ڇنڇر, 21 سيپٽمبر 2019 - Sat 09 21 2019

منو

سورت ڪهف

ٽوٽل آيتون: 110

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جنهن پنهنجي عبد (محمد) تي ڪتاب (قرآن) نازل ڪيو ۽ ان ۾ ڪجھ به ور وڪڙ نه رکيو اٿس.

  2. (پر) ان کي سڌو (فطرت جي موافق) لاٿو اٿس ته جيئن خدا جي بارگاھ مان جيڪو سخت عذاب ڪافرن تي نازل ٿيڻ وارو آهي تنهن کان ماڻهن کي ڊيڄاري ۽ جن مومنن چڱا ڪم ڪيا آهن تن کي هيءَ خوشخبري ٻڌائي ته انهن لاءِ تمام سٺو اجر (۽ ثواب) موجود آهي.

  3. جنهن ۾ اهي سدائين (آرام ۽ مزي سان) رهندا.

  4. ۽ جي ماڻهو هن ڳالھ جا قائل آهن ته خدا کي اولاد آهي تن کي (عذاب کان) ڊيڄاري.

  5. نڪي کين ۽ نڪي سندن ابن ڏاڏن کي ان جي ڪا خبر هئي. (اها) تمام سخت ڳالھ آهي جا سندن وات مان نڪري ٿي اهي رڳو ڪوڙ ئي چون ٿا.

  6. ته (اي رسول) جيڪڏهن اهي ماڻهو هن ڳالھ کي نه مڃين ته تون افسوس ڪندي انهن جي پٺيان پنهنجي جان ڏيئي ڇڏيندين.

  7. جيڪي زمين تي آهي تنهن کي اسان ان جو سينگار ڪيو آهي ته جيئن اسين کين آزمايون ته ڪنهن جو عمل سڀني کان وڌيڪ چڱو آهي.

  8. ۽ جيڪي ان تي آهي تنهن کي اسين (هڪ نه هڪ ڏينهن برباد ڪري) ويران ميدان ڪنداسون.

  9. (اي رسول) ڀلا تو خيال ڪيو آهي ڇا ته اصحاب ڪهف ۽ رقيم (غار ۽ تختيءَ وارا) اسان جي (قدرت جي) نشانين مان هڪ عجيب نشاني هئا.

  10. جڏهن اهي جوان غار ۾ اچي پهتا، ۽ دعا گهريائون ته اي اسان جا پالڻهار اسان کي پنهنجي بارگاھ مان رحمت عطا فرمائي! ۽ اسان جي لاءِ اسان جي ڪم ۾ ڪاميابي عطا ڪر!

  11. تڏهن اسان غار ۾ سندن ڪنن تي ڪيترن ئي ورهين تائين پردا وجهي ڇڏيا (کين سمهاري ڇڏيوسون)

  12. پوءِ اسان کين اٿاريو ته جيئن ڏسون ته جا مدت اهي (غار ۾ رهيا) سا ٻنهي گروهن مان ڪنهن ياد رکي.

  13. (اي رسول! هاڻي) اسين تو کي سچي خبر ٻڌايون ٿا. بيشڪ اهي ڪي جوان هئا جن پنهنجي پالڻهار تي ايمان آندو ۽ اسان سندن سوچ زياده ڪئي.

  14. ۽ اسان سندن دليون (صبر استقلال سان) مضبوط ڪيون (جو جڏهن دقيانوس بادشاھ کين ڪفر ڪرڻ تي لاچار ڪيو ته اٿي کڙا ٿيا ۽ يڪدم) چوڻ لڳا: اسان جو پروردگار ته رڳو سڀني آسمانن ۽ زمين جو مالڪ ئي آهي اسين ته ان کان سواءِ ڪنهن معبود جي هرگز عبادت نه ڪنداسون جيڪڏهن ائين ڪريون ته پڪ اسان عقل کان پري ڳالھ چئي.

  15. (افسوس هڪ) هي اسان جي قوم جا ماڻهو آهن جن خدا کي ڇڏي (ٻيا) معبود بنايا آهن. (ته پوءِ) اهي ماڻهو انهن (جي معبود هجڻ) جو ڪوئي ظاهر دليل ڇو نٿا آڻين؟ ۽ جو شخص خدا تي ڪوڙو بهتان ٻڌي ان کان وڌيڪ ظالم ڪير هوندو؟

  16. ۽ (پوءِ پاڻ ۾ چوڻ لڳا ته) جڏهن اوهان انهن کان ۽ الله کان سواءِ جن جي اهي عبادت ڪن ٿا تن کان پاسو ڪيو آهي ته (فلاڻي) غار ۾ وڃي وهو ته اوهان جو پالڻهار اوهان تي پنهنجي رحمت وڌائيندو ۽ اوهان جي ڪم ۾ اوهان جي لاءِ آسانيءَ جو سامان پيدا ڪندو.

