آچر, 19 مئي 2019 - Sun 05 19 2019

منو

سورت م‍ؤمنون

ٽوٽل آيتون: 118

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. البت اهي ايمان وارا ڪامياب ٿيا.

  2. جي پنهنجي نماز ۾ عاجزي ڪندڙ آهن.

  3. ۽ جيڪي بيهوده ڳالهين کان منهن موڙيندڙ آهن.

  4. ۽ جيڪي زڪوات ڏيندڙ آهن،

  5. ۽ جيڪي (پنهنجين) اگهڙن کي (حرام کان) بچائيندڙ آهن،

  6. پر پنهجين زالن ۽ پنهنجين (خريد ڪيل) ٻانهين کانسواءِ، انهن تي ڪو به الزام مڙهي نه ٿو سگهجي.

  7. پوءِ جيڪي ان کان سواءِ (ڪنهين ٻئي طريقي سان شهوت پرستي جي) آرزو ڪندا ته اهڙا ئي ماڻهو حد کان وڌي وڃڻ وارا آهن.

  8. ۽ جي پنهنجين امانتن ۽ پنهنجي انجام جو لحاظ رکن ٿا.

  9. ۽ جيڪي پنهنجين نمازن جي پابندي ڪن ٿا.

  10. (آدم جي اولاد ۾) اهي ئي ماڻهو سچا وارث آهن.

  11. جيڪي بهشت برين جو حصو وٺندا. (۽) اهي ئي انسان ان ۾ هميشه (جيئرا) رهندا.

  12. ۽ اسان انسان کي آلي مٽيءَ جي جوهر مان پيدا ڪيو.

  13. پوءِ اسان ان کي هڪ جڳھ (عورت جي رحم) ۾ نطفو بڻائي رکيو.

  14. پوءِ اسان ئي نطفي کي ڄميل رت بنايو پوءِ اسان ئي ان ڄميل رت مان گوشت جو لوٿڙو بنايو پوءِ اسان ئي لوٿڙي جون هڏيون بنايون پوءِ اسان ئي هڏين کي گوشت چاڙهيو پو اسان ئي ان کي (روح وجهي) هڪ ٻي صورت ۾ پيدا ڪيو ته (سبحان الله) خدا بابرڪت آهي جو سڀني کان چڱو بنائيندڙ آهي.

  15. وري ان کان پوءِ بيشڪ اوهان سڀني کي (هڪ نه هڪ ڏينهن) مرڻو آهي.

  16. تنهن کان پوءِ قيامت جي ڏينهن اوهين سڀئي قبرن مان اٿاريا ويندا.

  17. ۽ اسان ئي اوهان جي (مٿان تھ تي تھ) ست آسمان بنايا ۽ اسين مخلوق کان بي خبر نه آهيون.

  18. پڻ اسان ئي آسمان مان هڪ اندازي سان پاڻي وسايو، پوءِ ان کي زمين ۾ (مصلحت موجب) ٽڪايوسون ۽ بيشڪ ان (پاڻيءَ) کي غائب ڪرڻ جي قدرت رکندڙ آهيون.

  19. پوءِ اسان ان پاڻي سان کجين ۽ ڊاکن جا باغ پيدا ڪيا، جو ان مان اوهان جي لاءِ (طرح طرح) جا گهڻا ئي ميوا (پيدا ٿين) ٿا انهن مان ڪن کي اوهين کائو ٿا.

  20. ۽ (اسان ئي زيتون جو) وڻ (پيدا ڪيو) جو طور سينا جبل ۾ (گهڻو ئي) پيدا ٿئي ٿو، جنهن مان تيل به نڪري ٿو پڻ کائڻ وارن لاءِ ٻوڙ به آهي.

  21. ۽ بيشڪ اوهان جي لاءِ چوپاين ۾ به عبرت آهي. ۽ (مٽي گاھ) جو ڪجھ انهن جي پيٽ ۾ آهن ان مان اسين اوهان کي (کير) پياريون ٿا ۽ جانورن ۾ ته اوهان لاءِ ٻيا به ڪيترائي فائدا آهن پڻ انهن مان ڪيترن کي اوهين کائو ٿا.

