اربع, 20 نومبر 2019 - Wed 11 20 2019

منو

سورت نور

ٽوٽل آيتون: 64

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. هي هڪ سورت آهي جا اسان نازل ڪئي آهي ۽ ان جا (حڪم) فرض ڪيا اٿئون ۽ ان ۾ پڌريون آيتون نازل ڪيون اٿئون ته جيئن اوهين (غور ڪري) سبق حاصل ڪريو.

  2. زنا ڪندڙ زال ۽ زنا ڪندڙ مرد، سو ٻنهين مان هر هڪ کي سو لڪڻ هڻو ۽ جيڪڏهن اوهين خدا ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آڻيو ٿا ته خدا جو حڪم جاري ڪرڻ ۾ اوهان کي مٿن ڪجھ به ترس يا لحاظ نه ڪرڻ گهرجي پڻ انهن ٻنهين جي سزا جي وقت مومنن جي هڪ جماعت موجود هئڻ گهرجي.

  3. زنا ڪرڻ وارو مراد، زنا ڪرڻ واري زال يا مشرڪه زال سان نڪاح ڪندو پڻ زنا ڪرڻ واري زال به زنا ڪرڻ واري مرد يا مشرڪ سان ڪندي. ۽ سچن ايماندارن تي ته ان قسم جا تعلقات حرام آهن.

  4. ۽ جيڪي ماڻهو پاڪدامن عورتن تي (زنا جي) تهمت هڻن ۽ وري (پنهنجي ڳالھ جا) چار شاهد پيش نه ڪن ته انهن کي اسي لڪڻ هڻو ۽ (اڳتي) انهن جي شاهدي ڪڏهن به قبول نه ڪريو ۽ (ياد رکو ته) اهي ماڻهو پاڻ بدڪار آهن.

  5. پر هاءُ! جن شخصن ان کان پوءِ توبه ڪئي ۽ پاڻ سڌاريائون ته بيشڪ خدا وڏو بخشڻهار مهربان آهي.

  6. ۽ جيڪي ماڻهو پنهنجين زالن تي (زنا جو) عيب لڳائين ۽ (ان جي ثابتيءَ ۾) انهن کان سواءِ ٻيو ڪو به شاهد نه هجي ته اهڙن ماڻهن مان هڪ جي شاهدي چار ڀيرا (هن طرح) هوندي جو اهو ماڻهو (ڀيري ڀيري سان) خدا جو قسم کائي ڳالھ ڪري ۽ اهو (پنهنجي دعوى ۾) ضرور سچو آهي.

  7. ۽ پنجين ڀيري هئين (چوندو) ته جيڪڏهن اهو ڪوڙ ٿو ڳالهائي ته ان تي خدا جي لعنت آهي.

  8. ۽ عورت (جي سر) تان هن ريت سزا ٽري سگهي ٿي جو اها چار دفعا خدا جو قسم کڻي چوي ته هي ماڻهو (سندس مڙس دعوى ۾) پڪ ڪوڙو آهي

  9. ۽ پنجين دفعي چوي ته جيڪڏهن هي ماڻهو (پنهنجي دعوى ۾) سچو آهي ته مون تي خدا جو غضب پوي.

  10. ۽ جيڪڏهن اوهان تي خدا جو فضل (۽ ڪرم) ۽ سندس مهرباني نه هجي ها ته (تون ڏسين ها ته تهمت لڳائڻ وارن جو حال ڪهڙو ٿو ٿئي) ۽ بيشڪ خدا وڏو توبه قبول ڪرڻ وارو حڪيم آهي.

  11. بيشڪ جن ماڻهن ڪوڙي تهمت هنئين اهو توهان مان ئي هڪ جماعت آهي. اوهين پنهنجي لاءِ ان تهمت کي برو نه سمجهو پر اها اوهان جي حق ۾ چڱي آهي. انهن مان جنهن شخص جيترو به گناھ ڪيو سو پنهنجي (سزا) کي پاڻ ڀوڳيندو ۽ انهن مان جنهن شخص ان تهمت جو وڏو حصو (پاڻ تي) کنيو تنهن جي لاءِ تمام (سخت) سزا هوندي.

  12. ۽ جڏهن اوهان ماڻهن ان کي ٻڌو ته تنهن وقت (ئي) مومن مردن ۽ مومن عورتن پنهنجن ماڻهن ۾ نيڪيءَ جو گمان ڇو ڪين ڪيو ۽ هينئن ڇو نه چيائون ته هي ته ظاهر (ظهور) تهمت آهي.