  17. (مطلب ته اهو سوچي غار ۾ پهتا ته) جڏهن سج نڪري ٿو ته تون ڏسندين ته اهو سندن غار کان سڄي پاسي (کان) لڙي وڃي ٿو ۽ جڏهن لهي ٿو ته انهن کان کٻي پاسي (کان) مڙي وڃي ٿو ۽ اهي (مزي سان) غار ۾ هڪ ويڪري جاءِ ۾ (ستل) آهن. اها خدا جي (قدرت) جي نشانين مان هڪ نشاني آهي. جنهن کي خدا هدايت ڪري اهو ئي هدايت وارو آهي ۽ جنهن کي گمراهي ۾ ڇڏي ڏي ته پوءِ تون سندس ڪو به سرپرست رهنما هرگز نه لهندين.

  18. ۽ تون انهن کي جاڳيل خيال ڪندين هوڏانهن اهي ستل آهن، ۽ انهن کي ڪڏهن سڄي پاسي تي ۽ ڪڏهن کاٻي پاسي تي پيا اٿلايون ۽ سندن ڪتو چائنٽ تي (پنهنجون) اڳيون ٽنگون پکيڙيون (مزي سان) ويٺو آهي. جيڪڏهن اوچتو مٿن وڃي پوين ها ته انهن کان پٺ ڦيري ضرور ڀڄين ها ۽ انهن کان دهشت ۾ ڀرجي وڃين ها.

  19. ۽ اهڙيءَ طرح اسان (وري) کين جاڳايو ته پاڻ ۾ هڪ ٻئي کان پڇن. انهن مان هڪ چوندڙ چيو ته ڪيترو وقت (هتي) رهيا آهيو؟ چيائون ته هڪ ڏينهن يا ڏينهن کان به گهٽ رهيا آهيون. (پوءِ) چوڻ لڳا ته جيترو (وقت) رهيا آهيو تنهن کي اوهان جو پروردگار وڌيڪ ٿو ڄاڻي. (چڱو!) ته هاڻي پاڻ مان هڪ کي هي پنهنجو رپيو ڏئي شهر موڪليو ته اهو (وڃي) ڏسي ته ڪهڙو کاڌو سٺو آهي، سو ان مان اوهان لاءِ ڪجھ کاڌو وٺي اچي ۽ ڊڄي ڊڄي اهو ڪم ڪري ۽ اوهان جي حال جي خبر ڪنهن کي به نه ڏي.

  20. يقينن جيڪڏهن کين اوهان جي خبر پئي ته اوهان کي پٿرن سان ماريندا يا اوهان کي پنهنجي دين ڏي موٽائيندا ۽ جي ائين ٿيو ته اوهين ڪڏهين به ڪامياب نه ٿيندو.

  21. ۽ اهڙيءَ طرح اسان سندن قوم جي ماڻهن کي سندن حالت جي خبر ڪئي ته اهي ماڻهو ڏسن ته خدا جو واعدو پڪ سچو آهي ۽ هي (به ڄاڻن) ته قيامت (جي اچڻ) ۾ ڪو به شڪ (شبهو) نه آهي. هاڻي (وري خبر پوڻ کان پوءِ) انهن جي باري ۾ اهي پاڻ جهڳڙو ڪرڻ لڳا ته ڪجھ ماڻهن چيو ته سندن (غار) تي (يادگار) ڪا عمارت بنايو. سندن پروردگار ته انهن جي حال کان وڌيڪ واقف آهي ۽ انهن جي باري ۾ جن (مومنن) جي راءِ غالب رهي تن چيو ته اسين ته انهن (جي غار) تي هڪ مسجد بنائينداسون.

  22. (هاڻي نصارى نجران) چوندا ته اهي ٽي آهن چوٿون ڪتو (قطمير) آهي ۽ ڪي (عاقب وغيره) چون ٿا پنج آهن ڇهون سندن ڪتو آهي. (اهي سڀ) غيب جي (ڳالھ) ۾ اٽڪل (سٽڪل) لڳائين ٿا. ۽ ڪي چون ٿا ته ست آدمي آهن ۽ اٺون سندن ڪتو آهي. (اي رسول! کين) چئو ته منهنجو پروردگار سندن شمار کي وڌيڪ ڄاڻي ٿو انهن (جي شمار) کي رڳو ڪي ٿورا ڄاڻن ٿا. پوءِ تون انهن جي ڳالھ ۾ معمولي بحث کان سواءِ ٻيو جهڳڙو نه ڪر ۽ انهن مان ڪنهن کان به سندن حال نه پڇ.

  23. ۽ تون ڪنهن ڪم لاءِ ڪڏهن به نه چئو ته آءُ ان کي سڀاڻي ڪندس،

  24. پر (ائين چئو ته) جي خدا گهريو ته سڀاڻي ڪندس ۽ جيڪڏهن انشاءَ الله چوڻ ڀلجي وڃين ته (جڏهن ياد اچئي) پنهنجي پالڻهار کي ياد ڪر (انشاءَ الله چئو) ۽ چئو ته اميد آهي ته منهنجو رب مون کي اهڙي ڳالھ جي رهنمائي فرمائي جا واٽ ڏيکارڻ ۾ هن کان به وڌيڪ ويجهي هجي.

  25. اصحاب ڪهف پنهنجي غار ۾ ٽي سو ورنهن رهيا.

