آچر, 19 مئي 2019 - Sun 05 19 2019

منو

سورت مريم

ٽوٽل آيتون: 98

الله وڏي مهربان، مهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. ڪهيعص

  2. هي تنهنجي پروردگار جي رحمت جو بيان آهي جا (خدا) پنهنجي خاص بندي زڪريا تي ڪئي هئي.

  3. جڏهن ان پنهنجي پالڻهار کي ڳجهيءَ طرح سڏيو.

  4. (۽) عرض ڪيو: اي منهنجا پالڻهار! منهنجا هڏ، ڪمزور ٿي ويا آهن ۽ مٿي جو ٻڍائڻ چمڪيو آهي (اڇو ٿي ويو) ۽ اي منهنجا پالڻهار! آءُ تنهنجي بارگاھ ۾ دعا ڪندي (ڪڏهين به) محروم نٿو آهيان.

  5. ۽ آءُ پاڻ (مرڻ بعد) پنهنجي وارثن کان ڊڄان ٿو ۽ منهنجي زال (ام ڪلثوم بنت عمران) سنڍ آهي، سو مون کي پاڻ وٽان هڪ وارث (پٽ) عطا ڪر.

  6. جو منهنجو ورثو وٺي ۽ يعقوب جي اولاد جو وارث ٿئي ۽ ان کي اي منهنجا پروردگار! پسند ڪيل بناءِ

  7. خدا فرمايو اي زڪريا! اسين تو کي هڪ نينگر جي خوش خبري ٻڌايون ٿا جنهن جو نالو يحيى هوندو. (۽) هن کان اڳ ان جي نالي وارو اسان پيدا نه ڪيو آهي.

  8. زڪريا عرض ڪيو: يا خدا! (ڀلا) مون کي ڪيئن ڇوڪرو ٿيندو جڏهن منهنجي زال سنڍ آهي ۽ نهايت ٻڍاپي کي پهتو آهيان.

  9. (خدا) فرمايو ته، ائين ئي ٿيندو تنهنجو پروردگار فرمائي ٿو ته اها ڳالھ اسان لاءِ (ڪا ڏکي نه آهي پر بلڪل) آسان آهي. (۽) تون پاڻ ڏي ته خيال ڪر جو هن کان اڳ تو کي پيدا ڪيوسين (جڏهن) تون ڪجھ به نه هئين.

  10. زڪريا عرض ڪيو خداوندا! منهنجي لاءِ ڪا نشاني مقرر ڪر! حڪم ٿيو، تنهن جي نشاني هي آهي ته تون برابر ٽي راتيون (۽ ڏينهن) ماڻهن سان ڳالهائي نه سگهندين.

  11. پوءِ پنهنجي قوم ڏي (عبادت جي) محراب مان (کين هدايت ڏيڻ لاءِ) نڪتو ته کين اشاري سان چيائين صبح ۽ شام (ساندھ) ان جي تسبيح (۽ تقديس) ڪندا رهو.

  12. (آخر يحيى پيدا ٿيو ته اسان کين چيو ته) اي يحيى ڪتاب (تورات) مضبوطي سان وٺ! ۽ اسان کيس ننڍ پڻ ۾ ئي حڪم (نبوت) عطا ڪئي.

  13. ۽ رحم دلي ۽ پاڪيزگيءَ عطا فرمائي ۽ اهو پاڻ به پرهيزگار،

  14. ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ سان نيڪي ڪرڻ هو ۽ سرڪش نافرمان نه هو.

  15. ۽ (اسان جي طرفان) مٿس هميشه سلام آهي، جنهن ڏينهن پيدا ٿيو ۽ جنهن ڏينهن مرندو ۽ جنهن ڏينهن (ٻيو ڀيرو) جيئرو ڪري اٿاريو ويندو.

  16. ۽ (اي رسول!) قرآن ۾ مريم جي (به) ڳالھ بيان ڪر. جو جڏهن اها پنهنجن ماڻهن کان پاسي، اڀرندي واري جاءِ ۾ (وهنجڻ لاءِ) وڃي ويٺي.

