اربع, 20 نومبر 2019 - Wed 11 20 2019

منو

سورت نمل

ٽوٽل آيتون: 93

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. طس اهي قرآن ۽ کولي بيان ڪندڙ ڪتاب جون آيتون آهن.

  2. (اهي) انهن ايمان وارن لاءِ هدايت ۽ (جنت جي) خوشخبري آهي،

  3. جي نماز پابنديءَ سان قائم ڪن ٿا ۽ زڪوات ڏين ٿا ۽ اهي آخرت (قيامت) تي به يقين رکن ٿا.

  4. بيشڪ جيڪي آخرت کي نه ٿا مڃين تن جي ڪرتوتن کي (ڄڻ ته) اسان (سندن نظرن ۾) چڱا ڪري ڏيکاريا آهن پوءِ هي عقل جا انڌا آهن.

  5. اهي اهي آهن جن لاءِ (قيامت ۾) بڇڙو عذاب آهي ۽ اهي ئي آخرت ۾ سخت نقصان ۾ آهن.

  6. ۽ (اي رسول) تو کي ته قرآن هڪ وڏي واقف ڪار حڪيم جي بارگاھ مان عطا ڪيو وڃي ٿو.

  7. (اهو واقعو ياد ڏيارين) جڏهن موسى پنهنجي گهر وارن کي چيو ته (مون کٻي پاسي کان) باھ ڏٺي آهي. (جيڪڏهن ٿورو ترسو ته) آءُ اوهان وٽ (اتان جي راھ جي) ڪا خبر آڻيان يا اوهان وٽ باھ جي اماٽي آڻيان ٿو من اوهين پاڻ سيڪيو.

  8. مطلب ته جڏهن موسى ان باھ وٽ آيو ته آواز آيس ته مبارڪ آهي اهو جو باھ ۾ (تجلي ڏيکاري) ٿو ۽ اهو ئي ان جي آس پاس آهي. ۽ اهو جهانن جو پاليندڙ خدا آهي (جو هر عيب کان) پاڪ پاڪيزه آهي.

  9. اي موسى! آءُ ئي الله غالب حڪمت وارو آهيان.

  10. ۽ (هاءُ) پنهنجي لٺ ته (زمين تي) اڇلائي. پوءِ جڏهن ان کي اهڙي طرح سرندو ڏٺائين جو ڄڻ ته اهو (وڏو) نانگ آهي ته پٺ ڏيئي مڙيو ۽ نه ترسيو (ته اسان چيس) اي موسى نه ڊڄ! اسان وٽ ته پيغمبر نه ڊڄندا آهن (دلجاءِ هوندي اٿن).

  11. پر جنهن ظلم ڪيو وري برائي کان پوءِ بدلي ۾ چڱائي ڪيائين ته آءُ معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهيان.

  12. ۽ پنهنجي هٿ کي پنهنجي گريبان ۾ وجهو ته ڪنهن به عيب کانسواءِ سفيد چمڪندو ٿي نڪري (اهي ٻه معجزا) جي نون معجزن مان آهن (جي تو کي ملندا تون) فرعون ۽ سندس قوم ڏي (وڃ) ڇو ته اهي بدڪار ماڻهو آهي.

  13. پوءِ جڏهن وٽين اکين کولڻ وارا معجزا آيا ته چوڻ لڳا، هي ته پڌرو جادو آهي.

  14. ۽ سرڪشي ۾ وڏائيءَ کان انهن معجزن جو انڪار ڪيائون هوڏانهن سندن دلين انهن جو يقين ڪيو هو. پوءِ (اي رسول) ڏس ته (نيٺ) فسادين جي پڇاڙي ڪيئن ٿي.

  15. ۽ بيشڪ اسان دائود ۽ سليمان کي علم عطا ڪيو ۽ ٻنهين (خوش ٿي) چيو، خدا جو شڪر آهي جنهن اسان کي پنهنجن گهڻن ايمان وارن ٻانهن تي فضيلت عطا ڪئي.