  22. ۽ انهن جانورن ۽ ٻيڙين تي چڙهي چڙهي گهمو به ٿا.

  23. ۽ اسان نوح کي سندس قوم ڏي پيغمبر بنائي موڪليو ته (نوح کين) چيو اي منهنجي قوم خدا جي عبادت ڪريو ان کان سواءِ ڪو به اوهان جو معبود نه آهي، ته ڇا اوهين (ان کان) نه ٿا ڊڄو؟

  24. ته سندس قوم جي سردارن مان جيڪي ڪافر هئا تن چيو ته هي به ته رڳو اوهان جهڙو ماڻهو آهي (پر) هي اوهان تي بزرگي حاصل ڪرڻ گهري ٿو. ۽ جيڪڏهن خدا (پيغمبر ئي موڪلڻ) گهري ها ته ملائڪن کي نازل ڪري ها (ڀائي) اسان ته اهڙي ڳالھ پنهنجن اڳين ابن ڏاڏن ۾ (ٿيندي) نه ٻڌي.

  25. هو ته رڳو هڪ (عام) آدمي آهي جنهن کي چريائي ورتو آهي. مطلب ته اوهين هڪ (خاص) وقت تائين (سندس نتيجي جو) انتظار ڪريو.

  26. نوح (اهي ڳالهيون ٻڌي) دعا گهري: اي منهنجا پالڻهار! منهنجي مدد ڪر! هن ڪري جو هنن مون کي ڪوڙو ڪيو آهي.

  27. ته اسان نوح ڏي وحي موڪليو ته تون اسان جي سامهون ۽ اسان جي حڪم موجب ٻيڙي بنائي! پوءِ جڏهن اسان جو عذاب اچي ۽ تنور (مان پاڻي) اڀامي ته تون ان ۾ هر قسم (جي جانورن مان نر ۽ مادي) جوڙو جوڙو ۽ پنهنجن ٻارن ٻچن کي وهار، پر انهن مان جنهن لاءِ (غرق ٿيڻ جو) اڳ ۾ ئي اسان جو حڪم ٿي چڪو آهي (تن کي نه چاڙھ) ۽ جن ماڻهن (اسان جي حڪم کان) سرڪشي ڪئي آهي تن جي باري ۾ مون کي ڪجھ نه ڇئج! ڇو ته اهي پڪ ٻڏڻ وارا آهن.

  28. پوءِ جڏهن تون ۽ جيڪي تو سان گڏ آهن سي به ٻيڙي تي چڙهي وڃو ته پوءِ چئو ته سڀ حمد ۽ واکاڻ جو لائق خدا ئي آهي جنهن اسان کي ماڻهن کان بچايو.

  29. ۽ دعا گهر ته اي منهنجا پالڻهار! تون مون کي (وڻراھ ۽ پاڻيءَ واري) برڪت ڀري جڳھ لاهج! ۽ تون ته سڀني لاهيندڙن کان چڱو آهين.

  30. بيشڪ ان ۾ اسان جي قدرت جون ڪيئي نشانيون آهن ۽ اسان کي ته رڳو سندن امتحان وٺڻو هو.

  31. وري انهن کان پوءِ اسان هڪ ٻئيءَ قوم (ثمود) کي پيدا ڪيو.

  32. پوءِ انهن ۾ مان (صالح کي) رسول بنائي موڪليو (ته ان هنن کي چيو) ته خدا جي عبادت ڪريو ان کان سواءِ اوهان جو ڪو به معبود نه آهي.

  33. ۽ سند قوم مان ڪي سردار جي ڪافر هئا ۽ (ڏينهن) قيامت جي حاضرءَ جا منڪر هئا، پڻ دنيا جي (فاني) حياتيءَ ۾ جن کي اسان آسودو ڪيو هو، پاڻ ۾ چوڻ لڳا (اڙي!) هي ته رڳو اوهان جهڙو آدمي آهي جيڪي شيون اوهين کائو ٿا سي هي به کائي ٿو ۽ جيڪي شيون پيو ٿا سي هي به پئي ٿو.