  17. پوءِ ماڻهن جي پاسي کان هڪ پردو لڳايائين. ته اسان ان ڏي پنهنجو روح (جبرائيل) کي موڪليو ته اهو ان جي اڳيان سهي سالم ماڻهو جي صورت ۾ اچي بيٺو.

  18. (اها ان کي ڏسي گهبرائجي وئي ۽ کيس) چيائين: جيڪڏهن تون پرهيزگار آهين ته آءُ تو کان خدا جي پناھ گهران ٿي. (مون کان ٽري وڃ!).

  19. (جبرائيل) چيس ته آءُ تنهنجي پالڻهار جو موڪليل (فرشتو) آهيان ته تو کي هڪ پاڪ ڇوڪرو بخشيان.

  20. (مريم) چيس ته مون کي ڇوڪرو ڪيئن ٿيندو! هوڏانهن مون کي ڪنهن (مرد) آدمي هٿ به لاتو آهي ۽ نه آءُ بدڪار آهيان.

  21. (جبرائيل) چيو ائين ئي ٿيندو. تنهنجي پالڻهار فرمايو آهي ته اها ڳالھ (سواءِ پيءُ جي ٻار پيدا ڪرڻ) مون تي اسان آهي ته جيئن ان کي (پيدا ڪري) ماڻهن لاءِ پنهنجي (قدرت جي) هڪ نشاني مقرر ڪري ۽ خاص رحمت (جو ذريعو) ڪريان. ۽ اها ڳالھ طي ٿيل آهي.

  22. مطلب ته (پٽ) سان اها پنهنجو پاڻ حامله ٿي پئي. پوءِ ان سبب ڪري ماڻهن کان پر ڀري جدا رهي.

  23. (پوءِ جڏهن ويم جو وقت ويجهو آيو) ته کيس ويم جي سور (هڪ سڪل) کجي جي ٿر ڏي نيو. ۽ (لاچار ٿي شرم کان) چوڻ لڳي ته جيڪر ان کان اڳ مران ها ۽ ڀلايل وسري ويل هجان ها.

  24. تڏهن (جبرائيل، کيس پيراندي کان آواز ڏنو ته غم نه ڪر! تنهنجي رب تنهنجي (ڀرسان) هيٺ هڪ چشمو پيدا ڪيو آهي.

  25. ۽ کجي جي ٿر کي پاڻ ڏي ڌوڻ ته تو تي تازيون پڪيون خارڪون ڪرنديون.

  26. پوءِ کاءُ ۽ پيءُ (ٻار ڏسي) اکيون ٿڌيون ڪر پوءِ ماڻهن مان جيڪڏهن ڪنهن کي ڏسين ۽ (اهو تو کان ڪجھ پڇي) ته تون (اشاري سان) چئجانءِ ته مون خدا ڪارڻ روزو باسيو هو سو آءُ اڄ ڪنهن به ماڻهو سان نه ڳالهائينديس.

  27. پوءِ (مريم) ان ٻار کي پنهنجي قوم وٽ کڻي آئي. انهن ماڻهن (ٻار کي ڏسي) چيو ته اي مريم تو ته پڪ هي تمام بڇڙو ڪم ڪيو آهي.

  28. اي هارون جي ڀيڻ نه تنهنجو پيءُ بڇڙو ماڻهو هو، ۽ نه تنهنجي ماءُ (ئي) بدڪار هئي. (هي تو ڇا ڪيو).

  29. ته مريم ان ٻار ڏي اشارو ڪيو (ته جيڪي پڇڻو هجيو ته هن کان پڇو) انهن چيو (ڀلا اسين هنج جي ٻار سان ڪيئن ڳالهايون؟

  30. (تنهن تي ان ٻار خدا جي قدرت سان) چيو ته آءُ خدا جو عبد آهيان. مون کي ڪتاب (انجيل) ڏنو اٿس، ۽ مون کي نبي ڪيو اٿس.

  31. ۽ جتي به آءُ هجان اتي مون کي برڪت وارو ڪيو اٿس، جيستائين آءُ جيئرو آهيان تيستائين مون کي نماز پڙهڻ ۽ زڪوات ڏيڻ جو تاڪيد ڪيو اٿس.