  13. ۽ جن ماڻهن تهمت هنئين هئي تن پنهنجي سچائي جي ثبوت لاءِ چار شاهد ڇو ڪين پيش ڪيا؟ پوءِ جڏهن انهن شاهد پيش نه ڪيا ته خدا وٽ اهي ئي ماڻهو ڪوڙا آهن.

  14. ۽ جيڪڏهن اوهان ئي دنيا ۽ آخرت ۾ خدا جو فضل ۽ رحمت نه هجي ها ته ان ڳالھ جي چوٻولي ڪرڻ ۾ اوهان تي تمام (سخت) عذاب اچي وٺي.

  15. جنهن وقت اوهان ان ڳالھ کي پنهنجي زبانن تي آندو ٿي ۽ پنهنجي وات سان اها ڳالھ چئي جنهن جو اوهان کي علم ۽ يقين نه هو ۽ (وڏي ڳالھ ته) اوهان ان کي سولو ٿي سمجهيو پر خدا وٽ اها ڳالھ تمام وڏي (سخت ڳالھ) هئي.

  16. ۽ جڏهن اوهان اها ڳالھ ٻڌي تڏهن اوهان ڇو نه چيو ته اسان کي اها ڳالھ ڪرڻ مناسب نه آهي. سبحان الله! هي وڏو بهتان آهي.

  17. خدا توهان کي نصيحت ڪري ٿو جيڪڏهن اوهين سچا ايماندار آهيو ته ياد رکو! وري ڪڏهن به ائين نه ڪجو.

  18. ۽ خدا اوهان سان (پنهنجا) حڪم صاف صاف بيان ڪري ٿو ۽ خدا ته وڏو ڄاڻڻهار حڪيم آهي.

  19. بيشڪ جيڪي ماڻهو ايمان وارن ۾ بدڪاريءَ جي تهمت پڪڙجڻ کي پسند ڪن ٿا، تن لاءِ دنيا (۽ آخرت ۾ دردناڪ عذاب آهي. ۽ خدا (اصل حال کي) چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ۽ اوهين نٿا ڄاڻو.

  20. ۽ جيڪڏهن اوهان تي خدا جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي ها. ۽ هيءَ ڳالھ به ته خدا (پنهنجي بندن تي) شفقت ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي (ته توهين ڏسو ها ڇا ٿئي ها).

  21. اي ايمان وارو! شيطان جي وکن تي نه هلو! ۽ جيڪو شيطان جي وکن تي هليو ڇو ته هو يقينا بدڪاري ۽ بڇڙي ڪم (ڪرڻ) جو حڪم ڪري ٿو. ۽ جيڪڏهن اوهان تي، الله جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي ها ته اوهان مان ڪو به پاڪ صاف نه هجي ها پر خدا جنهن کي گهري ٿو تنهن کي پاڪ صاف ڪري ٿو. ۽ خدا وڏو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.

  22. ۽ اوهان مان جيڪي ماڻهو دولت ۽ آسودگيءَ وارا آهن سي مٽن مائٽن ۽ مسڪينن ۽ خدا جي راھ ۾ وطن ڇڏيندڙن کي ڏيڻ کان قسم نه کڻن، پر کين گهرجي ته (انهن جي خطا) معاف ڪن ۽ وساري ڇڏين. ڇا اوهين هيءَ ڳالھ پسند نٿا ڪريو ته خدا توهان جي خطا معاف ڪري. ۽ خدا ته معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.

  23. بيشڪ جيڪي ماڻهو پاڪ دامن بي خبر ايمان وارين زالن تي (بدڪاريءَ) جي تهمت هڻن ٿا، تن تي دنيا ۽ آخرت ۾ (خدا جي) لعنت آهي ۽ انهن لاءِ سخت عذاب آهي.

  24. جنهن ڏينهن مٿن سندن زبانون ۽ سندن هٿ ۽ سندن پير جيڪي ڪندا هئا، تنهن جي شاهدي ڏيندا.

  25. ان ڏينهن الله انهن کي سندن صحيح پورو بدلو ڏيندو ۽ اهي ڄاڻندا ته الله ئي سچو ۽ حق کي ظاهر ڪرڻ وارو آهي.

