سومر, 14 آڪٽوبر 2019 - Mon 10 14 2019

منو

سورت فرقان

ٽوٽل آيتون: 77

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. (خدا) وڏو بابرڪت آهي جنهن پنهنجي عبد (محمد) تي قرآن نازل ڪيو. هن لاءِ ته ساري جهان وارن کي (خدا جي عذاب کان) ڊيڄاري.

  2. جنهن (خدا) جي آسمانن ۽ زمين تي حڪومت آهي. ۽ هن (پاڻ لاءِ) نڪو اولاد ٺهرايو اٿس ۽ نه ڪي حڪومت ۾ ان جو ڪو شريڪ آهي ۽ هر شي کي ان پيدا ڪيو آهي پوءِ تنهن کي اندازي سان درست ڪيو اٿس.

  3. ۽ ماڻهن ان کان سواءِ اهڙا معبود بنايا آهن جي ڪجھ به نٿا پيدا ڪري سگهن پر اهي پاڻ ٻئي جا پيدا ڪيل آهن ۽ نه اهي پاڻ کي ڪنهن نقصان پهچائڻ ۽ نه ڪنهن فائدي پهچائڻ جو اختيار رکن ٿا ۽ نه مرڻ ۽ جيئري رهڻ ۽ نه ٻيهر جيئري ٿي اٿڻ جو.

  4. ۽ جيڪي ڪافر ٿيا چوڻ لڳا ته هي (قرآن) رڳو ڪوڙ آهي جو هن (رسول) پاڻ ٺاهيو اٿس ۽ ان لاءِ ٻين ماڻهن به مدد ڏني اٿس، ته بيشڪ خود انهن ماڻهن ئي ظلم ۽ فريب ڪيو آهي.

  5. پڻ (هي به) چيائون ته (اهي) اڳين جون آکاڻيون آهن جيڪي لکائي رکيون اٿس پوءِ اهي ان وٽ صبح ۽ شام جو پڙهيون وڃن ٿيون.

  6. (اي رسول) کين چئو ته جو آسمانن ۽ زمين ۾ (لڪل) ڳجھ کي ڄاڻي ٿو تنهن ان کي نازل ڪيو آهي. بيشڪ اهو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.

  7. پڻ انهن ماڻهن (هي به) چيو ته هي ڪهڙو رسول آهي، جو کاڌو کائي ٿو ۽ بازارين ۾ گهمي ڦري ٿو! ان وٽ ڪو فرشتو ڇو نه نازل ٿيو ته اهو به ان سان گڏ (خدا جي عذاب کان) ڊيڄاريندڙ ٿئي ها.

  8. يا (گهٽ ۾ گهٽ) ان ڏي خزانو ئي (آسمان مان) اڇلايو وڃي ها، يا (ٻيو نه ته) ان وٽ ڪو باغ هجي ها جنهن مان کائي پئي ها. ۽ اهي ظالم (ڪافر، مومنن کي) چون ٿا ته اوهين رڳو اهڙن شخصن جي پيروي ڪريو ٿا جنهن تي جادو ڪيو ويو آهي.

  9. (اي پيغمبر!) ڏس ته تنهنجي لاءِ ڪهڙا ڪهڙا مثال ٺاهين ٿا ۽ گمراھ ٿي ويا، ته هاڻي اهي ماڻهو ڪنهين صورت ۾ سڌي رستي تي نه ايندا.

  10. خدا ته اهڙو بابرڪت آهي جو جيڪڏهن گهري ته (هڪ باغ ڇا آهي؟) ان کان سٺا ڪيئي اهڙا باغ پيدا ڪري جن جي هيٺان واھ وهندا هجن ۽ تنهنجي لاءِ محلات بنائي.

  11. پر (سچ هي آهي ته) انهن قيامت کي ئي ڪوڙ سمجهيو آهي ۽ جنهن شخص قيامت کي ڪوڙ ڄاتو تنهن لاءِ اسان جهنم کي (ٻاري) تيار ڪري رکيو آهي.

