اڱارو, 16 جولاءِ 2019 - Tue 07 16 2019

منو

سورت شعراء

ٽوٽل آيتون: 227

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. طسم

  2. اهي کولي ٻڌائيندڙ ڪتاب (قرآن) جون آيتون آهن.

  3. (اي رسول) متان تون پاڻ کي هن ڪري هلاڪت ۾ وجهين جو اهي (ڪافر) ايمان نٿا آڻين.

  4. جيڪڏهن اسين گهرون ها ته مٿن آسمان مان ڪو اهڙو معجزو نازل ڪريون جو سندن ڪنڌ ان جي اڳيان جهڪي پون.

  5. ۽ (ماڻهن جي عادت آهي ته) جڏهن به انهن وٽ رحمان جي طرفان ڪا نئين نصيحت آئي ته اهي تنهن کان منهن موڙيو ڇڏين.

  6. پوءِ انهن ڪوڙو ضرور ڪيو آهي تنهنڪري وٽن ان (عذاب جي حقيقت پهچندي جنهن تي ٺٺوليون پيا ڪن.

  7. ڇا انهن زمين ڏي به (غور سان) نه ڏٺو ته اسان ان ۾ سڀ ڪنهن سٺي جنس مان ڇا ڇا (نه) پيدا ڪيو؟

  8. بيشڪ ان ۾ (خدا جي قدرت جي) وڏي نشاني آهي پر انهن ۾ گهڻا ايمان آڻڻ وارا ئي نه آهن.

  9. ۽ (اي رسول) بيشڪ تنهنجو پالڻهار غالب نهايت رحم وارو آهي.

  10. (اي رسول) اهو وقت ياد ڪر! جڏهن اوهان جي پروردگار موسى کي سڏيو ته ظالم قوم ڏي وڃ،

  11. فرعون جي قوم کي (هدايت ڪريو) ڇا اهي ماڻهو (منهنجي غضب کان) نٿا ڊڄن؟

  12. (موسى) عرض ڪيو، منهنجا رب آءُ! ڊڄان ٿو ته متان مون کي ڪوڙو ڪن.

  13. ۽ (انهن جي ڪوڙو چوڻ ڪري) منهنجو دم گهٽجي ۽ منهنجي زبان (چڱيءَ طرح) نه هلي ته پوءِ هارون ڏي به (پيغام موڪل. (ته منهنجو مددگار ٿئي).

  14. ۽ انهن جو مون تي هڪ ڏوھ (دعوو) آهي سو آءُ ڊڄان ٿو ته متان مون کي قتل ڪن.

  15. خدا ارشاد ڪيو ڪڏهن به ائين نه ٿيندو. چڱو!اوهين ٻئي اسان جي نشانين سان وڃو اسين اوهان سان آهيون ۽ (سموري گفتگو) چڱيءَ طرح ٻڌون ٿا.

  16. مطلب ته اوهين ٻئي فرعون وٽ وڃو ۽ (وڃي) چئو ته اسين رب العالمين جا رسول آهيون.

  17. (۽ هي پيغام آندو آهي) ته تون بني اسرائيلن کي اسان سان موڪلي ڇڏ!

  18. (موسى ويو ۽ چيائين ۽ فرعون) چيو: (موسى!) ڇا اسان تو کي هتي رهائي ننڊپڻ ۾ پالنا نه ڪي. ۽ تون پنهنجي عمر جا ڪيئي سال اسان ۾ رهي سهي چڪو آهين،

  19. ۽ تون پنهنجو اهو ڪم (قبطي جو خون) ڪري وئين سو ڪري وئين ۽ تون (وڏو) ناشڪرو آهين،

  20. موسى چيو (هاءُ) مون اهو ڪم تڏهين ڪيو جڏهن آءُ غفلت ۾ هوس.

  21. پوءِ جڏهن اوهان کان ڊنس ته اوهان کان ڀڳس. پوءِ (ڪجھ عرصي کان پوءِ) منهنجي پالڻهار مون کي نبوت عطا ڪئي ۽ مون کي به هڪ پيغمبر ڪيائين،

  22. ۽ اهو به ڪو احسان آهي جنهن جو مون تي ٿورو رکين هوڏانهن تو بني اسرائيلن کي ٻانهو ڪري رکيو آهي.