  26. بڇڙيون زالون بڇڙن مردن لاءِ (مناسب) آهن ۽ بڇڙا مرد بڇڙين زالن لاءِ آهن. ۽ چڱيون زالون چڱن مردن لاءِ (مناسب) آهن ۽ چڱا مرد چڱين زالن لاءِ آهن. بهتان رکندڙ ماڻهو جيڪا ڳالھ انهن بابت بڪن ٿا تنهن کان اهي پاڪ صاف آهن. اهڙن ئي (پاڪ ماڻهن) لاءِ (آخرت ۾) معافي ۽ عزت ڀري روزي آهي.

  27. اي ايمان وارو! اوهين پنهنجن گهرن کان سواءِ ٻين گهرن ۾ داخل نه ٿيو، ايستائين جو اجازت وٺو ۽ ان جي رهڻ وارن تي سلام ڪريو. اهو اوهان لاءِ گهڻو چڱو آهي. (هيءَ سمجهاڻي هن ڪري آهي ته) من اوهين ياد رکو.

  28. پوءِ جيڪڏهن انهن ۾ ڪو اوهان کي نه ملي ته انهن ۾ (ايستائين) داخل نه ٿيو جيستائين اوهان کي اجازت (نه) ڏني وڃي. ۽ جيڪڏهن اوهان کي چيو وڃي ته ”موٽي وڃو” ته (پوءِ) موٽي وڃو! اها (ڳالھ) اوهان لاءِ تمام سٺي آهي. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي خدا چڱي طرح ڄاڻي ٿو.

  29. اوهان تي هن ۾ ڪو گناھ نه آهي ته غير آباد گهرن ۾ داخل ٿيو جتي اوهان جو سامان هجي. ۽ اوهين جيڪي ظاهر ڪريو ٿا ۽ جيڪي لڪايو ٿا تنهن کي خدا ڄاڻي ٿو.

  30. (اي رسول) ايمان وارن کي چئو ته پنهنجيون اکيون هيٺ ڪن ۽ پنهنجن اگهڙن کي بچائين. اها انهن لاءِ تمام چڱي ڳالھ آهي اهي ماڻهو جيڪي ڪن ٿا بيشڪ خدا تنهن کان ڀليءَ ڀت خبردار آهي.

  31. ۽ (اي رسول) ايمان وارين عورتن کي به چئو ته اهي به پنهنجيون اکيون هيٺ ڪن ۽ پنهنجي اگهڙن کي بچائين، ۽ پنهنجي سينگار جي جاين کي (ڪنهن تي) ظاهر نه ڪن پر جو خود بخود ظاهر ٿئي ٿو (لڪي نٿو سگهي) تنهن ۾ ڏوھ نه آهي ۽ کين گهرجي ته پنهنجيون پوتيون پنهنجين ڇاتين تي وجهن ۽ پنهنجو سينگار ظاهر نه ڪن مگر پنهنجن مڙسن اڳيان يا پنهنجي پيءُ ڏاڏن يا سهرن يا پنهنجي پٽن يا پنهنجن مڙسن جي پٽن کان يا ڀائرن کان يا پنهنجن ڀاڻيجن کان يا پنهنجي زالن (جي اڳيان) يا ٻانهين (اڳيان) يا خدمتگار پوڙها مرد جن کي (زالن ڏي) ڪو خيال نه آهي، يا اهي ٻار جيڪي اڃان زالن جي اگهڙن کان واقف نه ٿيا هجن (تن جي اڳيان ڀلي ظاهر ڪن) ۽ هلڻ ۾ پنهنجا پير زمين تي اهڙي طرح نه رکن جنهن کان ماڻهن کي سندن لڪل سينگار (زيورن جو آواز وغييره) جي خبر پوي. ۽ ايمان وارو! اوهين گڏجي پنهنجي پالڻهار جي اڳيان توبه ڪريو ته من اوهين ڪامياب ٿيو.

  32. ۽ اوهين پاڻ مان بنا مڙس زالن ۽ پنهنجن ٻانهن ۽ ٻانهين مان نيڪ بختن کي پرڻايو جيڪڏهن اهي غريب هوندا ته خدا پنهنجي فضل (۽ ڪرم) سان کين آسودو ڪندو. ۽ خدا گهڻو عطا ڪندڙ (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ آهي.