  12. ته جڏهن انهن ماڻهن کي جهنم پري کان ڏسندو ته (جوش ۾ ايندو) اهي سندس ڪاوڙ ۽ ڀڙڪاٽ ٻڌندا.

  13. ۽ جڏهن کين دوزخ جي تنگ جاءِ ۾ زنجيرن سان جڪڙي اڇلايو ويندو ته اتي موت کي سڏيندا.

  14. (تڏهن کين چيو ويندو ته) اڄ هڪ موت کي نه سڏيو پر گهڻن موتن کي سڏيو (پر ورندن ڪجھ به نه).

  15. (اي رسول! کين) چئو ته ڇا اهو (دوزخ) چڱو آهي يا هميشه رهڻ جو باغ بهشت جنهن جو پرهيزگارن سان وعدو ڪيو ويو آهي جو اهو سندن (نيڪ ڪمن) جو بدلو آهي ۽ آخري رهڻ جي جاءِ.

  16. (اتي) رهندي جيڪي گهرندا سو انهن لاءِ اتي هميشه موجود آهي. (اتي هڪ حال ۾ رهندا) اهو هڪ (لازمي ۽) گهريل وعدو تنهنجي پالڻهار جي ذمي آهي.

  17. ۽ جنهن ڏينهن انهن ماڻهن کي ۽ جن جي اهي خدا کان سواءِ عبادت ڪن ٿا (تن کي) گڏ ڪندو ۽ پڇندو ته ڇا اوهان منهنجن هنن بندن کي گمراھ ڪيو هو يا اهي پاڻ سڌي رستي کان گمراھ ٿيا هئا؟

  18. (انهن جا معبود) عرض ڪندا، سبحان الله (اسين ته خود تنهنجا بندا آهيون) اسان کي مناسب نه هو ته اسين تو کان سواءِ ٻيا ڪي سرپرست بنايون، پر ڳالھ هي آهي ته تو انهن کي ۽ سندن ابن ڏاڏن کي (آسودو ڪيو تان جو انهن تنهنجي) ياد گيري وساري ڇڏي ۽ اهي پنهنجو پاڻ بربراد ٿيڻ وارا هئا.

  19. تڏهن (ڪافرن کي چيو ويندو ته) اوهين جيڪي چئو ٿا تنهن ۾ اهي معبود اوهان کي ڪوڙو ڪري چڪا، ته هاڻي اوهين نه (پاڻ تان عذاب کي) ٽاري سگهو ٿا نه ڪنهين کان مدد وٺي سگهو ٿا ۽ (ياد رکو!) اوهان مان جو ظلم ڪندو اسين تنهن کي تمام (وڏي) عذاب (جو مزو) چکائينداسون.

  20. ۽ (اي رسول) تو کان اڳ جيترا به رسول موڪلياسون سي (تو وانگر) کاڌو کائيندا هئا ۽ بازارين ۾ گهمندا هئا، ۽ اسان اوهان مان هڪڙن کي ٻين لاءِ آزمائش (جو ذريعو) بنايو آهي. (مسلمانو) ته ڇا اوهين هاڻي به صبر ڪيو ٿا (يا نه!) ۽ اوهان جو پروردگار (سڀ ڪنهن جي) سار سنڀال ڪري رهيو آهي.

  21. ۽ جيڪي ماڻهو (قيامت ۾) اسان جي حضوريءَ جي اميد نه ٿا رکن، چون ٿا ته آخر فرشتا اسان تي ڇو نه لاٿا ويا، يا اسين پنهنجي پالڻهار کي (ڇو ڪين ٿا) ڏسون، انهن پنهنجي دل ۾ پاڻ کي (گهڻو) وڏو سمجهيو آهي ۽ وڏي سرڪشي ڪئي آهي.