  26. (اي رسول) جيڪڏهن اهي ماڻهو نه مڃين ته کين) چئو ته جيترو رهيا تنهن کي الله زياده ڄاڻي ٿو. آسمانن ۽ زمين جو ڳجھ ان وٽ آهي. (الله اڪبر) اهو ڪهڙو نه ڏسندڙ آهي. ان کانسواءِ سندن ڪو به والي (وارث) نه آهي ۽ پنهنجي حڪم ۾ ڪنهن کي شريڪ نه ٿو ڪري.

  27. ۽ (اي رسول) جيڪو ڪتاب تنهنجي پالڻهار جي طرفان تو ڏي وحي جي ذريعي نازل ڪيل آهي سو پڙهي ٻڌائين! ان جي ڳالھين کي ڪو به بدلائي نه ٿو سگهي ۽ ان کان سواءِ تو کي ڪا پناھ جي جاءِ نه ملندي.

  28. ۽ (اي رسول) پاڻ کي انهن سان گڏ روڪي رک جيڪي پنهنجي پالڻهار کي صبح ۽ شام جو سڏين ٿا، سندس رضامندي گهرن ٿا ۽ انهن کان پنهنجي نظر نه ڦيرائي جو تون دنيوي زندگيءَ جي سينگار جي خواهش ڪرڻ لڳين. ۽ ان جو چيو نه مڃ جنهن جي دل کي اسان پنهنجيءَ ياد کان غافل ڪيو ۽ اهو پنهنجي خواهش جي پٺيان لڳل آهي ۽ سندس ڪم حد کان لنگهيل آهي.

  29. ۽ (اي رسول) چئو ته سچي ڳالھ (توحيد جوڪلمون) اوهان جي پالڻهار جي طرفان نازل ٿي چڪي آهي پوءِ جنهن کي وڻي ته ايمان آڻي ۽ جنهن کي وڻي انڪار ڪري، (پر) بيشڪ اسان ظالمن لاءِ باھ تيار ڪئي آهي جنهن جو دونهون کين گهيرو ڪندو. ۽ جيڪڏهن فرياد ڪندا ته سندن فرياد رسي پگهريل ٽامي جهڙي پاڻي سان ڪئي ويندي جو منهن کي ڀڃي ڇڏيندن. اها ڪهڙي بڇڙي پيئڻ جي شي آهي ۽ (دوزخ به) ڪهڙي بڇڙي جڳھ آهي.

  30. جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا چڱا ڪم ڪندا رهيا ته اسين ڪڏهن به چڱي ڪم ڪندڙ جي اجر کي اڪارت نٿا ڪريون.

  31. هي اهي آهن جن جي (رهڻي ڪهڻي) لاءِ سدا بهار (بهشت جا) باغ آهن جن جي (جاين) هيٺان واھ وهندا هوندا اتي کين چمڪندڙ ڪندن جا ڪنگن پهرايا ويندا ۽ سنهي ۽ ٿلهي ريشم جا ساوا ڪپڙا ڍڪيندا، اهي پلنگن تي ٽيڪ لڳائي ويٺا هوندا. اهو ڪهڙو نه چڱو بدلو آهي. ۽ (بهشت به آسائش جي ڪهڙي نه سٺي جڳھ آهي.

  32. ۽ (اي رسول) کين انهن ٻن شخصن جو مثال بيان ڪر جن ٻنهي مان هڪڙي کي ٻه باغ انگورن جا ڏناسون ۽ انهن ٻنهي (باغن) جي چوڌاري کجيءَ جا وڻ پيدا ڪياسون ۽ انهن ٻنهي جي وڄ ۾ پوک (پيدا) ڪئي سون.

  33. انهن ٻنهي باغن تمام گهاٽا ميوا جهليا ۽ ميون جي ڏيڻ ۾ ڪا به گهٽتائي نه ڪئي ۽ انهن باغن جي وچ ۾ اسان واھ وهايو.

  34. ان وٽ (گهڻو) ميوو هو، پوءِ پنهنجي سنگتيءَ سان ڳالهائيندي ان کي چيائين ته آءُ مال ۾ تو کان وڌيڪ آهيان. ۽ جماعت ۾ (به) وڌيڪ آهيان.

  35. ۽ (اهي ڳالهيون ڪندو) پنهنجي باغ ۾ داخل ٿيو. هوڏانهن سندس حالت هيءَ هئي جو (ڪفر جي ڪري) پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪري رهيو هو (نيٺ) چوڻ لڳو ته مون کي هن باغ جي ڪڏهن به برباد ٿيڻ جو گمان به نه آهي.

  36. ۽ نڪي قيامت جي قائم ٿيڻ جو مون کي گمان آهي ۽ جيڪڏهن مون کي پنهنجي پاليندڙ ڏي موٽايو ويندو ته هن باغ کان به چڱي جاءِ ملندي.

  37. سندس سنگتيءَ ان سان ڳالهائي رهيو هو تنهن کيس چيو ته ڇا تون ان جو انڪار ڪيو جنهن تو کي مٽيءَ مان وري نطفي مان پيدا ڪيو وري تو کي پورو مڙس بنايو.