  32. ۽ مون کي منهنجي ماءُ سان نيڪي ڪرڻ وارو (ڪيو اٿس) ۽ (الحمد لله جو) مون کي سرڪش بدبخت نه ڪيو اٿس.

  33. ۽ پڻ (خدا جي طرفان) جنهن ڏينهن آءُ ڄايس ۽ جنهن ڏينهن آءُ مرندس مون تي سلام آهي ۽ جنهن ڏينهن مون کي ٻيو ڀيرو جيئرو ڪري اٿاريو ويندو.

  34. اها آهي مريم جي پٽ عيسى جي بلڪل سچي ڳالھ جنهن بابت اهي ماڻهو (ناحق) شڪ ڪن ٿا.

  35. ڪنهن به ريت اهو خدا جي لائق نه آهي ته (اهو ڪنهن کي) پٽ بڻائي اهو پاڪ پاڪيزه آهي جڏهن ڪنهن ڪم جو حڪم ڪري ٿو ته ان کي رڳو چوي ٿو ٿي! اهو ٿي پوي ٿو.

  36. ۽ هن ۾ ته شڪ ئي نه آهي ته خدا منهنجو (به) پالڻهار آهي ۽ توهان جو به، ته پوءِ ان جي عبادت ڪريو، اها ئي (توحيد) سڌو رستو آهي.

  37. (۽ اهو دين عيسى آندو هو) پوءِ (ڪافرن جي) جماعتن پاڻ ۾ اختلاف ڪيو ته جن ماڻهن ڪفر ڪيو تن لاءِ وڏي (سخت) ڏينهن جي اچڻ تي (خدا وٽ) وڏي خرابي آهي.

  38. جنهن ڏينهن اسان وٽ ايندا تنهن ڏينهن ڪهڙا نه چڱا ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ ٿيندا! پر اڄ ته نافرمان ماڻهو ظاهر گمراهي ۾ آهن.

  39. ۽ (اي رسول!) تون کين پشيمانيءَ (۽ افسوس) جي ڏينهن کان ڊيڄار جنهن ڏينهن قطعي فيصلو ڪيو ويندو. ۽ (هاڻي ته) هي ماڻهو غفلت ۾ (پيا) آهن ۽ ايمان نٿا آڻن.

  40. بيشڪ اسين (هڪ ڏينهن) زمين ۽ جيڪي مٿس آهي (تنهن جا) اسان ئي وارث ٿينداسون (۽ سڀ فنا ٿيندو) ۽ سڀني کي اسان ڏي ئي موٽايو ويندو.

  41. ۽ (اي رسول!) ڪتاب (قرآن) ۾ ابراهيم جي (به) ڳالھ بيان ڪر. بيشڪ اهو نهايت سچو نبي هو.

  42. جڏهن ان، پنهنجي (چاچي ۽ رسمي) پي کي چيو هو ته اي ابا! جا شي (بت) نه ٻڌي ٿو ۽ نه ڏسي ٿو ۽ اهو تو کي ڪجھ به ڪم نه ايندو تنهن کي تون ڇو ٿو پوڄين؟

  43. اي منهنجا پيءُ! مون وٽ اهڙو علم آيو آهي جو تو وٽ نه آيو آهي. سو منهنجي پيروي ڪر ته تو کي (دين جي) سڌي راھ ڏيکاريان.

  44. اي منهنجا پيءُ! تون شيطان جي عبادت نه ڪر ڇو ته بيشڪ شيطان، خدا جو نافرمان (بندو) آهي.

  45. اي منهنجا پيءُ! مان ڊڄان ٿو ته متان وڏي مهربان (الله) جي طرفان تو تي ڪو عذاب اچي پوي، پوءِ تون شيطان جو سنگتي ٿي پوين.

  46. (آذر) چيس ته اي ابراهيم! ڇا تون منهنجن معبودن کان ڦريل آهين؟ جيڪڏهن تون باز نه ايندين ته (ياد رک!) آءُ تو کي پٿرن سان ماريندس ۽ تون مون کان هميشه لاءِ پري رھ.