  16. ۽ (علم ۽ حڪمت مال متاع منقوله ۽ غير منقوله ۾) سليمان، دائود جو وارث ٿيو ۽ چيائين اي انسانو! اسان کي پکين جي ٻولي سيکاري ويئي آهي ۽ اسان کي (دنيا جي) سڀ ڪا شي ڏني ويئي آهي. بيشڪ اهو پڪ (خدا جو) پڌرو فضل ۽ ڪرم آهي.

  17. پڻ سليمان جي اڳيان سندس لشڪر جنن ۽ انسانن ۽ پکين مان گڏ ڪيا ويا ته اهي سڀئي (جدا جدا جنسون) ترتيب ڏيئي بيهاريا ويندا هئا.

  18. (مطلب ته لشڪر ائين هلندو) ايستائين جو جڏهن (هڪ ڏينهن) ماڪوڙين جي ميدان تي پهتا تڏهن هڪ ماڪوڙيءَ چيو ته اي ڪوليون! اوهين پنهنجي گهرن ۾ گهڙي وڃو! متان سليمان ۽ سندس لشڪر اوهان کي نه لتاڙين ۽ انهن کي خبر نه پوي.

  19. ته (سليمان) ان جي ڳالھ کان مشڪي کلي ويٺو ۽ چيائين اي منهنجا پالڻهار مون کي توفيق ڏي ته تنهنجي ان نعمت جو شڪر ادا ڪريان جا مون تي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ تي ڪئي اٿئي ۽ چڱو ڪم ڪريان جنهن کي تون پسند ڪرين ۽ مون کي پنهنجيءَ خاص رحمت سان پنهنجن نيڪ بندن ۾ داخل ڪر.

  20. ۽ سليمان پکين (جي لشڪر) جي حاضري ورتي ته چوڻ لڳو ته ڇا ڳالھ آهي! جو آءُ هدهد کي (پنهنجي جاءِ تي) نه ٿو ڏسان يا هو غائب ٿي ويو آهي!

  21. (جيڪڏهن ائين آهي ته) آءُ کيس سخت سزا ڏيندس يا (نه ته) ان کي ڪهندس يا ته مون وٽ (پنهنجي غير حاضري جو) پڌرو دليل (عذر) پيش ڪري.

  22. پوءِ گهڻي دير نه ڪيائين ۽ (هدهد) اچي عرض ڪيائين ته مون کي هڪ ڳالھ معلوم ٿي آهي جنهن جي اڃا حضور کي به خبر نه آهي. ۽ آءُ اوهان وٽ شهر سبا کان هڪ پڪ خبر کڻي آيو آهيان.

  23. مون هڪ عورت کي ڏٺو جو اتي جي ماڻهن تي حڪومت ٿي ڪري. ۽ ان کي سڀ ڪا شي (نعمت) عطا ڪيل آهي ۽ سندس هڪ تمام وڏو تخت آهي.

  24. مان خود ان ملڪه کي ۽ ان جي قوم کي ڏٺو آهي ته اهي ماڻهو خدا کي ڇڏي سج کي سجدو پيا ڪن. ۽ شيطان انهن کي سندن عمل (انهن جي نظرن ۾) چڱا ڪري ڏيکاريا آهن پڻ انهن کي سڌي رستي کان روڪيو اٿس تنهن ڪري کين (ايتري ڳالھ به) نه ٿي سمجهي،

  25. جو اهي خدا کي سجدو ڪن جيڪو آسمانن ۽ زمين ۾ لڪل شين کي ٻاهر ڪڍي (ظاهر ڪري) ٿو ۽ جيڪي اوهين لڪايو ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪريو ٿا تنهن کي ڄاڻي ٿو.

  26. خدا اهو آهي جنهن کان سواءِ ڪو عبادت جي لائق نه آهي جو تمام وڏي عرش جو مالڪ آهي.

  27. سليمان چيو ته اچو ڏسون ٿا ته تو سچ چيو يا تون ڪوڙن مان آهين.

  28. (چڱو) منهنجو هي خط کڻي وڃ ۽ هن کي انهن جي اڳيان اڇلائي! پوءِ انهن کان هٽي وڃج! ۽ پوءِ ڏسندو رهج ته اهي نيٺ ڪهڙو جواب ڏين ٿا.