  23. فرعون چيو (چڱو اهو ته ٻڌائي) رب العالمين ڪهڙي شي آهي؟

  24. موسى چيو ته (اهو ئي) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي تنهن جو پاليندڙ آهي. جيڪڏهن اوهين يقين ڪريو (ته ڪافي آهي).

  25. فرعون پنهنجي آس پاس وارن کي چيو ته ڇا (اوهين) نه ٿا ٻڌو؟

  26. موسى چيو ته (اهو ئي) اوهان جو پاليندڙ ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن جو پاليندڙ آهي.

  27. فرعون چيو ته (ٻڌو ٿا!) هي رسول جيڪو توهان ڏي موڪليو ويو آهي سو پڪ چريو آهي.

  28. موسى چيو، (اهو خدا جو) اڀرندي ۽ الهندي ۽ جو ڪجھ انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي (سڀ جو) مالڪ آهي جيڪڏهن اوهين سمجهو ٿا (ته اها ڳالھ ڪافي آهي).

  29. فرعون چيو جيڪڏهن تو مون کان سواءِ ٻئي کي (پنهنجو خدا بنايو ته آءُ تو کي ضرور پنهنجو قيدي ڪندس.

  30. موسى چيو، توڙي جو آءُ تو کي پڌرو معجزو به ڏيکاريان (تڏهن به)

  31. فرعون چيو (چڱو) ته تون جيڪڏهن (پنهنجي ڳالھ ۾) سچو آهين ته ڀلا آڻ.

  32. پوءِ (ٻڌندي ئي) موسى پنهنجي لٺ اڇلائي ته اها يڪدم پڌرو ازدها (نانگ) ٿي بيٺي.

  33. ۽ (کيسي مان) پنهنجو هٿ ٻاهر ڪڍيائين ته اهو اوچتو ئي ڏسندڙن جي اڳيان تمام اڇو چمڪدار هو.

  34. تڏهن (فرعون پنهنجي دربارين کي جي سندس آس پاس ويٺا هئا چوڻ لڳو ته هي پڪ وڏو جادوگر آهي،

  35. هن جي مرضي آهي ته پنهنجي جادوءَ جي زور سان اوهان کي اوهان جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر ڪري. ته پوءِ اوهين ڪهڙو حڪم لڳايو ٿا؟

  36. دربارين چيو ته ان کي ۽ ان جي ڀاءُ کي ترسائي ۽ سڀني شهر وارن ۾ جادوگرن کي ڪٺو ڪرڻ لاءِ ڪوٺيندڙن کي موڪل،

  37. ته سڀ ڪنهن داناءَ جادوگر کي اوهان جي اڳيان آڻي حاضر ڪن.

  38. پوءِ جادوگرن کي هڪ مقرر ڏينهن جي انجام تي گڏ ڪيو ويو.

  39. ۽ ماڻهن کي چيو ويو ته ڇا اوهين گڏ ٿيندو؟

  40. هن لاءِ ته جيڪڏهن جادوگر غالب ٿيا ته اسين سندس پيروي ڪريون.

  41. نيٺ جڏهن سڀ جادوگر آيا ته جادوگرن فرعون کي چيو ته جيڪڏهن اسين غالب ٿياسون ته ڇا پڪ اسان کي (سرڪار مان) انعام ملندو؟

  42. فرعون چيو، هاءُ (ضرور ڏنو ويندو) ۽ (انعام ڪهڙي ڳالھ آهي) اوهين پوءِ (منهنجي بارگاھ جي) مقربن مان ٿيندو.

  43. انهن کي موسى چيو (منتر جنتر) جيڪي اوهان کي اڇلڻو آهي اڇليو.

  44. ۽ انهن پنهنجا رسا ۽ لٺيون اڇلايون ۽ چيائون ته فرعون جي عزت جو قسم آهي ته بيشڪ اسين ئي غالب رهنداسون.

  45. پوءِ موسى پنهنجي لٺ اڇلائي ته اها اتي جو اتي جيڪو ڪوڙو سانگ ٺاهيو هئائون تنهن کي ڳهڻ لڳي ويئي.

  46. (اهو ڏسندي ئي) پوءِ جادوگر سجدي ۾ ڪري پيا.

  47. ۽ چوڻ لڳا اسان سموري جهان جي پروردگار تي ايمان آندو.

  48. جو موسى ۽ هارون جو پالڻهار آهي.

