اڱارو, 25 جون 2019 - Tue 06 25 2019

منو

سورت انبياء

ٽوٽل آيتون: 112

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. ماڻهن لاءِ سندن حساب (جو وقت) ويجهو ٿيو آهي، ۽ هي اهي آهن جي غفلت ۾ پئجي منهن موڙيندڙ آهن.

  2. جڏهن سندن پروردگار جي طرفان وٽن ڪو نئون حڪم اچي ٿو ته رڳو ڪن لاءِ ٻڌن ٿا ۽ (پوءِ ان کي راند) ٿا ڄاڻن.

  3. سندن دليون (آخرت جي خيال کان) بلڪل بي خبر آهن ۽ اهي ظالم آهستي آهستي ڪن ۾ سس پس ڪن ٿا ته هي شخص (محمد) ڪا شي نه آهي رڳو اوهان جهڙو آدمي آهي. ته ڇا پوءِ اوهين ڏسي وائسي جادوءَ ۾ ڦاسو ٿا.

  4. (تنهن تي رسول) چيو ته منهنجو پروردگار ڪا به ڳالھ جا آسمان ۽ زمين ۾ ٿئي ٿي، تنهن کي ڄاڻي ٿو. (پوءِ ڇو ڪنن ۾ ڳالهيون ڪريو ٿا؟) ۽ هو ته وڏو ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.

  5. (تڏهن به اهي منڪر نه مڙيا) پر چوڻ لڳا (هي قرآن ته) پريشان خوابن جو مجموعه آهي. ۽ هن خود پنهنجي من سان ڪوڙ بدوڙ ٺاهيو آهي (پر جيڪڏهن سچو سچو رسول آهي ته) جيئن اڳيان رسول (معجزن سان) موڪليا ويا هئا تئين هي به ڪو معجزو (جهڙو اسان چئون) اسان ڏي آڻي ته سهي.

  6. انهن کان اڳ ڪنهن به ڳوٺ جنهن کي اسان تباھ ڪيو (معجزا ڏسي ڪري به ته) ايمان نه آندو، ته ڇا ايمان آڻيندا؟

  7. ۽ (اي رسول) اسان تو کان اڳ به آدمين کي ئي (رسول بنائي) موڪليو هو جو انهن ڏي وحي موڪليندا هئاسون ته جيڪڏهن اوهين پاڻ نه ٿا ڄاڻو ته اهل ذڪر کان پڇيو.

  8. ۽ اسان انهن (رسولن) جا جسم اهڙا (ته) نه بڻايا هئا جو کاڌو نه کائين ها ۽ نه اهي (دنيا ۾) هميشه رهڻ سهڻ وارا ئي هئا.

  9. پوءِ اسان کين (پنهنجي عذاب جو) واعدو سچو ڪري ڏيکاريو (۽ جڏهن عذاب اچي پهتو ته) اسان انهن نبين کي ۽ جنهن جنهن کي اسان گهريو تن کي بچايوسون ۽ حد کان لنگهدڙن کي تباھ ڪيوسين.

  10. اسان ته اوهان ماڻهن ڏي اهو ڪتاب (قرآن) موڪليو آهي جنهن ۾ اوهان جو (به) ذڪر (خير) آهي. ته ڇا اوهين (ايترو به) نه ٿا سمجهو.

  11. ۽ اسان ڪيترن ئي ڳوٺن کي جن جي رهڻ وارا سرڪش هئا برباد ڪري ڇڏيو ۽ انهن کان پوءِ ٻين ماڻهن کي پيدا ڪيوسون.

  12. ته جڏهن انهن ماڻهن اسان جي عذاب جي آهٽ ٻڌي ته ان ئي وقت اهي ان کان ڀڄڻ لڳا.

  13. (اسان چين ته) ڀڄو نه! ۽ ان (ڳوٺ ۾) جتي اوهين آسودا هئا تتي ۽ (پنهنجي گهرن ڏي موٽو ته جيئن اوهان کان سوال جواب پڇيا وڃن.

  14. اهي چوڻ لڳا ته هاڻي اسان لاءِ وڏي خرابي آهي بيشڪ اسين ظالم ته ضرور هئاسون.