  34. ۽ جيڪڏهن پاڻ جهڙي ماڻهوءَ جو چيو مڃيندو ته اوهين ضرور نقصان وارا ٿيندو.

  35. ڇا هي شخص اوهان سان وعدو ڪري ٿو ته جڏهن اوهين مرندو ۽ (مري) رڳو مٽي ۽ هڏيون (ٿي) پوندو ته اوهين (وري جيئرا ٿي قبرن مان) ڪڍيا ويندو.

  36. هيءَ هيءَ اڙي! جنهن جو اوهان سان وعدو ڪيو وڃي ٿو سو (بلڪل عقل کان) ٻاهر ۽ (قياس کان) پري آهي.

  37. (اڙي ڇا جو ٻيو ڀيرو جيئرو ٿيڻ) رڳو اها ئي دنيا جي زندگي آهي. اسين مرون ٿا ۽ جيئون ٿا اسان کي (ٻيهر) جيئرو ڪري ڪين اٿاريو ويندو.

  38. هي (صالح) اهو شخص آهي جنهن خدا تي ڪوڙ ٺاهيو آهي ۽ اسين ته ڪڏهن به ان کي مڃڻ وارا نه آهيون.

  39. (اها حالت ڏسي) صالح دعا گهري ته اي منهنجا پالڻهار! جيئن ته انهن مون کي ڪوڙو ڪيو آهي تون منهنجي مدد ڪر.

  40. خدا فرمايو: (ٿورو ترس) جلد ئي اهي ماڻهو پشيمان ٿيندا.

  41. پوءِ انهن کي حقيقتا سخت (دهشتناڪ) هڪل پڪڙيو ته اسان کين گند (جو ڍير) بنائي ڇڏيو. بس ظالمن تي (خدا جي) لعنت آهي.

  42. وري انهن کان پوءِ ٻين قومن کي پيدا ڪيوسون.

  43. ڪا به امت پنهنجي مقرر وقت کان نه اڳي وڃي سگهي ٿي ۽ نه (ان کان) پٺتي رهي سگهي ٿي.

  44. وري اسان لڳاتار هڪ ٻئي پٺيان پنهنجا رسول موڪليا (پر) جڏهن به ڪنهن قوم وٽ سندن رسول آيو ته انهن ان کي ڪوڙو ڪيو ته اسان به (اڳي پوءِ) هڪ ٻئي پٺيان (هلاڪ) ڪندا رهياسون پڻ اسان انهن کي (برباد ڪري) افسانو ڪيوسون. پوءِ جيڪا قوم ايمان نه ٿي آڻي تن تي (به) خدا جي لعنت آهي.

  45. وري اسان موسى ۽ سندس ڀاءُ هارون کي پنهنجين نشانين ۽ پڌريءَ حجت سان (رسول بنائي) موڪليو.

  46. فرعون ۽ سندس درٻار جي اميرن ڏي، ته انهن وڏائي ڪئي ۽ هئا ئي سرڪش.

  47. ماڻهو پاڻ ۾ چوڻ لڳا ته اسين پاڻ جهڙن ٻن ماڻهن کي مڃيون هوڏانهن (انهن جي پوري) قوم وارا اسان جي خدمت ڪندڙ آهن.

  48. مطلب انهن ٻنهين کي ڪوڙو ڪيو نيٺ اهي برباد ڪيا ويا.

  49. ۽ اسان موسى کي ڪتاب (تورات) هن ڪري ڏنو (ته) من اهي رستي تي اچن.

  50. ۽ اسان مريم جي پٽ (عيسى) ۽ سندس ماءُ کي (پنهنجي قدرت جي) نشاني ڪيوسون ۽ انهن کي رهڻ جي قابل ۽ وهندڙ چشمي واري وهندڙ پاڻيءَ واريءَ مٿاهينءَ زمين تي رهياسون.

  51. ۽ (منهنجو حڪم عام هو) اي (منهنجا) پيغمبرو! (پاڪ ۽) صاف شيون کائو ۽ چڱا ڪم ڪريو (ڇو ته) اوهين جيڪي ڪريو ٿا آءُ تنهن کان بخوبي واقف آهيان.