  22. جنهن ڏينهن اهي فرشتن کي ڏسندا تنهن ڏينهن گنهگارن کي ڪجھ (به) خوشي نه ٿيندي ۽ (فرشتن کي ڏسي) چوندا ته پري ٿيو.

  23. انهن ماڻهن (دنيا ۾) جيڪي (نيڪ) ڪم ڪيا آهن اسين انهن ڏي توجه ڪنداسون ته اسين تنهن کي پکڙيل دز جهڙو (برباد ڪري) ڇڏينداسون.

  24. ان ڏينهن جنت وارن جي رهڻ جي جاءِ گهڻي چڱي ۽ آرام گاھ به چڱي کان چڱي.

  25. ۽ جنهن ڏينهن آسمان ڪڪر جي ڪري ڦاٽندو ۽ ڪئي فرشتا ٽولن جا ٽولا نازل ڪيا ويندا.

  26. تنهن ڏينهن جي سلطنت خاص خدا جي لاءِ ئي هوندي، ۽ اهو ڏينهن ڪافرن تي وڏو سخت هوندو.

  27. ۽ جنهن ڏينهن ظالم (افسوس ڪندي) پنهنجن هٿن کي چڪ پائيندو (۽) چوندو ته افسوس! آءُ رسول وارو (دين جو سڌو) رستو وٺان ها.

  28. هاءِ افسوس! جيڪر آءُ فلاڻي کي (پنهنجو) دوست نه بنايان ها.

  29. بيشڪ مون وٽ نصيحت آئي تنهن کان پوءِ ان مون کي گمراھ ڪيو. ۽ شيطان ماڻهوءَ کي خوار ڪندڙ ئي آهي.

  30. ۽ (ان وقت) رسول (خدا جي بارگاھ ۾) عرض ڪندو ته اي منهنجا پالڻهار منهنجي قوم ته هن قرآن کي بيڪار بنائي ڇڏيو.

  31. ۽ اسان (ڄڻ ته پاڻ) گنهگارن مان هر نبيءَ جا دشمن بڻائي ڇڏيا آهن. ۽ تنهنجو پالڻهار هدايت ۽ مددگاري ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.

  32. ڪافر چوڻ لڳا ته (آخر) ان تي سمورو قرآن هڪ ڀيري ڇو نه نازل ڪيو ويو. (اي رسول) اهڙيءَ طرح (ٿورو ٿورو لاٿوسون ته) ان سان تنهنجيءَ دل کي تسڪين ڏيندا رهون. ۽ اسان ان کي جهلي جهلي نازل ڪيو.

  33. ۽ اهي (ڪافر) چاهي ڪهڙو ئي (ڏکيو) مثال ٻڌائين پر اسين تو ڏي (ان جو) بلڪل ٺيڪ ۽ تمام سٺو (جواب) بيان ڪري ڇڏينداسون.

  34. انهن کي (قيامت جي ڏينهن) منهن ڀر دوزخ ڏي آندو ويندو تن جي جاءِ تمام بڇڙي هوندي ۽ سڀني کان وڌيڪ سڌي رستي کان ٿڙيل.

  35. ۽ بيشڪ اسان موسى کي ڪتاب (توريت) عطا ڪيو ۽ ان سان گڏ سندس ڀاءُ هارون کي (سندس) وزير ڪيوسون.

  36. پوءِ چيوسون ته اوهين ٻئي انهن ماڻهن ڏي وڃو جي اسان جي (قدرت جي) نشانين کي ڪوڙو ڪن ٿا. (وڃي کين سمجهايو. نه مڃڻ ڪري) پوءِ اسان انهن ماڻهن کي چڱي طرح برباد ڪيو.

  37. ۽ نوح جي قوم کي جڏهن انهن (اسان جي) پيغمبرن کي ڪوڙو سڏيو ته اسان کين ٻوڙي ڇڏيو ۽ اسان انهن کي، ماڻهن (جي سبق) لاءِ نشاني بنايو. ۽ اسان ظالمن لاءِ دردناڪ عذاب تيار ڪري ڇڏيو آهي.