  15. مطلب ته سندن اها ئي فرياد رهي تان جو کين لڻيل (پوک) وسائي ٿڌو ڪري ڍير ڪيوسون.

  16. ۽ اسان آسمان ۽ زمين کي ۽ جو ڪجھ انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي تنهن کي بيڪار نه پيدا ڪيو آهي.

  17. جيڪڏهن اسان ڪو کيل بڻائڻ گهرون ها ته ضرور اسان ان کي پنهنجي تجويز سان بنايون ها جيڪڏهن اسان گهرون ها (پر اسان جي شان وٽان نه هو).

  18. پر اسين ته سچ کي ڪوڙ (جي سر تي) اڇلايون ٿا ته اهو ڪوڙ جو مٿو جيٿاري ڇڏي ٿو. پوءِ ان ئي وقت اهو ميٽجي ٿو وڃي. ۽ اوهان تي افسوس آهي جو اهڙيون (بي بنياد) ڳالهيون ٺاهيو ٿا.

  19. هوڏانهن جي (فرشتا) آسمان ۽ زمين ۾ آهن سي (سڀ) سندس (بندا) آهن. ۽ جي (فرشتا) سندس سرڪار ۾ آهن نه ته اهي سندس عبادت ڪرڻ کان آڪڙجن ٿا ۽ نه ڪي ٿڪجن ٿا.

  20. رات ۽ ڏينهن سندن پاڪائي بيان ڪن ٿا. (۽) ڪڏهن سست نه ٿا ٿين.

  21. انهن ماڻهن جي معبود زمين ۾ بڻائي رکيا آهن ڇا! اهي (ماڻهن کي) جياريندا؟

  22. جيڪڏهن (بفرض محال) زمين ۽ آسمان ۾ خدا کانسواءِ ڪي ٻيا معبود هجن ها ته ٻئي ڪڏهن جو تباھ ٿي وڃن ها. ته جي ڳالهيون اهي ماڻهو پنهنجي طرفان (ان جي باري ۾) بنائن ٿا پر جو خدا عرش جو مالڪ آهي سو انهن سڀني عيبن کان پاڪ صاف آهي.

  23. جو ڪجھ اهو ڪري ٿو تنهن جي پڇا ڳاڇا ٿي نٿي سگهي (پر) ٻين کان پڇيو ويندو.

  24. ڇا انهن ماڻهن خدا کي ڇڏي ڪي ٻيا معبود بنايا آهن؟ (اي حبيب! کين) چئو ته ڀلا پنهنجو ڪو دليل ته پيش ڪريو، جي منهنجي (زماني ۾) مون سان گڏ آهن تن جو ڪتاب (قرآن) ۽ جي ماڻهو مون کان اڳ هئا تن جا ڪتاب (توريت وغيره) اهي (موجود) آهن (تن ۾ خدا جو شريڪ لکيل ٻڌايو) پر انهن مان گهڻا ماڻهو ته حق (جي ڳالھ کي) ڄاڻن ئي نه ٿا، (جڏهن هن جي ڳالھ ٿئي ٿي ته) اهي ماڻهو منهن ڦيري ڇڏين ٿا.

  25. ۽ اي رسول جڏهن به اسان تو کان اڳ ڪو به رسول موڪليو ته تنهن ڏي اسان اهو ئي وحي موڪليندا رهيا سون ته بس اسان کان سواءِ ڪو به معبود نه آهي، سو منهنجي عبادت ڪريو.

  26. ۽ (مڪي وارا) چون ٿا ته خدا فرشتن کي پنهنجي اولاد (ڌيئرون) بڻايو آهي (هوڏانهن) اهو ان (ڳالھ) کان پاڪ صاف آهي. پر (اهي فرشتا خدا جا) معزز بندا آهن.

  27. اهي گفتگو ۾ ان کان اڳي نٿا ٿي سگهن. ۽ اهي سندس حڪم تي هلن ٿا.

  28. جيڪي انهن جي اڳيان ۽ جيڪي انهن جي پويان آهي (غرض سڀ ڪجھ) هو ڄاڻي ٿو، ۽ اهي ان شخص کان سواءِ جنهن کان خدا راضي هجي ڪنهن جي به سفارش نٿا ڪن ۽ اهي پاڻ ان جي خوف کان (هر وقت) ڊڄندڙ آهن.