  52. ۽ بيشڪ هيءُ اوهان جو دين (اسلام) هڪڙو ئي دين آهي ۽ آءُ اوهان جو پالڻهار آهيان، پوءِ مون کا ئي ڊڄو.

  53. پوءِ ماڻهن پنهنجي ان ڪم (۾ اختلاف ڪري) ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. ان ۾ جنهن گروھ وٽ جو ڪجھ ان وٽ آهي تنهن سان ئي خوش آهي.

  54. پوءِ (اي رسول) تون انهن کي سندن غفلت ۾ هڪ وقت تائين (پيل) ڇڏي ڏي.

  55. ڇا اهي ماڻهو خيال ڪن ٿا ته جو مال ۽ اولاد اسين انهن کي ڏيون ٿا،

  56. ته اسين انهن سان ڀلايون ڪرڻ ۾ جلدي ڪريون ٿا (ائين نه آهي) پر اهي نٿا سمجهن.

  57. بيشڪ جيڪي پروردگار جي دهشت کان ڊڄندا رهن ٿا،

  58. ۽ جيڪي پنهنجي پروردگار جي (قدرت جي) نشانين تي ايمان رکن ٿا،

  59. ۽ جيڪي پنهنجي پالڻهار سان (ڪنهن کي) شريڪ نه ٿا ڪن.

  60. ۽ جيڪي سرنديءَ آهي خدا جي واٽ ۾ ڏين ٿا ۽ (پوءِ به) سندن دليون ڊڄندڙ آهن هن ڪري جو انهن کي پنهنجي پالڻهار جي بارگاھ ۾ موٽڻو آهي، (الائي ڇا ٿئي!)

  61. اهي ڀلائين ڪرڻ ۾ جلدي ڪن ٿا ۽ اهي انهن (ڀلائين ڏي (ٻين کان) اڳي وڌي رهيا آهن.

  62. ۽ اسان ته ڪنهين شخص کي سندس طاقت کان وڌيڪ تڪليف ڏيندائي نه آهيون. پڻ اسان وٽ ته (ماڻهن جي اعمال جو) ڪتاب آهي جيڪو بلڪل سچو حال ٻڌائي ٿو ۽ انهن جي (ذري جيتري به) حق تلفي نه ڪئي ويندي.

  63. بلڪ انهن جون دليون ان کان غفلت ۾ پيون آهن پڻ ان کان سواءِ سندن ڪيئي عمل آهن جن کي اهي ڪندا رهن ٿا. (۽ مڙن نٿا)

  64. ايستائين جو جڏهن اسان سندن آسودن کي عذاب ۾ پڪڙينداسون ته اهي ماڻهو واويلا ڪرڻ لڳندا.

  65. (تنهن وقت چيو ويندو ته) اڄ هاءِ گهوڙا نه ڪريو، اوهان کي هاڻي اسان جي طرف کان مدد نه ٿي ملي سگهي.

  66. جڏهن اسان جون آيتون اوهان جي اڳيان پڙهيون وينديون هيون ته انهن کان پيرين ڦري ويندا هئا.

  67. (۽) اوهين آڪڙ ڪندي قصو (ڪهاڻي) چوندي ان کي ڇڏي ڏيندا هئا.

  68. ته ڇا انهن ماڻهن (اسان جي) ڳالھ (قرآن) تي غور نه ڪيو؟ يا انهن وٽ ڪا اهڙي نئين ڳالھ آئي جيڪا انهن جي ابن ڏاڏن وٽ نه آئي هئي؟

  69. ڇا انهن ماڻهن پنهنجي رسولن کي ئي ڪين سڃاتو جو جنهن ڪري سندس انڪار ڪري ويٺا.

  70. يا چون ٿا ته ان کي چريائي ورتو آهي (هرگز کيس چريائيءَ نه ورتو) پر اهو ته انهن وٽ حق جي ڳالھ وٺي آيو آهي. پڻ انهن مان گهڻا ماڻهو سچي ڳالھ کان ڪراهت رکندڙ آهن.