  47. (ابراهيم) چيو (چڱو ته) منهنجو سلام آهي. (پر تڏهن به) آءُ پنهنجي پالڻهار کان تو لاءِ معافي گهرندس. بيشڪ اهو مون تي مهربان آهي.

  48. ۽ آءُ اوهان کي ۽ (انهن بتن کي به) جن کي اوهين خدا کي ڇڏي پوڄا ڪريو ٿا (سڀني کي ڇڏي ۽ پنهنجي پروردگار جي عبادت ڪندس، اميد آهي ته (آءُ) پنهنجي پالڻهار جي عبادت کان محروم نه رهندس.

  49. پوءِ جڏهن انهن کان ۽ جن جي اهي خدا کان سواءِ عبادت ڪندا هئا، تن کان جدا ٿيو ته اسان کيس اسحاق ۽ يعقوب (جهڙو اولاد) عطا ڪيو ۽ هر هڪ کي نبوت جي درجي تي فائز ڪيوسون.

  50. ۽ انهن کي پنهنجي رحمت مان ڪجھ عنايت ڪيوسون ۽ اسان انهن جي لاءِ اعلى درجي جو ذڪر خير (دنيا ۾ به) مقرر ڪيوسون.

  51. ۽ (اي رسول) قرآن ۾ ڪجھ موسى جي ڳالھ (به) بيان ڪر، بيشڪ اهو پسند ڪيل (منهنجو بندو) ۽ موڪليل (صاحب ڪتاب ۽ شريعت) نبي هو.

  52. ۽ اسان کيس (جبل) طور جي سڄي پاسي کان سڏيو ۽ راز جون ڳالهيون ڪندي کيس ويجهو ڪيوسون.

  53. ۽ اسان کيس پنهنجي خاص مهربانيءَ سان سندس ڀاءُ هارون کي (ان جو وزير بڻائي) عنايت ڪيو.

  54. ۽ (اي رسول) قرآن ۾ اسماعيل جي (به) ڳالھ بيان ڪر، بيشڪ اهو وعدي جو سچو هو ۽ موڪليل نبي هو.

  55. ۽ پنهنجي گهروارن کي نماز پڙهڻ ۽ زڪوات ڏيڻ جو تاڪيد ڪندو رهندو هو ۽ پنهنجي پروردگار جي بارگاھ ۾پسند ڪيل هو.

  56. ۽ (اي رسول) قرآن ۾ ادريس جو به تذڪرو ڪر، بيشڪ اهو وڏو سچو (بندو ۽) نبي هو.

  57. ۽ اسان ان کي هڪ بلند مڪان (بهشت ۾) کڻي ورتو.

  58. هي اهي نبي آهن جن تي الله نعمت ڪئي، جيڪي آدم جي اولاد مان آهن، ۽ انهن مان جن کي نوح سان گڏ (ٻيڙيءَ ۾) کنيوسون. ۽ ابراهيم ۽ يعقوب جي اولاد مان آهن ۽ انهن مان جن کي هدايت ڪئي سون ۽ چونڊيوسون انهن کي جڏهن خدا جون (نازل ڪيل) آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته (اهي) سجدي ۾ زارو زار رئندي ڪريو پون ٿا.

  59. وري انهن کان پوءِ اهڙا بڇڙا ماڻهو سندن جانشين ٿيا جن نماز کي ڇڏيو ۽ خواهش جي پٺيان لڳا، جلد ئي اهي ماڻهو پنهنجي گمراهيءَ جي (نتيجي) سان ملي ويندا.

  60. پر جن توبه ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ته اهڙا ماڻهو جنت ۾ داخل ٿيندا. ۽ مٿن ڪجھ به ظلم نه ڪيو ويندو.

  61. (اهي سدا بهار باغن ۾ رهندا) جن جو خدا پنهنجن بندن سان ڳهجو وعدو ڪري ڇڏيو آهي. بيشڪ سندس وعدو اچڻو آهي.

  62. اتي سلام کان سواءِ (ٻي) ڪا بيهودي ڳالھ نه ٻڌندا، پر (هر طرف کان) سلام ئي سلام (جو آواز ايندو) ۽ اتي سندن کاڌو صبح ۽ شام (جنهن وقت به چاهيندا) انهن جي لاءِ (تيار) هوندو.