  29. (مطلب ته هد هد ملڪه وٽ خط پهچايو) ته ان چيو: اي (منهنجي دربار جا) سردارو! منهنجي اڳيان هڪ شاندار خط اڇلايو ويو آهي،

  30. اهو سليمان جي طرفان آهي. هي (سندس سرنامو آهي ته) الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان (شروع ڪيل) آهي.

  31. (هن مضمون سان) ته: سرڪشي نه ڪريو ۽ مون وٽ فرمانبردار ٿي اچو.

  32. (۽ بلقيس) چيو اي سردار! منهنجي (هن) ڪم ۾ مون کي صلاح ڏيو. (ڇو ته منهنجو ته اهو قاعدو آهي ته) جيستائين اوهين مون وٽ حاضر (نه) هوندا آهيو آءُ ڪنهين ڳالھ ۾ قطعي فيصلو نه ڪندي آهيان.

  33. انهن عرض ڪيو ته اسين طاقت وارا ۽ وڏا جنگي پهلوان آهيون ۽ (وڌيڪ) تنهنجي اختيار ۾ آهي ته جيڪو اوهين حڪم ڏيو پڻ چڱيءَ طرح (نتيجي تي) غور ڪريو.

  34. بلقيس چيو ته بادشاهن جو دستور آهي ته جڏهن ڪنهن ڳوٺ ۾ (فتح جي زور تي) داخل ٿيندا آهن ته ان کي خراب ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ان جي عزت دار ماڻهن کي ذليل ۽ خوار ڪندا آهن. ۽ (اهي ماڻهو به) ائين ئي ڪندا.

  35. ۽ آءُ ان ڏي (قاصدن جي معرفت) ڪا سوکڙي موڪليان ٿي پوءِ ڏسنديس ته اهي ايلچي ڪهڙو جواب آڻين ٿا.

  36. پوءِ جڏهن (قاصد) سليمان وٽ آيو تڏهن سليمان چيو ته ڇا اوهين مون کي مال جي مدد ڏيو ٿا؟ پوءِ جيڪي خدا (دنيا جو مال) مون کي عطا فرمايو آهي سو (مال ۽ دولت) جيڪو اوهان کي ڏنو اٿس، تنهن کان گهڻو چڱو آهي (آءُ ته نه) پر اوهين پنهنجي سوکڙيءَ تي (ڀلي) خوش ٿيو.

  37. تون انهن ڏي موٽي وڃ، اسين پڪ مٿن اهڙا لشڪر آڻينداسون جن سان مقابلي ڪرڻ جي انهن کي ڪا طاقت نه آهي ۽ انهن کي اتان بي عزت ڪري ڪڍنداسون ۽ کين ذليل ڪري ڪڍنداسون ۽ اهي خوار هوندا.

  38. (جڏهن اهو ويو ته) سليمان پنهنجي دربارين کي فرمايو: اي منهنجي دربار جا سردارو! توهان مان ڪير آهي جو انهن جي مون وٽ فرمانبردار تي اچڻ کان اڳ مون وٽ راني (بلقيس) جو تخت آڻي؟

  39. جنن مان هڪ چيو ته حضور! (دربار ختم ڪري) پنهنجي جاءِ تان اٿندا تنهن کان اڳ آءُ اوهان وٽ آڻيندس. ۽ بيشڪ مون کي ان جي طاقت آهي (۽ آءُ) امانت دار (به) آهيان.

  40. (تنهن تي سليمان جي ڪڇڻ کان اڳ يڪدم) ان شخص (آصف بن برخيا) جنهن وٽ (خدا جي) ڪتاب جو ڪجھ علم هو، چيو ته آءُ تنهنجي اک چنڀڻ کان به اڳ ۾ تخت کي آڻي حاضر ڪندس. (ايتري ۾ هو اچي ويو) ته جڏهن سليمان ان کي پاڻ وٽ رکيل ڏٺو تڏهن چيائين ته هي فقط منهنجي پروردگار جو فضل ۽ ڪرم آهي، هن لاءِ ته مون کي آزمائي ته آءُ شڪر ڪريان ٿو يا بي شڪري ڪريان ٿو ۽ جيڪو شڪر ڪندو سو رڳو پاڻ لاءِ شڪر ڪندو ۽ جيڪو بي شڪري ڪندو ته (ياد رکي!) منهنجو پروردگار بي پرواھ ڪرم ڪندڙ آهي.