  38. پر(منهنجو عقيدو آهي ته) خدا منهنجو پاليندڙ آهي ۽ آءُ پنهنجي پالڻهار سان ڪنهن کي به شريڪ نٿو ڪريان.

  39. ۽ جڏهن تون پنهنجي باغ ۾ داخل ٿئين تڏهن تو ڇو نه چيو ته ماشاءَ الله جيڪي خدا گهريو (سو ٿيندو ۽) خدا جي مدد کان سواءِ ڪا طاقت نه آهي. جيڪڏهن تون مون کي پاڻ کان مال ۽ اولاد ۾ گهڻو گهٽ ڏسين ٿو.

  40. ته اميد آهي ته تنهنجو پروردگار تنهنجي باغ کان مون کي چڱو ڏي ۽ ان (تنهنجي باغ) تي آسمان مان ڪا آفت موڪلي ۽ صاف ويران ميدان ٿي پوي.

  41. يا ان جو پاڻي هيٺ وهي (خشڪ) ٿي وڃي پوءِ تون ان کي لهي به نه سگهين.

  42. ۽ (نيٺ) سندس ميوي تي آفت اچي وئي، پوءِ جيڪو ان (باغ) تي خرچيو هئائين تنهن تي پنهنجا ٻئي هٿ ملندو (افسوس ڪندو) رهيو ۽ اهو (باغ) پنهنجي ٽارين تي اونڌو ڪريل هو ۽ ان ماڻهوءَ چيو ٿي ته افسوس جيڪر آءُ پنهنجي پالڻهار سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪريان ها.

  43. ۽ نه خدا کان سواءِ ڪا جماعت هئي جا سندس مدد ڪري! ۽ نه (وري) پاڻ ئي بدلو وٺي ٿي سگهيو.

  44. (هن مان ثابت ٿيو ته) سرپرستي خاص خدا ئي جي لاءِ آهي جو سچو آهي. ان جو تمام سڀ کان سٺو ۽ ان جو ڏنل بدلو سڀ کان چڱو آهي.

  45. ۽ (اي رسول) کين دنيا جي حياتيءَ جو مثال بيان ڪر (اها) ان پاڻيءَ وانگر آهي جنهن کي اسان آسمان مان لاٿو، ۽ ان جي ڪري زمين جا اوپڙ گهاٽا ڄميا. پوءِ ڦري ڀريل ڪک ٿيا جنهن کي هوائون اڏائينديون وتن ٿيون ۽ الله سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي.

  46. (اي رسول) مال ۽ اولاد (ان فاني) دنيا جي حياتيءَ جي زينت آهي. ۽ باقي رهڻ واريون نيڪيون اوهان جي پالڻهار وٽ اجر (۽ ثواب) ۾ ان کان گهڻو وڌيڪ چڱيون آهن. ۽ انهن جي تمنا ۽ اميد ڪرڻ گهڻي چڱي آهي.

  47. ۽ (ان ڏينهن کان ڊڄو) جنهن ڏينهن اسين جبلن کي هلائينداسون ۽ تون زمين کي کليل ميدان (جبلن کان خالي) ڏسندسين ۽ اسين انهن سڀني کي گڏ ڪنداسون ته انهن مان هڪ کي به نه ڇڏينداسون.

  48. ۽ سڀئي تنهنجي پروردگار جي سامهون قطار ۾ پيش ڪيا ويندا ۽ (تنهن وقت اسين ياد ڏيارينداسون) ته جيئن اسان اوهان کي پهرين ڀيرو پيدا ڪيو هو (تئين) اوهان کي (نيٺ) اسان ڏي اچڻو پيو. پر اوهان ته خيال ڪندا هئا ته اسين اوهان لاءِ (ٻيو ڀيرو پيدا ڪرڻ جو) ڪوئي وقت ئي (مقرر) نه ڪنداسون.

  49. ۽ (ماڻهن جي اعمال جو) ڪتاب سامهون رکيو ويندو پوءِ جيڪي ان ۾ (لکيل) هوندو تنهن کان تون ڏوهارين کي ڊڄندو ڏسندين. ۽ چوندا هاءِ اسان جي شامت، هي ڪهڙو ڪتاب آهي! جو نڪا ننڍي ۽ نڪا وڏي ڳالھ لکڻ کان سواءِ ڇڏي اٿس. ۽ جو ڪجھ ڪيو هوندائون تنهن کي (لکيل) سامهون ڏسندا. ۽ تنهنجو پروردگار ڪنهن تي (ذرو برابر به) ظلم نه ڪندو.

  50. ۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن اسان ملائڪن کي حڪم ڪيو ته آدم کي سجدو ڪريو، پوءِ ابليس کان سواءِ انهن سجدو ڪيو (اهو ابليس) جنن مان هو، ته پنهنجي پالڻهار جي حڪم کان نڪري ڀڳو ته (انسانو) ڇا مون کي ڇڏي ان کي ۽ ان جي اولاد کي پنهنجو دوست بنايو ٿا؟ هوڏانهن اهي اوهان جا (قديمي) دشمن آهن. ظالمن (خدا جي بدلي شيطان کي پنهنجو دوست بنايو هي انهن) جو ڪهڙو نه بڇڙو بدلو آهي.