  38. ۽ (اهڙي طرح) عاد ۽ ثمود ۽ نهر وارن ۽ سندن وچ وارين ڪيترين ئي جماعتن کي (اسان هلاڪ ڪري ڇڏيو).

  39. ۽ هر هڪ لاءِ مثال بيان ڪياسون ۽ (چڱي طرح کين سمجهايو پر نه مڃائون) ته اسان به چڱيءَ طرح ستيا ناس ڪري ڇڏي.

  40. ۽ اهي (مڪي وارا) ان ڳوٺ وٺان لنگهيا آهن جن تي پٿرن جو بڇڙو مينهن وسايو ويو هو. ته ڇا انهن ان (ڳوٺ) کي نه ڏٺو هوندو؟ (پر ڳالھ هي آهي ته) اهي ماڻهو مرڻ کان پوءِ جيئري ٿيڻ جي اميد نه ٿا رکن. (ته پوءِ ايمان ڪيئن آڻيندا).

  41. ۽ (اي رسول) جڏهن اهي تو کي ڏسن ٿا ته تو تي مسخريون ڪن ٿا ته ڇا هيءُ اهو آهي جنهن کي خدا رسول ڪري موڪليو آهي.

  42. (معاذ الله) جيڪڏهن اسين بتن جي پوڄا تي محڪم نه رهون ها ته هي شخص ته اسان کي گمراھ ڪرڻ تي هو! ۽ تمام جلد (قيامت ۾) جڏهن اهي ماڻهو عذاب کي ڏسندا ته کين معلوم ٿيندو ته سڌي راھ کان ڪير گهڻو پري هو.

  43. ڇا تو ان کي ڏٺو آهي جنهن پنهنجي نفساني خواهشن کي پنهنجو خدا ٺهرايو؟ ڇا پوءِ تون ان جو ذميدار ٿيندين! (ته اهو گمراھ نه ٿي)

  44. يا تون خيال ڪرين ٿو ته انهن (ڪافرن) مان گهڻا (ڳالھ) ٻڌن يا سمجهن ٿا (نه ته!) اهي رڳو ڍورن وانگر آهن بلڪ انهن کان به وڌيڪ (سڌي) راھ کان ٿڙيل.

  45. (اي رسول) ڇا تون پنهنجي پالڻهار جي (قدرت) ڏي نظر نه ڪئي ته ڪيئن پاڇو ڊگهو ڪيو اٿس ۽ جيڪڏهن گهري ها ته ان کي هڪڙيءَ حالت ۾ رکي ڇڏي ها، وري سج کي (ان جي سڃاڻپ) جو رهنما ڪيوسون.

  46. وري ان کي آهستي آهستي پاڻ ڏي ڇڪي ورتوسون.

  47. ۽ هو اهو (خدا) آهي جنهن اوهان لاءِ رات کي ڍڪ ۽ ننڊ کي راحت ڪيو آهي، ۽ ڏينهن کي (ڪم ڪار لاءِ) اٿڻ جو وقت ڪيو آهي.

  48. ۽ هو اهو (خدا) آهي جنهن پنهنجيءَ رحمت (ميهن) کان اڳ هوائن کي (مينهن جي) خوشخبري ڏيندڙ ڪري موڪليو ۽ آسمان مان تمام پاڪ ۽ ڇڻيل پاڻي وسايو.

  49. هن لاءِ ته ان سان مئل (ويران) شهر جيئرا (آباد) ڪريون پنهنجيءَ مخلوقات مان چوپاين ۽ گهڻن ماڻهن کي پياريون.