  41. (تنهن کان پوءِ) سليمان چيو ته ان (جي پرکڻ) لاءِ سندس تخت جي شڪل بدلي ڇڏيو ته ڏسون ته ان کي سڃاڻي سگهي ٿي يا انهن مان آهي جيڪي سمجھ نه ٿا رکن.

  42. (ائين ئي ڪيو ويو) پوءِ جڏهن آئي تڏهن ان کي چيو ويو ته ڇا تنهنجو تخت اهڙو آهي؟ چيائين ته ڄڻ ته اهو اهو ئي آهي ۽ اسان کي ان (واقعي) کان اڳي ئي اوهان جي (نبوت) معلوم ٿي چڪي ۽ اسين (تنهن وقت کان ئي) اوهان جا فرمانبردار آهيون.

  43. ۽ خدا کان سواءِ جنهن جي عبادت ڪندي هئي تن کان ان کي سليمان روڪيو ڇو ته اها ڪافر قوم مان هئي. (۽ سج کي پوڄيندي هئي).

  44. بلقيس کي چيو ويو ته محلات ۾ داخل ٿيءُ! پوءِ جڏهن هن (محل ۾ شيشي جوفرش) ڏٺائين تڏهن ان کي اونهو پاڻي خيال ڪيائين ۽ پنهنجيون ٻئي پنيون کوليائين. سليمان چيو اهو ته صرف شيشي جو بنايل محلات آهي. (تنهن وقت هوشيار ٿي ۽) عرض ڪيائين: اي منهنجا پالڻهار! مون سج جي پوڄا ڪري پڪ پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو ۽ هاڻي آءُ سليمان سان گڏ ساري جهان جي پالڻهار تي ايمان آڻيان ٿي.

  45. ۽ اسان ئي ثمود جي قوم ڏي سندن ڀاءُ صالح کي موڪليو ته الله جي عبادت ڪريو ته اهي صالح جي اچن سان ئي (مومن ۽ ڪافر) ٻه فرقا ٿي پاڻ ۾ جهڳڙو ڪرڻ لڳا.

  46. صالح چيو ته اي منهنجي قوم ڀلائي کان برائي گهرڻ ۾ تڪڙ ڇو ٿا ڪريو؟ خدا کان معافي ڇو نه ٿا گهرو ته من اوهان تي رحم ڪيو وڃي.

  47. انهن چيو ته اسان تو کي ۽ جيڪي تو سان گڏ آهن تن کي نڀاڳو ڏٺو آهي. صالح چين ته اوهان جي بدقسمتي الله وٽ آهي، (اهو سڀ ڪجھ ڪونهي) پر اوهان ماڻهن کي پرکيو وڃي ٿو.

  48. ۽ (ان) شهر ۾ نو ڄڻا هئا جي زمين ۾ فساد ڪندا هئا ۽ سڌاري (جو فڪر) نه ڪندا هئا.

  49. انهن ماڻهن (پاڻ ۾) چيو ته پاڻ ۾ خدا جو قسم کڻو ته اسين صالح ۽ سندس گهروارن کي رات جو ماري ڇڏينداسون (۽) پوءِ ان جي وارث کي چونداسون ته اسين سندس گهر جي تباھ ٿيڻ وقت حاضر نه هئاسون ۽ بيشڪ اسين سچا آهيون.

  50. ۽ انهن هڪڙي قسم جي ڳجهي تدبير ڪئي ۽ اسان ٻئي قسم جي ڳجهي تدبير ڪئي ۽ انهن کي (اسان جي تدبير جي) خبر به نه پئي.

  51. ته (اي رسول) ڏس ته انهن جي ڳجهي تدبير جي پڇاڙي ڪيئن ٿي جو انهن کي ۽ سندن ساريءَ قوم کي برباد ڪيوسون.