  51. ته آسمانن ۽ زمين جي پيدا ڪرڻ وقت مون انهن کي (مدد لاءِ) سڏيو هو نه سندن پيدا ڪرڻ وقت به. ۽ آءُ اهڙو (ويل نه) آهيان جو گمراھ ڪرڻ وارن کي مددگار بنايان.

  52. ۽ (ان ڏينهن کان ڊڄو) جنهن ڏينهن خدا فرمائيندو ته هاڻي اوهين جن ماڻهن کي منهنجو شريڪ خيال ڪندا هئا تن کي (مدد لاءِ) سڏيو، ته اهي ماڻهو انهن کي سڏيندا پر هو انهن کي جواب نه ڏيندا ۽ اسين انهن ۽ هنن وچ ۾ هڪ سخت اڏ بنائينداسون.

  53. ۽ ڏوهاري باھ کي ڏسندا پوءِ سمجهندا ته پڪ اهي ان ۾ وڌ ويندا ۽ ان (دوزخ) کان بچڻ جي راھ نه لهندا.

  54. ۽ اسان ته هن قرآن ۾ ماڻهن جي (سمجهائڻ) لاءِ سڀ ڪو مثال ڦير گهير سان بيان ڪيو آهي پر انسان سڀ مخلوقات کان وڏو جهڳڙالو آهي.

  55. ۽ ماڻهن وٽ جڏهن هدايت اچي چڪي ته (پوءِ) کين ايمان آڻڻ ۽ پنهنجي پروردگار کان معافي گهرڻ کان ڪهڙي ڳالھ روڪيو، سواءِ هن جي جو اڳين جي ريت رسم انهن کي به پيش آئي يا اسان جو عذاب سندن سامهون اچي (موجود) ٿئي.

  56. ۽ اسين ته پيغمبرن کي رڳو هن لاءِ موڪليندا آهيون ته (نيڪ ماڻهن کي نجات جي) خوش خبري ٻڌائين ۽ (برن کي عذاب کان) ڊيڄارين. ۽ ڪافر ڪوڙين ۽ اجاين ڳالهين جي ٽيڪ تي جهڳڙو ڪن ٿا ته جيئن ان جي ذريعي حق (ڳالھ جي) پاڙ پٽن. پڻ انهن ماڻهن منهنجي آيتن کي ۽ جنهن (عذاب) کان اهي ماڻهو ڊيڄاريا ويا تنهن کي مسخري ڪري ورتو اٿن.

  57. ۽ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪير ظالم هوندو جنهن کي خدا جون آيتون ياد ڏيارجن ۽ اهو انهن کان منهن ڦيري ڇڏي ۽ پنهنجي پهرين ڪرتوتن کي جي هن جي هٿان ٿيا آهن وساري ڇڏي. ڄڻ ته اسان پاڻ سندن دلين تي پردا وجهي ڇڏيا آهن ته اهي (سچي ڳالهين کي) نه سمجهي سگهن. ۽ (ڄڻ ته) سندن ڪن ڳرا ڪيا آهن (ته ٻڌي نه سگهن) ۽ جيڪڏهن تون انهن کي هدايت ڏي سڏيندين ته به ڪڏهن رستي تي نه ايندا.

  58. (اي رسول) تنهنجو پروردگار ته وڏو بخشڻهار مهربان آهي. جيڪڏهن سندن (ڪڌن) ڪرتوتن جي سزا ۾ وٺ پڪڙ ڪري ها ته يڪدم (دنيا ۾ ئي) مٿن عذاب نازل ڪري ها. پر انهن لاءِ ته هڪ وقت (مقرر ڪيل) آهي جنهن کان خدا کان سواءِ ڪٿي به پناھ جي جاءِ نه لهندا.

  59. ۽ اهي ڳوٺ (جي اوهين ڏسو ٿا) جڏهن انهن ماڻهن سرڪشي ڪئي ته اسان کين هلاڪ ڪري ماريو ۽ اسان سندن هلاڪت جو وقت مقرر ڪري ڇڏيو هو.

  60. ۽ (اي رسول) اهو واقعو ياد ڪر!) جڏهن موسى (حضرت خضر جي ملاقات لاءِ هليو ته) پنهنجي جوان (وصي، يوشع) کي چيو ته جيستائين آءُ ٻن دريائن (دوآبه) جي ملڻ واري هنڌ تائين نه پهچان (هلڻ کان) نه هٽندس (جيڪڏهن ملاقات نه ٿي ته) ورهن جا ورھ، پيو هلندس.

  61. پوءِ جڏهن اهي ٻنهين دريائن جي ملڻ جي هنڌ پهتا ته پنهنجي (تريل) مڇي (اتي) وساري هليا. پوءِ ان (مڇي) دريا ۾ سرنگ جهڙو پنهنجو رستو ٺاهي هلي.

  62. پوءِ جڏهن ڪجھ اڳتي وڌيا ته موسى پنهنجي جوان (وصي) کي چيو ته (جائي) اسان کي اسان جو ناشتو ته ڏي. اسان جي (اڄوڪي) هن مسافريءَ مان ڏاڍو ٿڪ رسيو آهي.