  71. ۽ جيڪڏهن حق سچ سندن نفساني خواهشن جي پيروي ڪري ها ته سڀ آسمان ۽ زمين ۽ جيڪي انهن ۾ آهي (سڀئي) برباد ٿي وڃن ها. پر اسين ته سندن ڳالهيون (جبرائيل جي ذريعي) وٽن موڪليون ته اهي ماڻهو پنهنجين ئي ڳالهين کان منهن موڙين ٿا.

  72. (اي رسول) ڇا تون انهن کان (پنهنجيءَ رسالت) جي ڪجھ اجرت گهرين ٿو، ته تنهنجي پروردگار جي اجرت ان کان گهڻو چڱي آهي پڻ اهو ته سڀ کان بهتر روزي ڏيڻ وارو آهي.

  73. ۽ تون بيشڪ انهن کي سڌي راھ ڏي سڏيندڙ آهين.

  74. ۽ هن ۾ شڪ نه آهي ته جيڪي ماڻهو آخرت تي ايمان نٿا رکن سي سڌي راھ کان ٿڙيل آهن.

  75. ۽ جيڪڏهن اسين انهن تي ترس کائون ۽ جي تڪليفون کين (ڪفر ڪرڻ جي ڪري) پهچي رهي آهيون تن کي ٽاري ڇڏيون ته پڪ اهي ماڻهو اڃان به پنهنجي وڏائي (۽ بي پرواهيءَ) تي ڄميا رهن ۽ ڀٽڪندا وتن.

  76. ۽ اسان انهن کي عذاب ۾ پڪڙيو تڏهين به اهي ماڻهو نه تنهنجي پروردگار جي اڳيان جهڪيا ۽ نه عاجزيءَ سان ٻاڏايون.

  77. ايتري قدر جو جڏهن اسان انهن جي اڳيان هڪ سخت عذاب جو دروازو کوليو ته پوءِ يڪدم اهي نااميد ٿي ويهي رهيا.

  78. هوڏانهن هو اهو (مهربان خدا) آهي جنهن اوهان جي لاءِ ڪن ۽ اکيون ۽ دل (جهڙا بي بها عضوا) پيدا ڪيا (پر) اوهين آهيو ئي تمام گهٽ شڪر ڪرڻ وارا.

  79. ۽ هو اهو (خدا) آهي جنهن اوهان کي سموري زمين ۾ (هر جڳھ) ڦهلائي ڇڏيو ۽ وري هڪ ڏينهن) اوهين سڀئي ان جي اڳيان گڏ ڪيا ويندو.

  80. ۽ هو اهو (خدا) آهي جيڪو جيئاري ٿو ۽ ماري ٿو پڻ رات ڏينهن کي بدلائيڻ به سندس اختيار ۾ آهي. ته ڇا اوهين ايترو به نه ٿا ڄاڻو؟

  81. (انهن سچين ڳالهين کي ڇا سمجهندا) پر جيڪي اڳلا ماڻهو چوندا آيا ساڳي ڳالھ هي به چوڻ لڳا،

  82. ته جڏهن اسين مري وينداسون ۽ (مري) مٽيءَ ۽ هڏيون ٿينداسون ته ڇا وري ٻيهر (قبرن مان جيئرا ڪري) ڪڍيا وينداسون؟

  83. ان جو وعدو ته اسان سان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن سان به (ڪيئي ڀيرا) ڪيو ويو آهي، هي ته رڳو اڳين ماڻهن جا ڏٽا آهن.