  49. فرعون چيو (اڙي!) هن کان اڳ جو آءُ اوهان کي موڪل ڏيان اوهان ان تي ايمان آندو. بيشڪ اهو اوهان جو وڏو آهي جنهن اوهان کي جادو سيکاريو آهي ته (خير) هاڻي ئي اوهان کي (ان جو نتيجو) معلوم ٿي ويندو جو پڪ آءُ اوهان جي هڪ طرف جا هٿ ۽ ٻئي طرف جا پير وڍيندس ۽ ضرور آءُ اوهان سڀني کي سوريءَ تي لٽڪائيندس.

  50. انهن چيو ته ڪو حرج نه آهي اسان کي ته اڳي پوءِ پنهنجي پروردگار ڏي موٽڻو آهي.

  51. اسان جيئن ته سڀني کان اڳ ايمان آندو آهي تنهن ڪري اميد آهي ته اسان جو پالڻهار اسان جون خطائون معاف ڪندو.

  52. ۽ اسان موسى ڏي وحي موڪليو ته منهنجي ٻانهن کي راتو رات وٺي نڪر (هو) ضرور اوهان جي پٺيان پوندا.

  53. تڏهن فرعون (لشڪر جي جمع ڪرڻ جي خيال سان) سڀني شهرن ۾ (ڪيترائي) ڪوٺيندڙ روانا ڪيا.

  54. (۽ چيائين) ته هي ماڻهو (موسى سان بني اسرائيل) ٿورا (مختصر) جماعت آهن.

  55. پڻ انهن اسان کي سخت ڪاوڙايو آهي.

  56. ۽ اسين سڀئي هٿيار بند جماعت آهيون.

  57. مطلب ته اسان (انهن فرعون وارن) کي (مصر جي) باغن ۾ چشمن مان ٻاهر ڪڍيوسون.

  58. ۽ خزانن ۽ عزت جي جاين مان به ڪڍي ٻاهر ڪيوسون،

  59. اهڙي طرح (ڪيوسون) ۽ انهن شين جو بني اسرائيل کي وارث ڪيوسون.

  60. پوءِ سج اڀرڻ وقت انهن جي پٺيان پيا.

  61. ته جڏهن ٻئي جماعتون (ايتريون ويجهو ٿيون جو) هڪ ٻئي کي ڏسڻ لڳا ته موسى جي سنگتين چيو هاڻي ته اسين پڪڙجي پياسون.

  62. موسى چين ته ائين ڪڏهن به نه ٿيندو ڇو ته منهنجو پروردگار مون سان آهي، اهو يڪدم مون کي ضرور دڳ لائيندو.

  63. پوءِ اسان موسى ڏي وحي ڪيو ته پنهنجي لٺ دريا تي هڻ. (بس لٺ هڻڻ سان) اهو چيرجي پيو، پوءِ سڀ ڪو ڀاڱو وڏي جبل جهڙو ٿي پيو.

  64. ۽ ٻين (فرعون ۽ سندس ساٿين) کي اتي ڪيوسون.

  65. ۽ موسى کي ۽ جيڪي ساڻس هئا تن سڀني کي بچايوسون.

  66. (ان کان) پوءِ ٻين کي ٻوڙيوسون.

  67. بيشڪ ان قصي ۾ وڏي نشاني آهي هوڏانهن تن مان گهڻا ايمان آڻڻ وارا ئي نه هئا.

  68. ۽ بيشڪ تنهنجو پروردگار (سڀ تي) غالب ۽ وڏو رحم وارو آهي.

  69. ۽ انهن کي ابراهيم جي خبر پڙهي ٻڌائي.

  70. جڏهن ان پنهنجي (پالڻ واري) پيءُ ۽ پنهنجي قوم کي چيو ته اوهين ماڻهو ڪنهن جي عبادت ڪريو ٿا؟

  71. هنن چيو، اسين بتن جي پوڄا ڪريون ٿا ۽ سدائين سندن مجاور آهيون.

  72. ابراهيم چيو ڀلا جڏهن اوهين انهن کي سڏيو ته اهي اوهان جي ٻڌن به ٿا.

  73. يا اوهان کي ڪو فائدو يا نقصان پهچائي سگهن ٿا؟

  74. چوڻ لڳا (اها ڳالھ ته نه آهي) پر اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي ائين ئي ڪندي ڏٺو آهي.