  29. ۽ انهن مان جيڪي به هئين چئي ته خدا نه (پر) آءُ معبود آهيان ته اهو (مردود بارگاھ ٿيو) اسين کيس دوزخ جي سزا ڏينداسون ۽ سرڪش کي اسين اهڙي طرح سزا ڏيندا آهيون.

  30. ۽ جيڪي ماڻهو ڪافر ٿي ويٺا تن هن ڳالھ تي غور نه ڪيو آهي ڇا! ته آسمان ۽ زمين ٻئي سنڊ (بند) هئا ته اسان ٻنهي کي چيريو (کوليو). ۽ سڀ ڪنهن جيري شي کي پاڻي مان پيدا ڪيوسون. ته ڇا تڏهن به اهي ماڻهو ايمان نه آڻيندا.

  31. پڻ اسان ئي زمين ۾ ڳرا جبل پيدا ڪيا ته متان انهن ماڻهن کي زمين ڪنهن طرف نه جهڪائي ۽ ان ۾ ڪشادا رستا بناياسون ته جيئن اهي پنهنجي پنهنجي منزل مقصود تي (سولا) پهچن.

  32. ۽ اسان آسمان کي ڇت بنايو جا هر طرح محفوظ آهي ۽ اهي ماڻهو سندس آسماني نشانين کان منهن موڙ ڪندڙ آهن.

  33. ۽ اهو ئي اهڙو (قادر مطلق) آهي جنهن رات ۽ ڏينهن، سج ۽ چنڊ کي پيدا ڪيو جي سڀئي هڪ (هڪ) آسمانن ۾ ڦري (ڪري چڪر هڻي) رهيا آهن.

  34. ۽ (اي رسول!) اسان تو کان اڳ به ڪنهن ماڻهو کي هميشه رهڻ واري زندگي نه ڏني ته ڇا جيڪڏهن تون رحلت ڪندين ته اهي ماڻهو سدائين جيئرا هوندا ڇا!

  35. هر نفس، (هڪ نه هڪ ڏينهن) موت جو مزو چکڻ وارو آهي. ۽ اسين اوهان کي چڱي طرح مصيبت ۽ آرام وقت امتحان جي غرض سان آزمايون ٿا. ۽ (نيٺ ته) اسان ڏي ئي موٽايا ويندو.

  36. ۽ (اي حبيب!) جڏهن تو کي ڪافر ڏسن ٿا ته اهي تو تي رڳي مسخري ڪن ٿا ته ڇا هي اهو ئي حضرت آهي جيڪو اوهان جي معبودن کي (ڌڪار سان) ياد ڪندو آهي. هوڏانهن اهي خود، خدا جي ياد کان انڪار ڪندڙ آهن. (ته انهن جي بيوقوفي تي کلڻ گهرجي)

  37. ماڻهو ته وڏو جلد باز پيدا ڪيل آهي آءُ جلد ئي اوهان کي پنهنجي (قدرت جون) نشانيون ڏيکاريندس ته اوهين مون کي جلدي ڪرڻ (جي ڌوم) نه مچايو.

  38. ۽ (مزي جي ڳالھ ته) چون ٿا ته جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته اهو (قيامت جو) وعدو ڪڏهن (پورو) ٿيندو؟

  39. افسوس! جيڪڏهن ڪافر ان وقت جي حالت کان آگاھ هجن !(ته دوزخ جي باھ ۾ بيٺا هوندا) ۽ نه پنهنجن چهرن کان باھ روڪي سگهندا ۽ نه پنهنجن پٺين کان ۽ نه ڪي انهن جي ڪا مدد ڪئي ويندي.

  40. (قيامت ڪا ٻڌائي ڪو نه ايندي) پر مٿن اوچتو ايندي، ۽ کين پريشان ڪري ڇڏيندي پوءِ ته ان کي ٽارڻ جي مجال ٿيندي ۽ نه کين مهلت ئي ڏني ويندي.