  84. (اي حبيب! کين) چئو ته ڀلا جيڪڏهن اوهين ماڻهو ڪجھ ڄاڻو ٿا ته (ٻڌايو) هيءَ زمين ۽ جيڪي ان ۾ آهي، ڪنهن جو آهي؟

  85. اهي يڪدم جواب ڏيندا ته خدا جو. تون چوين ته ڇا اوهين اڃا به غور نه ڪندا؟

  86. (اي رسول) تون (انهن کان) پڇ ته ستن آسمانن جو مالڪ ۽ (هيڏي) وڏي عرش جو مالڪ ڪير آهي؟

  87. ته يڪدم جواب ڏيندا ته (سڀ ڪجھ) خدا جو ئي آهي. هاڻي کين چئو ته ڇا اوهين اڃا به ان کان نه ڊڄندا؟

  88. (اي رسول) تون (انهن کان) پڇ ته ڀلا جيڪڏهن اوهين ڪجھ ڄاڻو ٿا ته (ٻڌايو ته) اهو ڪير آهي جنهن جي اختيار ۾ هر شي جي شهنشاهيت آهي، اهو (جنهن کي گهري ٿو) پناھ ڏئي ٿو ۽ سندس (عذاب) کان پناھ نه ٿي ڏيئي سگهجي.

  89. ته اهي ماڻهو يڪدم چوڻ لڳندا ته (سڀ اختيار) خدا کي ئي آهي. هاڻي کين چئو ته اوهان تي جادو ڪٿي ڪيو ويندو آهي.

  90. ڳالھ هيءَ آهي ته اسان انهن تائين سچي ڳالھ پهچائي ڇڏي ۽ اهي ماڻهو پڪ ڪوڙا آهن.

  91. نه خدا ڪنهين کي پنهنجو پٽ بڻايو آهي ۽ نه ان سان گڏ ڪو ٻيو خدا ئي آهي (جيڪڏهن ائين هجي ها ته) پوءِ هر خدا پنهنجيءَ پنهنجيءَ مخلوق کي وٺي وٺي ڦرندو وتي ها ۽ پڪ هڪڙو ٻئي تي چڙهائي ڪري ها (۽ وڏي جنگ ٿئي ها) جيڪي ڳالهيون اهي ماڻهو (خدا بابت) ڳالهائن ٿا تنهن کان خدا بلڪل پاڪ پاڪيزه آهي.

  92. اهو لڪل ۽ ظاهر (سڀني) کان چڱيءَ طرح واقف آهي مطلب ته اهو سندن شرڪ کان (بلڪل پاڪ ۽) بلند آهي.

  93. (اي حبيب!) تون دعا گهر ته اي منهنجا پالڻهار جنهن (عذاب) جو تو انهن سان واعدو ڪيو آهي، جيڪڏهن شايد تون مون کي ڏيکارين.

  94. ته پروردگار مون کي انهن ظالمن سان گڏ نه ڪج!

  95. ۽ (اي حبيب!) اسين پڪ ان ڳالھ تي قادر آهيون ته جنهن (عذاب) جو اسان انهن سان وعدو ڪيو ڪريون ٿا تو کي ڏيکاريون.

  96. ۽ بڇڙي ڳالھ جي جواب ۾ اهڙي ڳالھ چئو جا تمام چڱي هجي. اهي ماڻهو جو ڪجھ (تنهنجي لاءِ) چون ٿا تنهن کي اسين چڱي طرح ڄاڻون ٿا.

  97. پڻ (هيءَ به) دعا گهر ته اي منهنجا پروردگار! آءُ شيطان جي وسوسن کان تنهنجي پناھ گهران ٿو

  98. ۽ اي منهنجا پالڻهار هن (ڳالھ) کان به تنهنجي پناھ گهران ٿو ته ڪو شيطان مون وٽ اچن.

  99. (۽ ڪافر ته ڪڏهين به نه مڃيندا) تان جو انهن مان ڪنهن وٽ موت آيو ته چوڻ لڳا: پروردگارا! تون مون کي (هڪ ڀيرو) هن جاءِ (دنيا) ۾ جنهن کي آءُ ڇڏي آيو آهيان وري واپس ڪر!

  100. ته آءُ (هاڻي) سٺا سٺا ڪم ڪريان (کين چئبو ته) هرگز نه. اها هڪ بيڪار ڳالھ آهي جنهن جي اهو بڪواس ڪري رهيو آهي. ۽ انهن جي (مرڻ کان) پوءِ برزخ جو (زمانو) آهي (جنهن ۾) ان ڏينهن تائين جو ٻيو ڀيرو قبرن مان اٿاريا ويندا.