  52. پوءِ انهن جي ظلم جي ڪري انهن جا گهر ڊٺل آهن. ان ۾ شڪ نه آهي ته هن واقعي ۾ ڄاڻو ماڻهن لاءِ وڏو سبق آهي.

  53. ۽ جن ايمان آندو ۽ پرهيزگاري اختيار ڪئي تن کي بچايوسون.

  54. ۽ (اي رسول) لوط کي (ياد ڪر!) جڏهن ان پنهنجيءَ قوم کي چيو ته ڇا اوهين ڏسي وائسي بيحيائي جو ڪم ڪريو ٿا.

  55. ڇا اوهين زالن کي ڇڏي مردن ڏي شهوت (جي خيال) سان وڃو ٿا (اهو چڱو نٿا ڪريو) پر اوهين وڏي جاهل قوم آهيو.

  56. پوءِ سندس قوم جو جواب رڳو هي هو جو چوڻ لڳا ته لوط جي گهروارن کي پنهنجي ڳوٺ مان ڪڍو. ڇو ته اهي ماڻهو پاڪ صاف رهڻ گهرن ٿا.

  57. پوءِ اسان ان کي ۽ ان جي گهروارن کي بچايوسون پر سندس زال جو اسان ان جي تقدير ۾ پوئتي رهيلن مان لکي ڇڏيو هو.

  58. ۽ (پوءِ ته) اسان انهن ماڻهن تي (پٿرن جو) مينهن وسايو ته جن کي اسان ڊيڄاريو هو تن تي ڪهڙو نه بڇڙو مينهن وٺو.

  59. (اي رسول) تون چئو ته (انهن جي هلاڪ هجڻ تي) خدا جو شڪر ۽ سلام سندس انهن تي بندن تي آهي جن کي پسند ڪيو اٿس. ڀلا خدا چڱو آهي يا جن کي خدا جو شريڪ بنائين ٿا!

  60. ڀلا اهو ڪير آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ آسمان مان اوهان لاءِ پاڻي وسايو؟ (اسان ئي ته وسايو) پوءِ اسان رونق وارا باغ ڄماياسون. اوهان جو ڪم نه هو جو انهن جا وڻ ڄمايو. ڇا خدا سان گڏ ٻيو به ڪو معبود آهي؟ (ڪڏهين نه) پر اهي ماڻهو (پنهنجي دليئون گهڙي بتن کي) ان جي برابر بنائين ٿا.

  61. ڀلا زمين کي رهڻ جي جاءِ ڪنهن ڪيو؟ ۽ (ڪنهن) ان جي وچ ۾ نهرون پيدا ڪيون ۽ مٿس جبل پيدا ڪيا ۽ ٻن دريائن (مٺي کاري) جي وچ ۾ هڪ پردو ڪيائين. ڇا خدا سان گڏ ٻيو ڪو معبود آهي؟ (هرگز نه) پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن.

  62. ڀلا پريشان حال جي دعا قبول ڪير ڪري ٿو جڏهن هو ان کي سڏي ٿو ۽ (ڪير) سختي لاهي ٿو ۽ (ڪنهن) اوهان کي زمين ۾ (پنهنجو) نائب بنايو آهي؟ ڇا خدا سان گڏ ٻيو به ڪو معبود آهي؟ (هرگز نه!) تنهن هوندي به اوهين ماڻهو تمام گهٽ نصيحت ۽ سبق حاصل ڪريو ٿا.

  63. ڀلا خشڪي ۽ دريا جي اونداهين ۾ اوهان کي ڪير رستو ڏيکاري ٿو ۽ پنهنجي رحمت (مينهن) کان اڳ خوش خبري ڏيندڙ هوائون ڪير موڪلي ٿو؟ ڇا خدا سان گڏ ٻيو به ڪو معبود آهي؟ (هرگز نه) خدا انهن کان بلند آهي جن کي (سندس) شريڪ ڪن ٿا.