  41. ۽ (اي حبيب! رڳو توسان ته نه) تو کان اڳين پيغمبرن سان به مسخريون ڪيو ويون آهن ته انهن پيغمبرن سان مسخريون ڪرڻ وارن کي ان سخت عذاب اچي ورتو جنهن تي کلندا هئا.

  42. (اي حبيب!) تون انهن کان پڇ ته خدا (جي عذاب) کان بچائڻ ۾ رات جو يا ڏينهن جو اوهان جو ڪير پهرو ڏئي سگهي ٿو. (ان باري ۾ ڊنا ته نه) الٽو اهي پنهنجي پالڻهار جي ياد کان منهن موڙن ٿا.

  43. ڇا اسان کان سواءِ سندن ٻيا ڪي معبود آهن جي کين (اسان جي عذاب کان بچائيندا؟ (اهي ڇا بچائي سگهندا؟ اهي خود پنهنجي پاڻ ته مدد ڪري ئي نٿا سگهن ۽ نه (وري) اسان جي عذاب کان کين پناھ ڏني ويندي.

  44. پر اسان انهن کي ۽ سندن ابن ڏاڏن کي آسودو ڪيو تان جو انهن تي ڊگهي عمر گذري وئي. ڇا پوءِ اهي نٿا ڏسن ته اسين سموري زمين کي چئجي طرفن کان قبصو ڪندا ۽ کيس فتح ڪندا اچون ٿا. ته ڇا اڃا به اهي (مڪي جا ڪفر) غالب ٿيندا؟

  45. (اي رسول کين) چئو! ته آءُ اوهان کي رڳو وحي جي موافق (عذاب کان) ڊيڄاران ٿو (پر اوهين ڄڻ ته ٻوڙا آهيو) ۽ ٻوڙن کي جڏهن ڊيڄاريو آهي ته اهي سڏ ئي نٿا ٻڌن (ته ڊڄندا ڇا!).

  46. ۽ (اي رسول!) جيڪڏهن کين تنهنجي پروردگار جي عذاب جي ٿورڙي هوا به لڳي ته يڪدم چوڻ لڳا ته هاءِ افسوس بيشڪ اسين ظالم هئاسون.

  47. ۽ قيامت جي ڏينهن ته اسين (بندن جا چڱا بڇڙا عمل تورڻ لاءِ) انصاف جون ترازيون رکنداسون ۽ پوءِ ڪنهن تي ڪجھ به ظلم نه ڪيو ويندو . ۽ جيڪڏهن اهر جي داڻي جيترو به (عمل) هوندو ته اسين ان کي به آڻي حاضر ڪنداسون. ۽ اسين ئي حساب ڪرڻ لاءِ ڪافي آهيون.

  48. ۽ بيشڪ اسان موسى ۽ هارون کي (حق ۽ باطل ۾) فرق ڪرڻ وارو ڪتاب (توريت) ڏنو ۽ پرهيزگارن لاءِ سراسر نور ۽ نصيحت عطا ڪئي.

  49. جيڪي پنهنجي پالڻهار کان اڻ ڏٺي ڊڄن ٿا. اهي قيامت (جي عذاب کان به) ڊڄندڙ آهن.

  50. ۽ (هي قرآن به) هڪ بابرڪت ذڪر آهي جنهن کي اسان نازل ڪيو آهي. ته ڇا اوهين ان کي نٿا مڃيو؟

  51. ۽ ان ۾ شڪ نه آهي ته اسان ابراهيم کي شروع کان ئي فهم سليم عطا ڪيو هو ۽ اسان سندس (حال) کان چڱي طرح واقف هئاسون.

  52. جڏهن ان پنهنجي (رسمي) پيءُ ۽ پنهنجي قوم کي چيو ته هي مورتيون ڪهڙيون (بلائون) آهن جن جي اڳيان اوهين مجاور ٿيا ويٺا آهيو؟.

  53. هنن چيو (اسان کي ٻي ته خبر نه آهي پر) پنهنجن پوڙهن کي اسان هنن جي ئي عبادت ڪندو ڏٺو آهي.

  54. (ابراهيم) چين (ته) پڪ اوهين ۽ اوهان جا ابا ڏاڏا ظاهر گمراهي ۾ آهيو.