  75. ابراهيم ڇين ته ڇا اوهان انهن کي ڏٺو آهي جن جي عبادت پيا ڪريو،

  76. اوهين ۽ اوهان جا اڳيان ابا ڏاڏا؟

  77. پوءِ بيشڪ اهي منهنجا دشمن آهن ساري جهان جي پاليندڙ کان سواءِ، (اهو ئي منهنجو دوست آهي)

  78. جنهن مون کي پيدا ڪيو ۽ اهو ئي منهنجي هدايت ڪري ٿو.

  79. ۽ جيڪو مون کي کارائي ٿو ۽ مون کي (پاڻي) پياري ٿو.

  80. ۽ جڏهن بيمار ٿيان ٿو ته اهو مون کي تندرستي ڏئي ٿو.

  81. ۽ جيڪو مون کي ماريندو ۽ (مرڻ کان پوءِ) وري جياريندو.

  82. ۽ جنهن ۾ اميد اٿم ته قيامت جي ڏينهن منهنجا گناھ معاف ڪندو.

  83. منهنجا رب! مون کي علم ۽ فهم عطا فرمائي ۽ مون کي نيڪن سان شامل ڪر.

  84. ۽ آئينده اچڻ واري نسلن ۾ منهنجو ذڪر خير قائم رک.

  85. پڻ مون کي به نعمت واري باغ (بهشت) جي وارثن مان بڻائي.

  86. ۽ منهنجي چاچي (آذر) کي بخش جو، هو گمراهن مان آهي،

  87. ۽ جنهن ڏينهن ماڻهو قبرن مان اٿاريا ويندا مون کي خوار نه ڪج.

  88. جنهن ڏينهن نه مال ئي ڪجھ ڪم ايندو ۽ نه ٻار ٻچا.

  89. پر جو شخص خدا جي بارگاھ ۾ گناهن کان پاڪ دل سان حاضر ٿيندو. (سو ئي فائدي ۾ رهندو)

  90. پڻ بهشت پرهيزگارن جي ويجهو ڪيو ويندو.

  91. ۽ دوزخ گمراهن جي ويجهو ڪيو ويندو.

  92. پڻ انهن (دوزخين) کان پڇيو ويندو ته خدا کي ڇڏي جن جي اوهان پوڄا ڪندا هئا (اڄ) اهي ڪٿي آهن؟

  93. ڇا اهي اوهان جي ڪجھ مدد ڪري سگهن ٿا يا اهي پاڻ ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪري سگهن ٿا؟

  94. پوءِ اهي (سندن معبود) ۽ گمراھ ماڻهو، اونڌي منهن دوزخ ۾ اڇلايا ويندا،

  95. ۽ شيطان جو لشڪر (مطلب ته سڀئي)

  96. اهي ان ۾ هڪ ٻئي سان جهڳڙو ڪندي چوندا ته،

  97. خدا جو قسم ته بيشڪ اسين پڌري گمراهيءَ ۾ هئاسون،

  98. جڏهن اسان اوهان (بتن) کي پروردگار عالم سان برابر ٿي ڪيو،

  99. ۽ اسان کي ڏوهارين کان سواءِ ٻئي ڪنهن گمراھ نه ڪيو.

  100. پوءِ نه اسان جا ڪي سفارش ڪندڙ آهن.

  101. ۽ نه ڪو محبت ڪرڻ وارو دوست ئي آهي.

  102. هائي (افسوس) جو ڪنهن طرح اسان کي ٻيو ڀيرو موٽي وڃڻ جو موقعو ملي ته اسين (ضرور) ايمان وارن مان ٿيون.

  103. (ابراهيم جي) هن قصي ۾ به سچ ته هڪ وڏو سبق آهي. ۽ انهن مان گهڻا ايمان آڻڻ وارا هئا به ڪين.

  104. ۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار ئي (سڀ تي) غالب ۽ نهايت رحم وارو آهي.

  105. (اهڙي طرح) نوح جي قوم پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو،

  106. جو جڏهن انهن کي سندس ڀاءُ نوح چيو ته اوهين ماڻهو ڇو (خدا کان) نٿا ڊڃو؟

  107. آءُ سچ ته اوهان جو امانت دار پيغمبر آهيان.

  108. اوهين خدا کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃيو.