  64. ڀلا ڪير نئين سر (سڀ کي) پيدا ڪري ٿو پوءِ وري ٻيو ڀيرو (مرڻ کان پوءِ) پيدا ڪندو ۽ ڪير اوهان کي آسمان ۽ زمين مان روزي ڏئي ٿو؟ ڇا خدا سان گڏ ٻيو به ڪو معبود آهي؟ (هرگز نه) (اي رسول) تون (انهن مشرڪن کي چئو ته جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته پنهنجي ثابتي آڻيو.

  65. اي رسول! کين چئو ته خدا کان سواءِ آسمانن ۽ زمين ۾ ٻيا جيڪي به آهن سي ڳجھ نه ٿا ڄاڻن ۽ پڻ نه ٿا ڄاڻن ته ڪڏهن انهن کي (قبرن مان جيئرو ڪري) اٿاريو ويندو.

  66. پر اصل ڳالھ هي آهي ته) آخرت جي باري ۾ سندن عقل جو خاتمو ٿيل آهي، مگر انهن کي ان ۾ شڪ آهي پر (سچ هي آهي ته) اهي ان کان انڌا آهن.

  67. ۽ ڪافر چون ٿا ته جڏهن اسين ۽ اسان جا ابا ڏاڏا (ڳري سڙي) مٽي ٿينداسون ته ڇا اسان کي (قبرن مان) ڪڍيو ويندو؟

  68. ان جو ته اڳي به اسان کي ۽ اسان جي ابن ڏاڏ کي وعدو ڏنو ويو آهي (ڪنهن جو اٿڻ ۽ ڇا جي قيامت) اهي ته رڳو اڳين جون آکاڻيون آهن.

  69. (اي رسول) ماڻهن کي چئو ته روءِ زمين تي ڪجھ گهمي ڦري ڏسو ۽ ڏسو ته گنهگارن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟

  70. ۽ (اي رسول) تون انهن جي حال تي افسوس نه ڪر ۽ اهي جيڪي بڇڙيون تدبيرون (تنهنجي خلاف) ڪن ٿا تن کان تنگدل (به) نه ٿيءُ.

  71. ۽ اهي (ڪافر مسلمانن کان پڇن ٿا ته جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته (نيٺ) اهو (قيامت يا عذاب اچڻ جو وعدو ڪڏهن پورو ٿيندو؟

  72. تون چوين ته جنهن (عذاب) جي اوهين ماڻهو تڪڙ ڪيو ٿا تنهن مان ڪجھ متان اوهان جي (ويجهو) هجي.

  73. ۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار، ماڻهن تي فضل ڪرڻ وارو آهي. پر انهن مان گهڻا احسان نه ٿا مڃين.

  74. پڻ ان ۾ شڪ نه آهي ته جي ڳالهيون (آيتون) انهن جي دلين ۾ لڪل آهن ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا تنهن کي پڪ ته تنهنجو پالڻهار ڄاڻي ٿو.

  75. ۽ آسمان ۽ زمين ۾ اهڙي ڪا به لڪل شي نه آهي جا پڌري ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ (لکيل) نه هجي.

  76. بيشڪ هيءُ قرآن بني اسرائيلن کي سندن ڳالهين کي جن ۾ اهي اختلاف ڪن ٿا ظاهر ڪري ٿو.

  77. ۽ ان ۾ شڪ نه آهي ته هي قرآن ايمان وارن لاءِ سموري هدايت ۽ رحمت آهي.

  78. (اي رسول) بيشڪ تنهنجو پروردگار پنهنجي حڪم سان سندن وچ ۾ (جهڳڙن جو) فيصلو ڪندو ۽ اهو (سڀ تي) غالب ۽ واقف ڪار آهي.

  79. ته (اي رسول) تون خدا تي ڀروسو ڪر بيشڪ تون پڌري حق تي آهين.

  80. بيشڪ تون نڪي مئلن کي (پنهنجي ڳالھ) ٻڌائي سگهين ٿو ۽ نه ڪي ٻوڙن کي ٻڌائي سگهين ٿو (خاص ڪري) جڏهن اهي پٺ ڏيئي ڦرن ٿا.