  33. ۽ جيڪي نڪاح جي طاقت نٿا رکن تن کي پاڪدامن رهڻ گهرجي تان جو خدا کين پنهنجي فضل (۽ ڪرم) سان آسودو ڪري. ۽ اوهان جي ٻانهن مان جيڪي مال ڏيئي (پنهنجي) آزادي گهرن تن ۾ جيڪڏهن اوهين ڪا صلاحيت ڏسو ته کين لکيل آزادي ڏيو. ۽ کين خدا جي ان مال مان ڏيو جو اوهان کي ڏنو اٿس. ۽ اوهان جون ٻانهيون جيڪڏهن پاڪدامن رهڻ گهرن ته دنياوي زندگيءَ جي فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن کي زنا ڪرڻ تي مجبور نه ڪريو ۽ جيڪو کين مجبور ڪندو ته انهن جي مجبور ٿيڻ کان پوءِ (به) خدا (انهن ٻانهين کي) معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.

  34. ۽ (ايمان وارو!) بيشڪ اسان اوهان ڏي پڌريون آيتون ۽ جيڪي اوهان کان اڳ گذري چڪا آهن تن جو ڪجھ حال ۽ پرهيزگارن لاءِ نصيحت نازل ڪئي آهي.

  35. خدا ته آسمان ۽ زمين جو نور آهي. تنهن جي نور جو مثل اهڙو آهي جهڙو هڪ روشندان (سينو) آهي تنهن ۾ هڪ روشن چراغ (شريعت جو علم) هجي ۽ (اهو) چراغ شيشي جي قنديل (دل) ۾ هجي (۽) قنديل (ايتري قدر شفاف هجي جو) ڄڻ اهو موتيءَ وانگر چمڪندڙ تارو، (اهو چراغ) زيتون جي اهڙي مبارڪ وڻ (جي تيل) سان روشن ڪيو وڃي جو نه اڀرندي ۾ آهي ۽ نه الهندي ڏي. (بلڪ بلڪل وچ) ميدان ۾، سندس تيل (اهڙو صاف شفاف هجي جو) جيتوڻيڪ باھ کيس ڇهي نه! ته تڏهن به ائين معلوم ٿئي ته پاڻ ئي پاڻ روشن ٿي ويندو (مطلب ته هڪ نور نه آهي پر) نور على نور آهي (يعني نور مٿان نور آهي) خدا جنهن کي گهري تنهن کي پنهنجيءَ روشني جو رستو ڏيکاري ٿو. ۽ خدا ماڻهن (جي سمجهائڻ) لاءِ مثال بيان ڪري ٿو، ۽ الله سڀ ڪنهن شيءَ کي ڄاڻندڙ آهي،

  36. ۽ اها (قنديل) انهن گهرن ۾ روشن آهي جن لاءِ خدا حڪم ڏنو آهي ته انهن جي عزت ڪئي وڃي ۽ انهن ۾ سندس نالو ورتو وڃي جنهن ۾ صبح ۽ شام سندس تسبيح ڪندا آهن.

  37. اهڙا شخص جي کي خدا جو ذڪر ۽ نماز پڙهڻ ۽ زڪوات ادا ڪرڻ کان نه واپار ۽ نه سودو غافل ڪري ٿو. هي اهڙي ڏينهن کان ڊڄن ٿا جنهن ۾ (خوف کان) دليون ۽ اکيون ڦري وينديون.

  38. (سندس عبادت هن لاءِ ڪن ٿا) ته جيئن انهن جيڪو چڱو ڪم ڪيو آهي تنهن جو خدا کين سٺي کان سٺو بدلو عطا ڪري. ۽ پنهنجي فضل (۽ ڪرم) سان کين اڃا به وڌائي ڏئي، ۽ خدا جنهن کي گهري ٿو، تنهن کي بيحساب روزي ڏئي ٿو.

  39. ۽ جن ڪفر اختيار ڪيو، تن جا عمل رڻ پٽ جي رڃ وانگر آهن، جو اڃايل ان کي پاڻي خيال ڪري، تان جو جڏهن ان وٽ اچي ته ڪا شي نه لهي (۽ اڃ ۾ ڦتڪي مري) ۽ خدا کي اتي لهي ته سندس حساب (ڪتاب) پورو پورو چڪائي ڏنو، ۽ خدا ته تمام جلد حساب ڪرڻ وارو آهي.