  50. ۽ اسان ان پاڻي کي سندن وچ ۾ (جدا جدا نموني سان) ورهايو هن لاءِ ته اهي نصيحت حاصل ڪن، پوءِ به گهڻا ماڻهو ناشڪري ڪرڻ کان نه رهيا.

  51. ۽ جيڪڏهن اسين گهرون ها ته سڀ ڪنهن ڳوٺ ۾ (خدا جي عذاب کان) هڪ ڊيڄاريندڙ (رسول) موڪليون ها.

  52. ته (اي رسول) تون ڪافرن جو چيو نه مڃج! ۽ انهن سان قرآني (دليلن سان) چڱي طرح وڙھ!

  53. ۽ هو، اهو (خدا) جنهن ٻن دريائن کي (پاڻ ۾) ملايو. ۽ (اگرچه) هي خالص مزيدار مٺو آهي ۽ هيءُ کارو ڪوڙو آهي (تڏهن به ملايوسون) ۽ اسان انهن ٻنهي جي وچ ۾ هڪ آڙ ۽ مضبوط بند بنايو آهي (ته گڙ بڙ نه ٿئي).

  54. ۽ هو اهو آهي جنهن پاڻي (منيءَ) مان ماڻهو پيدا ڪيو، پوءِ ان کي خاندان ۽ ساهراڻيءَ مائٽي وارو ڪيائين ۽ (رسول) تنهنجو پروردگار هر ڳالھ تي قادر آهي.

  55. ۽ ماڻهو (مڪي جا ڪافر) خدا کي ڇڏي اهڙي اهڙي شي کي پوڄين ٿا جا نه کين فائدو پهچائي ٿي ۽ نه کين نقصان پهچائي ٿي ۽ ڪافر (ابو جهل) پنهنجي پالڻهار جي برخلاف هر وقت ڪمر ٻڌي بيٺو آهي.

  56. ۽ (اي رسول) تو کي ته رڳو (نيڪ ماڻهن کي جنت جي) خوشخبري ڏيڻ وارو ۽ (برن کي عذاب کان) ڊيڄارڻ وارو بڻائي موڪليو آهي.

  57. تون کين چئو ته آءُ اوهان کان هن (تبليغ رسالت) جي ڪا به اجرت نٿو گهران هن کان سواءِ ته جيڪو چاهي سو پنهنجي پالڻهار تائين پهچڻ واري راھ (مستقيم) اختيار ڪري.

  58. ۽ (اي رسول) تون ان (خدا) تي ڀروسو رک جيڪو اهڙو جيئرو آهي جو ڪڏهين نه مرندو ۽ سندس حمد ۽ ثنا جي تسبيح پڙھ. ۽ اهو پنهنجن بندن جي گناهن جي واقف ڪاريءَ ۾ ڪافي آهي، (اهو پاڻ سمجهندو).

  59. جنهن آسمانن ۽ زمين کي ۽ جو ڪجھ انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي تنهن کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو پوءِ عرش (جي بنائڻ) تي آمادھ ٿيو ۽ اهو وڏو مهربان آهي ته تون ان جو حال ڪنهن داناءَ کان ئي پڇ.

  60. ۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته رحمان (خدا) کي سجدو ڪريو ته چون ٿا ته رحمان ڇا آهي؟ جنهن کي تون حڪم ڪرين ٿو تنهن کي سجدو ڪريون ڇا؟ ۽ (ان چوڻ سان) انهن جي نفرت اڃا به وڌي وئي.

  61. وڏيءَ برڪت وارو اهو (خدا) آهي جنهن آسمان ۾ برج بنايا ۽ ان ۾ چراغ (سج) ۽ روشن چنڊ بنايائين.

  62. ۽ هو اهو (خدا) جنهن رات ۽ ڏينهن کي هڪ ٻئي جي جاءِ تي ايندڙ بنايو ان (ماڻهوءَ جي سمجهڻ) لاءِ جيڪو نصيحت حاصل ڪرڻ گهري ٿو يا شڪر ڪرڻ جو ارادو ڪري ٿو.