  55. انهن چيس ڇا تو اسان وٽ حق ڳالھ آندي آهي يا تون (ائين ئي) چريو ڪرين ٿو؟

  56. (ابراهيم) چين (ته چريو نه پر سچي ڳالھ ٿو چوان ته اوهان جا معبود بت نه آهن) پر اوهان جو پالنيدڙ، آسمان ۽ زمين جو مالڪ آهي جنهن انهن کي بڻايو آءُ خود ان ڳالھ جو اوهان جي اڳيان شاهد آهيان.

  57. ۽ (دل ۾ چيائين) خدا جو قسم ته آءُ اوهان جي پٺ ڦرڻ کان پوءِ ضرور اوهان جي بتن جي چڱي ڳت بڻائيندس.

  58. نيٺ (ابراهيم) انهن بتن کي (ٽوڙي) چڪناچور ڪري ڇڏيو پر سندن وڏي بت کي (هن لاءِ ڇڏي ڏنائين) ته جيئن اهي ڪافر (جشن کان موٽي اچي ان ڏي اچن.

  59. (جڏهن ڪافرن ٻڌو ته چوڻ لڳا، جنهن به اهڙي بي ادبي اسان جي معبود سان ڪئي آهي بيشڪ ان وڏو ظلم ڪيو آهي.

  60. (ڪي ماڻهو) چوڻ لڳا، اسين هڪ جوان جنهن کي ماڻهو ابراهيم چون ٿا، هنن بتن بابت (بڇڙا لفظ) چوندي ٻڌا هئا.

  61. انهن چيو ته چڱو ان کي سڀني ماڻهن جي سامهون (پڪڙي) وٺي اچو ته جيئن اهو (جو ڪجھ چوي ٿو ته) ماڻهو مٿس شاهد ٿين.

  62. (نيٺ ابراهيم آيو ۽ ماڻهن کائنس) پڇيو ته اي ابراهيم! ڇا اسان جي معبودن سان هي حرڪت تو ڪئي آهي؟

  63. (ابراهيم) فرمايو بلڪه اها حرڪت انهن بتن جي وڏي (خدا) ڪئي آهي ته جيڪڏهن اهي بت ڳالهائي سگهندا هجن ته انهن کان ئي پڇو!

  64. پوءِ اهي فڪر ۾ پئجي ويا، ته (هڪ ٻئي کي) چوڻ لڳا، بيشڪ اوهان ماڻهو ئي ناحق تي آهيو.

  65. پوءِ شرم کان سر جهڪايائون (وڌيڪ چئي نه سگهيا رڳو ايترو چيائون ته اي ابراهيم!) تون ته ڄاڻين ٿو ته هي بت ڳالهائين نٿا (ته انهن کان ڇا پڇون؟)

  66. ابراهيم چين ته ڇا پوءِ اوهين الله کان سواءِ اهڙين شين کي پوڄو ٿا جي نه اوهان کي ڪجھ فائدو پهچائين ٿا ۽ نه اوهان کي نقصان رسائي سگهن ٿا.

  67. حيف آهي اوهان تي ۽ انهن تي جن کي خدا کان سواءِ پوڄيو ٿا ڇا اوهين ايترو به نه سمجهيو؟

  68. (آخر) اهي ماڻهو (پاڻ ۾) چوڻ لڳا ته جيڪڏهن اوهين ڪجھ ڪري سگهو ٿا ته ابراهيم کي باھ ۾ ساڙي ڇڏيو ۽ پنهنجن خدائن جي مدد ڪريو.

  69. (نيٺ هنن ڪافرن ابراهيم کي آڙاھ ۾ وڌو ته) اسان ارشاد ڪيو: اي باھ! تون ابراهيم تي ٿڌي ۽ (آرام) ڏيندڙ ٿي پئو! (جيئن کيس ڪا به تڪليف نه ٿئي)

  70. ۽ انهن ابراهيم سان فريب ڪرڻ جو ارادو ڪيو. ته اسان انهن سڀني کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.

  71. ۽ اسان ئي (ابراهيم) ۽ لوط کي (ظالمن کان) صحيح سالم بچائي ان سرزمين (شام بيت المقدس ۾ پهچايو جنهن ۾ اسان سموري جهان جي لاءِ طرح طرح جي برڪت عطا ڪئي هئي.