  40. يا (ڪافرن جا عمل) اونهي دريا جي اونداهين وانگر آهن جيئن هڪ لهر جي مٿان ٻي لهر ڍڪي مٿانئس (تھ تي تھ) چاڙهي (بلڪ) اونداهيون هڪ ٻئي جي مٿان هجن. جڏهن هٿ ٻاهر ڪڍي ته اهو به ڏسڻ ۾ نه اچي ۽ جنهن کي خدا (هدايت جي) روشني نه ٿو ڏي تنهن لاءِ (ڪٿي به) روشني نه آهي.

  41. (اي شخص) ڇا تو نه ڏٺو آهي ته جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهن سي ۽ پکي پر پکيڙي خدا جي پاڪائي بيان ڪن ٿا. سڀ ڪو پنهنجي عبادت ۽ تسبيح جو طريقو چڱي طرح ڄاڻي ٿو. ۽ جيڪي اهي ڪن ٿا خدا تنهن کان خوب واقف آهي.

  42. ۽ سڀني آسمانن ۽ زمين جي سلطنت خاص خدا جي لاءِ ئي آهي پڻ خدا جي طرف ئي (سڀ کي) موٽڻو آهي.

  43. ڇا تو هن (ڳالھ) تي نظر نه ڪئي ته بيشڪ خدا ڪڪرن کي هلائي ٿو وري انهن کي تھ به تھ ڪري ٿو پوءِ تون انهن جي وچان مينهن وسندو ڏسين ٿو ۽ ڪڪرن ۾ جي ڳڙن جا جبل آهن تن مٿان (ڳڙا) وسائي ٿو پوءِ جنهن تي گهري ٿو تنهن تي انهن (ڳڙن) سان تڪليف آڻي ٿو ۽ جنهن تان گهري ٿو تنهن تان انهن کي ٽاري ٿو ان جي وڄ جو چمڪاٽ اکيون ٿو نئي.

  44. خدا ئي رات ۽ ڏينهن کي ڦيرائي (گهيرائي) ٿو. بيشڪ ان ۾ اکين وارن لاءِ وڏي عبرت آهي.

  45. ۽ خدا ئي سڀ ڪنهن جاندار کي پاڻيءَ مان پيدا ڪيو آهي، پوءِ انهن مان ڪو پيٽ ڀر هلي ٿو ته ڪو انهن مان ٻن پيرن تي هلي ٿو ۽ انهن مان ڪو چئن (پيرن) تي هلي ٿو. خدا جيڪي چاهي ٿو سو پيدا ڪري ٿو. بيشڪ خدا سڀ ڪنهن شي تي قدرت رکندڙ آهي.

  46. اسان ئي پڪ پڌريون آيتون نازل ڪيون پڻ الله ئي جنهن کي گهري ٿو تنهن کي سڌو رستو ڏيکاري ٿو.

  47. ۽ (ڪي ماڻهو اهڙا به آهن) جي چون ٿا ته اسان خدا ۽ رسول تي ايمان آندو ۽ فرمانبرداري قبول ڪئي، وري ان کان پوءِ انهن مان ڪي ماڻهو (خدا جي حڪم کان) منهن موڙ ڪن ٿا، (سچ ته) اهي ماڻهو ايمان وارا هئا ئي ڪين.

  48. پڻ جڏهين اهي ماڻهو خدا ۽ سندس رسول ڏي سڏايا وڃن ٿا ته جيئن رسول سندن ڪيل جهڳڙن جو فيصلو ڪري ته انهن مان هڪ ٽولو منهن موڙي ٿو.

  49. ۽ (اصل ڳالھ هئين آهي ته) جيڪڏهن حق انهن جي پاسي هجي ها ته سر جهڪائي (ماٺ ۾) رسول ڏي ڊڪندا اچن ها.

  50. ڇا انهن جي دلين ۾ (ڪفر جو) روڳ (اڃا) آهي يا شڪ ۾ پيا آهن يا هن ڳالھ کان ڊڄن ٿا ته (متان) خدا ۽ ان جو رسول انهن تي زيادتي ڪن (ٻيو ڪجھ نه آهي) پر اهي پاڻ ظالم آهن.

  51. ايمان وارن جو قول ته رڳو هي آهي ته جڏهن کين خدا ۽ رسول ڏي سڏايو وڃي ٿو هن لاءِ ته سندن پنهنجن جهيڙن جو فيصلو ڪريون ته چون ٿا ته اسان (حڪم) ٻڌو ۽ (دل سان) مڃيو، پڻ اهي ئي ماڻهو (آخرت ۾) ڪامياب ٿيڻ وارا آهن.