  63. ۽ رحمان جا ٻانها اهي آهن جيڪي زمين تي نرميءَ سان هلن ٿا ۽ جڏهن جاهل انهن سان (جهالت جي) ڳالھ ڪن ٿا ته چون ٿا سلام (اوهين سلامت رهو).

  64. ۽ اهي شخص جيڪي پنهنجي پروردگار جي لاءِ سجدي ۾ ۽ بيهندي رات گذارين ٿا.

  65. ۽ جيڪي دعا گهرن ٿا ته اي اسان جا پالڻهار! اسان کان دوزخ جو عذاب ٽار! ڇو ته ان جو عذاب تمام (سخت ۽) مضبوط آهي.

  66. بيشڪ اها ٽڪڻ جي بري جاءِ ۽ رهڻ جي بڇڙي جاءِ آهي.

  67. ۽ جيڪي جڏهن خرچ ڪن ٿا ته نه اجايو خرچ ڪن ٿا ۽ نه ڪنجوسي ڪن ٿا ۽ (سندن خرچ ڪرڻ) انهن ٻنهي جي وچ ۾ درميانو آهي.

  68. ۽ جيڪي خدا سان گڏ ٻئي ڪنهن به معبود جي عبادت نه ٿا ڪن ۽ نه اهڙي جان جو خون ڪن ٿا جنهن جو مارڻ خدا حرام ڪيو آهي، مگر حق سان ۽ نه زنا ڪن ٿا. ۽ جيڪو اهي (ڪم) ڪندو سو پاڻ پنهنجي گناھ جي سزا ڀوڳيندو.

  69. ان لاءِ قيامت جي ڏينهن عذاب ٻيڻو ڪيو ويندو ۽ خوار ٿي ان ۾ پيو رهندو.

  70. پر جن توبه ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ سٺا سٺا ڪم ڪيا ته (پوءِ) انهن جي بڇڙاين کي خدا نيڪين سان بدلائيندو. ۽ خدا ته وڏو بخشڻهار مهربان آهي.

  71. ۽ جنهن شخص توبه ڪئي ۽ چڱا ڪم ڪيا ته بيشڪ اهو خدا ڏي (سچي دل سان) رجوع ٿيو.

  72. پڻ اهي ماڻهو جيڪي فريب وٽ نٿا بيهن ۽ جڏهن اجاين ڪمن وٽان لنگهن ٿا ته چڱن ماڻهن وانگر لنگهي وڃن ٿا.

  73. ۽ اهي جن کي جڏهن سندن پالڻهار جون آيتون ياد ڏيارجن ٿيون ته ٻوڙا انڌا ٿي نٿا ڪرن (پر دل سان ٻڌن ٿا).

  74. ۽ اهي شخص جيڪي (اسان کي) عرض ڪندا رهن ٿا ته اي اسان جا رب! اسان جي زالن ۽ اسان جي اولاد مان اسان کي اکين جو ٺار عطا ڪر ۽ اسان کي پرهيزگارن جو پيشوا ڪر.

  75. هي اهي ماڻهو آهن جن کي ان جي جزا ۾ (بهشت جا) بالا خانا عطا ڪيا ويندا ۽ اتي انهن جي تعظيم ۽ سلام سان آجيان ڪئي ويندي.

  76. اهي ماڻهو ان ۾ هميشه رهندا ۽ اها رهڻ ۽ آرام ڪرڻ جي ڪهڙي (نه) سٺي جاءِ آهي.

  77. (اي رسول! کين) چئو ته جيڪڏهن اوهين دعا نٿا گهرو ته منهنجي پالڻهار کي به اوهان جي ڪا پرواھ نه آهي ڇو ته اوهان (سندس رسول کي) ڪوڙو ڪيو آهي پوءِ اڳتي هلي اوهان تي (عذاب) لازم ٿيندو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found