سامهون سينگار (دٻدٻي) سان نڪتو. (ان کي ڏسي) جيڪي ماڻهو دينا جي حياتي گهرندا هئا، (سي کيس اهڙي شان سان ڏسي) چوڻ لڳا ته جيڪي مال ۽ دولت قارون کي عطا ٿيو آهي تنهن جهڙو جيڪر اسان کي به هجي! بيشڪ قارون وڏي نصيب وارو هو.

  80. ۽ جن شخصن کي (اسان جي بارگاھ مان) علم عطا ٿيل هو تن چيو ته اوهين ناس ٿيو! (اڙي) جنهن شخص ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تنهن لاءِ ته خدا جو ثواب (نيڪ بدلو) ان کان گهڻو چڱو آهي ۽ اهو ثواب صبر ڪرڻ کان سواءِ ٻيا حاصل ڪري نه ٿا سگهن.

  81. پوءِ ان کي ۽ سندس گهر بار کي زمين ۾ ڳهايوسون. پوءِ ته خدا کان سواءِ ڪا به اهڙي جماعت نه هئي جا ان جي مدد ڪري ۽ نه وري پنهنجي پاڻ مدد ڪري سگهيو.

  82. ۽ جن ماڻهن ڪالھ سندس (رعب دبدٻي ۽ شان) جي خواهش ڪئي هئي اهي (اڄ اهو حال ڏسي) چوڻ لڳا ته (اڙي) معاذ الله هي ته خدا ئي پنهنجن بندن مان جنهن لاءِ گهري ٿو تنهن جي روزي ڪشادي ڪري ٿو ۽ تنگ ڪري ٿو. جيڪڏهن الله اسان تي احسان نه ڪري ها ته اسان کي (به زمين ۾) ڳهائي ڇڏي ها. هاءِ افسوس ڪافر ڪڏهن ڪامياب نٿا ٿين.

  83. اهو آخرت جو گهر آهي جنهن کي انهن لاءِ خاص ڪري ڇڏينداسون جي زمين ۾ نه وڏائي ڪرڻ ٿا گهرن ۽ نه فساد وجهڻ (گهرن ٿا) ۽ (چڱي) پڇاڙي ته رڳو پرهيزگارن جي آهي.

  84. جو شخص نيڪي ڪندو ته ان جي لاءِ ان (نيڪي کان) گهڻو بهتر بدلو آهي ۽ جيڪي برا ڪم ڪندو ته ياد رکي! ته جن ماڻهن برايون ڪيو آهن تن جو اهو ئي بدلو آهي جيڪي دنيا ۾ ڪندا رهيا آهن.

  85. (اي رسول) خدا تعالى جنهن تو تي قرآن نازل ڪيو آهي سو تو کي ضرور پنهنجيءَ جاءِ ڏي موٽائڻ وارو آهي. (اي رسول) چئو ته ڪير سڌي راھ تي آيو ۽ ڪير پڌري گمراهيءَ ۾ پيو رهيو تنهن کان منهنجو پالڻهار چڱيءَ طرح واقف آهي.

  86. ۽ تو کي اميد نه هئي ته توکي خدا جي طرفان ڪتاب (قرآن) نازل ڪيو ويندو پر تنهنجي پالڻهار جي مهربانيءَ سان لاٿو ويو پوءِ تون ڪافرن جو مددگار متان ٿئين!

  87. ۽ ائين نه ٿئي جو خدائي احڪام نازل ٿيڻ کان پوءِ اهي ماڻهو انهن جي تبليغ کان روڪين ۽ تون پنهنجي پروردگار ڏي (ماڻهن کي) سڏيندو رھ! ۽ خبردار! مشرڪن مان ڪڏهين به نه ٿج!

  88. ۽ خدا کان سواءِ ٻئي ڪنهين معبود کي نه سڏج! هن کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي، سندس ذات کان سواءِ سڀ ڪا شي فنا ٿيڻ واري آهي سندس ئي حڪومت آهي ۽ ان ڏي ئي اوهان کي (مرڻ بعد) موٽايو ويندو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found