  63. (يوشع) چيو ڇا اوهان ڏٺو ڪين! ته جڏهن اسين (دريا جي ڪناري تي) ان پٿر وٽ ترسيا هئاسون ته آءُ (اتي مڇي ڇڏي آيس، مون کي اوهان مان اها ڳالھ ڪرڻ شيطان وساري ڇڏي ۽ مڇيءَ عجيب نموني دريا ۾ پنهنجو رستو ورتو.

  64. موسى چيو، اهو (هنڌ) ته اهو آهي جنهن کي اسان ڳوليو ٿي، پوءِ اهي ٻئي پنهنجي پيرن جي نشانن کي ڳوليندا پوئتي موٽيا.

  65. ته (جتي مڇي ڇڏي هئائون اتي) ٻنهين کي اسان جي عبدن مان هڪ خاص عبد (خضر) مليو جنهن کي اسان پنهنجي بارگاھ مان رحمت (۽ ولايت) جو حصو عطا ڪيو هو ۽ اسان کيس لدني (پنهنجي خاص) علم مان ڪجھ سيکاريو هو.

  66. موسى ان (خضر) کي چيو، ڇا (اوهان جي اجازت آهي ته) آءُ هن عرض سان اوهان سان گڏ هلان ته جيڪو رهنمائيءَ جو علم اوهان کي (خدا جي طرفان) سيکاريل آهي تنهن مان ڪجھ مون کي به سيکاريو.

  67. (خضر) چيو (آءُ سيکاريندس ته سهي پر) اوهان کي مون سان گڏ صبر ٿي نه سگهندو.

  68. ۽ (سچي) جا ڳالھ تنهنجي علم جي احاطي کان باهر هجي تنهن کي ڏسي تون ڪيئن صبر ڪندين؟

  69. (موسى) چيو (خاطري ڪريو) جيڪڏهن خدا گهريو ته اوهين مون کي صبر ڪندڙ لهندو ۽ آءُ اوهان جي ڪنهن به حڪم جي نافرماني نه ڪندس.

  70. (خضر) چيو (چڱو) ته پوءِ جيڪڏهن تون مون سان هلين ته مون کان ڪنهن به ڳالھ بابت نه پڇج جيستائين آءُ پاڻ ان جو ذڪر تنهنجي اڳيان شروع نه ڪريان.

  71. پوءِ ٻئي (گڏجي) هليا ايتري تائين جو جڏهن ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا ته (خضر) ٻيڙيءَ م سوراخ ڪيو، موسى چيس ته (اوهان ته غضب ڪيو) ڇا ٻيڙي ۾ هن لاءِ سوراخ ڪيو ته ان ۾ سوار ٿيلن کي ٻوڙيو؟ اهو ته اوهان هڪ عجيب ڪم ڪيو آهي.

  72. (خضر) چيو ته ڇا مون تو کي نه چيو هو ته تون مون سان صبر ڪري نه سگهندين؟

  73. (موسى) چيو ته جيڪا مون کان ڀل ٿي تنهن تي مون کي نه پڪڙ ۽ مون تي منهنجي هن ڳالھ ۾ سختي نه ڪر.

  74. (خير اهو ٿيو) پوءِ ٻئي هليا، ايتري تائين جو جڏهن انهن کي هڪ ڇوڪرو مليو ته ان (خدا جي بندي) ان کي قتل ڪري ڇڏيو. موسى چيو (اي معاذ الله) ته ڇا تو هڪ بي گناھ کي ماري ڇڏيو (۽ اهو به) ڪنهن به جان جي بدلي وٺڻ کان سواءِ (ماريو) اوهان ته پڪ هڪ عجيب حرڪت ڪئي.

  75. خضر چيو ته ڇا مون تو کي (وري وري) نه چيو هو ته تون مون سان گڏ صبر ڪري نه سگهندين؟

  76. موسى چيو، جيڪڏهن هن کان پوءِ ڪنهن به شي بابت اوهان کان پڇيم ته مون کي پاڻ سان نه رکج. بيشڪ اوهين مون کان معذرت (جي حد کي) پهتا.

  77. پوءِ (وري) ٻئي هليا. ايتري تائين جو جڏهن هڪ ڳوٺ وارن وٽ آيا ته ان جي رهاڪن کان کاڌو گهريائون ته انهن سندن مهماني ڪرڻ کان انڪار ڪيو، پوءِ ان ڳوٺ ۾ هڪ ڀت ڏٺائون جا ڊهڻ تي هئي (ته خضر) ان کي سڌو ڪيو. (تنهن تي) موسى چيو ته جيڪڏهن اوهين گهرو ها ته (انهن ماڻهن کان) مزدوري وٺو ها (ته کاڌي جو سهارو ٿئي ها).

  78. خضر چيو هاڻي تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ جدائي آهي. جنهن تي تون صبر ڪري نه ٿي سگهئين تنهن جي حقيقت تو کي ٻڌايان ٿو.