  52. ۽ جو شخص خدا ۽ سندس رسول جو حڪم مڃي ۽ خدا کان ڊڄي ۽ ان (جي نافرمانيءَ) کان پڻ بچائيندو رهندو ته اهڙا ئي شخص پنهنجيءَ مراد کي پهچندا.

  53. ۽ (اي رسول) انهن (منافقن تنهنجي تابعداري بابت) خدا جا سخت کان سخت قسم کنيا آهن ته جيڪڏهن حڪم ڪرين ته يڪدم (گهرٻار ڇڏي) نڪري پئون، تو کين چئو ته قسم نه کڻو (باقي) دستور وانگر تابعداري ان کان چڱي آهي ۽ بيشڪ اوهان جو ڪجھ ڪريو ٿا خدا تنهن کان خبردار آهي.

  54. (اي رسول کين) چئو ته خدا جي تابعداري ڪريو پوءِ جيڪڏهن منهن ڦريندو ته رسول تي رڳو ايترو ئي (پهچائڻ) واجب آهي جيترو مٿس بار رکيل آهي پڻ جنهن جا ذمه دار اوهين ڪيا ويا آهيو اوهان تي واجب آهي. پر جيڪڏهن سندس اطاعت ڪندو ته هدايت حاصل ڪندو ۽ رسول تي ته رڳو صاف طور تي (احڪام جو) پهچائڻ (فرض ڪيل) آهي.

  55. (اي ايمان وارو!) اوهان مان جن ايمان قبول ڪيو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن سان خدا وعدو ڪيو آهي ته اهو کين (هڪ نه هڪ ڏينهن) سموري زمين تي ضرورو (پنهنجو) نائب مقرر ڪندو جيئن انهن کان اڳين کي نائب ڪيائين پڻ جنهن دين (اسلام) کي ان انهن لاءِ پسند ڪيو آهي تنهن تي کين ضرور پوري طاقت عطا ڪندو پڻ سندن ڊپ کان پوءِ (هنن جي هراس کي) امن سان ضرور بدلائيندو جو اهي (دلجاءِ سان) منهنجي ئي عبادت ڪندا ۽ ڪنهين کي منهنجو شريڪ نه ڪندا. ۽ جو شخص ان کان پوءِ ناشڪري ڪندو ته اهڙا ئي ماڻهو بدڪار آهن.

  56. ۽ (اي ايمان وارو!) نماز پابندي سان پڙهندا ڪريو ۽ زڪوات ڏيندا رهو ۽ (دل سان) رسول جي حڪم تي هلو ته جيئن اوهان تي رحم ڪيو وڃي.

  57. ۽ (اي رسول) تون اهو خيال نه ڪر ته ڪافر (هيڏي هوڏي) زمين ۾ (پکڙي اسان کي عاجز ڪري ڇڏيندا. (اهي پاڻ عاجز ٿي پوندا) ۽ سندن جاءِ ته جهنم (ئي) آهي ۽ ڪهڙي (نه) بڇڙي جاءِ آهي.

  58. اي ايمان وارو! توهان جون ٻانهيون، غلام ۽ اهي ٻار جي اڃا ساماڻا نه هجن تن کي به گهرجي ته (ڏينهن رات ۾ ٽي) ڀيرا (ٽن وقتن ۾ اوهان وٽ) اچڻ جي اجازت سان اندر اچن. صبح جي نماز کان اڳي، ۽ جڏهن اوهين (گرميءَ ڪري) منجهند جو پنهنجا ڪپڙا لاهي رکو ٿا، ۽ سهمڻي جو نماز کان پوءِ (اهي) ٽي وقت اوهان جي پردي ڪرڻ جا آهن. انهن (وقتن) کان سواءِ (بنا اجازت اچڻ ۾) نه ته اوهان تي ڪو الزام آهي (۽) نه انهن تي (ڇو جو) اهي اوهان مان ڪي ڪنهن وٽ ۽ ڪي ڪنهن وٽ (ضرورت سان يا ائين ئي) اڃن وڃن ٿا. اهڙي طرح الله اوهان لاءِ آيتون بيان ڪري ٿو ۽ الله (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.