  101. پوءِ جڏهن صور ڦوڪي ويندي ته ان ڏينهن ماڻهن جون نه قرابتداريون رهنديون ۽ نه هڪ ٻئي جي ڳالھ پڇندا.

  102. پوءِ جن جي نيڪين جا پڙ ڳرا هوندا ته اهي ئي شخص ڪامياب هوندا.

  103. ۽ جن جي (نيڪين) جا پڙ هلڪا هوندا ته هي اهي ماڻهو آهن جن پپنهنجو پاڻ نقصان ڪيو (۽) هميشه دوزخ ۾ رهندا.

  104. دوزخ جي باھ سندن منهن بگاڙي ڇڏيندي ۽ اهي ان ۾ بدشڪل هوندا.

  105. (تنهن وقت اسين پڇنداسون ته) ڇا اوهان جي اڳيان منهنجيون آيتون ڪين پڙهيون ويون هيون؟ (پڪ پڙهيون ويون هيون) ته اوهين انهن کي ڪوڙ سمجهندا هئا.

  106. اهي جواب ۾ چوندا ته اي اسان جا پروردگار! اسان تي اسان جي بدبختي زور پئجي ويئي ۽ اسين گمراھ ماڻهو هئاسون.

  107. اي رب! اسان کي (هاڻي) ڪنهين طرح دوزخ ما ڪڍ! پوءِ جيڪڏهن وري ائين ڪريون ته پوءِ اسين قصور وارا آهيون.

  108. (خدا) فرمائيندو: پري ٿيو! هن ۾ (اوهان کي رهڻو پوندو) ۽ (بس!) مون سان ڳالهايو به نه.

  109. منهنجن بندن مان هڪ گروھ اهڙو به هو جيڪو (سانده) هي دعا ڪندو رهندو هو ته اي اسان جا پروردگار اسان ايمان آندو ته تون اسان کي بخش! ۽ اسان تي رحم فرمائي جو تون سڀني رحم ڪرڻ وارن کان چڱو آهين.

  110. ته اوهان ماڻهن انهن تي چٿرون ڪيون تان جو (ڄڻ ته) انهن ماڻهن اوهان کان منهنجي ياد وسارائي ڇڏي ۽ اوهين انهن تي سدائين کلندا رهيا.

  111. مون اڄ انهن کي سندن صبر جو سٺو عوض ڏنو جو اهي ئي ماڻهو پنهنجي مراد کي (چڱيءَ طرح) پهچڻ وارا آهن.

  112. (وري انهن کان خدا) پڇندو ته (نيٺ) اوهين زمين تي ڪيترا سال رهيو؟

  113. اهي چوندا (ڇا جا سال) اسين ته رڳو هڪ ڏينهن رهياسون يا هڪ ڏينهن کان به گهٽ، تون شمار ڪرڻ وارن کان پڇي ڏس!

  114. (خدا فرمائيندو: بيشڪ اوهين (زمين ۾) گهڻو گهٽ رهيو! ڪاش اوهين (ايتري ڳالھ به دنيا ۾) سمجهندا هجو ها.

  115. ته ڇا اوهين اهو خيال ڪيو ٿا ته اسان اوهان کي (ائين ئي) بيڪار پيدا ڪيو ۽ هي ته اوهين اسان جي حضور ۾ موٽايا نه ويندو.

  116. ته خدا جيڪو سچو شهنشاھ (هر ڳالھ کان) برتر اعلى آهي. جنهن کان سواءِ ڪو (به) معبود نه آهي. اهو ئي عزت واري عرش جو مالڪ آهي.

  117. ۽ جو شخص خدا سان گڏ ٻي جي عبادت ڪندو، ان وٽ هن جي لاءِ ڪا ثابتي نه آهي، هن جو حساب (ڪتاب) هن جي پروردگار وٽ آهي. (ياد رکو) بيشڪ ڪافر ڪامياب نه ٿيندا.

  118. ۽ (اي رسول) تون چئو: پروردگار! تون منهنجي امت کي) معاف ڪر! ۽ رحم فرمائي! ۽ تون سڀئي رحم ڪندڙن کان چڱو آهين.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found