  79. (هاڻي ٻڌ! ته) اها ٻيڙي (جنهن ۾ مون سوراخ ڪيو هو) سا ڪن غريبن جي هئي، جيڪي دريا ۾ محنت ڪري گذارو ڪندا هئا، مون گهريو ته ان کي عيبدار ڪري ڇڏيان، (ڇو ته) انهن پٺيان هڪ (ظالم) بادشاھ (ٿي) آيو جو سڀني ٻيڙين کي ڏاڍ سان ڦري ٿي ورتائين.

  80. ۽ اهو ڇوڪر (جنهن کي مون ماريو) ان جا ماءُ پيءُ ٻئي (سچا) مومن آهن، مون کي انديشو ٿيو ته (ائين نه ٿئي جو وڏي هوندي) انهن کي به پنهنجي سرڪشي ۽ ڪفر ۾ ڦاسائي ڇڏي.

  81. ته اسان گهريو ته (کيس ماري ڇڏيون) سندن پروردگار ان جي عوض ۾ (کين اهڙو فرزند) عطا فرمائي جو هن کان پاڪ نفسيءَ ۾ ۽ پاڪ قرابت ۾ چڱو هجي.

  82. ۽ اها ڀت (جنهن کي سڌو ڪيو) ته اها شهر جي ٻن يتيمن ڇوڪرن جي هئا ۽ ان جي هيٺان انهن ٻنهي ڇوڪرن جو خزانو (پوريل) هو، پڻ انهن ٻارڙن جو پيءُ هڪ نيڪ آدمي هو. پوءِ تنهنجي پالڻهار گهريو ته ٻئي ڇوڪرا (جڏهن) پنهنجيءَ جواني کي پهچن ته تنهنجي پروردگار جي مهرباني سان پنهنجو خزانو ڪڍن ۽ مون ته (جيڪي) ڪيو پنهنجي اختيار سان ته ڪين ڪيو (پر خدا جي حڪم سان) اها حقيقت آهي انهن واقعن جي، جن تي تو کان صبر ٿي نه سگهيو.

  83. ۽ (اي رسول) تو کان ماڻهو ذوالقرنين جو حال (امتحان طور پر) پڇن ٿا. تون (سندن جواب ۾) چئو ته آءُ به اوهان کي ان ڪجھ حال ٻڌيان ٿو.

  84. (خدا فرمائي ٿوته) بيشڪ اسان، ان کي سموري زمين تي قدرت (حڪومت) عطا ڪئي هئي ۽ اسان کيس سڀ ڪنهن قسم جو سامان ڏنو هو.

  85. پوءِ هو ڪنهن سامان (سفر) جي پٺيان پيو.

  86. ايتري تائين جو جڏهن سج لهڻ جي جاءِ تي ان کي ڪاري گپ واري چشمي ۾ لهندو ڏٺائين ۽ ان چشمي جي ويجهو هڪ قوم کي به آباد ڏٺائين. اسان چيو ته اي ذوالقرنين (تو کي اختيار آهي) چاهي (سندن ڪفر جي ڪري) کين سزا ڏي (ته ايمان آڻين) يا انهن سان حسن سلوڪ جو طريقو اختيار ڪر (جو پنهن جو پاڻ ايمان آڻين).

  87. ذوالقرنين عرض ڪيو، جيڪو ظلم ڪندو تنهن کي اسين سزا ڏينداسون، (نيٺ) وري به اهو (قيامت ۾) پنهنجي پروردگار جي سامهون موٽايو ويندو. ۽ اهو بڇڙيءَ کان بڇڙي سزا ڏيندو.

  88. ۽ جنهن ايمان آندو ۽ چڱو ڪم ڪيو تنهن لاءِ چڱي کان چڱو بدلو آهي. ۽ پنهنجي معاملي ۾ کيس آسان ڪم ڪرڻ لاءِ چونداسون.

  89. وري ان هڪ ٻي راءِ اختيار ڪئي.

  90. ايتري تائين جو جڏهن سج اڀرڻ جي جاءِ تي پهتو ته سج کيس اهڙو ڏسڻ ۾ آيو جو (ڄڻ ته) ڪجھ ماڻهن (جي سرن) تي اهڙي طرح ٿو اڀري جن جي لاءِ اسان سج جي سامهون ڪو پردو نه بنايو هو.

  91. ۽ هو به ائين ئي ۽ ذوالقرنين وٽ جيڪي هو تنهن جي اسان کي پوري خبر هئي.

  92. (مطلب ته) هن هڪ (ٻي راءِ اختيار ڪئي.

  93. ايتري تائين جو جڏهن (هلندي هلندي ملڪ روم ۾ هڪ جبل جي ڪنگرن) جي ديوارن جي وچ ۾ پهتو انهن ٻنهي ديوارن جي هن طرف هڪ قوم کي (آباد) لڌائين جيڪي ڳالھ ٻول ڪا به سمجهي نٿي سگهيا.

  94. انهن (ترجمي ڪندڙ جي ذريعي) چيس ته اي ذوالقرنين! (هن گهاٽ کان هوڏي) ياجوج ماجوج جي قوم آهي (جا) ملڪ ۾ فساد ڪندي رهندي آهي. پوءِ جيڪڏهن اوهان جي اجازت هجي ته اسين هن مطلب لاءِ اوهان وٽ چندو گڏ ڪريون ته اوهين اسان جي ۽ هنن جي وچ ۾ ڪا ڀت بنايو.