  81. ۽ نڪي تون (انڌن کي سندن گمراهيءَ کان (موٽڻ لاءِ) رستو ڏيکاري سگهين ٿو پر جيڪي اسان جي آيتن تي ايمان رکن ٿا پوءِ اهي مڃڻ وارا به آهن.

  82. ۽ جڏهن مٿن (قيامت جو) وعدو لازم ٿيندو تڏهن انهن لاءِ زمين مان هڪ هلڻ وارو ڪڍنداسون جو انهن سان ڳالھ ڪندو ته (فلاڻا فلاڻا) ماڻهو اسان جي آيتن تي يقين نه ڪندا هئا.

  83. ۽ (اهو ڏينهن ياد ڪر!) جنهن ڏينهن سڀ ڪنهن امت مان هڪ اهڙو گروھ جنهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو هوندو گڏ ڪنداسون. پوءِ انهن جون جدا جدا ٽوليون ٺاهيون وينديون.

  84. تان جو (سڀ) ايندا ته (خدا) فرمائيندو ته ڇا اوهان منهنجين آيتن کي ڪوڙو ڪيو. هوڏانهن اوهان انهن کي پورو سمجهيو به نه هو يا ڀلا اوهان ڇا پئي ڪيو؟

  85. ۽ سندن ظلم جي ڪري مٿن (عذاب جو) وعدو لازم ٿيندو پوءِ اهي ڳالهائي نه سگهندا.

  86. ڇا انهن هي به نه ڏٺو ته اسان رات کي هن لاءِ پيدا ڪيو آهي ته ان ۾ آرام ڪن ۽ ڏينهن کي اهڙو جو ان ۾ ڏسي سگهجي. بيشڪ ان ۾ ايمان وارن لاءِ (خدا جي قدرت جون ڪيتريون ئي) نشانيون آهن،

  87. ۽ (ياد ڪر!) جنهن ڏينهن صور ڦوڪيو، ته پوءِ جيڪي آسمان ۾ آهن ۽ جيڪي زمين ۾ آهن سي (سڀ) گهٻرائيندا سواءِ ان شخص جي جنهن کي خدا گهري. ۽ سڀ ڪو سندس بارگاھ ۾ ذلت ۽ عاجزيءَ سان حاضر ٿيندو.

  88. ۽ تون جبلن کي ڏسي انهن کي ڄميل خيال ڪرين ٿو هوڏانهن اهي (قيامت جي ڏينهن) ڪڪرن جي هلڻ وانگر هلندا. (اها به) الله جي جوڙ آهي جنهن سڀ ڪنهن شي کي درست بنايو آهي. بيشڪ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان هو چڱي طرح واقف آهي.

  89. جيڪو نيڪ ڪم ڪندو تنهن لاءِ ان کان زياده چڱو بدلو آهي. ۽ اهڙا (شخص) ان ڏينهن گهٻراهٽ کان امن ۾ هوندا.

  90. ۽ جيڪي برائي آڻيندا تن کي منهن ڀر باھ ۾ ڪيرايو ويندو. جو ڪجھ اوهين پيا ڪريو تنهن جو ئي اوهان کي بدلو ڏنو ويندو.

  91. (اي رسول! کين چئو ته) مون کي رڳو هيءُ حڪم ڪيو ويو آهي ته هن شهر (مڪي) جي مالڪ جي عبادت ڪريان جنهن ان کي عزت ۽ حرمت ڏني آهي، ۽ سڀ ڪا شي سندس آهي ۽ مون کي هي به حڪم ڪيو ويو آهي، فرمان بردارن مان ٿيان.

  92. ۽ هي ته قرآن پڙهي ٻڌايان. پوءِ جيڪو سڌي راھ تي آيو سو رڳو پنهنجي ڀلي لاءِ راھ تي اچي ٿو. جيڪو گمراھ ٿيو به ته تون چوين ته آءُ رڳو ڊيڄاريندڙن مان آهيان.

  93. ۽ چئو ته سڀ تعريفون الله جي لاءِ آهن اهو جلد اوهان کي پنهنجيون آيتون ڏيکاريندو پوءِ اوهين انهن کي سڃاڻندو۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان تنهنجو پالڻهار غافل نه آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found