  109. ۽ آءُ اوهان کان هن (تبليغ رسالت) جو ڪو اجورو نٿو گهران منهنجو اجورو رڳو جهان جي پالڻهار تي آهي.

  110. پوءِ خدا کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃو.

  111. انهن چيس ته جڏهن ڪمينن (مزدور ۽ ٻين) اهڙن (لالچ تي) تنهنجي پيروي ڪئي آهي ته اسين تو کي ڪيئن مڃيون.

  112. نوح چين ته جيڪي ڪم اهي پيا ڪن تن جي مون کي ڪهڙي خبر (۽ ڪهڙو مطلب؟)

  113. انهن کان حساب وٺڻ ته منهنجي پروردگار جو ئي ڪم آهي (افسوس!) جيڪڏهن اوهين سمجهو.

  114. ۽ آءُ ته ايمان وارن کي تڙڻ وارو نه آهيان.

  115. آءُ ته رڳو (خدا جي غضب کان) پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان.

  116. انهن چيس ته اي نوح! جيڪڏهن تون (ان ڪم کان) باز نه ايندين ته ضرور سنگسار ڪيو ويندين.

  117. (نيٺ) نوح عرض ڪيو اي منهنجا پالڻهار منهنجي قوم پڪ مون کي ڪوڙو ڪيو.

  118. ته هاڻي تون منهنجي ۽ انهن ماڻهن جي وچ ۾ قطعي فيصلو ڪر. ۽ مون کي ۽ جيڪي ايمان وارا مون سان آهن تن کي بچائي.

  119. نيٺ ان کي ۽ جيڪي ان سان گڏ ڀريل ٻيڙي ۾ هئا تن کي بچايوسون.

  120. وري ان کان پوءِ باقي رهيلن کي ٻوڙيوسون.

  121. هن (ھالھ) ۾ به پڪ هڪ وڏو سبق آهي. ۽ انهن مان گهڻا ايمان آڻڻ وارا ئي ڪين هئا.

  122. ۽ بيشڪ تنهنجو پروردگار ئي (سڀ تي) غالب (۽) نهايت رحم وارو آهي.

  123. (اهڙيءَ طرح) عاد جي قوم پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو.

  124. جڏهن سندن ڀاءُ هود انهن کي چيو ته ڇا اوهين (خدا جي غضب کان) نه ٿا ڊڄو،

  125. آءُ ته اوهان جي لاءِ امانت دار پيغمبر آهيان،

  126. ته اوهين خدا کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃو.

  127. ۽ آءُ ته اوهان کان ان (تبليغ رسالت) لاءِ ڪو اجورو نه ٿو گهران. منهنجو اجورو رڳو جهان جي پالڻهار تي آهي.

  128. ڇا اوهين بي فائدو سڀ ڪنهن مٿاهين زمين تي ڪو نه ڪو بيڪار يادگار بنايو ٿا.

  129. ۽ مضبوط محل بنايو ٿا ڄڻ ته (هتي) اوهين هميشه رهندو،

  130. ۽ جڏهن (ڪنهن تي) هٿ ڊگهو ڪريو ٿا ته ڏاڍائي سان هٿ ڊگهو ڪريو ٿا،

  131. اوهين خدا کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃيو.

  132. ۽ ان خدا کان ڊڄو جنهن اوهان کي انهن شين جي مدد ڏني آهي جن کي اوهين چڱي طرح ڄاڻو ٿا.

  133. (چڱو ٻڌو) اوهان کي چوپائي مال ۽ پٽن سان مدد ڪئي اٿس.

  134. ۽ باغ ۽ چشمن سان به.

  135. سچ ته آءُ اوهان تي تمام هڪ وڏي (سخت) ڏينهن جي عذاب اچڻ کان ڊڄان ٿو.

  136. انهن چيو ته تون نصيحت ڪرين يا نصيحت نه ڪرين اسان لاءِ (ٻئي ڳالهيون) برابر آهن.

  137. اهو (ديڄارڻ) ته رڳو اڳين جي ئي عادت آهي.

  138. ۽ اسان تي عذاب (وغيره هاڻي) ڪين ڪيو ويندو.

  139. مطلب ته هود کي ڪوڙو ڪيائون تنهن ڪري انهن کي هلاڪ يوسون. بيشڪ هن قصي ۾ هڪ (وڏو) سبق آهي. ۽ انهن مان گهڻا مڃڻ وارا نه هئا.