  95. ذوالقرنين چيو ته منهنجي پالڻهار خرچ ڪرڻ جي طاقت اهڙي عطا ڪئي آهي. جا (اوهان جي چندي کان) گهڻو وڌيڪ آهي. (مال جي ضرورت نه آهي) اوهان رڳو قوت سان مدد ڪريو ته آءُ اوهان ۽ انهن جي وچ ۾ هڪ آڙ بنايان.

  96. (چڱو ته) مون کي (ڪٿان) لوھ جون سرون آڻي ڏيو (نيٺ هنن آنديون) ۽ هڪ وڏي ڀت بڻي) ايتري تائين جو جڏهن ٻنهين جبلن جي وچ ۾ (ڀري) برابر ڪيائين تڏهن چيائين ته (ان ۾ باھ ڦوڪيو. ايتري تائين جو جڏهن ان کي (تپائي) باھ ڪيائين، چيائين ته مون وٽ پگهريل ٽامون آڻيو ته ان تي پلٽيان.

  97. پوءِ ايتري اوچي ديوار بني جو ياجوج ماجوج ان تي نه چڙهي سگهيا ٿي ۽ ان ۾ سوراخ ڪري سگهيا ٿي.

  98. ذوالقرنين (ڀت کي ڏسي) چيو هيءَ منهنجي پروردگار جي مهرباني آهي. جڏهن منهنجي رب جو وعدو (قيامت) ايندو. ان کي ڀڃي ڀوري ڇڏيندو. ۽ منهنجي پالڻهار جو وعدو سچو آهي.

  99. ۽ اسين ان ڏينهن (کين سندن حال تي) ڇڏي ڏينداسون ته هڪ ٻئي ۾ (ٽڪرائي دريا جي) لهرن وانگر گڏجي ويندا ۽ صور ڦوڪي ويندي پوءِ سڀني کي گڏ ڪنداسون،

  100. ۽ ان ڏينهن جهنم کي انهن ڪافرن جي اڳيان ظاهر آندو ويندو.

  101. جن جي اکين تي منهنجي ياد کان پردو (پيل) هو ۽ (رسول جي دشمنيءَ ڪري سچي ڳالھ) ڪجھ به نه ٻڌي سگهندا هئا.

  102. ته ڇا جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو، هن خيال ۾ آهن ته اسان کي ڇڏي اسان جي ٻانهن کي پنهنجو سرپرست بنائين (۽ ڪجھ به سوال جواب نه ٿيندو چڱو ٻڌو) اسان ڪافرن جي مهماني لاءِ دوزخ تيار ڪري ڇڏيو آهي.

  103. (اي رسول! کين) چئو ته ڇا آءُ اوهان کي انهن ماڻهن جي خبر ڏيان جي عمل جي حساب سان وڏي نقصان ۾ آهن؟

  104. هي اهي (ماڻهو) آهن جن جي ڪوشش دنيا جي حياتي ۾ (ئي) اجائي ويئي ۽ اهي اجايا خيال ڪن ٿا ته پاڻ چڱو ڪم ڪري رهيا آهن.

  105. اهي اهي ماڻهو آهن جي پنهنجي پالڻهار جي آيتن کان ۽ (ڏينهن قيامت جي) سندس سامهون حاضر ٿيڻ جو انڪار ڪيو ته انهن جو سڀ ڪيو ڪرتيو اڪارت ٿيو پڻ انهن لاءِ قيامت ڏينهن حساب تي ترازو به قائم نه ڪنداسون (سڌا جهنم ۾ اڇليا ويندا).

  106. اهو جهنم سندن (ڪرتوتن) جو بدلو آهي ڇو ته هنن ڪفر اختيار ڪيو ۽ منهنجي آيتن ۽ منهنجي رسولن تي ٺٺوليون ڪيائون.

  107. بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن جي مهماني لاءِ بهشت جا باغ آهن.

  108. جن ۾ اهي هميشه رهندا ۽ اتان ڪڏهن به هٽڻ جي خواهش نه ڪندا.

  109. (اي رسول انهن ماڻهن کي) چئو ته منهنجي پروردگار جون ڳاليهون (فضائل لکڻ) لاءِ سمنڊ (جو پاڻي) مس ٿئي ته منهنجي پالڻهار جي ڳالهين ختم ٿيڻ کان اڳ سمنڊ کپي ويندو، جيتوڻيڪ (ٻيو سمنڊ) ان جهڙو ان جي مدد لاءِ آڻيون.

  110. (کين) چئو ته آءُ به اوهان جهڙو ئي (شڪل شباهت ۾) هڪ آدمي آهيان (فرق هي آهي ته منهنجي نوع جدا آهي ۽ مون ڏي هي وحي آئي آهي ته اوهان جو معبود رڳو هڪ الله آهي. پوءِ جو شخص پنهنجي پروردگار جي بارگاھ ۾) حاضر هئڻ جو خواهشمند هجي ته ان کي چڱا ڪم ڪرڻ گهرجن ۽ پنهنجي پروردگار جي عبادت ۾ ڪنهين کي شريڪ نه ڪري.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found