  63. هي اهو بهشت آهي (جنهن جو) پنهنجن عبدن سان جيڪو پرهيزگار هوندو تنهن کي ان جو وارث ڪنداسون.

  64. ۽ (ملائڪن رسول کي چيو ته) اسين پنهنجي پالڻهار جي حڪم کان سواءِ هيٺ نه ٿا لهون. جيڪي اسان جي اڳيان ۽ جيڪي اسان جي پٺيان آهي ۽ جيڪي ان جي وچ ۾ آهي سو سڀ ان کي آهي. ۽ تنهنجو پالڻهار ڀلجڻ وارو نه آهي.

  65. (اهو) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي انهن جي وچ ۾ آهي تنهن جو پالڻهار آهي پوءِ تون سندس عبادت ڪر ۽ سندس عبادت تي قائم رھ. ڀلا اوهان جي علم ۾ ان جو (الله جو) ڪوئي همنام به آهي؟

  66. ۽ (ڪي) آدمي (ابي بن خلف) تعجب کان چون ٿا ته ڇا جڏهن آءُ مرندس ته مون کي جيئرو ڪري (قبر مان) ڪڍيو ويندو؟

  67. ڇا اهو ماڻهو ان (ڳالھ) کي ياد نه ٿو رکي ته اسان کيس ان کان اڳ جڌهن اهو ڪجھ به نه هو (ته کيس) پيدا ڪيو.

  68. پوءِ (اي رسول) تنهنجي پروردگار جو (پنهنجو) قسم آهي ته اسين انهن کي ۽ شيطانن کي گڏ ڪنداسون پوءِ کين جهنم جي چوڌاري گوڏن ڀر حاضر ڪنداسون.

  69. پوءِ سڀ ڪنهن جماعت مان جيڪو به انهن مان (دنيا ۾) الله سان زياده سرڪشي ڪرڻ وارو هوندو تنهن کي جدا ڪنداسون.

  70. پوءِ جيڪي ان (جهنم) ۾ داخل ٿيڻ جا زياده حقدار آهن تن کي اسين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا.

  71. ۽ اوهان مان ڪو به اهڙو نه آهي جو جهنم مٿان نه لنگهي (ڇو ته پل صراط ان جي مٿان آهي، اهڙو وعدو) تنهنجي پروردگار کي پورو ڪرڻو آهي جو فيصلو ٿي چڪو آهي.

  72. پوءِ اسين پرهيزگارن کي بچائينداسون ۽ نافرمانن کي ان ۾ ڳوڏن ڀر ڇڏي ڏينداسون.

  73. ۽ جڏهن کين اسان جو پڌريون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته جن ڪفر اختيار ڪيو، اهي ايمان وارن کي چون ٿا ته(ڀلا هي ته ٻڌايو ته اسين ۽ اوهين) ٻنهين فرقن مان مرتبي ۾ ڪير وڌيڪ چڱو آهي ۽ ڪنهن جي محفل وڌيڪ سٺي آهي؟

  74. هوڏانهن انهن کان اڳ ڪيترن ئي جماعتن کي اسان برباد ڪيو جن جو سامان ۽ ڏکاءُ (هنن کان) گهڻو چڱو هو.

  75. (اي رسول کين) چئو ته جو شخص گمراهيءَ ۾ پيو آهي تنهن کي خدا ڍر ڏئي ٿو ڇڏي، ايتري تائين جو جڏهن عذاب يا قيامت ڏسندا، جنهن جو کين وعدو ڏنو ويو آهي، تڏهن ڄاڻندا ته (هاڻ) ڪير مرتبي ڪري بڇڙو ۽ لشڪر (جٿي) ۾ ڪير ڪمزور (بيوس) آهي.

  76. ۽ جيڪي سڌي رستي تي آهن خدا تن جي هدايت کي وڌائي ٿو. ۽ هميشه رهڻ وارن چڱن ڪمن جو بدلو تنهنجي پالڻهار وٽ گهڻو چڱو آهي ۽ انهن جو نتيجو به تمام سٺو آهي.