  140. ۽ ان ۾ شڪ نه آهي ته تنهنجو پروردگار پڪ (سڀ تي) غالب ۽ نهايت رحم وارو آهي.

  141. (اهڙيءَ طرح) ثمود جي قوم پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو.

  142. جڏهن سندن ڀاءُ صالح چيو ته ڇا اوهين (خدا کان) نه ٿا ڊڄو؟

  143. آءُ ته پڪ اوهان جي لاءِ امانت دار پيغمبر آهيان.

  144. ته خدا کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃو.

  145. ۽ آءُ ته اوهان کان هن (تبليغ رسالت) تي ڪجھ اجورو به نه ٿو گهران. منهنجو اجورو رڳو جهان جي پاليندڙ تي آهي.

  146. ڇا جيڪي شيون هتي (دنيا ۾) موجود آهن، تن کي اطمينان سان ڇڏي ڏيون.

  147. (پڻ) باغ ۽ چشما.

  148. ۽ پوکون ۽ کجين ۾ جن جا خوشا نفيس ۽ نازڪ ٿين ٿا.

  149. ۽ (تنهن ڪري ئي) تمام مهارت ۽ تڪليف مان جبلن کي ٽڪي ٽڪي گهر بنايو ٿا.

  150. ته خدا کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃيو.

  151. ۽ حد کان لنگهندڙن جو چيو نه مڃو.

  152. جيڪي روءِ زمين تي فساد ڪن ٿا ۽ (خرابين جو) سڌارو نه ٿا ڪن.

  153. انهن چيو ته تون ته انهن مان ئي آهين جن تي جادو ڪيل آهي.

  154. تون رڳو اسان جهڙو ماڻهو آهين، پوءِ جيڪڏهن تون سچو آهين ته ڪو معجزو اسان جي لاءِ آڻي ڏيکار.

  155. صالح چيو ته هيءَ هڪ ڏاچي آهي ان لاءِ پاڻي پيئڻ جو هڪ وارو آهي ۽ اوهان لاءِ هڪ مقرر ڏينهن جو وارو آهي.

  156. ۽ ان کي ڪا به تڪليف نه ڏجو نه ته اوهان کي هڪ وڏي (سخت) ڏينهن جو عذاب پڪڙيندو.

  157. تنهن هوندي به انهن ماڻهن ان (ڏاچي) جا پير وڍيا (۽ کيس ماري ڇڏيائون) وري پاڻ ئي پشيمان ٿيا.

  158. پوءِ انهن کي عذاب پڪڙيو. بيشڪ ان (ڳالھ) ۾ هڪ وڏو سبق آهي، ۽ پڻ انهن مان گهڻا ماڻهو مڃڻ وارا نه هئا.

  159. ۽ بيشڪ تنهنجو پروردگار (سڀ تي) غالب (۽) نهايت رحم وارو آهي.

  160. (ائين ئي) لوط جي قوم پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو.

  161. جڏهن انهن جي ڀاءُ لوط کين چيو ته اوهين الله کان ڇو نه ٿا ڊڄو.

  162. آءُ ته اوهان جو امانت دار پيغمبر آهيان.

  163. ته اوهين الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃو.

  164. ۽ آءُ اوهان کان هن (رسالت جي تبليغ) جو اجورو (ته) نه ٿو گهران. منهنجو اجورو رڳو ساري خدائي جي پالڻهار (خدا) تي آهي.

  165. ڇا توهين (شهوت پرستي لاءِ) ساري جهان جي ماڻهن مان مردن ڏي ئي وڃو ٿا.

  166. ۽ اوهان جي پاليندڙ جيڪي اوهان لاءِ اوهان جون زالون پيدا ڪيون آهن تن کي ڇڏيو ٿا، پر اوهين حد کان لنگهندڙ قوم آهيو.

  167. انهن چيو ته اي لوط! جيڪڏهن (ان ڳالھ کان) تون باز نه ايندين ته ضرور ڪڍي ٻاهر ڪيو ويندين.

  168. (لوط) چيو ته بيشڪ آءُ اوهان جي ڪم کان نفرت ڪندڙن مان آهيان.