  72. ۽ اسان ئي ابراهيم کي انعام ۾ (اسحاق جهڙو پٽ) ۽ يعقوب (جهڙو پوٽو) عنايت فرمايو. ۽ سڀني کي نيڪ بخت ڪيوسون.

  73. ۽ اسان انهن سڀني کي (ماڻهن جو) پيشوا بنايو، جيڪي اسان جي حڪم سان (انهن جي) هدايت ڪندا هئا ۽ کين ڀلائي ڪرڻ ۽ نماز قائم ڪرڻ ۽ زڪوات ڏيڻ جو وحي ڪيوسون. ۽ اهي سڀئي اسان جي عبادت ڪندڙ هئا.

  74. ۽ اسان لوط کي حڪمت ۽ نبوت عطا ڪئي. کيس ان ڳوٺ کان بچائي ڪڍيوسون جيڪي بڇڙا ڪم ڪندا هئا. بيشڪ اهي بڇڙي نافرمان قوم هئا.

  75. ۽ ان کي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪيو سون. واقعي اهو نيڪ بختن مان هو.

  76. ۽ (اي پيغمبر) لوط کان اڳ به اسان) نوح (کي نبوت عطا ڪئي) جڏهن ان (سان کي) سڏيو ته اسان سندس (دعا) ٻڌي پوءِ کيس ۽ سندس ساٿين کي اسان (طوفان جي) تمام سخت مصيبت کان بچايو.

  77. ۽ اهڙي قوم جي مقابلي ۾ سندس مدد ڪئي جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو. بيشڪ اهي بڇڙي قوم هئا، پوءِ اسان انهن سڀني کي ٻوڙي ماريو.

  78. ۽ (اي رسول! کين) دائود ۽ سليمان (جو واقعو به ياد ڏيار) جڏهن انهن پوک جي باري ۾ فيصلو ٿي ڪيو. جڏهن هڪ قوم جون ٻڪريون رات جو ان (پوک) کي ڀيلي ويون ۽ اسان سندن ڳالھ کي ڏسي رهيا هئاسون (ته پاڻ ۾ اختلاف ٿين).

  79. ته اسان سليمان کي (ان جو) صحيح فيصلو سمجهايو. ۽ پوءِ (هونئن به) سڀني کي اسان ئي فهم سليم ۽ علم عطا ڪيو پڻ اسان ئي جبلن کي دائود جي وس ۾ ڪيو هو جو انهن سان گڏ (خدا جي) تسبيح ڪندو هو ۽ پکين کي (به سندس تابع ڪيو) ۽ اسان ئي (اهي عجائب) ڪندا هئاسون.

  80. ۽ اسان ئي کيس اوهان جو جنگي لباس (زره) جو بنائڻ سيکاريو ته جيئن اوهان کي (هڪ ٻئ جي) وار کان بچائي ته ڇا! اوهين (اڃا به) شڪر گذار نه ٿيندا؟

  81. پڻ (اسان ئي) تمام سخت لڳڻ واري هوا کي سليمان جو (تابع) ڪري ڇڏيو هو جا سندس حڪم سا زمين (بيت المقدس) ڏي ويندي هئي، جنهن ۾ اسان طرح طرح جون برڪتون رکيون هيون ۽ اسين ته هر ڳالھ کان چڱيءَ طرح واقف (هئاسون ۽) آهيون.

  82. ۽ جنات مان جيڪي (سمنڊ ۾) غوطو هڻي (جواهر) ڪڍڻ وارا هئا ۽ پڻ ان کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي ڪم ڪندا هئا (تن کي سليمان جو تابعدار ڪيل هو) ۽ اسان ۽ سندن نگهبان هئاسون (ته ڀڄي نه وڃن)

  83. ۽ (اي رسول) ايوب (جو قصو به ياد ڪر) جڏهن ان پنهنجي پروردگار جي بارگاھ ۾ دعا گهري ته (خداوندا) بيماري ته منهنجي (پٺيان) پيئي آهي ۽ تون سڀني رحم ڪرڻ وارن مان گهڻو وڌيڪ رحم ڪرڻ وارو آهين.