  77. (اي رسول) ڇا تو ان کي ڏٺو جنهن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو ۽ چوڻ لڳو ته (ڀلا جي قيامت ٿيندي به ته) مون کي ضرور مال ۽ اولاد ڏنو ويندو.

  78. ڇا ڳجھ جي خبر پئي اٿس يا هن خدا کان ڪو انجام وٺي ڇڏيو اٿس.

  79. ائين نه آهي، جيڪي بڪواس ڪري ٿو، اسين (سڀ) هينئر ئي لکي ٿا ڇڏيون، ۽ ان لاءِ عذاب کي (اڃا به) ڊگهو ڪندا وينداسون.

  80. ۽ اهو (جنهن مال اولاد بابت) بڪي ٿو تنهن جا وارث ٿينداسون ۽ هو اسان وٽ اڪيلو ايندو.

  81. ۽ انهن ماڻهن خدا کي ڇڏي ٻين کي معبود بنايو، هن لاءِ ته اهي (معبود) انهن لاءِ عزت جو سبب ٿين.

  82. ائين هرگز نه ٿيندو. اهي (هٿرادا معبود) انهن جي عبادت جو انڪار ڪندا ۽ انهن جا مخالف ٿيندا.

  83. (اي پيغمبر) ڇا تو نه ڏٺو ته اسان شيطانن کي ڪافرن تي (بڇي) ڇڏيو آهي جي انهن کي (گناهن لاءِ) بهڪائين ٿا.

  84. پوءِ تون مٿن (عذاب اچڻ لاءِ) جلدي نه ڪر. اسين رڳو سندن (حياتيءَ جا ڏنل ڏينهن) ڳڻيون ٿا.

  85. جنهن ڏينهن پرهيزگارن کي رحمان (خدا) پاڻ وٽ مهمان ڪري گڏ ڪنداسون.

  86. ۽ ڏوهارين کي جهنم ڏي اڃايل هڪلي اينداسون.

  87. (ان ڏينهن) اهي ماڻهو سفارش تي (به) قادر نه ٿيندا، پر (هاءُ) جنهن شخص خدا کان (سفارش جو) انجام وٺي ڇڏيو هوندو.

  88. ۽ (يهودي) چون ٿا ته خدا (عزيز کي) پٽ بنايو آهي.

  89. (اي رسول) چوين ته اوهان اهڙي سخت ڳالھ (پنهنجي طرفان گهڙي) چئي آهي.

  90. جو جيڪر ان کان آسمان ڦاٽي پون ۽ زمين ٽڪر ٽڪر ٿي پوي ۽ جبل ذرا ذرا ٿي ڪري پون.

  91. ان ڳالھ کان انهن ماڻهن خدا جي لاءِ پٽ مقرر ڪيو آهي.

  92. هوڏانهن خدا جو شان نه آهي جو اهو (ڪنهن کي) پنهنجو پٽ بنائي.

  93. جو به آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، سو خدا جي اڳيان رڳا بندا بنجي اچي حاضر ٿين ٿا.

  94. بيشڪ انهن کي پنهنجي (علم جي) احاطي ۾ گهيري رکيو اٿس ۽ انهن کي ڳڻي ڇڏيو اٿس.

  95. ۽ هر هڪ ان وقت قيامت جي ڏينهن اڪيلو ايندو.

  96. بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا جلد خدا سندن محبت ماڻهن تي فرض ڪندو.

  97. بيشڪ اسان هن محبت جي فرض کي تنهنجيءَ زبان جي ذريعي آسان ڪيو آهي ته جيئن تون ان سبب پرهيزگارن کي (جنت) جي خوش خبري ڏين.

  98. ۽ (عرب جي) جهڳڙالو قوم کي (خدا جي عذاب کان) ڊيڄار ۽ اسان هن کان اڳ ڪيترن ئي جماعتن کي برباد ڪري ڇڏيو. ڇا انهن مان ڪنهن کي ڏسين ٿو يا انهن جي ڪا ڀڻڪ ٻڌين ٿو؟

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found