  169. (۽ دعا گهريائين) پالڻهار! جيڪي هي ماڻهو ڪن ٿا تنهن کان مون کي ۽ منهنجي گهروارن کي بچائي!

  170. پوءِ ان کي ۽ ان جي سڀني گهروارن کي بچايوسون.

  171. (پر لوط جي) هڪ ٻڍڙي زال کان سواءِ جا پٺتي رهجي ويئي (۽ هلاڪ ٿي).

  172. پوءِ اسان انهن ماڻهن کي بربراد ڪيو.

  173. ۽ انهن تي اسان (پٿرن جو) مينهن وسايو. ته جن ماڻهن کي (خدا جي عذاب کان) ڊيڄاريو ويو هو تن تي ڪهڙي نه بچڙي بارش هئي!

  174. بيشڪ هن واقعي ۾ هڪ وڏي عبرت آهي. ۽ انهن مان گهڻا ايمان وارا ئي نه هئا.

  175. ۽ بيشڪ تنهنجو پروردگار (سڀ تي) غالب (۽) نهايت رحم وارو آهي.

  176. (اهڙي طرح) جهنگ جي رهڻ وارن (منهني) پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو.

  177. جڏهن شعيب انهن کي چيو ته اوهين (خدا کان) ڇو نه ٿا ڊڄو؟

  178. بيشڪ آءُ اوهان جي واسطي امانت دار پيغمبر آهيان،

  179. پوءِ خدا کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃو.

  180. ۽ آءُ اوهان کان (تبليغ رسالت) جو اجورو نه ٿو گهران، منهنجو اجورو رڳو جهان جي پاليندڙ تي آهي.

  181. ماڻ پورو ڀريو ۽ گهٽ مئيندڙن مان نه ٿيو.

  182. ۽ توهين (تور ۾) سڌي ترازيءَ سان توريو،

  183. ۽ ماڻهن کي سندن شيون گهٽ نه ڏيو ۽ زمين ۾ فسادي ٿي بگيڙيو نه وجهو.

  184. ۽ ان کان ڊڄو جنهن اوهان کي ۽ اڳئين خلق کي پيدا ڪيو.

  185. انهن چيو ته تون انهن مان ئي آهين جن تي جادو ڪيل آهي.

  186. ۽ تون رڳو اسان جهڙو ماڻهو آهين ۽ بلا شڪ اسين تو کي ڪوڙن مان خيال ڪريون ٿا.

  187. پوءِ جيڪڏهن تون سچن مان آهين ته اسان تي آسمان جو ڪو ٽڪر ڪيرائي.

  188. شعيب چيو ته جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي منهنجو پالڻهار گهڻو ڄاڻندڙ آهي.

  189. مطلب ته شعيب کي ڪوڙو ڪيائون ته کين ڇانو ڪندڙ (ڪڪر) جي عذاب اچي پڪڙيو. بيشڪ هي (به) هڪ وڏي (سخت) ڏينهن جو عذاب هو.

  190. هن ۾ شڪ نه آهي ته هن ۾ (سمجھ وارن جي لاءِ) هڪ وڏو سبق آهي ۽ انهن مان گهڻا ته ايمان آڻڻ وارا ئي نه هئا.

  191. ۽ بيشڪ تنهنجو پروردگار يقينا (سڀ تي) غالب ۽ نهايت رحم وارو آهي.

  192. ۽ (اي رسول) بيشڪ هي (قرآن) سموري خدائيءَ جي پالڻهار (خدا) جو نازل ڪيل آهي.

  193. جنهن کي روح الامين (جبرائيل) کڻي نازل ٿيو،

  194. تنهنجيءَ دل تي، هن ڪري ته تون به (ٻين پيغمبرن وانگر ماڻهن کي) ڊيڄارين.

  195. پڻ صاف عربي زبان ۾،

  196. ۽ بيشڪ ان جي خبر اڳين (پيغمبرن جي) ڪتابن ۾ (به موجود) آهي.

  197. ڇا انهن لاءِ هيءَ نشاني (ڪافي) نه آهي جو ان ڳالھ کي بني اسرائيلن جا عالم ڄاڻن ٿا.

  198. ۽ جيڪڏهن اسين ان (قرآن) کي ڪنهن ٻي زبان تي نازل ڪريون ها،

  199. ۽ اهو انهن عربن جي اڳيان هي (قرآن) پڙهي ٻڌائي ها، تڏهن به ان تي اهي ماڻهو ايمان آڻڻ وارا نه ٿين ها.