  59. ۽ (اي ايمان وارو!) جڏهن اوهان جا ٻار بلوغت کي پهچن ته جيئن انهن کان اڳ (وڏي عمر وارا گهر ۾ اچڻ جي) اجازت وٺي ايندا هئا تئين اهي به اجازت وٺي اچن. اهڙيءَ طرح الله اوهان لاءِ (پنهنجيون) آيتون بيان ڪري ٿو. ۽ الله ته وڏو ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.

  60. ۽ ٻڍيون زالون جن کي شاديءَ جي اميد نه (رهي) آهي سي جيڪڏهن پنهنجا ڪپڙا (پوتيون) لاهي (مٿو اگهاڙو ڪري) ڇڏين ته ان ۾ مٿن ڪو ڏوھ نه آهي، (پر ڌارين اڳيان) سينگار ظاهر ڪرڻ واريون نه هجن ۽ (ان کان به) بچن ته انهن لاءِ گهڻو چڱو آهي ۽ خدا (سڀني جو سڀ ڪجھ) ٻڌندڙ (۽) ڄاڻندڙ آهي.

  61. هن ڳالھ ۾ نه انڌي تي ڪا پابندي آهي ۽ نه منڊي تي ڪو الزام آهي ۽ نه بيمار تي ڪو ڏوھ آهي ۽ نه خود اوهان تي جو پنهنجي گهرن مان کاڌو کائو يا پنهنجي ابن ڏاڏن نانن (وغيره) جي گهرن مان يا پنهنجي ماءُ، ڏاڏي، ناني (وغيره) جي گهرن مان يا پنهنجي ڀائرن جي گهرن مان يا پنهنجين ڀينرن جي گهرن مان يا پنهنجي چاچن جي گهرن مان يا پنهنجي پڦين جي گهرن مان يا پنهنجي ماسين جي گهرن مان يا جن گهرن جون ڪنجيون اوهان وٽ آهن يا پنهنجي دوستن (جي گهرن) مان کائو. هن ۾ به اوهان تي ڪوئي الزام نه آهي ته سڀئي گڏجي کائو يا جدا جدا ٿي پوءِ جڏهن گهرن ۾ وڃو ۽ (اتي ڪنهن کي نه ڏسو) ته پاڻ تي سلام ڪندا ڪريو جو خدا جي طرف کان به هڪ مبارڪ پاڪ ۽ پاڪيزه تحفو آهي. اهڙيءَ طرح خدا توهان کي ڳالهيون کولي ٻڌائي ٿو ته من اوهين عقل کان ڪم وٺو.

  62. سچا ايمان وارا اهي آهن جن خدا ۽ سندس رسول تي ايمان آندو ۽ جڏهن ڪنهن اهڙي ڪم جي لاءِ جنهن ۾ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ جي ضرورت آهي رسول وٽ (گڏ) ٿين ٿا ته جيستائين ان کان اجازت (نه) وٺن تيستائين (ڪيڏانهن) نه ٿا وڃن. (اي رسول) بيشڪ جيڪي تو کان اجازت وٺن ٿا سي ئي (دل سان) خدا ۽ سندس رسو تي ايمان آڻڻ وارا آهن. ته جڏهن اهي ماڻهو پنهنجي ڪنهن ڪم جي لاءِ تو کان اجازت گهرن ته تون انهن مان جنهن کي (مناسب ڄاڻي) گهرين ته اجازت ڏيندو ڪر پڻ خدا کان ان جي معافيءَ جي دعا به ڪر بيشڪ خدا وڏو بخشڻهار مهربان آهي.

  63. (اي ايمان وارو) جيئن اوهين پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي (نالو وٺي) سڏيو ٿا تئين اوهين رسول کي نه سڏيندا ڪريو. خدا انهن کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو. جي اوهان مان وجھ ڏسي (رسول وٽان) لڪي کسڪي وڃن ٿا. سو جيڪي ان جي حڪم جي ابتڙ هلن ٿا سي هن ڳالھ کان ڊڄن ٿه متان مٿن ڪا آفت اچي پوي يا کين دردناڪ عذاب پهچي.

  64. خبردار رهو! بيشڪ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو (سڀ) يقينا الله جو ئي آهي. جنهن حال تي اوهين آهيو تنهن کي خدا چڱي طرح ڄاڻي ٿو ۽ جنهن ڏينهن سڀني کي ان ڏي موٽايو ويندو ته پوءِ جيڪي ڪيو هوندائون سو ٻڌائيندو ۽ خدا سڀ شي کي ڄاڻندڙ آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found