  84. اسان سندس جو ڪجھ ڏک درد هئس پري ڪري ڇڏيو ۽ کيس ٻار ٻچا بلڪ ان سان گڏ اوتري ٻي به محض پنهنجي خاص مهرباني سان ۽ عبادت ڪرڻ وارن جي عبرت لاءِ عطا ڪيو.

  85. ۽ (اي رسول) اسماعيل ۽ ادريس ذوالڪفل (جا واقعا به ياد ڪر) جو هي سڀ صابر بندا هئا.

  86. پڻ اسان انهن سڀني کي پنهنجي خاص رحمت ۾ داخل ڪيو بيشڪ اهي سڀ نيڪ انسان هئا.

  87. ۽ ذوالنون (يونس کي ياد ڪر!) جڏهن ڪاوڙجي هليو ۽ ڄاتائين ته اسين مٿس (روزي) تنگ ڪنداسون (ته اسان کيس مڇي جي پيٽ ۾ پهچائي ڇڏيو) ته بلڪل انڌيري ۾ (گهٻرائجي) چوڻ لڳو: (خداوندا!) تو کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي، تون (هر عيب کان) پاڪ صاف آهين، بيشڪ آءُ قصور وار آهيان.

  88. نيٺ اسان سندس دعا قبول ڪئي پڻ کيس رنج کان نجات ڏياري، ۽ اسان مومنين کي اهڙي طرح نجات ڏيندا آهيون.

  89. زڪريا (کي ياد ڪر) جڏهن ان پنهنجي پروردگار کان دعا گهري ته اي منهنجا پالڻهار! مون کي اڪيلو (بي اولاد) نه ڪر! ۽ تون ته سڀني وارثن کان چڱو آهين.

  90. ته اسان سندس دعا قبول ڪئي ۽ کيس يحيى جهڙو پٽ ڏنوسون ۽ اسان سندس لاءِ ان جي زال کي سنواريو بيشڪ اهي نيڪ ڪمن ۾ جلدي ڪندا هئا ۽ اسان کي اميد ۽ ڊپ سان سڏيندا هئا ۽ اسان جي اڳيان عاجزي ڪندڙ هئا.

  91. ۽ (اي رسول) ان بيبي (مريم) کي (به ياد ڪر) جنهن پنهنجي عفت جي حفاظت ڪئي، اسان سندس (پيٽ) ۾ پنهنجي طرفان روح ڦوڪيو پڻ کيس ۽ سندس پٽ (عيسى) کي ساري جهان جي لاءِ (پنهنجي قدرت جي) نشاني بنائي.

  92. بيشڪ هو اوهان جو دين (اسلام) هڪ دين آهي آءُ اوهان جو پالڻهار آهيان ته منهنجي ئي عبادت ڪريو.

  93. ۽ انهن پاڻ ۾ (اختلاف ڪري) پنهنجي دين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو _(هوڏانهن) سڀئي اسان ڏي ئي موٽي اچڻ وارا آهن.

  94. (تنهن وقت فيصلو ٿي ويندو) ته جو ماڻهو چڱا ڪم ڪندو ۽ اهو ايماندار به هوندو ته ان جي محنت اجائي نه ٿيندي. ۽ بيشڪ اسين سندس عمل لکندا رهون ٿا.

  95. ۽ جنهن به ڳوٺ کي اسان برباد ڪيو ٿي نٿو سگهي جو اهي ماڻهو قيامت جي ڏينهن ڦري گهمي اسان وٽ موٽي نه اچن.

  96. تان جو ايترو (عرصو ته ضرور لڳندو) جو جڏهن ياجوج ماجوج (سڪندري ديوار جي قيد کان) آجا ڪيا وڃن ۽ اهي (زمين جي) هر بلنديءَ کان ڊوڙندا نڪري پون.

  97. ۽ قيامت جو) سچو وعدو ويجهو اچي ته پوءِ ڪافرن جون اکيون ان ئي وقت پٿرائجي وينديون (۽ چوڻ لڳندا ته) هاءِ افسوس، اسين ته هن (ڏينهن) کان غفلت ۾ ئي (پيا) رهياسون بلڪ (سچ ته هي آهي ته پاڻ تي) اسين پاڻ ظالم هئاسون.