  200. اهڙيءَ طرح اسان (ڄڻ ته پاڻ) ان (انڪار) کي ڏوهارين جي دلين ۾ وڌوسون،

  201. ته اهي ماڻهو (ايستائين) نه مڃيندا جيستائين دردناڪ عذاب نه ڏسندا.

  202. جو مٿن اوچتو اچي ۽ کين خبر به نه پوندي،

  203. (پوءِ جڏهن عذاب نازل ٿيندو) چوندا ته ڇا اسان کي (هن وقت ڪجھ) مهلت ڏني ويندي؟

  204. ڇا پوءِ هي اسان جي عذاب جي تڪڙ ڪن ٿا.

  205. پوءِ ڀلا تو ڏٺو ته جيڪڏهن اسين انهن کي ڪيترائي ورهين آسودو رکون.

  206. وري جيڪو وعدو ساڻن ڪيو پيو وڃي سو وٽن اچي پهتو.

  207. ته سندن آسودو هجڻ انهن کي ڪجھ ڪم نه ايندو.

  208. ۽ اسان ڪوئي ڳوٺ (تيستائين) برباد نه ڪيو مگر ان جي سمجهائڻ لاءِ (اڳ ۾) ڊيڄاريندڙ (پيغمبر موڪليا) هئا.

  209. نصيحت (ڏيڻ) لاءِ، ۽ اسين ظالم نه هئاسون.

  210. ۽ هن قرآن کي شيطانن وٺي نه لاٿو آهي.

  211. ۽ نه انهن جي لائق آهي ۽ نه ڪي اهي (ائين) ڪري سگهن ٿا.

  212. ڇو ته شيطان (وحي جي) ٻڌڻ کان محروم آهن.

  213. ته (اي رسول) تون خدا سان گڏ ڪنهن ٻئي معبود کي نه سڏ نه ته تون به عذاب ڪيلن مان ٿيندين.

  214. ۽ (اي رسول) پنهنجن ويجهن مائٽن کي (خدا جي عذاب کان) ڊيڄار.

  215. ۽ جن ايمان وارن تنهنجي تابعداري ڪئي آهي تن جي اڳيان پنهنجا بازو جهڪائي (بلڪل نرمي ڪر!)

  216. پوءِ جيڪڏهن ماڻهو تنهنجي نافرماني ڪن ته تون (کين صاف صاف) چئي ڏي ته آءُ اوهان جي ڪرتوتن کان بيزار آهيان.

  217. ۽ تون ان (خدا) تي جو (سڀ کان) غالب (۽) نهايت مهربان آهي ڀروسو ڪر.

  218. جيڪو تو کي ڏسي ٿو جڏهن تون تهجد نماز ۾ اٿين ٿو.

  219. ۽ سجدي ڪندڙن ۾ تنهنجي اٿڻ ويهڻ کي ڏسي ٿو.

  220. بيشڪ اهو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.

  221. ڇا آءُ اوهان کي خبر ڏيان ته شيطان ڪنهن تي نازل ٿين ٿا؟

  222. (ته ٻڌ) اهي سڀ ڪنهن ڪوڙي گنهگار تي نازل ٿين ٿا.

  223. جو اهي (فرشتن جي ڳالهين تي) ڪن لڳائي ٻڌندا رهن ٿا (ته من ڪجھ ٻڌون) هوڏانهن انهن مان گهڻا ته (بلڪل) ڪوڙا آهن.

  224. ۽ شاعرن جي پيروي ته گمراھ ماڻهو ڪندا.

  225. ڇا تون نه ٿو ڏسين ته اهي ماڻهو سڀ ڪنهن جهنگ ميدان ۾ رلندا ڦرن ٿا.

  226. ۽ اهي ماڻهو (زبان سان) اهي ڳالهيون چون ٿا جيڪي ڪڏهن نه ٿا ڪن.

  227. پر (هاءُ) جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ خدا کي گهڻو ياد ڪيائون ۽ مٿن ظلم ٿيڻ بعد بدلو ورتائون. ۽ جن ماڻهن ظلم ڪيو آهي تن کي جلد ئي خبر پوندي ته ڪهڙي موٽڻ جي هنڌ موٽايا ويندا.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found