  98. (ان ڏينهن چيو ويندو ته اي ڪافرو) اوهين ۽ جن جي اوهين خدا کانسواءِ عبادت ڪندا هئا، سي دوزخ جو ٻارڻ آهن (۽) توهان سڀني کي منجهنس وڃڻو آهي.

  99. جيڪڏهن اهي (سچا) معبود هجن ها ته کين دوزخ ۾ گهڙڻو نه پوي ها. ۽ (هاڻي ته) سڀئي ان ۾ سدائين رهندا.

  100. انهن کي ان ۾ دانهون ڪرڻيون پونديون ۽ اهي (پنهنجي رڙين ۾) ڪجھ به نه ٻڌندا.

  101. بيشڪ جن لاءِ اسان جي طرفان چڱائي لکي ڇڏڻي آهي اهي دوزخ کان پري ڪيل هوندا.

  102. (ايستائين جو) اهي ماڻهو ان جي ڀڻڪ به نه ٻڌندا، ۽ اهي ماڻهو هميشه پنهنجي دل جي مرادن ۾ (مزي سان) رهندا.

  103. ۽ کين (قيامت جو) وڏي وڏي خوف دهشت ۾ نه آڻيندو ۽ فرشتا انهن سان (خوش ٿي) ملاقات ڪندا (پڻ هيءَ خوش خبري ڏيندن) ته هيءُ ئي اوهان جي (خوشيءَ جو) ڏينهن آهي جنهن جو (دنيا ۾) اوهان سان وعدو ڪيو ويندو هو.

  104. (هي) اهو ڏينهن (هوندو) جڏهن اسين آسمان کي اهڙيءَ طرح ويڙهينداسون جهڙي طرح لکيل ڪاغذن جو انبار ويڙهيو ويندو آهي. جيئن اسان (مخلوقات کي) پهريون ڀيرو پيدا ڪيو تئين ٻيهر پيدا ڪنداسون. (هي اهو) وعدو (آهي جنهن کي ڪرڻ) اسان تي (لازم) آهي. اهو اسان کي ضرور پورو ڪرڻو آهي.

  105. ۽ بيشڪ اسان ئي نصيحت (تورات) کان پوءِ زبور ۾ لکيو آهي ته سموري زمين جا وارث اسان جا نيڪ بندا ٿيندا.

  106. ان ۾ شڪ نه آهي ته هن ۾ عبادت ڪرڻ وارن لاءِ (خدا جي حڪمن جي) تبليغ آهي.

  107. ۽ (اي حبيب) اسان ته تو کي ساري جهان لاءِ رڳو رحمت بنائي موڪليو آهي.

  108. (تون چوين ته مون ڏي رڳو هيءُ حڪم موڪليو وڃي ٿو ته اوهان جو معبود (رڳو) هڪ خدا آهي. ته ڇا اوهين (سندس) تابعدار بندا بنجو ٿا؟

  109. تنهن هوندي به منهن ڦيرين ته تون چوين ته مون اوهان (سڀني) کي هڪ جهڙو خبردار ڪيو آهي ۽ جنهن (عذاب) جو اوهان سان وعدو ڪيو وڃي ٿو سو نه ٿو ڄاڻان ته ويجهو آهي يا پري آهي.

  110. بيشڪ خدا پڌري ڳالھ کي ڄاڻي ٿو ۽ جنهن کي لڪايو ٿا تنهن کان به چڱي طرح واقف آهي.

  111. ۽ آءُ نه ٿو ڄاڻان ته متان (عذاب جي دير) اوهان لاءِ آزمائش هجي ۽ هڪ وقت تائين فائدي وٺڻ لاءِ هجي.

  112. (نيٺ رسول) دعا گهري ته اي منهنجا پالڻهار! تون انصاف سان (منهنجي ۽ ڪافرن جي وڇ ۾) فيصلو ڪر. ۽ اسان جو پاليندڙ وڏو مهربان آهي. جيڪي اوهين بيان ڪريو ٿا تنهن جي مقابلي ۾ ان کان مدد گهري وڃي ٿي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found